سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: غازي صلاح الدين

باب-1

صفحو :4

بادشاهه ٻنهي کي اندر سڏايو، هڪٻئي کان خوش خير عافيت پڇڻ پڄاڻا مانسٽيريٽ مارڪئس رچرڊ کي چيو: سڀني بادشاهن ۽ شهزادن اوهان کي گهڻو ڪري پڇيو آهي ۽ چيو اٿن ته جنهن صورت ۾ مسلمان اسان عيساين جا دشمن آهن، تنهن صورت ۾ توهين عيسائي لشڪر جا سرڪردا ٿي. مسلمان حڪيم جي دوا هرگز نه ڪجو، متان هڪڙيءَ مان ٻي ڪري وجهي. بادشاهه چين: اسان کي خبر آهي ته يورپ جا سڀ بادشاهه ۽ شهزادا اسان جا گهڻگهرا آهن. توهين پاڻيهي ڏسندا ته اسين ڪيئن ٿا سندين صلاح جي پيروي ڪريون. حال اوهين مهرباني ڪري هن ڀر واري تنبوءَ ۾ وڃي ويهو.

هي ٻيئي ڄڻا پوءِ ٻاهرئين تنبوءَ ۾ وڃي ويٺا. سگهوئي سر ٽامس، سر ڪينيٿ ۽ حڪيم آيا. بادشاهه جي تنبوءَ ۾ گهڙڻ کان اڳ مسلمان حڪيم، مارڪئس ۽ ٽيمپلرن جي گرئنڊ ماسٽر (سرڪردي) کي سلام ڪيو. گرئنڊ ماسٽر گهنڊ پائي چيس: توکي ايتري جرات ڪيئن ٿي آهي، جو عيسائي مذهب جي سرڪردي وٽ پنهنجي هوشياري ڏيکارڻ آيو آهين؟ هن جواب ڏنو: ”سائينءَ جو خلقيل سچ، جهڙو سوجهرو ڪرستان کي تهڙو مسلمان کي ڏئي ٿو. جهڙيءَ طرح سج ڪو تفاوت نٿو رکي، تهڙيءَ طرح مون ڌڻيءَ جي بندي کي به حڪمت جي هنر هلائڻ مهل ويڇاند رکڻو نه آهي. منهنجي نظر ۾ سڀني مذهبن جا ماڻهو هڪجهڙا آهن. ڀلي ته ڪنهن جو ڀلو ٿئي. گرئنڊ ماسٽر چيس: ياد رکجانءِ ته جي بادشاهه سلامت کي تنهنجي دوا مان ڪو نقصان پهتو ته توکي گهوڙن جي لتن هيٺان لتاڙائي، پرزا پرزا ڪرائيندس. حڪيم وراڻي ڏني. اوهان جي اها بي انصافي چئبي. بندو فقط اپاءَ ڪندو، باقي شفا ته ڌڻيءَ جي هٿ ۾ آهي. اتي مارڪئس، حڪيم کي چيو: اسين سمجهون ٿا ته اوهين قابل ويڄ آهيو، ۽ پنهنجي وسان ڪين گهٽائيندا، پر اسان کي پنهنجيون به ڳالهيون ڳڻڻيون آهن. اوهين بادشاهن ۽ شهزادن جي منڊليءَ اڳيان هلي، اسان جي ڊاڪٽرن کي ٻڌايو ته اوهين بادشاهه سلامت جي ڇٽائڻ لاءِ ڪهڙيون دوائون ڏيندا ۽ هن کي ڪهڙي پرهيز ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اسان جي ڊاڪٽرن کي اوهان جون دوائون ۽ رٿون پسند آيون، ته پوءِ اوهين جوابداريءَ کان ڇٽا. پوءِ اوهان جي وار جو به ڪو نالو نه وٺندو. حڪيم چيو! مون اوهان جي ڳالهه سمجهي. هاڻ مهرباني ڪري منهنجي به ڳالهه ٻڌو. آءٌ سلطان صلاح الدين جي حڪم پٽاندر هتي اوهان جي بادشاهه جي دوا درمل ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. پنهنجي سلطان جي حڪم جي مون کي بجاوري ڪرڻي آهي. آءٌ اوهان جي داڪٽرن سان بحث مباحثي ڪرڻ لاءِ نه آيو آهيان. مون کي اُميد آهي ته ڌڻيءَ سڳوري ۽ رسول ڪريم جي برڪت سان آءٌ اوهان جي بادشاهه کي نوبنو ڪندس. جيڪڏهن مون هن کي اڳي کان اڳرو نه ڪيو ته پوءِ اوهان جون تراريون، جي مون مومن جي خون جون پياسي آهن، سي ڀلي مون تي هلائجو. هاڻ اوهين مون کي وڌيڪ دير نه ڪرايو. حڪيم جا اهي لفظ ٻڌي سر ٽامس انهيءَ دم اٿي آيو، ۽ پڇيائين: ڪير ٿو دير ڪرائي؟ اڳيئي ٿوري دير ٿي آهي ڇا؟ ائين چئي هو نه ته ويهندي، حڪيم کي بادشاهه جي تنبوءَ ۾ وٺي ويو. پٺيانئس سر ڪينيٿ سان گڏ گرئنڊ ماسٽر ۽ مارڪئس به ويا. انهن ٻنهي کي ڏسي بادشاهه چيو: ڀلي آيا! اوهين ڏسڻ آيا آهيو ته رچرڊ ڄاڻي واڻي ڪيئن ٿو کوهه ۾ ٽپو ڏئي! سر ٽامس! اسين مرون ڪي بچون، ته به تنهنجي مهربانيءَ لاءِ گهڻو احسانمند آهيون. سر ڪينيٿ، اوهان جو ٿورو اسان کي نه وسرندو، جو اسان کي هيءُ حڪيم آڻي ڏنو اٿوَ. هاڻ حڪيم صاحب سگهو اچي اسان جو علاج ڪريو.

