سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: غازي صلاح الدين

باب-

صفحو :1

غازي صلاح الدين

ڀيرومل مهر چند آڏواڻي

عرض ناشر

هيءُ امر باعث مسرت آهي جو زير نظر ڪتاب ”غازي صلاح الدين“  سنڌي ادبي بورڊ طرفان چوٿون دفعو شايع ٿي رهيو آهي. در حقيقت سنڌي عوام طرفان، بورڊ جي مطبوعات جي پسنديدگي ۽ مقبوليت جو هيءُ بين ثبوت آهي.

غازي صلاح الدين ايوبي بن نجم الدين ( 1169-1193ع تائين)، پنهنجي بهادري، الوالعزمي ۽ جهاد في سبيل الله جي لحاظ کان تاريخ اسلام ۾ مثالي شخصيت ٿي گذريو آهي. سندس مجاهدانه ڪارنامن جي ابتدا، سال 1164ع (559 هجري) کان ٿئي ٿي، جڏهن سندس آقا نور الدين زنگي، کيس ۽ سندس چاچي امير شير ڪوه، عرف اسدالدين کي، مصر فتح ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. ان وقت مصر ۾ فاطمي خاندان جو آفتاب خلافت، غروب ٿيڻ تي هو ۽ ملڪ جو سمورو انتظام، نا اهل وزيرن جي هٿ ۾ اچي ويو هو، جي هميشه صليبي تاجدارن سان سازباز ڪندا رهندا هئا. سنه 1169ع ۾ امير شير ڪوه، مصر فتح ڪيو، ۽ فاطمي خليفي، کيس ” اميرالجيوش“ جو لقب ڏيئي، وزيراعظم جو عهدو تفويض ڪيو. ٻن مهينن جي مختصر عرصي بعد، امير شير ڪوه جو انتقال ٿي ويو ۽ سندس جڳهه تي غازي صلاح الدين ايوبي کي ”الملڪ الناس“ جي لقب سان، وزارت عظمى جون واڳون سونپيون ويون.

سنه 1171ع ۾ آخرين خليفي ”اَزد“ جو انتقال ٿيو ۽ اهڙي طرح سندس موت سان فاطمي دور خلافت ( 909ع کان 1171ع تائين)، جي پڄاڻي اچي وئي. اُن بعد غازي صلاح الدين، مصر ۾ پڻ، عباسيه خلافت کي تسليم ڪيو ۽ جمع نماز وقت، بغداد جي عباسي خليفي جي نالي تي خطبو پڙهڻ شروع ڪيو. چند سالن بعد، سلطان نور الدين زنگي (1146-1174ع تائين)، 28 سالن جي شاندار حڪومت بعد، سال 1174ع ۾ وفات ڪئي، ۽ پنهنجي پويان 11 سالن جو فرزند نالي اسماعيل ڇڏي ويو، جو نو عمري ۽ ناتجربيڪاري سبب، پنهنجي عظيم والد جي جڳهه ڀري نه سگهيو. اها حالت ڏسي، غازي صلاح الدين، مصر، حجاز ۽ يمن اندر پنهنجي خودمختياري جو اعلان ڪيو ۽ سن 1181ع ۾، شهزادي اسماعيل کان شام فتح ڪري پنهنجي مملڪت ۾ شامل ڪيائين. کيس انهيءَ عظيم الشان ڪاميابي تي، عباسي خليفي ”ناصر“ طرفان، ”سلطان“ جو خطاب عطا ڪيو ويو، جنهن بعد ئي کيس سلطان غازي صلاح الدين ايوبي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

