سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: غازي صلاح الدين

باب-1

صفحو :10

باب تيرهون

قسمت جو ڦيرو

قدرت جا ڪم نيارا ۽ عجيب آهن، جو حريفن کي به حيران ڪيو ڇڏين. ڪيڏانهن سرڪينيٿ جو مانُ ۽ مرتبو، ۽ ڪيڏانهن سندس هيءَ حال، جو هڪ مسلمان حڪيم جو غلام بڻجي پيو! رچرڊ بادشاهه جنهن وقت اهو قهر جو قلم وهايو، تنهن وقت هي يوروپي جوڌو پنهنجي نئين خاوند جي پٺيان موڳو منهن ڪري هليو ويو. هو پوءِ حڪيم جي هڪ تنبوءَ ۾ اونڌو منجو پائي وڃي پئجي رهيو. ڏک وچان من ڀرجي آيس، پر روئڻ روڪيائين. هن کي هن حالت ۾ ڏسي حڪيم کي قياس پيو. هن دلداري ڏيئي چيس: دل وڏي ڪر، سختيون مڙسن جي مٿان اينديون آهن. حضرت يوسف کي سندس ڀائرن وڪڻي ڇڏيو ۽ هو وڃي فرعون بادشاهه جو غلام ٿيو. پر توکي تنهنجي بادشاهه اهڙي انسان جي حوالي ڪيو آهي، جو توکي ڀائرن وانگر جيءَ سان جڙيندو ۽ ساهه ۾ سانڍيندو.

سرڪينيٿ هن جي شڪر گذاريءَ ڪرڻ لاءِ ڪجهه چيو ٿي، پر زبان سُڪي ٺِڪر ٿي وئي هيس، تنهن ڪري وات مان هڪ اکر به ڪو نه اُڪليس. حڪيم سمجهيو ته هن کي ڪجهه چئبو ته پاڻ هن جو من ڦِسندو، تنهن ڪري ڇڏي ڏنائينس. هن پوءِ پنهنجي ماڻهن کي ڪُوچ جو حڪم ڏنو. يڪدم سندس نوڪر چاڪر سامان ٻڌڻ کي لڳي ويا. بورچيءَ حڪيم کي ماني پئي ڏني ۽ پوءِ سر ڪينيٿ لاءِ ٿالهي پرڇي کڻي ويو. پر هن نه ورتس. بورچي چيس: هينئر ڪجهه کائي آرام ڪر، جو پوئين صبح جو هتان ڪوچ ڪرڻو اٿئون. ماني نه کائيندين ته ننڊ ڪيئن اينديئه؟ حڪيم به هن کي ڏاڍا زور ڪيا پر هن کي ڪي به مٺو نٿي لڳو، وري به حڪيم جي مرضيءَ رکڻ لاءِ سکڻو پاڻي ڍڪ پي پنهنجي نڙي ڀڃايائين.

سڄي رات هن مڙس اک ڪانه لاتي، ٻيا نوڪر اڌ رات ڏيئي اٿيا ۽ اُٺن تان سامان لڏي، سفر لاءِ تيار ٿيا. حڪيم صاحب به پنهنجي نيم پٽاندر سوير اٿي، ڏندڻ – پاڻي ڪري، وضو ساري، فجر جي نماز پڙهي، تنهن وچ ۾ هڪ سئس گهوڙا سنجيا. اوڏيءَ مهل هڪ يوروپي عملدار، رچرڊ بادشاهه جي حڪم موجب، حڪيم صاحب کي ٿوري پنڌ تائين اپرائڻ لاءِ آيو. سرڪينيٿ کي حڪيم هڪ گهوڙو سواريءَ لاءِ ڏياريو، تنهن تي هي جنگي دلاور چڙهي، ٻين سان گڏجي هليو.

حڪيم صاحب وڏي دٻدٻي سان پئي ويو، چئني طرفن کان ڪيترا سوار ساڻس همر ڪاب پئي ويا ۽  ٻه ڄڻا سندس ڪنجڪ وٺي پئي هليا. سر ڪينيٿ سڀني جي پٺيان هو. هن پٺتي ڪنڌ ورائي ڪروسيڊرن جي ڇانوڻيءَ ڏانهن نماڻن وانگر نيڻ کڻي پئي نهاريو  ”ڏيس-وٽو مليس، عزت آبرو خاڪ ٿيس، ۽ پياري ايڊٿ جي منهن ڏسڻ کان به سڪيو! انهن ڳالهين هن مڙس کي اهڙي جهوري لاتي، جو هو اچي روئڻهارڪو ٿيو. هن کي پنهنجن پورن ۾ ڏسي، حڪيم وڌي هن جي ويجهو ٿيو، ۽ چيائينس: هاڻ جڏهن اسان کي اڳتي هلڻو آهي، تڏهن پٺتي نهارڻ جو ڪم ڪهڙو؟ سوار کي سدائين خبردار ٿي هلڻ گهرجي. ائين بيخيالو ٿي هلندين ته ڪنهن وقت ٺوڪر اينديئه. سر ڪينيٿ ڏک مان وراڻي ڏنيس: اهڙي ڪا ٺوڪر اچيم، جو ڪنڌ ڀڄيم ته آءٌ جيڪر پاڻ کي بختاور سمجهان! حڪيم چيس: ڇو ڳهيلو ٿيو آهين؟ انسان ڪو تاهه نظر آهي، تنهنڪري اڄ جي لڱائيءَ ۾، سڀان جي چڱائي ڏسي نٿو سگهي، پر ڌڻي جيڪي ڪري ٿو، سو انسان جي ڀلي لاءِ آهي. هر ڳالهه ۾ حڪمت چئي اٿن، تنهنڪري تو کي رضا تي راضي رهڻ گهرجي.

حڪيم هن کي گهڻيئي پر ٻوڏ ڏنا، پر هن کي جيڪا تار تن سان لڳل هئي، سا لڳل ئي رهي. حڪيم ڏٺو ته هن وقت هن کي ڪيترو به سمجهائبو ته به ڪين سمجهندو، تنهنڪري پنهنجي هڪ خذمتگار کي هڪل ڪري چيائين: حسن، تون ڪا ڳالهه کڻ ته پنڌ کٽي، ۽ هن مڙس جو خيال به وڃي ٻيءَ واٽ پوي. حڪيم صاحب جو حڪم مڃي، خذمتگار هڪ ڳالهه کنئي- ڳالهه جي وچ ۾ ڏوهيڙا پئي ڏنائين. حڪيم ۽ سندس خدمتگار هيئن وندريا پئي هليا، پر هن ڦوڙائي جي ڦٽيل لاءِ ڪا به ورونهن وندر ڪانه هئي. هن پنهنجي دردن جو دل ۾ دور پئي ڪيو. سورن جو سبق اٿلائيندي، ڪنهن وقت هن پنهنجي ڪتي جي ڪنجهڪار ٻڌي. سندس ڪتي کي هڪ بانس جي پڃري ۾ بند ڪري، اهو پڃرو هڪ اُٺ تي کڻي لڏيو هئائون. سر ڪينيٿ پنهنجي وفادار ڪتي ڏي منهن ڪري، چپن ۾ چيو: پيارا روسوال، تون منهنجي واهر لاءِ  ٿو واجهائين. هن وقت آءٌ پاڻ سچي سائينءَ جي واهر لاءِ واجهائي رهيو آهيان. اڳي آءٌ تو کي قرب ڏيندو هوس، ۽ تو سان هر طرح همدردي ڪندو هوس، پر اڄ خود مون کي دلاسي جي گهرج آهي!هاءِ نصيب اڄ ڪير مون جهڙو بيوس ۽ لاچار آهي.

هو پوءِ منزلون ڪندا هليا. اڳينءَ جي نماز جي مهل ٿي ته حڪيم صاحب وضو ساري، اڇو سٺو ڪپڙو بندگيءَ لاءِ وڇائي، نماز پڙهي. ڪن کي وضوءَ سارڻ لاءِ پاڻي پورو نه هو، هو پاڻيءَ بدران واريءَ سان عضوا ڇُهڻ مهٽڻ لڳا.[1] پوءِ هر ڪو مصلو وڇائي، نماز پڙهڻ لڳو. هنن کي هيئن گڏ نماز پڙهندو ڏسي، سر ڪينيٿ به اکيون کڻي آسمان ۾ اٽڪايون، ۽ سچي سائينءَ کي سنڀالڻ لڳو. هينئر هن جي دل تي ڪجهه ڇنڊو پيو، ۽ هو پنهنجي حال تي صبر ۽ شڪر ڪرڻ لڳو.

ڏينهن ٺاري، اڳتي وڌيا ته حڪيم جي هڪ ماڻهوءَ ڏٺو ته پٺيان ڪي سوار ڪاهيندا پيا اچن. هن وڌي حڪيم کي ڄاڻ ڪيو. حڪيم سياڻو هو، تنهن سمجهي ورتو ته هي ٽيمپلرن جي گرئنڊ ماسٽر جا ماڻهو آهن ۽ ڪنهن بڇڙيءَ نيت سان ٿا اچن. هن پوءِ پنهنجن ماڻهن کي تڪڙي هلڻ لاءِ حڪم ڏنو. سگهوئي سلطان صلاح الدين جي ساري فوج حڪيم جي استقبال لاءِ آئي، جنهن ڪري گرئنڊ ماسٽر جي ماڻهن کي پنهنجي مراد پوري ڪرڻ جو وجهه نه مليو، ۽ هو شرمندا ٿي موٽي ويا.

امير شير ڪوهه ۽ سر ڪينيٿ جنهن تلاءَ وٽ هڪٻئي کي گڏيا هئا، اتي هي سڀ لهي پيا. يڪدم تنبو لڳي ويا، ۽ رڌڻ بچائڻ جون تياريون ٿيون. سر ڪينيٿ کي حڪيم کائڻ لاءِ زور ڪيا. هينئر هن ٻه-ٽي گرهه کنيا. حڪيم پوءِ هڪ شربت جو پيالو ڏنس، ۽ چيائينس: هن شربت پيئڻ سان فرحتي ننڊ ايندئه. هن چيو مڃي، شربت پيتو. سگهوئي ننڊ کڻي ويس، ۽ کونگهرا هڻڻ لڳو.

ڪنهن وقت سر ڪينيٿ سجاڳ ٿيو. ڇا ڏسي ته چرخو ئي ڦري ويو آهي. پاڻ اڳي کجين جي هيٺان هڪ رواجي تنبوءَ ۾ ڇٻر ڇانئيءَ زمين تي کٽولو وجهائي ستو هو. هينئر ڏسي ته هڪ ريشمي تنبوءَ ۾ شاهاڻي پلنگ تي آهيان ۽ چوطرف بادشاهي سامان موجود آهي! هن ائين پئي ڀانيو ته سپنو ٿو لهان، تنهن هوندي به پلنگ تان لهي اڳڀرو وڌيو. اول هڪ حمام خانو ڏٺائين-گرم پاڻي تيار هو ۽ اُچا سٺا ٽوال موجود هئا. هيءَ ٻيون ڳالهيون وساري وهنجڻ لڳو. تڙ ڪري تازو ٿيو ته پريان هڪ اُچي ريشمي وڳي تي نگاهه پيس، جنهن جي ڀرسان هڪ ترار جوهردار رکيل هئي. اتي هن مڙس کي شڪ کائي ويو. هن ڀانيو ته مون کي شايد مسلمان ڪرڻو اٿن، تنهنڪري منهنجي هيتري خوشامد ڪن ٿا. هن پوءِ پڪو پَههُ ڪيو ته ڪنهن به طرح پاڻ کي هنن جي ڄار ۾ ڦاسڻ نه ڏيندس، ۽ ائين ڪرڻ ڪري جيڪڏهن مون کي ڪا خرابي رسائيندا ته اها مٺي موچاري ڪري ڀوڳيندس. هن اڃا اهي پهه پئي پچايا ته ٻاهران آواز آيو: اندر اچڻ جي اجازت آهي؟

ان وقت تنبوءَ جو در-پردو هيٺ ٿيو پيو هو، تنهنڪري جنهن ماڻهوءَ اهي لفظ چيا، سو ڏسڻ ۾ ڪو نه آيس، پر آواز مان سهي ڪيائين ته حڪيم صاحب آهي.

 

ڪينيٿ: بلاشڪ هليا اچو. خاوند به ڪڏهن غلام جي ڪمري ۾ اچڻ لاءِ اجازت گهري آهي؟

ٻاهران آواز: آءٌ اوهان جو خاوند نه آهيان، تنهن ڪري اندر اچڻ کان اڳ اجازت وٺڻ ضرور ٿو سمجهان؟

ڪينيٿ: حڪيم صاحب ڪنهن به وقت بيمار جي ڪمري ۾ اچي سگهي ٿو. انهيءَ صورت ۾ به اجازت جي ضرورت ڪانهي.