 

باب پنجون

 

جهنڊي تان جهڳڙو

حڪيم اڳيئي بادشاهه جي بيماريءَ جي ارڪانن بابت ٻڌو هو، تنهن هوندي به هينئر ڳچ مهل تائين سنديس نار جاچڻ لڳو. پوءِ صفا پاڻيءَ جو پيالو ڀري کيسي مان هڪ ڳاڙهي دوا ڪڍي، ان ۾ وڌائين. جڏهن ڏٺائين ته دوا ڳري پاڻيءَ سان ملي وئي آهي. تڏهن بادشاهه کي پيئڻ لاءِ ڏنائين. بادشاهه سندس هٿ جهلي چيو، ٿورو ترسو. توهين حڪيم آهيو ته اسين به طِب ڄاڻون. توهان اسان جي نبض ڏٺي آهي، هاڻ اسين اوهان جي نبض تپاسينداسين. حڪيم انهي ساعت پنهنجي ٻانهن بادشاهه جي هٿ ۾ ڏني، جنهن پلڪ تائين جاچي چيو: هن جي رڳن جو رت معصومن جي رت وانگي آهي، جيڪي حاڪمن کي زهر ڏيڻ چاهيندا آهن، تن جي نبض اهڙي سوڌي نه هلندي آهي. سرٽامس! هاڻ اسين مرون خواهه بچون، ته به حڪيم صاحب کي انعامن اڪرامن سان سلامت روانو ڪجو. هينئر جي سچ پچ اجل اچي وڃي ته به جيڪر سلطان صلاح الدين جي نيڪ نيتيءَ ۾ شڪ ڪو نه نيون، جيڪڏهن قسمت ياري ڪئي، ۽ جيئرا اٿياسين ته سلطان جي منهن مقابل ججهي شڪر گذاري ڪنداسين، جو دشمن ٿي اسان جي علاج جو بندوبست ڪيو اٿس. بادشاهه پوءِ سڄوئي پيالو هڪڙي ئي ڳيت سان پي ويو، ۽ بستري تي ليٽي پيو. اک ڇنڀ ۾ ننڊ کڻي ويس. پوءِ سڀ تنبوءَ مان نڪري ٻاهر ٿيا، باقي حڪيم ۽ سرٽامس بادشاهه وٽ رهيا. تنبوءَ جي چوڌاري ڪيترائي سپاهي تراريون ۽ نيزا پهري تي بيهي ويا، ايترو لشڪر تنبوءَ جي چوڌاري پئي ڦريو، ته به ڀُون ڀڻڪو ڪو نه ٿي ٿيو. سڀني جا منهن موڳا هئا ۽ اهڙي سُن کڻي اختيار ڪئي هئائون، جو ڄڻ ته ماتم ۾ هئا، مارڪئس ۽ گرئنڊ ماسٽر جنهن وقت بادشاهه جي تنبوءَ مان ٻاهر نڪتا، تنهن وقت پهريدارن کين عزت ڏيڻ لاءِ پنهنجا هٿيار هيٺ ڪيا پر سندين اهائي سانت هلي آئي.