سلطان جو زنده جاويد ڪارنامه، سال 1887ع ۾، جيروشلم جي فتح هو، جنهن ۾ هن صليبين جي متحده لشڪر کي، جنهن جو مجموعي تعداد سٺ هزار کان به زياده هو، شڪست فاش ڏني، مگر تاريخ گواه آهي ته بطور هڪ فاتح جي، سندس ڪردار اُتي به بيمثال رهيو. سلطان جي رواداري ۽ رحمدليءَ جو هيءُ عالم هو، جو عيسائين جا هزارين جنگي قيدي، بلا معاوضه آزاد ڪيائين ۽ سندن مال خواه اهل عيال کي ذره برابر به نقصان نه پهچايائين. تاهم جيروشلم جي تسخير عيسائين تي شاق گذري ۽ هو ٽين صليبي جنگ لاءِ زور شور سان تياريون ڪرڻ لڳا. سال 1189ع ۾ عيسائين جا ٽي جليل القدر شهنشاهه، مثلاً جرمني جو فريڊرڪ، فرانس جو فلپ آگسٽس ۽ انگلنڊ جو رچرڊ، هن ناپاڪ اتحاد لاءِ متحد ٿي ويا، ۽ اهڙيءَ طرح پورو يورپ، عربن جي خلاف صف آرا ٿي ويو. جنگ مسلسل ٽي سال هلي، جنهن جي دوران صليبين کي پي درپي شڪستون حاصل ٿينديون رهيون ۽ سندن جاني نقصان بيشمار ٿيو، هتىڪ جرمني جو بادشاهه فريڊرڪ، درياهه ۾ ٻڏي مري ويو، ۽ انگلنڊ خواه فرانس جا بادشاهه، شدت گرمي ۽ جنگ جي سختي سبب، سخت بيمار ٿي پيا. سلطان صلاح الدين کي جڏهن اها خبر ملي تڏهن حريفان مقابل جي علاج لاءِ نه صرف ضروري انتظامات ڪيائين، پر سندن آرام و آسائش لاءِ، برف، شربت ۽ تازو ميوه پڻ مهيا ڪيائين. سلطان جي انهيءَ انساني رواداري، عيسائي بادشاهن جي ثغير انساني رويي ۾ تبديلي آندي، ۽ هو سلطان کي عزت و احترام جي نظرن سان ڏسڻ لڳا ۽ ساڻس سيپٽمبر 1192ع ۾ صلح جا شرط طئه ڪري، بي نيل و مرام واپس وطن وريا.

4-مارچ 1193ع تي، تاريخ اسلام جي هن مايئه ناز سلطان، شام جي دارالحڪومت دمشق ۾ رحلت ڪئي، ۽ هو پنهنجي پويان عقيدتمندن ۽ ماتم ڪندڙن جو جم غفير ڇڏي ويو. صليبي جنگين جو هيءُ عظيم ترين فتح، بهادري خواه انساني رواداري ۾ يڪتائي زمانه ٿي گذريو. وٽس جو ڪجهه هو سو محتاجن ۽ ضرورتمندن ۾ تقسيم ڪيائين ۽ مرڻ وقت سندس ذاتي اثاثه، بجز هڪ فولادي زره، هڪ تلوار ۽ هڪ دينار جي ٻيو ڪجهه به ڪين نڪتو.

الغرض سلطان غازي صلاح الدين ايوبي، هزار دو هزار خوبين جو مالڪ هو، مگر زير نظر ڪتاب، سندس متعدد وصفن مان محض چند وصفن، جهڙوڪ سندس الوالعزمي، بهادري، مهمان نوازي ۽ انسان دوستي جي تذڪره سان معمور آهي. هينئر هيءُ ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ طرفان چوٿون دفعو شايع ٿي رهيو آهي. اميد ته علم دوست حلقن ۽ سنڌي زبان جي خواهن طرفان، هن ڪوشش کي استحسان جي نظرن سان ڏٺو ويندو.

السلام           

ڪراچي                                   سيڪريٽري

- جنوري 1962ع                     سنڌي ادبي بورڊ

 حيدرآباد سنڌ.

 

منڍ

ساڌو هيرانند جيڪي ديس جا گهڙا ڀريا، سي ڪنهن کان ڳجها ڪينهن. سنديس هڪ ڳالهه، جنهن جي شايد ڪن کي خبر نه به هجي، سا هيءَ آهي ته هن صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ عمدي ڪتاب ڪڍڻ جي ارادي سان سروالٽر سڪاٽ جي ”ٽيلسمن“ (طلسم) جو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو هو. نومبر 1891ع کان وٺي اهو قصو پنهنجي ”سرسوتي“ مخزن ۾ ٿورو ٿورو ڪري ڇاپيندو ويو؛ پر ڪتاب پوري ٿيڻ کان اڳ پاڻ پرلوڪ پڌاريو، جنهنڪري سندس شروع ڪيل ڪم اڌورو رهجي ويو.