ٻاهران آواز: آءٌ حڪيم نه آهيان، تنهنڪري اول اجازت ڏيو ته اندر اچان؟

ڪينيٿ:  توهان جهڙو دوست، جنهن جون سَنڌ سَنڌ تي مهرون اٿم، تنهن کي اندر اچڻ کان ڪير روڪيندو؟ ڀلي هليا اچو؟

ٻاهران آواز: فرض ڪريو ته هن وقت آءٌ دوست جي حالت ۾ نٿو اچان، تنهنڪري وري به اندر اچڻ لاءِ رخصت گهران ٿو؟

ڪينيٿ: (وائڙو ٿي) ڪهڙي به حيثيت ۾ اچو ته منهنجي اکين تي آهيو، اوهان کي روڪ ڪرڻ جي مون کي نڪا اختياري آهي، نڪا اهڙي نيت آهي.

ٻاهران آواز: تڏهن آءٌ اچان ٿو، پر يقين ڄاڻجو ته آءٌ اهو آهيان، جنهن کي ڪنهن وقت اوهان پنهنجو دشمن سمجهي، هن سان چٽاڀيٽي ڪئي هئي.

ائين چوندو هو شخص اندر آيو. سر ڪينيٿ ڀانيو ته حڪيم صاحب ٿو اچي، پر هو شير ڪوهه امير هو. هن جي پوشاڪ ٽوڙي شڪل ٻي هئي، رڳو ڳالهائڻ حڪيم صاحب جهڙو هوس. سر ڪينيٿ عجب وچان وات ڦاڙي هن ڏي نهارڻ لڳو!

امير: وائڙو ڇو ٿيو آهين؟ آءٌ ساڳيو شير ڪوهه آهيان، جو تو سان حڪيم ٿي هليو هوس. منهنجو ويس بدليل ڏسي، ڀلجي ويو آهين ڇا؟ پر منهنجي ڳالهه ڇڏي، اول پنهنجي ڳالهه جاچ. جيڪي تون اڳي هئين سو هينئر آهين؟

ڪينيٿ: (ارمان مان) نه، آءٌ اڳوڻو ڪينيٿ نه آهيان، پنهنجن ڪرستان ڀائرن جي نظر ۾ آءٌ دغاباز ۽ بدڪار آهيان، پر پنهنجيءَ دل ڪري ڄاڻان ٿو ته آءٌ اهوئي مردانو ۽ سچار آهيان، رڳو ٿوريءَ ڳالهه تان ٿڙڪڻ ڪري قاصر ۽ گنهگار آهيان.

امير: برابر اهڙو گنهگار، جو موت جو سزاوار! پر منهنجي ڳالهه ٻڌ: هي اهو ساڳيو هنڌ آهي، جتي پاڻ پهريون ڀيرو گڏيا هئاسين. تو کي دشمن جي طرف جو آدمي ڏسي، اول آءٌ تو تي اُلر ڪري آيو هوس. تون جنهن پهلوانيءَ سان مون سان لڙيو هئين، سا مون کي عمر ڀر وسرڻ جي نه آهي. جنهن وقت منهنجي هٿ مان ترار کسڪي ويئي، ۽ بٿيءَ مان تيل به کپي ويم، تنهن وقت مون کي لاچار تو سان صلح ڪرڻو پيو. اوڏيءَ مهل جي تون منهنجي صلح جي آڇ نه قبولين ها، ته هن وقت آءٌ جهان ۾ هجان ئي ڪين ها. پر تون مون سان کير کنڊ ٿي وئين، جيئن جوڌن کي ٿيڻ جڳائي. اوڏيءَ مهل اسان هڪٻئي سان وفادار ٿي رهڻ جو قول ڪيو هو، ۽ وڏي ڳالهه ته تو سان گڏ نمڪ کاڌو هوم، تنهنڪري تنهنجي جان بچائڻ مون پنهنجو فرض سمجهيو. تنهنجي ڪري رچرڊ بادشاهه سان چڪري کائڻي پيئي، مون انهيءَ ڳالهه جو سانگو ڪو نه ڪيو. وري تو جهڙي بانڪي بيپرواهه کي غلام بنايائين ته مون کان اها ڳالهه سٺي نه ٿي.... الائجي ڇو؟ مون جيڪو ريشمي وڳو تو کي موڪليو سو تو اڃا ڪين پهريو آهي؟ شايد اهڙا ڪپڙا ڪرڻ تنهنجي شان وٽان نه آهن؟

ڪينيٿ: ائين نه آهي. آءٌ اهڙي ويس وڳي جو لائق ئي ڪين آهيان. مون کي غلامن جهڙي پوشاڪ پهرايو، پر ڀلائي ڪري مون کي پٽڪو نه ٻڌائجو.

امير: تون تمام شڪي ٿو ڏسجين. مون تو کي اڳيئي ٻڌايو آهي ته سلطان صلاح الدين ڪڏهن به ڪنهن کي زوريءَ مسلمان نه ڪندو آهي. وڍيون ڏيئي يا ٻيءَ طرح لالچائي، ڪنهن کي مسلمان ڪرڻ به سندس وڙ نه آهي. پنهنجي خوشيءَ سان ڪو مسلمان ٿيندو ته اها ٻي ڳالهه آهي. منهنجا پيارا ڀاءُ، تون ڪنهن به قسم جو شڪ شبهو نه ڪر، مون تنهنجي آبروءَ رکڻ واسطي توڏي هيءُ وڳو موڪليو هو. هينئر اسان کي سلطان صلاح الدين جي ڪچهريءَ ۾ هلڻو آهي. اتي تون پورو ٻئي ويس ۾ هلندين ته اسان جن ماڻهن مان ڪي مُنهن پيا بڇڙو ڪندا، تنهنڪري منهنجي صلاح مڃي، اهو اميراڻو ويس ڍڪي هل.

ڪينيٿ: آءٌ هينئر اوهان جو تابعدار آهيان، سو مون کي جيئن چوندا تيئن ڪندس.

امير: تابعداريءَ جي ڳالهه ئي ڪانهي. تون اڳي جهڙو خودمختيار آهين. تو جهڙو پهلوان، جو مون جهڙي مڙس سان چٽا ڀيٽي ڪري کٽي ويو، تنهن کي آءٌ پنهنجو غلام ڪري ويهاريان ته مون کي حيف آهي، مون تو سان سڄي عمر دوست ٿي رهڻ جو قول ڪيو هو. مومن ٿي، آءٌ هر گز وعدي شڪني نه ڪندس. تون منهنجو اهوئي اڳوڻو دوست آهين.

ڪينيٿ: لک ٿورا اوهان جا. اوهان جي حد ڀلمانسي چئبي جو غلاميءَ جو داغ مون تان لاهي، مون کي خودمختيار ڪريو ٿا. آءٌ ايڏي مهربانيءَ جو لائق ئي ڪين هوس.

امير: ائين نه چئو، تون هر طرح لائق انسان آهين. تو جهڙو پهلوان ڪو ڇڊو هوندو. تنهنجو شير جهڙو جگر آهي، باقي ايترو چئبو ته هن نازنين جي اڳيان تنهنجي دل سُسِي ٻِليءَ جهڙي ٿيو پوي؟ ٻين سان پهلوانن وانگر سينو ساهين ٿو، پر هن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائين ٿو!

ڪينيٿ: بس سائين، سُتا سُور نه جاڳايو.

امير: تنهنجي سورن جي سڌ اڃا تڏهن پوندي، جڏهن ايڊٿ، سلطان صلاح الدين جو زنانخانو سينگاريندي.

ڪينيٿ: (ڪاوڙجي) خبردار، جي وري اهڙو اکر وات مان ڪڍيو اٿيئي! توهان جو سلطان کڻي سونا پَرَ پائي، ته به جنهن زمين تي ايڊٿ قدم کڻي، تنهن زمين تي سجدي ڪرڻ جو  به لائق ڪينهي.

امير: (شوخيءَ مان) ڳالهائين ڪيئن ٿو؟ هوش ڌار!

ڪينيٿ: (ڍرو ٿي) آءٌ اهوئي تابعدار آهيان، توهان جا ڳڻ وساري، آءٌ هيئن ڳالهايان ئي ڪين ها، پر اوهان هٿ وٺي منهنجو رت ٽهڪايو.

امير: تنهنجي پهلوانيءَ جي مون کي اڳيئي پروڙ آهي. هينئر جڏهن اسين پاڻ ۾ دوستن وانگر آهيون، تڏهن ڪو به گُٿو حرف تو کي وات مان ڪڍڻ نه کپندو هو.

ڪينيٿ: بيشڪ، اسين دوست آهيون.

ايترو چئي، سر ڪينيٿ ماٺ ڪئي. امير کي ڪجهه جوش هو، سو پنهنجي ڪاوڙ روڪڻ لاءِ تنبوءَ ۾ اچ وڃ ڪرڻ لڳو. ڪينيٿ اتيئي بيٺو هو، پر سندس منهن مان ظاهر هو ته پاڻ به پنهنجي غصي تي غالب پئي پيو. امير پوءِ هن سان ٺريو ۽ ٿڌو ڳالهائڻ لڳو.

امير: آءٌ حڪيم آهيان. مون تنهنجي رڳ سهي ڪئي آهي، البت جنهن هنڌ وڻياءُ هوندو، تنهن هنڌ تي حڪيم هٿ رکندو ته بيمار کي ايذاءُ ايندو، پر انهيءَ ايذاءَ ڪري حڪيم کي پنهنجو دشمن سمجهڻ نه گهرجي. تنهنجي دل پرکڻ لاءِ مون ڄاڻي ٻُجهي ايڊٿ جي ڳالهه چوري، پر تون تپي باهه ٿي وئين. هينئر ڳالهه کي ڪيترو به لڪائيندين ته مون کان لڪي ڪين سگهندي، تنهنڪري بهتر صلاح اها آهي ته تون مون سان سچي ڪر ته آءٌ پوءِ تنهنجي درد جو دارون ڪريان.

ڪينيٿ: توهان جهڙي دوست کان آءٌ ڇو لِڪَ ڪريان! سچ پچ آءٌ هن جو طلبگار هوس.

امير: تڏهن چئبو ته هاڻ تون هن جو طلبگار نه آهين؟

ڪينيٿ: هينئر آءٌ هن جي اڳيان ڪهڙو ڪنڌ کڻي سگهندس! پر مهرباني ڪري اها ڳالهه بند ڪريو. منهنجا ڇُٽا ڦٽ چُري پيا آهن. هن جي ڳالهه ڪري منهنجي ڦٽن تي لوڻ نه ٻرڪيو.

امير: مون کي فقط هڪ ڳالهه پڇڻي آهي: تون هڪ رواجي سردار، ۽ هوءَ شهزادي، پوءِ تو اهڙي آس ڪيئن رکي ته هوءَ ڪنهن وقت تنهنجي پُکي پوندي؟

ڪينيٿ: عاشق سدائين آسروند هوندا آهن.

امير: پر هاڻ ته آسون اميدون ڇٽيون؟

ڪينيٿ: هائو، هاڻ منهنجون سڀ اميدون برباد ٿي ويون. هينئر هن جي منهن ڏسڻ کان به يا عمر سڪيس!

امير: هڪواري جي هن جو ديدار تو کي نصيب ٿئي ته پوءِ؟

ڪينيٿ: پوءِ مون جهڙو بختاور ٻيو ڪير ٿي سگهندو!

امير: ڀلا، رچرڊ بادشاهه وٽ وري آبروءَ واري درجي ملڻ جي اميد اٿيئي؟

ڪينيٿ: هن حڪم ڪيو آهي ته آءٌ ڀُلئي ڀُلائي به وري سندس منهن تي نه چڙهان، پوءِ هن وٽ آبروءَ واري درجي ملڻ جي مون کي ڪهڙي اميد هوندي؟

امير: جيڪڏهن تون هن کي سندس جهنڊي جو چور ڳولي ڏين ته پوءِ جيڪر تو کي وري اڳي جهڙي عزت ڏئي، يا نه؟

ڪينيٿ: پوءِ اڻپڇو ڏيندو، پر مون کان اول اهو چور لڀي ڇو ٿو؟

امير: آءٌ اها طلب به ڄاڻا.

ڪينيٿ: اهڙي حڪمت به هلايو ته ٻيو مون کي ڇا گهرجي؟

امير: هاڻ جڏهن اهڙو آتو آهين، تڏهن آءٌ تو کي جيڪا صلاح ڏيان ٿو سا مڃُ. تنهنجو تازي ڪتو هينئر بلڪل چڱو ڀلو آهي. پنهنجي طلسم جي وسيلي هن کي موت جي چنبي کان ڇڏايو اٿم...

ڪينيٿ: ٺهيو ٺهيو، مون سمجهو ته اوهين ڇا ٿا چئو. آءٌ موڳو چئبس، جو مون کي اها ڳالهه پاڻمرادو خيال ۾ نه آئي.

امير: هينئر به ويل ويئي ڪانهي. رچرڊ جي ڇانوڻيءَ ۾ تنهنجو ڪو واقف هجي ته انهيءَ وٽ پنهنجو ڪتو موڪل. ڪتي کي ڌڻيءَ تيز حواس ڏنا آهن. جنهن جهنڊي چورائڻ مهل کيس زخميو هوندو، تنهن کي اڻپڇو سڃاڻندو.