مارڪئس، اٽليءَ طرف مانسٽيريٽ نالي هڪ ڏيهي رياست جو والي هو. سندس نالو ڪانريڊ هو. ٽين ڌرمي جنگ ڀيري انگريزن ۽ فرينچن جي اچڻ کان اڳ، ڪروسيڊرن سندس مهنداريءَ هيٺ ٽائر نالي هڪ شهر، ترڪن جي ڪاهن کان بچائي ورتو هو، تنهن ڪري هي ٽائر جو شهزادو به سڏبو هو. هينئر ڪروسيڊرن جو سرڪردو رچرڊ بادشاهه هو. مارڪئس ڄاتو ٿي ته اسين جيڪڏهن ترڪن کان کٽينداسين، ته به نالو رچرڊ جو نڪرندو. پوءِ اسان کي ڪهڙي ڳڻتي پئي آهي، جو پنهنجو لشڪر ويهي مارايون؟

ٽيمپلرن جو گرئنڊ ماسٽر فرانس جو ويٺل هو. هو به مارڪئس جهڙو طمعي هو. هن ويڙهه ۾ سڀني رچرڊ کي پنهنجو سرڪردو ڪيو هو ته هو (رچرڊ) وري هنن سڀني کي پنهنجو پوئلڳ ڪري سمجهندو هو. رچرڊ جي اهڙي هلت ڪنهن کي به نه ٿي وڻي. هينئر هي سڀ هتي اچي ڦاٿا هئا ۽ سلطان سان صلح ڪرڻ لاءِ آتا هئا.

مارڪئس ۽ گرئنڊ ماسٽر، جو رچرڊ بادشاهه کي پڇڻ ويا هئا، سو رڳو ٻاهريون ٻنو رکيو هئائون. دل ڪري ائين پئي چاهيائون ته رچرڊ اڄ مري ته سڀاڻ ٻيو ڏينهن نه ٿئي. هينئر هي ٻيئي ڄڻا ڪنهن خلاصي هنڌ ويهي، پاڻ ۾ پهه پچائڻ لڳا ته آئيندي ڪهڙو قدم کڻجي. ڳالهين ڪندي گرئنڊ ماسٽر چيس: هڪ ڳالهه مون اڃا نه سمجهي آهي. سڄي منڊليءَ، جو ستل چيتي واري سردار تي صلح جي پيغام پهچائڻ جو ڪم رکيو، سو ڪهڙي سبب؟ مارڪئس چيس: انهي ۾ معنى هئي. سلطان جو چوڻ هو ته صلح تڏهن ڪبو جڏهن رچرڊ بادشاهه پاڻ اها ڳالهه چوريندو. منڊليءَ وارن جو مطلب هو ته رچرڊ کي ٻڌائڻ کانسواءِ اهو ڪم ڪجي. جڏهن ڪم ٺهي راس ٿئي، تڏهن رڳو ڪن تي پڙلاءُ وجهجيس. هنن ڄاتو ٿي ته سرڪينيٿ کي جيڪڏهن صلح جي پيغام پهچائڻ لاءِ موڪلبو ته سلطان هن جي اڇي چمڙي ڏسي، ضرور ائين سمجهندو ته رچرڊ موڪليو اٿس. شهزادن کي اها به خاطري هئي ته سرڪينيٿ کي رچرڊ وٽ وڃڻ جو ڪو به وجهه ڪو نه ملندو، جو انگلينڊ وارن کي سڪاٽلنڊ وارا ڏٺا ڪين وڻن. اهي ڳالهيون ڳڻي هنن سرڪينيٿ تي اهو ڪم رکيو هو.