ڪينيٿ: برابر، پر ڪتي کي موڪليان ڪنهن وٽ؟ هائِي-ڌائِي هڪ سردار، جنهن سان ڪتو هريل هو، سو سڪاٽلنڊ روانو ڪري ڇڏيم. مون کي جنهن مهل جلاد جي حوالي ٿي ڪيائون،تنهن مهل هن کي پنهنجن مائٽن نياپا نڙا ڏيئي روانو ڪري ڇڏيم. هاڻ منهنجو ڪتو مون کان سواءِ ڪنهن کي به اوڏو اچڻ نه ڏيندو.

امير: چڱو، ڪتي کي پاڻ سان وٺي وڃ.

ڪينيٿ: بادشاهه مون کي ڏيس-وٽو ڏيئي، تڙي ڪڍيو، پوءِ سندس ڇانوڻيءَ ۾ موٽي ڪيئن وڃان؟

امير: تون ته ڏاڍو ڪو زوراور ٿو ڏسجين! آءٌ تنهنجي توڙي تنهنجي ڪتي جي شڪل اهڙي ڪري ٿو ڇڏيان، جو حرام ڪو اوهان کي سڃاڻي سگهي. آءٌ امير مان ڦري حڪيم ٿي هليس، ته خود تون به مون کي ڪين سڃاڻي سگهئين. تنهنجي به صورت اهڙي بدلائي ڇڏيندس، جو تنهنجا ورهين جا واقف به تو کي ڪين سڃاڻي سگهندا.

ڪينيٿ: تڏهن ڀلائي ڪري دير نه ڪريو. هتي مون کي هڪ هڪ گهڙي وڌي ورهيه ٿي لڳي آهي.

امير: آءٌ تيار آهيان، پر هڪڙو شرط اٿيئي سلطان صلاح الدين جو هڪ رقعو ايڊٿ کي رسائيندين؟ سر ڪينيٿ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.

امير: منجهيو ڇو آهين؟ نياپي پهچائڻ ۾ ڊپ ٿو لڳي ئي ڇا؟

ڪينيٿ: ڊپ! نياپي پهچائڻ ڪري جي مون کي قتل ڪري ڇڏين، ته به آءٌ جيڪر پرواهه ڪين ڪريان. آءٌ رڳو هن ويچار ۾ آهيان ته اها ڳالهه منهنجي شان وٽان ٿيندي، جو آءٌ اهڙو رقعو رسايان؟ خود ايڊٿ کي شايد اها ڳالهه ڪين وڻندي ته ڪو مسلمان حاڪم کيس نياپا موڪلي. نه ته، پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي ڪو به ناجائز ڪم ڪرڻو ڪونهي. جيڪڏهن اهو نياپو نالائقيءَ جو هوندو ته آءٌ هر گز ڪين پهچائيندس.

امير: خبر نه آهي ته توکي ڪهڙا گمان پيا پون. آءٌ قسم کڻي ٿو چوان ته ڪنهن به قسم جي نالائقي ڪرڻ اسان جي ڪتي جو به وڙ نه آهي، پرائي نياڻي، سا به شهزادي، تنهن کي سلطان صلاح الدين جهڙو رڄ چڱو مڙس ڪيئن گٿل حرف لکندو؟

ڪينيٿ: هاڻ بس، توهان جي زبان تي مون کي ڪلي اعتبار آهي. هاڻ وقت نه وڃايو، منهنجا چاڪ پيا چڪن، انهن جي ڇٽائڻ جو ڪو حيلو ڪريو.

امير پوءِ هن کي پنهنجي تنبوءَ ۾ وٺي ويو. کيس چمڙا پوش ڪرائي، اهڙا رنگ هنيائينس، جو هو سڃاڻڻ کان ٻاهر ٿي پيو.

ويچارو ڪينيٿ! ڪيڏانهن سندس اڳوڻو عهدو ۽ اقبال، ڪيڏانهن سندس جلاد جي حوالي ٿيڻ ۽ پوءِ موت جي چنبي مان ڇٽي، هڪ مسلمان جو غلام ٿيڻ! پر شڪر جو وري به آزادگي مليس. هينئر رچرڊ بادشاهه جي راضپي هٿ ڪرڻ ۽ پنهنجي محبوب جي منهن ڏسڻ لاءِ پنهنجا هي حال ڪيا اٿس، جو  حبشي غلام جهڙي شڪل بنائي اٿس! هاڻ ڏسجي ته قسمت هن کي ڇا ٿي ڏيکاري!

 

باب چوڏهون

 

ڪتي جي ڪارروائي

سر ڪينيٿ جي سائينءَ سڻائي ڪئي، ڀاڳ اهڙو ڀڙايس جو پهرينءَ سٽ رچرڊ بادشاهه جي جان بچائڻ جو وجهه مليس ۽ ايڊٿ تائين وڃڻ جو به آسرو ٿيس.

سر ڪينيٿ حبشيءَ جو روپ بنائي، رچرڊ وٽ ويو ته هن پهريائين ڪين سڃاتس، پر پوءِ جڏهن زخم واري هنڌ چوسيندي ٻانهن تان ڪارنهن صفا لهي ويس. تڏهن شڪ پيس ته هيءَ ڪينيٿ آهي. وري ايڊٿ ڏي وڃڻ لاءِ اجازت گهريائين ته بادشاهه کي هيڪاري پڪ ٿي ته ڪينيٿ اهو ئي آهي. اها ڳالهه حال دل ۾ رکيائين. هن کي اول اهوئي اونو هو ته جهنڊي جو چور ڪيئن به ڳولي هٿ ڪجي.

ٻئي ڏينهن رچرڊ بادشاهه سينٽ جارج جبل تي پنهنجا وزير ۽ مقرب وٺي وڃي بيٺو، ضحاڪ حبشي به پنهنجي شاندار ڪتي سميت اتي حاضر هو. رچرڊ جي راڻي، ايڊٿ ۽ ٻيون وڏ گهراڻيون عورتون هڪ خلاصي هنڌ جدا بيٺيون هيون. سگهوئي يورپ جا شهزادا وڏي تجمل ۽ تومان سان پنهنجا پنهنجا لشڪر وٺي آيا ۽ درجي وار انگلنڊ جي جهنڊي اڳيان ڪنڌ جهڪائي لنگهيا. رچرڊ بادشاهه کي هيڏي آبرو ٿي ملي، سو ٽڙيو پئي. جڏهن آسٽريا جي ڊيوڪ جو جهنڊي وٽان لنگهڻ جو وارو آيو، تڏهن بادشاهه ضحاڪ حبشيءَ کي چيو: پنهنجو ڪتو اڳيان ڪري جهل، ته جيڪي هينئر جهنڊي وٽان لنگهڻا آهن، تن جا منهن چڱيءَ طرح ڏسي سگهي. حبشيءَ ڪتي کي ڇڪي اڳڀرو ڪيو. آسٽريا جي ڊيوڪ کي دل ڪري اها ڳالهه نٿي وڻي ته ڪو رچرڊ بادشاهه کي ايتري آبرو ڏجي، پر ٻين سان گڏ ٻول ۾ ٻڌل هو، تنهنڪري بڇڙو منهن ڪري جهنڊي وٽان نئڙي لنگهيو. بادشاهه هر گهڙيءَ حبشيءَ ۽ سندس ڪتي ڏي پئي نهاريو، پر ٻيئي ماٺ ڪريو بيٺا هئا. اتي بادشاهه خارن وچان حبشيءَ کي چيو: اسان ڀانيو ٿي ته هن وقت تون ڪو ٻوٽو ٻاريندين، جنهنڪري اسان جو ججهو راضپو هٿ ڪندين، پر اسين تو ۾ ڪو به افعال ڪو نه ٿا ڏسون! ٻيئي موڳا ڀتر ٿي بيهي رهيا آهيو، ۽ ڪو سوجهرو ڪو نه ٿا ڪريو. ضحاڪ ڪنڌ جهڪائي، اڳي کان به وڌيڪ خبردار ٿي بيٺو.

سگهوئي مانسٽيريٽ جو مارڪئس، ڏاڍي ٺٺَ سان پنهنجي لشڪر سميت جبل ڏانهن وڌندو آيو. هن کي پريان ايندو ڏسي، ڪتو نوچ ٻڌي ويهي رهيو. اڃا مارڪئس جهنڊي وٽان ڪنڌ نئڙائي ٿي لنگهيو ته ڪتي ڇٻي ڏيئي پاڻ ڇڏايو، ۽ اُڇانگ ماري گهوڙي تي چڙهيل مارڪئس مٿان وڃي پيو! مارڪئس جا حوصلا خطا ٿي ويا، سو اُونڌو ٿي گهوڙي تان ڪِريو. ڪتي پوءِ به ڪين ڇڏيس، ڪنڌ ۾ چڪ هڻي، چڪين ماس ڇنڻ لڳس.

حقيقتئون جهنڊي جو چور اهو مارڪئس هو. سر ڪينيٿ ڪوڙي نياپي تي ايڊٿ ڏانهن ويو، ته هيءُ پٺيان ڪتي کي زخمي ڪري، جهنڊو کڻي ويو هو. ڪتي هن کي پورو سڃاتو هو، تنهنڪري هيڏي ڪٽڪ مان رڳو انهيءَ تي اُلر ڪري ويو هو ۽ هاڻ ڇيڇلايائينس پئي. اتي ڪيترن رڙ ڪئي: واهر ڪريو، نه ته راهه ويندي مڙس ٿو مارجي. رچرڊ چيو: راهه ويندي ڪو نه ٿو مارجي، جهنڊي چورائڻ مهل ڪتي سان جهڙي جٺ پاڻ ڪئي هئائين، تهڙي هينئر هو ساڻس ٿو ڪري، وارا ڄمارا آهن، اتيئي ڪر، اتيئي لوڙ! پر ضحاڪ، ڪتي کي سگهو قابو ڪر، متان اتيئي ماس پٽي پورو نه ڪري ڇڏيس.

بادشاهه جو حڪم مڃي، حبشيءَ وڃي ڪتي کي ڀاڪر وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪتو هٿ ۾ ئي نه اچيس، نيٺ جيئن تيئن ڪري ڇڏايائينس، ۽ زنجير ۾ قابو ڪرايائينس. ڪتي پوءِ به پئي بُلَ ڏنا، ۽ مارڪئس ڏي شوڪجي زور سان پئي ڀونڪيائين. اتي مارڪئس جا ساٿي اچي مٽيا. رچرڊ کي چيائون، هيءُ حبشي ۽ سندس ڪتو هن گهڙيءَ قتل ٿيڻ گهرجن. رچرڊ نهايت ڀڀڪي ۽ بلند آواز سان چيو: هن ڪتي پنهنجي فرض ادائي پوريءَ ريت ڪئي، تنهنڪري هن جي وار جو جيڪو نالو ڳنهندو، تنهن کي اُڦٽ ماري وجهبو. پوءِ مارڪئس ڏي وڌي چيائين: اسين پنهنجي بادشاهي حيثيت ۾ تو تي دغابازيءَ جي تهمت ٿا رکون.

مارڪئس پننجي حال ۾ حيران هو، ويتر هينئر جو بادشاهه دغابازيءَ جي تهمت ڌريس، سو جيئن تيئين ڪري ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين: مون جهنڊي کي هٿ به ڪو نه لاتو. بادشاهه چيس: تون پاڻ کي پاڻيهي چور ثابت ٿو ڪرين. اسان فقط توتي دغابازيءَ جي تهمت رکي، جهنڊي جو نالو ڪو نه ورتوسين، پر تو چور کي پنهنجي چوري سجهي آئي، تنهنڪري پاڻمرادو جهنڊي جو نالو وات مان ڪڍيو اٿئي. اتي گرئنڊ ماسٽر جي زبان چُري ۽ ڪي جي ڪي ڳالهائڻ لڳو. ٻيا شهزادا به رچرڊ تي شوڪجي ڦوڪجي آيا، ۽ ڄِڀَ ڪڍي ڪلهي تي رکيائون. معاملو مچي ويو. ڳالهه الائجي ڪٿي وڃي بيهي ها، پر فرانس جي بادشاهه وچ ۾ پئي، سڀني تي ٿڌو ڇنڊو وڌو. هنن کي چيائين: هن وقت هڪٻئي جي گلي ڪپڻ لاءِ ڪمر نه ڪشو، ڪلاڪ کن کان پوءِ درٻار ۾ گڏباسين، اتي ٿڌي سيني سان انهيءَ ڳالهه جو آچار ڪنداسين. سڀني کي اها صلاح آئڙي، تنهنڪري هر ڪو ٽڙي پکڙي ويو.

ڪلاڪ کن کانپوءِ، شهزادن جو ميڙ مڙيو. سڀني کي رچرڊ ۾ باهيون هيون. ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو ته سڀ مانسٽيريٽ جي مارڪئس جو پاسو وٺي، رچرڊ کي ڀريءَ سڀا ۾ بيمانو ڪندا. سڀ شهزادا پنهنجي پنهنجي جاءِ وٺي ويٺا ته رچرڊ به آيو. هن کي منهن ۾ اهوئي شور هو. هن اچڻ سان مارڪئس کي اڀري ورتو ۽ چيائينس: تون جهنڊي جو چور آهين، ۽ سرڪينيٿ جي وفادار ڪتي کي به تو زخميو آهي. مارڪئس ڇوٽ مان چيس: اها تهمت ڪوڙي ۽ بيهودي آهي. اتي فرانس جو بادشاهه وري وچ ۾ پيو. رچرڊ کي چيائين: پيارا ڀاءُ، اوهان کي اکين ڏٺي ڪابه ثابتي ڪانهي. ڪتي پنهنجي نيچ سڀاءُ ڪري ڪنهن کي ڏاڙهيو ته اهو چور ٿي پيو ڇا؟ انصاف اوهان جا به نه وڃائبا، جو هڪ شهزادي تي چوريءَ جي تهمت ڌرڻ لاءِ، ڪين جهڙي ڪتي جي شاهدي ٿا واريو!

رچرڊ پنهنجي تي ٿي بيٺو. فلپ کي چيائين: اسان جا شاهاڻا ڀاءُ، ڪتي کي ڌڻيءَ تيز حواس بخشيا آهن ۽ هو سڄڻ توڙي ڌُڄڻ کي پريان ئي سڃاڻي سگهي ٿو. انسان پنهنجي مطلب لاءِ ڪوڙ کي سچ ڪندو ۽ ڳالهه ۾ مرچ مصالح گڏيندو، پر ڪتو انهن ڪڌن ڪمن کان آجو آهي. اوهين هينئر ئي کڻي آزمودو ڪريو. مارڪئس ڀلي ته ويس بدلائي، شهزادن جي سٿ ۾ اچي بيهي ته ڏسو ته ڪتو ڪيئن ٿو ساڻس اڳي جهڙي ڪارروائي ڪري.

شهزادن مان ڪو به رچرڊ سان شامل راءِ نه ٿيو، سڀني جي اهائي مرضي هئي ته ڳالهه اتيئي لئي مٽي ڪري ڇڏجي. رچرڊ چين: جيڪڏهن ڪتي جي شاهدي اوهان کي قبول نه آهي ته ڀلي مارڪئس نڪري ميدان ۾ ٿئي ته اسين ساڻس ليکو لاهيون. فلپ چيو: ڪروسيڊر پاڻ ۾ وڙهندا ته اها وعدي شڪني ٿيندي. سڀني شهزادن فلپ جي راءِ کي ٽيڪو ڏنو. آخر غلبي راءِ، هيءَ رٿ بحال ٿي ته رچرڊ بدران ڪو ٽياڪڙ مارڪئس سان لڙي. اها چٽا ڀيٽي عيسائي حد کان ٻاهر ٿئي ۽ امين به ٽياڪڙ بيهن. رچرڊ چيو: سلطان صلاح الدين هر طرح لائق انسان آهي. اسين انهي کي لکي ٿا موڪليون ته وڙهڻ جي جاءِ ۽ امينن جو بندوبست ڪري ۽ پنهنجي ڇانوڻي مان ڪو جوان مارڪئس سان لڙڻ لاءِ سنبرائي. سڀني اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ مجلس برخاست ٿي.

 

باب پندرهون

 

انجام کي پاڻي

رچرڊ بادشاهه پنهنجي تنبوءَ ۾ اچڻ سان ضحاڪ حبشيءَ کي گهرايو. هو انهي دم سندس حضوريءَ ۾ اچي حاضر ٿيو. اول بادشاهه کي سجدو ڪيائين ۽ پوءِ ٻانهن وانگر ٻانهون ٻڌي، اکيون هيٺ ڪري، ادب سان بيهي رهيو. رچرڊ ڄاتو ٿي ته هي سرڪينيٿ آهي، تنهن ڪري چڱي طرح چتائي پئي نهاريائينس. سر ڪينيٿ کي به شڪ هو ته بادشاهه مون کي سڃاتو آهي، تنهن ڪري اکيون کڻي ڌرتي ۾ کپايون هئائين.

ڪجهه وقت ماٺ هئي، نيٺ بادشاه چيس: ضحاڪ! تو بيشڪ اڄ پاڻ موکيو. تنهنجي ڪتي کي به آفرين آهي، جو جهنڊي جي چور سان جبري جٺ ڪيائين، پر اڃا اسان جي دل وٽان ڪم نه ٿيو آهي. هاڻ تون موٽي سلطان صلاح الدين ڏي وڃ. انهي صاحب کي لياقت ۽ فضيلت جا اسان جا دعا سلام گهڻا ڏج ۽ چئجانس ته ڪو اهڙو سٺو هنڌ صفا ڪرائي ڇڏي، جتي ٻه ڄڻا سولائي سان دوبدو لڙي سگهن. ائين به چئجانس ته اسين گهڻو خوش ٿينداسين، جيڪڏهن پاڻ به انهي چٽا ڀيٽي ڏسڻ لاءِ اسان سان اچي شامل ٿيندو. وري اٽڪل سان ڏانهن اشارو ڪري چيائين: اسين سمجهون ٿا ته سلطان جي ڇانوڻي مان تون اهڙو ڪو جوڌو جوان هٿ ڪري سگهندي، جو سچ جي صدقي ۽ اسان وٽ پنهنجي آبروءِ وڌائڻ لاءِ دغاباز مارڪئس سان لڙي، هن جو ميڄالو ڀڃندو.

سرڪينيٿ ڪنڌ مٿي کڻي، بهادرن وانگر بادشاهه ڏي منهن ڪيو ۽ پوءِ اکين ۾ پاڻي آڻي آسمان ڏي نهاريائين، ڄڻ ته ائين ٿي چيائين ته ڌڻي شل اهو ڏينهن ڪندو، جو آءُ اوهان جو راضپو هٿ ڪندس، جنهن ڪري منهنجي من جا مطلب پورا ٿيندا!، بادشاهه چيس: اسين تنهنجو مطلب سمجهون ٿا: تو ۾ ججهو آسرو اٿئون، تنهن ڪري پنهنجي ذات ڀاين کي ڇڏي مارڪئس جي منڍيءَ ڀڃڻ جو ڪم توتي رکيو اٿئون.

پر اول ٻڌاءِ ته ايڊٿ وٽان ٿي آيو آهين؟

ضحاڪ پهريائين زبان سان چيو ٿي ته نه، پر اتيئي پاڻ سنڀالي، گونگن وانگر ڪنڌ سان ناڪار ڪيائين. بادشاهه عجب وچان چيو. مار! ايڊٿ ۾ ايڏي ڪرامت آهي، جو رڳو سندس نالي ڳنهڻ سان گونگي جي زبان ٿي هلي!، اڃا جي ڏسندس ته سندس اکيون شايد مٿس وڌيڪ جادوءَ جهڙو اثر ڪنديون. پيارا غلام، اڄ اسان کي اهو آزمودو لهڻو آهي. تون ڀلي ايڊٿ تائين وڃ ۽ جيڪو نياپو هن کي پهچائڻو هجيئي سو پهچاءِ.

ايڊٿ وٽ وڃڻ جي اجازت ملڻ ڪري سرڪينيٿ نهايت سرهو ٿيو. بادشاهه جي شڪر گذاريءَ ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيو، جنهن مهل موٽي سنئون ٿي بيٺو، تنهن مهل بادشاهه زور سان ڪلهي کان جهلي، حشمت سان چيس: وفادار غلام، اسين توکي هڪ فرمان ڏيئي ٿا ڇڏيون، سو ياد رکج. هن وقت تون گونگو آهين، پر ايڊٿ کي ڏسندي جيڪڏهن تنهنجي زبان کلي پوي ته به هڪڙو اکر به هن سان نه ڳالهائج. زبان مان رڳو هڪڙي ٻڙڪ ڪڍندين ته تنهنجي ڄڀ پاڙئون پَٽائي ڪڍنداسين، تنهن ڪري سياڻو ٿي، سانت ۾ رهج. تون غلام آهين، تنهن ڪري توکي ايترو تاڪيد ڪيو اٿئون، جيڪڏهن جنگي سردار هجين ها ته پوءِ پنهنجي خاطريءَ لاءِ توکان رڳو قول وٺي ڇڏيون ها، جو بهادر سردارن جي زبان ئي بس آهي.

اتي حبشيءَ پنهنجي ڇاتيءَ تي اهڙي طرح هٿ رکيو، جو ڄڻ ته حڪم جي بجاوريءَ ڪرڻ جو انجام ٿي ڪيائين. بادشاهه پوءِ سرهينريءَ کي سڏي چيو: هن غلام کي ايڊٿ تائين پهچاءِ. هن کي، اسان ساڻس خلاصي ملاقات ڪرڻ جي موڪل ڏني آهي. ايڊٿ جي جاءِ جي ڏٺل نه هجيس ته تون ڏيکارجانس، جيتوڻيڪ حاليل ڀاليل ته اڳيئي پيو ڀانئجي پر ڀلي تون گڏيو وڃينس. وري سرڪينيٿ ڏي منهن ڪري چيائين: پنهنجو ڪم لاهي، جلد موٽج، اڌ ڪلاڪ جي اندر هتي آيو گهرجين. سر ڪينيٿ بادشاهه کي سجدو ۽ سلام ڪري، سرهينري، سان گڏجي هليو ويو. دل ۾ سمجهي رهيو هو ته آءُ پڪ پڌرو ٿيو آهيان پر هاڻ ايترو ڏسجي پيو، بادشاهه جي ڪاوڙ مون ڏانهن ڍري آهي. هينئر مون کي پاڻ موکڻ جو وجهه ڏنو اٿس، جيڪڏهن مارڪئس جي سيخ پچايم ته پوءِ منهنجو اڻپڇو مان ٿيندو. جهنڊي جو چور برابر اهو ئي آهي. چور جي شڪل ٿي پڌري!، منهنجي ڪتي کي به اڻپڇو انهي ئي زخميو هو. پيارا وسوال، تو ايمان جي سلامتيءَ سان منهنجي خذمت ڪئي آهي، تنهنجي ئي مدد سان آءُ سچي چور ڳولي لهڻ ۾ فتحمند ٿيو آهيان، انهي جو اجورو اهو مليو اٿم، جو جنهن جي ديدار ماڻڻ جو ڪو به آسرو ڪو نه هو، تنهن وٽ وڃڻ جي اڄ اجازت ملي اٿم. وري اتيئي ڪو خيال آيس، سو دل ۾ چوڻ لڳو: هن وقت مون کي اهوئي عجب آهي ته رچرڊ جهڙي بادشاهه مون کي اهڙي اجازت ڏني ڪيئن!، جنهن کي پاڻ وٽان تڙي ڪڍيائين، تنهن تي اهڙو آڇپو ڪيئن ڪيائين، جو هن کي پنهنجي سئوٽ وٽ وڃڻ ڏنائين! جيڪڏهن مون کي سڃاتو اٿس، ته به عجب جي ڳالهه آهي، جو رچرڊ بادشاهه هڪ حبشي غلام کي پنهنجي سئوٽِ وٽ وڃڻ ڏئي، ۽ اها به اجازت ڏئيس ته ڀلي هڪ مسلمان سلطان جو هن کي نياپو پهچائي! ته ٻيلي، هن ڳالهه ۾ ضرور ڪو ڀيد آهي. لاشڪ منهنجي آزمائش ٿي ٿئي. هاڻ جنهن صورت ۾ مون سان ايڏو وڙ ڪيو اٿس، جو مون کي ايڊٿ وٽ وڃڻ جي موڪل ڏني اٿس، تنهن صورت ۾ مون تي به ڏنڊ آهي، ته آءُ هن جي حڪم جي پوريءَ طرح بجاوري ڪريان. پنهنجي ويل آبرو هٿ ڪرڻ جو اهڙو داءُ مون کي وري مشڪل ملندو، چوندا آهن ته تر جي گٿي سئو چوٽون کائي. هينئر جي هن جو امر اورانگهيندس ته پوءِ يا عمر ايڊٿ جي منهن ڏسڻ کان سڪندس. وري اتيئي ڪا غيرت آيس سو دل ۾ چوڻ لڳو: اڄ آءُ ايڊٿ جي اڳيان ڪيئن ڪنڌ کڻي سگهندس!، جنهن جي اڳيان مون پنهنجي سورهيائي ڏيکاري، هن جي هٿن مان هار ۽ ٻيا انعام ٿي ورتا، تنهن جي اڳيان ههڙي بڇڙي بدوءَ جهڙي شڪل کڻي، غلامن وانگر وڃي بيهان ۽ پرائو پيغام وڃي هن کي پهچايان! افسوس، اڄ نه ڪرڻ جهڙا ڪم مون کي ڪرڻا پون ٿا، پر وري شڪرانو ڌڻيءَ جو! مالڪ جي ايڏيءَ مهر جو لائق ئي ڪو نه هوس، هيلتائين منهنجي ڍڪ پردي سان رهجي آئي آهي ۽ آئيندي به مٿس ننگ آهي، اهڙي طرح ويچار ڪندو، هيءُ اچي راڻيءَ جي تنبوءَ وٽ پهتو.