گرئنڊ ماسٽر چيو: مار! ڏاڍي حرفت پکيڙي هئائون. مارڪئس چيس: ”پر ڏسو ته ٿئي ڇا پيو! پيغام پهچائڻ جي جنهن تي پڳ رکي سين، سو موٽندي هڪ حڪيم پاڻ سان وٺي آيو آهي ته رچرڊ چڱو ڀلو ٿئي، اسان سڀني جو نئين سر رت پيئي. پر رکو ڌڻيءَ تي. حڪيم جيسين هن کي ڇٽائي ئي ڇٽائي، تيسين آءُ رڌڻي ۾ رولو وجهي ٿو ڏيانس. آسٽريا جي ڊيوڪ کي اهڙو ڇيڙي ٿو بيهاريان، جو رچرڊ کي بستري تان اٿڻ سان اول پنهنجي گهر ٺاهڻ جي لڳندي ۽ ڪروسيڊرن کي جنگ جي ميدان ۾ وٺي هلڻ جو ٽلڻ صفا ڊاهڻو پوندس. هنن ٻنهي کڏ کوٽيندڙن ٺهراءَ ڪيو ته اهي گهر (انگلنڊ ۽ آسٽريا) ٻارجن.

آسٽريا جي گرئنڊ ڊيوڪ جو نالو ليوپولڊ هو. اول هن جو پاڻ اهو مطلب هو ته رچرڊ سان دوستي جو ناتو وڌائجي، انهيءَ مراد سان هن هتي اچي ساڻس گهڻي لهه وچڙ رکي پر ”اٺان مينهان دا ڪيها ميلا؟“ رچرڊ پنهنجي نارمن گهراڻي وارن وانگر شراب خاني خراب کي ڇهندو به ڪين هو ۽ آسٽريا جي ڊيوڪ کي پيالي پاڻيءَ کانسواءِ سرندي ڪين هئي. رچرڊ کان جرئت ۾ به گهڻو گهٽ هو، تنهن ڪري هن گهڻو گهائل مائل ٿيڻ ته ڪو نه ڏنس پر پاڻ سندس لاءِ دل ۾ حقارت ڌارڻ لڳو، جا وقتي ظاهر  به ڪندو هو. رچرڊ جي اهڙي هلت ڪري ليوپولڊ به پوءِ کيس ڌڪارڻ لڳو. هنن ٻنهي جي وچ ۾ فرانس جي بادشاهه فلپ هيڪاري نفاق وڌايو. فرانس ۽ انگلينڊ اڳيئي پاڻ ۾ چانڊيا مگسي هئا. هتي اچڻ کانپوءِ فلپ کي دل ۾ آيو ته آءُ رچرڊ کان وڏو ليکجڻ ۾ اچان، تنهن ڪري هن پنهنجي ٻاريءَ کي زور وٺائڻ ۽ رچرڊ جي ٻاريءَ جي زور گهٽائڻ لاءِ سڀني شهزادن کي ائين پئي ذهن نشين ڪرايو، ته رچرڊ رڳو انگلينڊ جي ناماچار ڪڍڻ لاءِ ڪروسيڊرن جو سرڪردو ٿيو آهي. اسين سندس زيردست آهيون ڪيئن، جو سندس جهنڊي هيٺ ليڙون؟ انهي ڇيڙ ڇاڙ ڪري ڪروسيڊرن جي ڇانوڻيءَ ۾ ڏڦيڙ جا آثار اڳيئي ڏسڻ ۾ پئي آيا.