راڻي جي تنبوءَ اڳيان چوڪيدار پهري تي بيٺا هئا. سرهينري کي ڏسي، هن کي عزت ڏيڻ لاءِ پنهنجا هٿيار هيٺ ڪيائون. سگهوئي راڻي تائين نياپو ويو ته رچرڊ بادشاهه هڪ حبشي غلام کي ايڊٿ سان خانگي ملاقات ڪرڻ جي موڪل ڏني آهي. ڳالهه ٻڌڻ سان راڻي ۽ سندس سهيلين ۾ اچي ٽهڪڙو پيو. کلي کلي کيريون ٿي ويون، آخر ايڊٿ تائين اها ڳالهه وئي. ايڊٿ هڪ چانديءَ جي بتي کڻي، اڳئين ڪمري ۾ اچي ويٺي، کيس اُهيئي ڪارا ڪپڙا پيا هئا، جي بادشاهه سان ملاقات ڪرڻ مهل ڍڪيا هئائين. سگهوئي سرڪينيٿ کي سڏ ٿيو. هن اندر گهڙڻ سان پنهنجي پياري اڳيان سجدو ڪيو ۽ غلامن وانگر ٻانهون ٻڌي بيٺو. ايڊٿ پنهنجي بتي هن جي ويجهو جهلي. هن جو منهن چتائي ڏسڻ لڳي. پوءِ بتي پاسيري ڪري، ڏاڍي ڏک مان چيائين: تون آهين؟ ستل چيتي واري سرڪينٿ جا هي حال! پنهنجي دلربا کي ڏک ۾ ڀريل ڏسي، سرڪينيٿ هن سان پنهنجا سور ٿي سليا پر اتيئي رچرڊ بادشاهه جو فرمان ۽ هن سان ڪيل قول ياد ڪري، گونگو ٿي بيهي رهيو. حال پنهنجي دل کي انهي خيال سان خوش ڪيائين ته هن اٻالي حال تي منهنجي مٺڙيءَ ايترو ارمان ظاهر ڪيو ته اهو انعام مون لاءِ ڪو ٿورو ڪونهي. هو پوءِ ٿڌو ساهه کڻي ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيو.

ايڊٿ چيس: جنهن مهل انگلنڊ جي نئين جهنڊي وٽ بادشاهه جي ڀرسان بيٺو هئين تنهن مهل مون سهي ڪيو هو ته اهو تون آهين. تنهنجي ڪتي کي به پريائين سڃاتم. تون پنهنجي صورت ڪيترو به کڻي بدلائين، پر جا تو وريام جي پوريءَ طرح واقف هوندي سان توکي ڪيئن نه سڃاڻندي؟، جنهن ايڊٿ توکي اعلى درجي ۾ ڏسي عزت ٿي ڏني، سان هن ادنى حالت ۾ توکي اهائي عزت ڏيندي. هيرو جي اتفاق سان مٽيءَ ۾ ڪري پوندو ته ڪو ملهه گهٽجي ڪو نه ويندس. پر ڇو، اڃا ڪڇين ڪو نه ٿو؟ ڊپ ٿو ٿئي يا لڄ ٿي اچيئي؟ تو جهڙي جوڌي وٽ ڊپ جو ته نالو به نه هئڻ گهرجي. باقي لڄ پاڻ انهي کي اچڻ گهرجي، جن تو سان ههڙو ناحق ڪيو آهي.

رچرڊ بادشاهه سان سرڪينيٿ انجام ڪري آيو هو ته ايڊٿ سان اکر به ڪين ڳالهائيندس. هن کي هينئر پنهنجي انجام کي پاڻي ڏيڻو پيو. قول تي قابو رهي هن هڪ حرف به ڪو نه ڪڇيو، باقي اندر ۾ ڏاڍو لڇيو. ڏک وچان شوڪارو ڀريائين ۽ آڱر کڻي چپن تي رکيائين.

ايڊٿ کي اهي گونگن وارا اشارا ڪين وڻيا. هوءَ رنج ٿي، هٽي پري ٿي ۽ چيائين: هيءُ ڇا؟ مون ائين نه ٿي ڀانيو ته تون هيئن پورو پورو غلام بڻجي پوندي! آءُ زال ماڻهو ٿي توسان ڳالهايان ۽ تون مرد ماڻهو ٿي هيئن چپن کي چنو هڻي بيهين! تڏهن مون نسبت تون الائجي ڇا سمجهندو هوندين، آءُ ڪا لرلجي نه آهيان. ننگ ناموس آءُ ڄاڻان ٿي ۽ مرجاتا جو ليڪو به سڃاڻان ٿي. منهنجي ئي ڪري تو سختيون سٺيون آهن، تنهن ڪري تنهنجي شڪر گذاري ڪرڻ لاءِ مون حجاب لاهي، تنهنجو آدر ڪيو.

سرڪينيٿ ارمان وچان هٿ مهٽڻ لڳو. ايڊٿ چيس: اڃا ٻانهون ٻڌي ڇو بيٺو آهين؟ هيئن هٿ ڇو پيو مهٽين؟ رڳو ڪنڌ ڇو پيو ڌوڻين؟، وات ۾ مڱ پيا اٿيئي ڇا؟ اهڙا منڊ چڙهيا اٿيئي جو هڪ حرف به زبان مان نٿو اڪلئي! متان سچ پچ يوناني ڪاسائين تنهنجي ڄڀ ڪپي ڪڍي آهي! آءُ ته سمجهي نٿي سگهان ته تنهنجا گهٽ جو گهٽيا آهن پر ٺهيو هاڻي مون کي توکان ڪو وڌيڪ سوال پڇڻو ئي ڪونهي، تون جنهن ڪم لاءِ آيو هجين، سو چئو؟ تون گونگو ٿيو آهين، آءُ به گونگي ٿي ڄاڻان ٿي.

سرڪينيٿ هن کي هيترو خفي ٿيڻ ڏيئي ڪين ها، پر هو ٻول ۾ ٻڌل هو. اشاري ۾ پنهنجي بيڪسي ۽ لاچاري ظاهر ڪيائين پوءِ ڪيمخواب ۾ ويڙهيل خط ڪڍي ڏنائينس، ايڊٿ خط کولي، مٿاڇرو پڙهيو ۽ پوءِ پاسيرو رکي چيائين: خط پهچائيندي به هڪ اکر وات مان نٿو ڪڍين؟ اتي هيءُ عشق جو ڪٺل بيقرار ٿي پنهنجو نصيب پٽڻ لڳو ۽ اهڙي ڏيکاري ڏنائين جو ڄڻ ته سندس حڪم نه مڃڻ ڪري اندر ٿي اڌ ٿيس. ايڊٿ ساڙن وچان منهن کڻي ڦيرايو ۽ چيائينس: چڱو، ڀلي ڪري آئين. تون نٿو ڳالهائين ته مون کي به توسان ڳالهائڻو ڪونهي. ائين نه سمجهجانءِ ته آءُ ڪا ڳڻ چور آهيان، منهنجي ڪري تون بيمانو ٿيو آهين، ته اڄ تنهنجي ههڙي هلت ڪري منهنجو به مان ڪو نه رهيو آهي. مون پنهنجو شاهاڻو شان ڇڏي، تو سان ڳالهايو پر تو منهنجي عزت نه رکي. جنهن ڪري هينئر آءُ پاڻ کان پاڻيهي ڦڪي پئي لڳان. ٺهيو تو منهنجي آبرو ورتي سا ورتي، هاڻي پنڌ پئو! سرڪينيٿ وڌي پيرن تي ڪري پيس. هوءَ  هٽي پري ٿي ۽ چيائينس: ڌڻي توکي تنهنجي نئين درجي جو ئي لائق بنايو آهي. ايتري ساڃهه ناهي رهي، جو رڳو شڪرگذاري جو هڪ حرف وات مان ڪڍين!، اڃا بيٺو آهين، هاڻ منهنجي منهن تان ٽري وڃ!

سرڪينيٿ لڙڪ لاڙي، خط ڏي اشارو ڪيو، ڄڻ ته چيائين ٿي ته جواب لاءِ ترسيل آهيان، ايڊٿ ساڙن وچان طعني طور چيو: مون کي وسري ويو ته وفادار غلام جواب لاءِ ترسيل آهي. هن پوءِ تڪڙ ۾ خط پڙهي، ڦاڙي ڦٽو ڪيو ۽ انهي ڦاٽل خط مٿان زور سان لت هڻي چيائينس: اهو اٿيئي جواب!، جڏهن خاوند جي پٽ توتان لهي ۽ زبان اڪليئي تڏهن ٻڌائجانس ته مون سندس خط جا ڪهڙا حال ڪيا. ائين چئي، هوءَ تڪڙي تڪڙي هلي ٿي وئي ته سرڪينيٿ نماڻن وانگر هن جي پلاند کي چنبڙي پيو. هن ڇٻي ڏيئي پاڻ ڇڏايو ۽ منهن ۾ گهنڊ وجهي چيائينس: پنهنجي سلطان کي وڃي چئو ته آءُ اهو سڱ اهڙو قبوليان، جهڙو تو نالائق جي هينئر قدمبوسي ٿي قبوليان، تون دلاورن جي دفعي مان ئي نڪري ويو آهين! تنهن ڪري هينئر توسان وڌيڪ ڳالهائڻ ئي عيب آهي، ائين چئي، هوءَ منهن ۾ شور وجهي هلي وئي ۽ هيءُ عاشق ارمان وچان هٿ مهٽيندو رهجي ويو.

هيءَ سڀ وقت سر هينري سندس لاءِ ٻاهر ترسيو بيٺو هو. هينئر هن سڏ ڪيس، هن عاشق جو هتان پير ئي نٿي کڄيو، پر جيئن تيئن ڪري چرندو ٻاهر نڪتو. سر هينري يڪدم بادشاهه وٽ وٺي ويس، جنهن وري خط ۽ سوغاتن سان سلطان صلاح الدين ڏي روانو ڪيس.

 

باب سورهون

 

مخالف ڌر جي مهماني

رچرڊ بادشاهه جي نياپي پهچڻ شرط، سلطان صلاح الدين هر طرح جون تياريون ڪيون، جنهن تلاءَ وٽ سرڪينيٿ ۽ امير شير ڪوهه پهريون ڀيرو گڏيا هئا، تنهن جي نزديڪ هن هڪ شاهي ميدان سرکنڊ جهڙو ڪرائي ڇڏيو. هرطرف مشڪ ۽ عطر جي هٻڪار ڪري سارو ميدان خوشبودار ٿي ويو، چٽا ڀيٽي ڏسندڙن لاءِ عمديون جايون جڙي ويون، يورپ جي شهزادن لاءِ ريشمي تنبو کڙا ٿي ويا. غاليچا ايراني ۽ شطرنجون شامياني زمين تي فرش ٿي ويون. سرود خاني ۾ طائوس، مرڌنگ، چنگ ۽ ٻيا ساز موجود ٿي ويا. ڪلاونتيون خوش آواز گلي-باز حاضر ٿيون، جڏهن ته سڀ بندوبست ٿي رهيا، تڏهن رچرڊ بادشاهه کي چوائي موڪليائين ته هاڻ بلاشڪ هليا اچو.

ٻئي ڏينهن رچرڊ بادشاهه ۽ ٻيا شهزادا ڪيترا چنگي جوان سان وٺي ڏاڍي طولان ۽ تومان سان سلطان جا مهمان ٿي آيا. هنن کي پريان ايندو ڏسي سلطان پنهنجي لشڪر کي سندن مرحبا لاءِ سام ڏني. حڪم صادر ٿيڻ سان توتاڙيون شرنايون، دهل ۽ نغارا وڳا. سلطان پاڻ به چڱو ٺهي ٺڪي بيٺو هو. مٿي تي دستار زريدار، بت تي جُبو  زري ڪنار، چيلهه سان ترار جوهردار، ٽنگن ۾ اڇي ريشمي شلوار پائي بيٺو هو، جنهن وقت هو گهڻو ويجهو آيا، تنهن وقت هيءَ وڌي، سندن استقبال لاءِ ويو. هي ٻئي مخالف ڌريون هينئر چت مان چائت ڪڍي، هڪٻئي کي ڀائرن کان به وڌيڪ حب ۽ قرب ڏيکارڻ لڳيون. سلطان جي هيتري مهمان نوازي ڏسي، رچرڊ بادشاهه نهايت خوش ٿيو ۽ سندس گهڻي شڪر گذاري ڪيائين. هر هڪ شهزادو ڌار ڌار تنبوءَ ۾ وڃي آرامي ٿيو. شاهي گهراڻي واريون عورتن لاءِ جدا تنبو لڳل هئا، جن ۾ هو پنهنجن سهيلين سميت وڃي سکي ٿيون.