مارڪئس جنهن وقت انگلينڊ ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ناسازي پيدا ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، تنهن وقت شهزادن جون دليون اڳيئي حسد وچان اُٿيل هيون، جنهن ڪري آسرو هوس ته سولائيءِ سان مچ مچائي سگهبو. هن پوءِ اُمالڪ وڃي آسٽريا جي ڊيوڪ جو رچرڊ جي جهنڊي ڏي ڌيان ڇڪايو ۽ چيائينس: ”رچرڊ اڳيئي ٽيڳريو وتي، ويتر هن کي پنهنجو جهنڊو ٻين سڀني جهنڊن کان مٿي هڻڻ ڏنو اَٿوَ ته هن جون اکيون هيڪاري وڇونءَ وانگر ڪاپار ۾ ٿيون آهن. هاڻ ڪنهن جي به نٿو ٻڌي. اوهان جهڙن خانداني حاڪمن کي به گاريون ڏيندي ڪو خيال نٿو ٿئيس. اوهان جي هيئن پيو لاهڻي لاهي ته اسان جا ڳچ پيا ڳرن، پر توهين هن جون سڀ ڳالهيون ڪنن پٺيان ڪري، سردار ڪري پيا سمجهوس!، توهان تي هٿ ساهي ڏٺا اٿس ته هاڻ اسان کي ڪَچو کائڻ پيو اچي. پر پنهنجي قسمت کي چئون. اوهان جهڙا بهادر ٿڌا ٺِڪر ٿي ويٺا آهن ته پوءِ اسان غريبن کي ڳيهڻ، هن لاءِ ڇو ڪين آسان ٿيندو!

مارڪئس اهڙيءَ طرح ڇيڙيس ته هن جو رت ٽهڪڻ لڳو. آسٽريا جي ڊيوڪ پوءِ پڪو ارادو ڪيو ته يا رچرڊ جو جهنڊو صفا لاهي ڦٽو ڪجي يا پنهنجو جهنڊو به ايترو ئي مٿي کوڙجي ته سڀڪو سمجهي ته اسين کانئس گهٽ ڪو نه آهيون. هو پوءِ پنهنجا ماڻهو سنبرائي جهنڊي واري جاءِ ڏي ويو. مارڪئس سمجهيو ته هاڻ ڄڻ ته سوسڙي دکي، سو گوڙ مان تڳي ڀڄي ويو، جو پاڻ ڏٺو ڪرائڻو نه هوس.

رچرڊ بادشاهه اڃا پنهنجي تنبوءَ ۾ ستو پيو هو، جنهن وقت حڪيم سمجهيو ته هن کي ننڊ مان جاڳائڻ ۾ ڪا حرڪت ڪانه ٿيندي، تنهن وقت هڪ ڪڪر ڀِڄائي، بادشاهه جي منهن تي گهمايائين ۽ سندس نبض ڏسي چيائين: هاڻ تپ صفا ٽٽي ويو آهي. اتي بادشاهه اکيون کوليون ۽ چيائين: برابر، هاڻي بخار ڪونهي. پوءِ سرٽامس کي حڪم ڏنائين ته اسان جي خزاني مان هڪ هزار مهرون ڪڍي، حڪيم صاحب کي ڏي. جيڪڏهن ايتريون مهرون هڪيون حاضر نه هجن ته جيڪي کُٽن تن جي عيوض جواهرات ڏينس. حڪيم پنهنجو شان رکي چيو: قبلا، ڌڻيءَ جي بخشيل حڪمت هي بندو ناڻي تي نه وڪڻندو آهي. هن بندي لاءِ اهائي خوشي بس آهي، جو ڌڻيءَ جي فضل سان سائين جن جهڙو وڏو حاڪم سندس هٿان ڇُٽو آهي. حضور جن وري بستري تي ليٽي ٿورو آرام ڪن. بادشاهه چيس: اوهان جو چوڻ ته ضرور مڃبو، پر ٻڌو ته سهي ته ٻاهر ڪيڏو نه گوڙ گهمسان متو آهي! سرٽامس تون يڪدم خبر ڪڍي اچ ته ڇانوڻيءَ ۾ بابا ڇالاءِ ٿا وڃن؟ بادشاهه جو حڪم مڃي، سرٽامس ٻاهر ويو ۽ اتي ئي موٽي اچي چيائين: قبلا، آسٽريا جو حاڪم ليوپولڊ پنهنجي پيالي ڀاين جو ميڙ وٺيو ڪنهن کيل لاءِ پيو وڃي. رچرڊ ڪاوڙجي چيو: انهي شرابيءَ بيوقوف کي لڄ نٿي اچي. اهي نشا پنهنجي تنبوءَ اندر نٿو ڪري، سڀني عيساين جي وچ ۾ پنهنجا وکا ٿو پڌرا ڪري، ٻڏڻ ويو آهي، وسري لُڏڻ آيو آهي ياد! اوڏي مهل مانسٽيريٽ جو مارڪئس ڪانريڊ پاڻ کي سرخرو ڪرڻ خاطر بادشاهه وٽ کُڙڪ ڏيڻ لاءِ آيو. بادشاهه پڇيس: آسٽريا جو حاڪم پاڻ کي هيئن بدنام ٿو ڪري سا ڳالهه ٺهي ٿي؟ ڪانريڊ اول بادشاهه جي تندرستي جو ذڪر ڪندي چيو، آءُ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، جو حضور جن، کن جو کن ۾ ايتريقدر شفاياب ٿيا آهن. وري آسٽريا جي حاڪم جي ڳالهه ڪري چيائين: آرچر ڊيوڪ ليو پولڊ جي ڪئي نه ڪئي کي ڪو ليکي ڪو نه ٿو، مگر هي اهڙو خراب ڪم ڪيو اٿس، جنهن ۾ جيڪر ڪڏهن به ساڻس شامل نه ٿجي. حضور جن کي شايد خبر ناهي ته هو ڇاٿو ڪري. هو انگلينڊ جو کتل جهنڊو لاهي، پنهنجو جهنڊو ٿو کوڙي. مارڪئس جي هيءَ ڳالهه ٻڌي بادشاهه شينهن وانگر گجڻ لڳو، مارڪئس چيس: قبلا، اوهين پنهنجو من نه تپايو. بيوقوفن کان ڪم مڙيئي بيوقوفي جا ٿيندا.

رچرڊ هڪدم اُڇانگ ماري بستري تان اٿيو ۽ اکڇنڀ ۾ ڪپڙا ڍڪيائين. مارڪئس کي چيائين: اسين اوهان کي حڪم ٿا ڏيون ته اوهين هاڻ اسان کي ڪجهه به نه چئجو. هينئر اسان سان جيڪو هڪڙو اکر ڳالهائيندو، تنهن کي اسين پنهنجو دشمن ڪري سمجهنداسين. حڪيم صاحب، اوهين به متان ڪي هينئر ڪڇو. ائين چئي بادشاهه تنبوءَ جي سرخ مان ترار ڇوڙي، تڙ تڪڙ ۾ ٻاهر نڪتو. بادشاهه جي اهڙيءَ هلت تان مارڪئس اهڙي ڏيکاري ڏني، جو ڄڻ ته ڏاڍو عجب لڳو هوس. هو پوءِ وڌي سر ٽامس جي ويجهو ويو، پر هن رخ به ڪو نه ڏنس. سر ٽامس پاڻ به ٺهڙ ٺپ تنبوءَ کان ٻاهر نڪتو ۽ هڪ گهوڙيسوار کي حڪم ڏنائين: يڪدم لارڊ سئلسبريءَ ڏي اڏام ۽ وڃي چئينس ته ڳچ لشڪر وٺي ستتئي سينٽ جارج جبل تي اسان جي پٺيان اچي. ٻڌائجانس ته بادشاهه جي لڱن مان تپ لهي ويو آهي ۽ هينئر ڪاپار وڃي ورتو اٿس.