ڪجهه مهل کانپوءِ سلطان وڌي تومان سان رچرڊ بادشاهه سان ملڻ ويو. وري نئين سر هڪٻئي کي خوش خير و عافيت ڪيائون ۽ حال احوال ڏنائون ورتائون. ڳالهين ڪندي حڪيم جي ڳالهه نڪتي. رچرڊ چيس: حڪيم صاحب کي گهرايو ته ساڻس ملاقات ڪجي. سندس لاءِ ڪجهه تحفو آندو اٿئون سو به ڏجي. سلطان اتيئي پوشاڪ بدلائي اڳيان ٿي بيٺس ۽ چيائينس: اجهو حڪيم! اسان کي ته ماٺ ٿي لڳي ته توهان اسان کي هيستائين سڃاتو ئي ڪين هو. بيمار ته حڪيم کي سندس هلڻ مان ئي سهي ڪندا آهن پر اڪثر ائين ٿئي ٿو ته جائين بيمار ڇٽو، تائين حڪيم کي منهن مان ڪين سڃاڻندو.

اتي بادشاهه ڏاڍو ککو وکو ٿيو. سلطان کي چيائين: اسان کي ڳڻ چور ڪري نه سمجهجو. سچي ڳالهه ته اها آهي ته اوهان جي بدليل ويس اسان کي منجهايو. وري عجب وچان چيائين: رڳو پٽڪو ۽ جبو لاهي، ترڪي ٽوپي پاتي اٿوَ ته سلطان مان ڦري حڪيم ٿي پئو!، پنهنجي ويس بدلائڻ سان انصاف ٿا ڪريو! پر هاڻ سمجهيوسين. لاشڪ اوهان جي ئي مهرباني سان سرڪينيٿ موت جي چنبي مان ڇٽو ۽ اوهان جي ئي سيکاريل اٽڪل سان چمڙا پوش ڪري موٽي اسان جي ڇانوڻي ۾ آيو؟.

سلطان: برابر، اسان ڄاتو ته جيسين هيءُ پنهنجي ويل عزت وري هٿ نه ڪندو، تيسين هن کي حياتي زهر ٿي لڳندي. چوندا آهن: مرد مري مانَ کي گيدي مري نانَ کي. هيءُ مڙس مانَ جو بُکيو آهي، اسان هن جو قدر سڃاڻي، هن سان پاڻ ڀَلايو، پر اسان ائين نٿي ڀانيو ته توهين هن کي ڪو اهڙو سٿرو سڃاڻي سهگندئو.

رچرڊ: سچ پچ هن کي سڃاڻڻ مشڪل هو، پر اتفاق اهڙو اچي بڻيو جو اسان سڃاڻي ورتس. اسان جي جان بچائيندي. هن کي هڪ زهري خنجر جو گهڪو ٻانهن تي اچي ويو، اسان يڪدم پنهنجن چپن سان هن جو زخم چوسيو ته انهي هنڌان نقلي رنگ اتري ويو پوءِ ته سڄو قصو سمجهڻ سولو ٿي پيو.

سلطان: هن به سمجهيو ته توهان کيس سڃاتو آهي. تنهن هوندي به سڃاڻپ ڪري پاڻ پڌرو نه ڪيائين.

رچرڊ: کيس خبر آهي ته ساڻس ايتريون ڀلايون ڪنهن ڪيون؟

سلطان: هن پهريائين ڀانيو پئي ته هي سڀ حڪيم جون حڪمتون آهن پوءِ ڀانيائين ته شير ڪوهه امير، جنهن جي ساڻس هن ساڳئي ميدان ۾ ڳچ ڏينهن اڳي ملاقات ٿي هئي، تنهن ساڻس پاڻ  ڀلايو آهي.

رچرڊ: تڏهن اڃا اها خبر ڪانه اٿس ته جنهن کي پاڻ ڪنهن وقت شير ڪوهه امير ۽ ڪنهن وقت حڪيم ٿي سمجهيائين سو حقيقتئون اسان جي لائق دوست سلطان صلاح الدين آهي.

سلطان: اسان اهو پوءِ ٻڌائينداسين. پنهنجي دل جو ڪو مطلب کيس ٻڌائڻو هوسين، تنهن ڪري ساڻس سچي ڪئيسين.

رچرڊ: پاڻ به توهان سان ڪا سچي ڪيائين؟

سلطان: ٻي ته ڪا ڳالهه ڪانه ڪيائين، باقي سندس گفتگو مان اسان سمجهيو ته هيءُ عاشق زار آهي ۽ پنهنجي دلبر جي ديدار ڌاران بيقرار آهي!

رچرڊ: اوهان کي خبر آهي ته جنهن ٻانهن ملڻ لاءِ آتو آهي، تنهن ساڳيءَ ٻانهن بابت ڪن جي رٿ هئي ته اها اوهان سان پرڻائجي؟

سلطان اهڙي کڙڪ به اسان جي ڪن تي پيل آهي.

رچرڊ: تڏهن توهان کي ضرور هن جي اهڙي هلت تان ساڙ لڳا هوندا؟

سلطان: بلڪل نه، هن اڳيئي هرک هاريو هو، تنهن ڪري اول هو حقدار آهي، وقتي ٻيءَ ڌر جي دل جو لاڙو به هن ڏانهن هجي، تنهن ڪري اسان جي پاڻ مرضي ٿي ته ڀلي ته هنن ٻنهي جي من جون مرادون پوريون ٿين.

رچرڊ: پر هن جو عهدو اقبال بلڪ گهٽ آهي. پوءِ اهڙي اميد ڪيئن ڌاري اٿس!

سلطان: انهي ڳالهه تي پوءِ اچبو، هن وقت اسان کي آسٽريا جي ڊيوڪ ۽ مانسٽيريٽ جي مارڪئس سان ملڻو آهي، تنهن ڪري موڪلايون ٿا.

رچرڊ: مارڪئس سان وڙهڻ لاءِ ڪو جوان سنڀرايو اٿوَ؟

سلطان: اهوئي سرڪينيٿ تيار آهي. هن کي ڪيئن به اوهان جو راضپو هٿ ڪرڻو آهي.

رچرڊ: مارڪئس کي ماري مات ڪيائين ته اسان جو راضپو هٿ ڪيائين.

سلطان: رکو ڌڻي تي، سڀ سولي ٿي پوندي! هو پوءِ، بادشاهه کان موڪلائي هليو ويو. هن جي وڃڻ کانپوءِ، بادشاه لاءِ اُچا سٺا طعام ٺهي آيا، جي کائي هو ٻيئي ڏينهن جي چٽاڀيٽيءَ بابت خيال ڪرڻ لڳو.

 

باب سترهون

 

ڌڻي حق وڪيل

ٻئي ڏينهن اڻ اڀرئي جو سڀ شهزادا نهايت شان ۽ شوڪت سان چٽاڀيٽي ڏسڻ لاءِ لڙائي جي ميدان ۾ اچي مڙيا. راڻي، ايڊٿ ۽ ٻين وڏ گهراڻين عورتن لاءِ هڪ خلاصي جاءِ خوب طرح سينگاريل هئي. رچرڊ بادشاهه لاءِ طائوسي تخت تيار هو. تخت جي ٻنهي پاسن کان ٻين شهزادن لاءِ گلن ڦلن سان گديون وڇايل هيون. شهزادن کي گدين تي ويهڻ ڪين وڻيو، تنهن ڪري چيائون ته اسين پنهنجن گهوڙن تي چڙهيا بيٺا هونداسين.

ميدان ۾ پوءِ سڀ ماڻهو صفون ٻڌي بيٺا. هن چٽاڀيٽي ڏسڻ لاءِ ڀروارن ڳوٺاڻن جي دل اُڪاسجي وئي، سي به ڪٿان ڪٿان ڪهي کان آيا، سرڪينيٿ سڀني کان اڳ سنڀري، وچ ميدان ۾ اچي بيٺو پر مارڪئس اڃا پنهنجي تنبوءَ ۾ هو، پنهنجو موت ويجهو سمجهي، هن اينگانڊيءَ واري سنياسي کي پاڻ وٽ گهرايو. ٽيمپلرن جي گرئنڊ ماسٽر کي اڳيئي چورا کورا هئي سو تڳي، سندس تنبوءَ ڏي ويو. ڇا وڃي ڏسي ته مارڪئس ڏوهه – باس ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن اُمالڪ پير هيٺان ٺڪري ڏنيس ته مارڪئس پنهنجو ارادو لاٿو. گرئنڊ ماسٽر سمجهيو ٿي ته هيءُ جي ڏوهه-باس ڪندو ته اهو ڦڪڙ به ڦاڙيندو ته مون بندري ترڪ کي رچرڊ جي قتل ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو هو. پنهنجي ڍَڪ ڍَڪڻ لاءِ هن اول سنياسيءَ کي ڏاڙهي ڏيئي ڪڍيو ۽ پوءِ اچي مارڪئس تي پلٽيو. هن کي گهٽ-وڌ ڳالهائي چيائين: هيئن دل لاهي هٿ ۾ ڇو ڪئي اٿيئي؟، مڙس ٿي هلي ميدان ۾ لڙ. مون کي اميد آهي ته تنهنجي همٿ ڏسي، تنهنجي مخالفتيءَ جو هنيو هارجي ويندو ۽ پڇ پائي ڀڄندو، اهڙي طرح همٿائي، ميدان ۾ وٺي آيس.

مارڪئس کي ميدان ۾ آيل ڏسي سندس مخالف ايڊٿ ڏي اکيون کنيون ۽ پوءِ پروردگار کي پڪاري چيائين: يا ڌڻي، تون حق وڪيل آهين، سچ جو ٻيڙو پنهنجي توهه سان تارجانءِ، ۽ هن آزمائش مان مون کي پار پهچائجانءِ! مارڪئس به آسمان ڏي اکيون کنيون پر هن کي پنهنجي اندر جي چور پئي کاڌو، تنهن ڪري اهڙي مِڻ مِڻ ڪيائين جو ڪنهن کي سندس هڪ حرف به سمجهڻ ۾ نه آيو. اتي گرئنڊ ماسٽر جو سک ڦٽو، سو وڌي ويجهو ٿيس ۽ ڪن ۾ چيائينس: کلا اٿيئي، گيدي! هينئر جي همٿ جهلي نه وڙهندين، يا ڏوهه-باس ڪندين ته پوءِ آءُ جيئرو نه ڇڏيندوسانءِ.

مارڪئس هينئر ٻن باهين ۾ اچي پيو. هو سمجهي رهيو هو ته جي لڙندس ته مرندس ۽ جي نه لڙندس ته به گرئنڊ ماسٽر نهوڙي نيندم. اتيئي ويچار آيس ته پوءِ جو گرئنڊ ماسٽر جي هٿان مران، تنهن کان دل ٻڌي هينئر ئي وڃي ٿو وڙهان، پوءِ ڏينگو ڏر ۾ يا ڪُپو ڪڇ . اهو ارادو ڪري هن رڪاب ۾ پير وڌو ۽ اڃا لانگ ورائي گهوڙي تي ٿي چڙهيو ته گهوڙو ٽهي پري ٿيو ۽ هو اونڌو ٿي ڪريو. سڀني ڏٺو ته سوڻ ته سولو ڪو نه ٿيس. هو وري به گهوڙو جهلي چڙهيو ۽ جنهن سان وڙهڻو هوس تنهن جي سامهون سينو ڪڍي بيٺو. دستور موجب هڪ ڄڻي، ڀٽ وانگر هوڪو ڏيئي سڀني حاضر ماڻهن کي ٻڌايو ته هيءُ ساڄي طرف بيٺل جوان ستل چيتي وارو سرڪينيٿ آهي، جو انگلنڊ جي شير دل بادشاهه رچرڊ جي پاران لڙي ٿو. هو ٻيو جوان، مانسٽريٽ علائقي جو مارڪئس آهي، جنهن تي دغابازي جي تهمت آهي. هاڻ ڌڻي ڪندو ته جنهن کي پاپ پلئي نه هوندو سو سوڀارو ٿيندو.

ائين چئي هو هٽي پاسي ٿيو، مارڪئس جي ته ماڻهن کي اڳيئي سڌ هئي پر ڪيترن کي ڪل ڪانه هئي ته ساڻس لڙي ڪير ٿو. هينئر سر ڪينيٿ جو نالو ظاهر ٿيو ته چئوطرف تاڙين جو ڦهڪو لڳي ويو.