سر ٽامس هيئن قاصد ڊوڙايا ۽ لشڪر ڪٺا ڪيا ته ڇانوڻيءَ ۾ قسمين قسمين هل پوڻ لڳا. اها ڌر تتيءَ جي مهل هئي. سڀني اوڏيءَ مهل اک ٿي لاتي، پر هينئر جو گوڙ متو سو خلقون اچي مڙيون. ڪن اهو هُل هلايو ته ترڪ ڪاهي آيا آهن. ڪن هل هلايو ته بادشاهه کي مارڻ جو منصوبو ٿيو آهي. ڪن وري اهو هُلايو ته بادشاهه جو تپ وگهي چالاڻو ٿيو آهي. ۽ ڪن انهن کي رد ڏيئي هيئن چيو ته آسٽريا جي ڊيوڪ رچرڊ بادشاهه جو خون ڪيو آهي! مطلب ته جيترا ماڻهو تيتريون ڳالهيون. خود ڪيترن اميرن کي ڳالهه جو پورو پتو ڪو نه ٿي پيو. هو چون ته اسين ڳالهه سمجهون ته پوءِ پنهنجي لشڪر کي ان موجب هدايت ڪريون، ائين نه ٿئي جو مرڳو ابتو قدم کڻي، پاڻ کي اڏو اچون. انهيءَ وچ ۾ انگريزي لشڪر جي سپهه سالار توتاڙا وڄائي، پنهنجون پلٽڻيون ڪٺيون ڪيون. سڀ سپاهي ڍالون، ڀالا، تير ڪمان ۽ تراريون کڻي تيار ٿي آيا. بادشاهه ڪنهن به آواز تي ڌيان ڏيڻ ڌران زوم مان سينٽ چارج جبل ڏانهن سٽيندو ويو. ساڻس گڏ فقط سر ٽامس ۽ ٻه خانگي نوڪر هئا. چيتي واري سردار جو پريان پنهنجي تنبوءَ وٽان بادشاهه کي هيئن ڇوهه مان ويندو ڏٺو، سو يڪدم ترار پهري، ڊوڙي وڃي سر ٽامس سان مليو. چوڌاري آسٽريا جو ڪٽڪ ۽ ٻين قومن جو ميڙ مڙيو بيٺو هو، انهن سڀني جي وچان واٽ ڪري، رچرڊ جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو. انگلنڊ جو جهنڊو اڃا کتو بيٺو هو، پر ان جي ڀرسان آسٽريا جو جهنڊو به کپي ويو هو. جهنڊن وٽ آسٽريا جو ڊيوڪ پنهنجن سنگتين ۽ خدمتگارن سان گڏ اهڙو سرهو منهن ڪيو بيٺو هو، جو ڄڻ ته ڪا وڏي کيپ کٽي هئائين. رچرڊ لشڪر وچان واٽ ڪري، وڃي سامهون بيٺس. هڪدم آسٽريا جي جهنڊي ۾ هٿ وجهي، شينهن جهڙي گجگوڙ ڪري چيائين: اهڙي جرات ڪنهن کي ٿي آهي، جو انگلنڊ جي شاهاڻي جهنڊي جي ڀرسان هيءَ ٿڳڙي کڙي ڪئي اٿس؟ ليو پولڊ، ڪو رڍ جهڙو مڙس نه هو. هو ڏندين ڏاند هو، تنهنڪري هيسجي ڪين ويو. هن کي اهائي حيراني لڳي ته هيءُ جو ههڙو مرڻينگ حالت ۾ پيو هو، سو ايتري وقت ۾ اهڙو پاڻ کنيو اٿس جو هيڏي چاڙهي چڙهي، مون سان هٿ اٽڪائڻ آيو آهي! اتي رچرڊ ٻيو ڀيرو زور سان ساڳيو سوال پڇو. ليو پولڊ هن جي ههڙي آڪڙ ڏسي، سندس روڪڻ لاءِ چيو: اهو جهنڊو مون آسٽريا جي ليو پولڊ کڙو ڪيو آهي. رچرڊ ڇوٽ مان چيس: آسٽريا جي ليو پولڊ کي هن گهڙيءَ پتو پوندو ته سندس جهنڊي ۽ سندس سردار پڻي جو انگلنڊ جي رچرڊ وٽ ڪيترو ملهه آهي. ائين چئي زور سان زمين مان نشان پٽي ڪڍيائين ۽ بيرق ڦاڙي ڇيهون ڇيهون ڪيائين، ۽ جهنڊي مٿان ٻيئي لتون رکي چيائين: آسٽريا جي جهنڊي جو اسان وٽ اجهو اهو مانُ آهي. هاڻ ڏسون ته اوهان ۾ ڪهڙي ٻوٽي آهي جا اسان کي سامهون ٿي ٿئي؟ رچرڊ هيئن للڪاريو ته آسٽريا جي سردارن مان هر هڪ واڪو ڪري چيو: آءٌ- آءٌ- آءٌ.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org