ٻيئي جوان پوءِ ميدان ۾ نڪري نروار ٿيا ۽ هڪٻئي سان منهن اٽڪائي بيٺا. سلطان جي اشاري تي دهلارين دهلن تي دس هنيا ۽ اهي واڄٽ وڄايا، جو تماشبينن کي ڪنن ۾ تاڙيون ٿي پيون. هيءَ ڪوپا ڪلي جا ڪوڏيا گهوڙن کي اڙيون هڻي، هڪٻئي تي حملو ڪرڻ لڳا. ڪا مهل ته ڊوڙي پئي ڊهون ڏنائون. نيٺ مارڪئس وجهه وٺي پنهنجو ڀالو سرڪينيٿ جي سيني ۾ ٿي سٽڪايو ته هن حريف سيني اڳيان سپر ڏيئي اهو ڌڪ گسائي ڇڏيو. اتي سرڪينيٿ جو گهوڙو ڇرڪيو ۽ پُستيون هڻڻ لڳو. هن ڪاريگر سوار گهوڙيءَ کي ٻچڪار ڏيئي گهٽي جهليو ۽ ڦڙتائي ڪري مارڪئس کي ڦري آيو ۽ ڀر ڪري اهڙو ڀالو هنيائينس، جو ڍال زرهه مان پار لنگهي ويس ۽ ڦڦڙ ڦيهي وڌائينس! مارڪئس امالڪ اونڌو ٿي ڪريو. رچرڊ طائوسي تخت ڇڏي، هن ڏي ڊوڙيو ته پٺيان ماڻهن جون پينڍون به لڳيون آيس. سگهوئي مارڪئس جي چوڌاري وڏو ميڙ مڙي ويو. ڪي جوان بدن تان زنجير بند زرهه لاهڻ لڳس ۽ زخم جاچڻ لڳس. اوڏي مهل ڪلهي گس لڳي پئي هئي پر سر ڪينيٿ کي ايندو ڏسي سڀيئي هٽيا. هن کنو کنوائي ڳترا ڳترا ٿي ڪيس، پر جڏهن ويجهو وڃي ڏٺائين ته اڳيئي اڌ مئو ٿيو پيو آهي، تڏهن هن کي مارڻ پنهنجو مَرڪُ نه سمجهائين. ترار موٽائي مياڻ ۾ وڌائين ۽ نهايت اختياري سان چيائينس. هينئر سچي ڪر، نه ته ڪتن کان رت چٽائيندو سانءِ؟

مارڪئس هينئر موت اکئين پئي ڏٺو. هن سمجهيو ته هاڻ هن جهان ۾ گهڙيءَ پل جو مهمان آهيان، پوءِ ڪوڙ مان ڪهڙا کڙيا کڻندس. بيمارن وانگر جهيڻي آواز سان چيائين، مراد پوري ٿيوَ اڃا ڇا کپيوَ؟، ڌڻي، راءِ حق وڪيل آهي، منهنجي حق ۾ پورو نياءُ ڪيو اٿس. آءُ برابر ڏوهاري آهيان، پر مون کان وڌيڪ دغاباز اوهان جي سٿ ۾ اڃا به آهن!. هاڻ جس کٽو، ڪو پادري گهرائي ڏيوم، جنهن جي اڳيان ڏوهه- باس ڪري، پنهنجا پاپ ڌڻيءَ کان بخشايان ته پڇاڙي سُرهي ٿئيم ۽ هن گاپاٽيءَ گهيڙي کان ڇڏائيم. هن کي هيئن حيلي نماڻو ڏسي، رچرڊ کي قياس پيو. سلطان کي چيائين: پنهنجي طلسم جي وسيلي هن جي جان بچايو.

سلطان: ههڙي دغاباز کي ٽنگن کان گهلي سوريءَ چاڙهجي ڪين پاڻ سندس طلسم وارو علاج ڪجي؟ هن جو زخم ڇٽائڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پر اسان کي ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته ملڪ الموت جي مهر هن نڀاڳي جي نِراڙ تي اڳيئي لڳي چڪي آهي.

بادشاهه: اوهين وري به پنهنجا لائق ڪريوس ته ڪو دم جيئي ۽ ڏوهه-باس ڪري، توبهه تائب ٿئي.

سلطان: اوهان جي اهڙي مرضي آهي ته اسان کي اعتراض ڪونهي. چوبدار! ڪنهن غلام کي چئو ته هن کي هڪدم اسان جي تنبوءَ ۾ کڻي هلي ته اتي علاج ڪريونس.

هي سڀ وقت گرئنڊ ماسٽر سُڻو مُوڻو بيٺو هو. منهن تي دانگي گهمي وئي هيس، هينئر جو ڏٺائين. ته هن کي کڻائي ٿا وڃن، سو وڌي سلطان جي سامهون ٿيو ۽ چيائين: خبردار جي ڪنهن هن کي هٿ لاتو آهي، آسٽريا جو ڊيوڪ توڙي آءُ اها ڳالهه قيام ڪين قبولينداسين، ته سڪرات جي مهل عيسائي مذهب جو ماڻهو ڪنهن مسلمان جي حوالي ٿئي. مارڪئس جي ٻانهن اسان کي ملڻ گهرجي.

رچرڊ: (سلطان کي) چڱو، ائين ئي ڪريو، جنهن ۾ هيءَ راضي، تنهن ۾ اسين راضي، هاڻ راڳيندڙن کي حڪم ڏيو ته جنهن سورمي هيءَ سوڀ کٽي، انگلنڊ جو منهن مٿي ڪيو آهي، تنهن جو ناماچار ڳائين، جهٽ ۾ ڪيتريون پرستاريون گلعذاريون اچي حاضر ٿيون ۽ عمدا گيت ڳايائون. هڪ پاسي ستار ۽ چئوتار، ٻئي پاسي سرود جي للڪار اُٿي، پڪواز جي آواز ۽ سارنگي جي ساز غلغلو مچايو. راڳ جي لاڳ خوب رس رسايو. تانَ، مرڪ ۽ ٽپي تي ڪيترن جوانن ٽپ پئي ڇڏيا ۽ گهورون پئي گهوريائون. مجلس جو رنگ انهي منزل کي وڃي پهتو، جو سڀڪنهن جي وات مان واهه واهه جو آواز نڪتو.

محفل متي پيئي هئي ته رچرڊ بادشاهه اُٿي بيٺو. هن کي پيرن ڀر بيٺل ڏسي، سڀني ماڻهن ماٺ ڪئي. بادشاهه سر ڪينيٿ جي سامهون ٿي چيو: اي ستل چيتي وارا جوان، عام طرح ائين چوندا آهن ته ”ڪوئلو ڪڏهن نه اُجري، جي سئو مڻ صابڻ لاءِ!“ اڄ انهي ڪهڻي کي تو ڪوڙو ڪري ڇڏيو.

حبشي جهڙي شڪل بنائڻ ڪري تون ٻين کي ڪوئلي جهڙو ڪارو ڏسڻ ۾ ايندو هوندين پر اسان جي نظر ۾ تون چوڏس جو چنڊ آهين، اسان جي فضيحتي جو تو پورو پورو انتقام ورتو آهي، تنهن ڪري ان جو اجورو تنهنجي دل وٽان توکي ڏينداسين، ڏسجانءِ ته اسين تنهنجو ڪيترو مان ٿا ڪريون. اسان کان وڌيڪ اسان جون شاهي گهراڻي واريون عورتون توکي مان ۽ مهت ڏينديون، جو سورمن جو انهن کي سچو پچو قدر آهي.

بادشاهه اڃا اهي اکر چيا ته راڻي، ايڊٿ ۽ ٻيون وڏ گهراڻيون عورتون پنهنجن تنبن ڏي رخ رکي هلڻ لڳيون. بادشاهه سرڪينيٿ کي ساڻ وٺي، هنن جي پٺيان ويو. مرڻينگ مارڪئس کي گرئنڊ ماسٽر کڻائي ويو ۽ سلطان هن جي علاج ڪرڻ لاءِ طلسم کڻڻ ويو، پوءِ ميلو ٽٽو ۽ سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي ماڳ وڃي سکي ٿيا.

 

باب ارڙهون

 

نيت جي مراد

رچرڊ بادشاهه ڏاڍي فلڪ ۽ خنڪيءَ سان راڻيءَ جي خيمي ڏي پئي ويو، سرڪينيٿ پوئلڳن وانگر پٺتي ڪين پيو پر ساڻس ڪلهو ڪلهي سان لائي، ٻٽ پئي هليو، تنبوءَ ۾ گهڙڻ سان سرڪينيٿ راڻي کي پيرين پيو ۽ مرڪڻو منهن ڪري ايڊٿ ڏي اکيون کڻي ڪنڌ نئڙائڻ جهڙو نمونو ڪيائين. بادشاهه چين: هن سورمي اوهان اڳيان سجدو ڪيو آهي. هاڻ اوهين به هن سان پنهنجا لائق ڪريو. بيرنگيريا! تون پنهنجي مبارڪ هٿن سان هن جا هٿيار پنهوار لاهه. ايڊٿ، تون زنجير بند زرهه لاهينس. فڪر نه آهي، جي اوهين وڏ گهراڻيون آهيو. اڄ هن کي آبرو ڏيڻ، سو گويا پاڻ کي آبرو ڏيڻ آهي.

بادشاهه جي مرضيءَ رکڻ لاءِ راڻي يڪدم سندس حڪم جي تعميل ڪئي پر ايڊٿ کي ٿورو عار ٿيو. شاهي فرمان جي هن کي پيروي ڪرڻي پئي. هٿ هليس ئي نٿي پر جيئن تيئن ڪري هن جو زرهه لاٿائين. اهو زرهه اڃا ايڊٿ جي هٿ ۾ ئي هو ته بادشاهه چيو: سڃاڻونس ٿيون ته ڪير آهي؟ هيءُ نڪي ضحاڪ حبشي، نڪي ستل چيتي وارو سرڪينيٿ آهي پر اوهان جهڙو ئي وڏ گهراڻو آهي. هينئر ڇو هيءُ پنهنجو ويس بدلائي ۽ ڇو پنهنجو نالو لڪائي؟ اسين اوهان کي کولي ٿا ٻڌايون ته هيءُ اسان جو ثاني شريڪ ڊيوڊ، ارل آو هنٽنگڊن، سڪاٽلنڊ جي بادشاهه جو وليعهد آهي.

راڻي ۽ ايڊٿ کي جڏهن خبر پئي ته هيءُ جوان سڪاٽلنڊ جي بادشاهه جو پٽ آهي، تڏهن عجب وچان وات ڦاڙي هن ڏي نهارڻ لڳيون، ايڊٿ کي ته ايتري حيرت لڳي، جو هٿن مان زرهه ڪري پيس. بادشاهه چين: اوهين هيئن حيران ڇو ٿيون ٿيو؟ هيءُ سچ پچ شهزادو آهي. سڪاٽلنڊ جي بادشاهه اول لشڪر جي ڀرتي ڪرڻ جو انجام اسان سان ڪيو هو پر پوءِ هو ڪنهن سبب پنهنجو انجام پاڙي نه سگهيو. هن جوان کي وري به شابس هجي جو پنهنجي پيءُ جي ڳالهه مٿي ڪرڻ لاءِ ٿورا گهڻا ماڻهو ساڻ وٺي، چمڙا پوش ڪري، اسان جي لشڪر سان اچي شامل ٿيو. ساڻس جيڪا مٺ ماڻهن جي هئي، سا ديني لڙائي ۾ شهيد ٿي وئي. باقي هڪڙو همراهه وڃي بچيس. سندس ڪنهن به همراهه اسان کي ڪڏهن ائين ڪو نه ٻڌايو ته سڪاٽلنڊ جو شهزادو هيئن ويس بدلائي اسان وٽ آيو آهي. پوءِ غفلت ڪري جهنڊو وڃايائين ته کيس رواجي سردار سمجهي، جلاد جي حوالي ڪيو ويو. لک ٿورا ڌڻي جا، جو اسان کي پوءِ چت ۾ چڱي پئي جو جيئدان ڏنوسونس: ههڙو ڪونڌر ڪسجي وڃي ها ته پرلئي مچي وڃي ها. پيارا هنٽنگڊن، جڏهن اسان اٻهرائي ڪري توکي جلاد جي حوالي ڪرايو تڏهن تو پنهنجو نالو نشان ۽ مرتبو ڇو نٿي ظاهر ڪيو؟

شهزادو: پهري جو ڪم پاڻ تي کڻي پوءِ جنهن مهل قصور ڪيم، تنهن مهل سيکت جو سزاوار ٿي چڪس، اهو مڙسن جو مرڪ ناهي، جو پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ پنهنجو عهدو ۽ اقبال ڄاڻائين، تنهن کانسواءِ مون پرن ڪيو هو ته ويڙهه پوري ٿيڻ کان اڳ، پاڻ پڌرو نه ڪندس پر جڏهن ڏٺم ته هاڻ ڪال اچي ڪنڌ تي بيٺو آهي، تڏهن اينگاڊي واري سنياسي اڳيان ڏوهه-باس ڪيم ۽ هن کي پنهنجو سچو نالو نشان ٻڌايم.

بادشاهه: هان! هن کي اها وچ جي سڌ هئي، تڏهن ائين ٿي چيائين ته پنهنجو ڪو عضوو ڪپجي وڃڻ قبوليو پر هن جوان جو ڪسجڻ جيڪر ڪين قبوليو. برابر، هڪ عضوو ڇا، پر اسان جي سموري جان هلي وڃي، ته به هيءُ ڪئورَ جيڪر ڪڏهن به ڪسجڻ نه ڏيون. سڄي يورپ جي پوءِ اسان تي جيڪر ڦٽ لعنت پوي ها ۽ ڪنهن جي اڳيان جيڪر ڪنڌ به ڪين کڻي سگهون ها! قومي شرطن موجب اسين هن جي هر طرح سنڀال لهڻ لاءِ ٻڌل آهيون، تنهن ڪري ڏاڍو ڀلو ڪم ٿيو، جو اسان اهو قهر نه ڪيو.

راڻي: پوءِ نيٺ توهان کي ڪيئن سڌ پئي ته هيءُ شهزادو آهي؟

بادشاهه: انگلنڊ مان قاصدن ٽپال آندي، تنهن ۾ ڄاڻايل هو ته سڪاٽلنڊ جي بادشاهه کي معلوم ٿيو آهي ته سندس اکين جو اَسابند اسان جي لشڪر ۾ اچي شامل ٿيو آهي، هاڻ هن اسان جا ٽي امير جهلي، پاڻ وٽ قابو ڪيا ۽ چوائي مُڪو اٿس ته جيسين سندس سڪيلڌو پٽ کيس صحيح سلامت موٽي نه ملندو، تيسين انهن اميرن کي اهو نه ڇڏيندو. اتي اسان جي اک پٽي ۽ شڪ ۾ پياسين ته شهزادو اهو ئي آهي، توهان کي ٻڌايوسين ته هن جا ٻيا ساٿي ديني لڙائي ۾ شهيد ٿي ويا هئا، باقي هڪ همراهه بچيو هوس جنهن وقت هن کي جلاد جي حوالي ٿي ڪيونسين تنهن وقت اهو همراهه پندرهن ڪوهه پنڌ ڪري عسقلان ڏي ويو ۽ سرٽامس کي سمورو پيٽ وڃي ڏنائين. سرٽامس جڏهن اسان سان اچي ڳالهه ڪئي، تڏهن اسان جا ڪپاٽ کليا. هاڻ پياري ايڊٿ، تون اسان کي پنهنجو هٿ ڏي. پيارا سڪاٽلنڊ جا شهزادا، تون به پنهنجو هٿ ڏي ته اسين پنهنجن هٿن سان اوهان کي پرڻايون.

هيءُ شهزادو پنهنجي پهلواني ڪري اڳيئي ايڊٿ جي رڳن ۾ پيهي ويو هو پر هيستائين ايڊٿ ساڻس  پرڻجڻ پنهنجي شان وٽان نٿي ڄاتو، جو هن کي پنهنجو جيس نٿي سمجهيائين. شهزادي کي به پاڻ پڌروڪرڻو نه هو، تنهن ڪري ماٺيڻي محبت تي ڪفايت ٿي ڪيائين. هينئر ٻنهي ڏاڍي چوڄ مان هڪٻئي سان لائون لڌيون. هن جوان سندس خاطر سر جون سٽون ڏنيون هيون پر هينئر هن جا لايا سجايا ٿيا. من جون مرادون پوريون ٿيس ته خوشي وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. سگهوئي شاهي تنبوءِ ۾ شادمانا ٿيا ۽ چوڌاري واڌايون وري ويون.

هيڏانهن هيءُ پنهنجن موجن ۾ مگن هئا ته هوڏانهن سلطان صلاح الدين سڀني شهزادن جي ماني موڪلائي، سلطان جهڙي نر حاڪم کي ڪو به نابري واري نٿي سگهيو. سگهوئي سڀ بادشاهه ۽ شهزادا  اچي وٽس ڪٺا ٿيا ۽ هيءُ گهوٽ ڪنوار به آيا. مهمانن لاءِ قورمون، پلاءَ، دوپيازه، دم پخت، برياني ۽ ٻيا طرح طرح جا طعام تيار ٿيا هئا. قسمين قسمين ميوا ۽ مٺايون موجود ٿي ويون. مسلمانن وٽ شراب حرام آهي، تنهن ڪري نموني نموني جا شربت شهزادن کي مليا. اول سڀني مهمانن ٿورو چپو چورو ڪري شربت ٿي پيتو ته هاڪارو ڄامڙو سهڪندو آيو ۽ سلطان کي ڪن ۾ ڪا ڦوڪ ڏنائين، سلطان امالڪ محفل مان اٿي ويو. گرئنڊ ماسٽر کي پاڻ کان پاڻيهي اچي چورا کورا لڳي ۽ منهن جو پنو ئي لهي ويس، سگهوئي سلطان موٽيو ۽ ميزبان جا حق بجا آڻڻ لڳو. سڪاٽلنڊ جو شهزادو، جنهن هيڏا لڪ لنگهايا هئا، تنهن جي خاص طرح خاطري ڪيائين ۽ هن کي دل دل گهري ٻانهن ملڻ جون مبارڪون ڏنائين. هن به سندس گهڻي شڪر گذاري ڪئي جو وقت سر سندس هٿ نصيب نه ٿينس ها ته هن کان اڳ لاشو به ڪين لڀيس ها. اوڏيءَ مهل ٽيمپلرن جي گرئنڊ ماسٽر اڃا پهريون شربت جو گلاس چپن تي ئي رکيو ته سلطان صلاح الدين اوچتو ئي اڇانگ ماري، ائين وڃي مٿان پيس، جيئن ٻلي پئي ڪُئي تي، ۽ اتيئي ترار سان سسي لڻي ڌڙ کان ڌار ڪيائينس. سڀني جون ڏندين آڱريون لڳي ويون. آسٽريا جي ڊيوڪ کي اچي پنهنجي ڦڦڙي پئي. هن ڀانيو ته گرئنڊ ماسٽر کانپوءِ مون کي پورو ڪندو. هن واڪو واڪاڻ لائي چي، اسان کي ڪوٺي ٿو ڪُهي!، اتي سڀني کي اچي پنهنجي لڳي. رچرڊ ڀانيو ته سلطان دغابازي تي ڪمرڪشي آهي، تنهن ابالڪ پنهنجي ترار ۾ هٿ وڌو. سلطان ڏاڍي ٺاپر سان آسٽريا جي ڊيوڪ ۽ ٻين کي چيو: اوهين ڪو به خيال نه ڪريو!، پيارا انگلنڊ وارا شهاڻا ڀاءُ، اوهين به ناحق ترار نه اُلاريو. هن نڀاڳي پنهنجو ڪيتو لوڙيو آهي. اڄ آءُ اوهان کي کُلي طرح ٿو ٻڌايان ته هن ملعون ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن: رچرڊ جهڙي لائق بادشاهه پٺيان هن نالائق بندرو ترڪ ڇيڙيو پر ڌڻيءَ هن کي هٿ ڏئي رکيو. اسين جڏهن حڪيم جي ويس ۾ رچرڊ بادشاهه وٽ وياسين، تڏهن اسان جي ۽ هن سڪاٽلنڊ جي شهزادي جي پٺيان هيءُ بدنيت سان آيو هو. وري جڏهن اسين رچرڊ بادشاهه جي ڇانوڻي ڇڏي، هيڏانهن ٿي آياسين، تڏهن بدنيتي سان اسان جي پٺيان پنهنجا ماڻهو ڊوڙايائين، پر اسين پنهنجا وهٽ تڪڙا ڪاهي، سک سان اچي پنهنجي حد ۾ پهتاسين، جنهن مهل مانسٽيريٽ جو مارڪئس ۽ سڪاٽلنڊ جو شهزادو پاڻ ۾ دوبدو ٿي لڙيا ٿي، تنهن مهل اسان جي هڪ تابع ڪيل دشمن کي ڇيڙي وٺي آيو، اسان کي هن جا پار سجهيا پئي، تنهن ڪري اسان اڳيئي وڏو ڪٽڪ سنڀرائي ڇڏيو هو، جنهن ملعون کي وڃي منهن ڏنو ۽ اوهان کي ڪابه لَکَ ڪانه پئي. هن هيترا فتور جاڳايا ته به اسان هن جي وار جو نالو نه ورتو. هينئر اسين هتي محفل ۾ مشغول هئاسين، ته پٺيان هيءُ وڃي مانسٽيريٽ جي مارڪئس کي خون ڪري آيو. اسان جي حد اندر اهو ڏوهه هن کي ڦٻڻ جو نه هو، تنهن ڪري ڪنهن به قياس کانسواءِ هن کي قتل ڪري ڇڏيوسين.

رچرڊ رڙ ڪري چيو: مارڪئس! گرئنڊ ماسٽر سندس ڳوڙهو دوست هو، پوءِ ڪيئن ڪٺائينس؟ سلطان، اوهان کي هن ڳالهه لاءِ ثابتي ڏيڻي پوندي.[2]

سلطان چيو؛ اوهان کي خاطري ڪرڻي آهي ته هن ڄامڙي کان پڇو هن پوءِ امالڪ ڄامڙي کي ڪن کان جهلي، سڀني جي اڳيان آڻي بيهاريو ڄامڙي سجھي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي هن چيو؛ سلطان هن کي طلسم واري دوا ڏني ته هو سمهي پيو ۽ ننڊ کڻي ويس سندس نوڪر چاڪر تنبوءَ مان نڪري ٻاهر ٿيا ته مان هن جي نگاهه ڪرڻ ويس. اتي ڪنهن جي اچڻ جو آواز ٻڌم، سو تنبوءَ جي پٺيان پاسيرو ٿي بيٺس. گرئنڊ ماسٽر سٽيندو سٽينڊ هن وٽ ويو ته هن اکيون پٽي ساڻس ڳالهايو ۽ چيائينس ”آءٌ ڏوهه باس ڪندس ته پوءِ منهنجي دل تان بار لهندو.“ هن اڃا ايترو چيو ته گرئنڊ ماسٽر ترار ڪڍي ڪهي وڌس. مون پوءِ ڊوڙي اچي سلطان سان ڳالهه ڪئي، جهن گرئنڊ ماسٽر جو گلو ڪپيو.

ڄامڙي جي واتان هيءَ ڳالهه ٻڌي سڀ حيران ٿي ويا. سڀيئي انهي دم مارڪئس، جي تنبوءَ ڏي ڊوڙيا ۽ اتي رت جون نديون ڏسي بيهي ڪين سگهيا. شهزادن کي هينئر ڄامڙي جي ڳالهه تي اعتبار آيو پر اهي خار لڳن ته سلطان جو ڪهڙو واسطو جنهن گرئنڊ ماسٽر کان هن خون جو حساب ورتو، رچرڊ چين: ”انهي ڳالهه تي نه اچو، سلطان پنهنجي حد پوري ڪارروائي ڪئي آهي“. هو پوءِ موٽي سلطان جي محفل ۾ ويا. هينئر ڪنهن کي کائڻ پيئڻ ڪو نه ٿي اجهيو، سلطان جڏهن کائڻ لاءِ گهڻا زور ڪين، تڏهن رچرڊ چيو: جيروشلم اسان جي حوالي ڪريو ته اهائي اوهان جي وڏي مهماني چئبي. سلطان چيس: پنهنجي جيئري جيروشلم هٿان ڇڏڻو نه اٿئون، باقي جيڪي سهولتون گهرندا سي سڀ ڏينداسين. رچرڊ انهي تي به راضي ٿيو. سڀني پوءِ ڀائرن وانگر هڪٻئي کان موڪلايو، ڪوچ ڪرڻ مهل سلطان پنهنهجو طلسم سڪاٽلنڊ جي شهزادي کي سوکڙي طور ڏنو. هينئر ڪروسيڊرن جو هتان ڪم لٿو ۽ هو وڃي پنهنجي وطن سکي ٿيا. هتي اچي سڀني اهو پرتو اکين سان ڏٺو ته ”جهڙي نيت تهڙي مراد“. سڪاٽلنڊ جي شهزادي جي نيت صفا هئي ته پنهنجو لائق انعام لڌائين. گرئنڊ ماسٽر ۽ مارڪئس کي دل ۾ دغا هئي ته انهن ٻنهي پنهنجو ڪيتو لوڙيو.


[1] واريءَ سان جيڪو وضو سارجي تنهن کي ”تيمم“ چئبو آهي.

[2] سر والٽر سڪاٽ، اَرنولڊ جي خون کي گرئنڊ ماسٽر جو خون ڪري ڄاڻايو آهي.

اَرنولڊ نالي هڪ شخص شام ملڪ جي ويران پٽن ۾ هڪ قلعو هٿ ڪيو هو، جيڪي حاجي حج ڪرڻ ويندا هئا، تن کي ڦري، ماري، هو انهي قلعي ۾ وڃي پناهه وٺندو هو. ان وقت جيروشلم جو بادشاهه هڪ عيسائي مذهب جو هو. آرنولڊ جي رهزني ڪري سلطان صلاح الدين جيروشلم جي بادشاهه سان جنگ جوٽي، بادشاهه ۽ آرنولڊ گرفتار ٿيا، تڏهن ٻئي قيد ٿي، سلطان وٽ آيا؟، تڏهن جيروشلم جي بادشاهه کي ٿڪل ٽٽل ڏسي، سلطان هن کي شربت جو پيالو پيئڻ لاءِ ڏنو، بادشاهه ٿورو شربت پي، پوءِ اهو پيالو آرنولڊ کي ئي ڏنو ته سلطان چيس: منهنجا شاهاڻا قيدي، تنهنجو سر پاڪ آهي، پر اسان صلاح الدين جو پيالو ههڙي ناپاڪ رهزن جي هٿن ۾ پليد ٿيڻ نه گهرجي. ائين چئي سلطان جي تلوار آرنولڊ جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي.

(ڏسو گبن صاحب واري تاريخ)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org