ويجهڙائيءَ ۾ مون کي دل ۾ خيال آيو ته ساڌو هيرانند جو اهو اڌ ۾ ڇڏيل ڪم آءٌ پورو ڪريان. انهيءَ مراد سان ”سرسوتي“ اخبار جا جهونا فائل هٿ ڪيم. اول ته ٻيا ڪيترا عمدا مضمون، جي پاڻ لکيا هئائين، ڪٺا ڪري هڪ ڪتاب ڇپارائي پڌرو ڪيم، جنهن جو نالو ”هيري جون ڪڻيون“ رکيم. هيئنر هيءُ ”طلسم“ ڪتاب پورو ڪري؛ پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪريان ٿو. منڍ ۾ سر والٽر سڪاٽ جو مختصر احوال پڙهندڙن جي معلوميت لاءِ ڏنو اٿم.

هيءُ ڪتاب نهايت نصيحت آميز آهي. پنهنجو ڌرم ۽ پنهنجي آبرو پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز سمجهڻ، نيت جو صفا ۽ دل جو دلير ٿيڻ، اهڙي فراخدلي ڌارڻ، جو دشمن سان به سڄڻ ٿي هلڻ؛ بيمارن جي خدمت ڪرڻ، اوکيءَ ۾ ٻين جي واهر ڪرڻ، قول تي قابو رهڻ، شراب کي ڌڪارڻ، دغا ۽ ڪوڙ کان ونءُ وڃڻ، اُٻهرو ٿي ڪو ڪم نه ڪرڻ؛ اُهي ۽ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ چٽيءَ ريت ڄاڻايل آهن. اهو ئي سبب هو جو ساڌو هيرانند جهڙي لائق انسان هن ڪتاب ڪڍڻ جو ارادو ڪيو هو، ته ننڍيءَ ٽهيءَ وارا اهو پڙهي، ان مان چار لڇڻ پرائين.

حيدرآباد سنڌ

14- مئي 1927ع                     ڀيرومل مهرچند

سر والٽر سڪاٽ

والٽر سڪاٽ سن 1771ع ۾ سڪاٽلنڊ جي تختگاهه ايڊنبرگ ۾ ڄائو هو. سندس وڏا اصل ايامن کان هاڪاري ويڙهو قوم هئا، ۽ سرحدن طرف اها قوم ايامن کان هاڪاري هئي. سندس ڪڙم مان پهريون ماڻهو سندس پيءُ هو، جو صلح سانت ۾ وقت گذارڻ لاءِ شهر ۾ اچي رهيو هو. پڻس سرڪاري دفتر ۾ ڪلارڪ هو، ۽ پاڻ ننڍڙي ئي هوندي پيءُ سان گڏ سندس آفيس ۾ وڃي لکپڙهه جو ڪم سکندو هو. آفيس ۾ ڪم ڪندي هو قاعدن جا ڪتاب به پيو پڙهندو هو. سن 1792ع ۾ بئريسٽر ٿيو ۽ وڪالت ڪرڻ لڳو. سن 1799ع ۾ شيرف مقرر ٿيو ۽ 1806ع ۾ سيشن ڪورٽ جو هيڊ ڪلارڪ ٿيو. وڪالت وارن ڏينهن ۾ شادي ڪيائين ۽ انهيءَ کان پوءِ کيس پنهنجي چاچي کان ورثي ۾ ڪا جائداد به ملي. هيءُ پهريون ئي ماڻهو هو، جو 1820ع ۾ جارج چوٿين جي صاحبيءَ ۾ بئرونيٽ ٿيو هو.

سروالٽر سڪاٽ کي سائي سلي شعر جوڙڻ توڙي ڪتابن لکڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. شعر جا ڪي ڪتاب لکيائين، پر انهن ۾ گهڻو نالو ڪو نه ڪڍيائين. هن پوءِ نثر جي ڪتابن لکڻ تي زور رکيو. انهن ڪتابن مان هيءُ گهڻو ساڄو ٿيو ۽ ناماچار به نڪتس. 1825ع تائين ڪتابن مان پئسو جام ڪمايائين، پر پوءِ هڪ ڳري چماٽ لڳيس، جنهن ۾ اگر تگر  چٽ ٿي ويس. ڪن ڇاپخانن وارن سان ڳجهيءَ طرح ڀائيواري ڳنڍي هئائين. اهي ڇاپخانا وڪاڻا، ته هڪ لک سترهن هزار پائونڊ ڀري ڏيڻا پيس! انهيءَ فرض ادا ڪرڻ ۾ هن جي سڀ ملڪيت هلي ويئي. هن جي هاڻ چوڌاري اچي کٿي. پئسي جي چماٽ لڳڻ کان ٿورائي مهينا پوءِ سندس زال چالاڻو ڪيو ته گهر ڊانواڊول ٿي ويس. سندس طبيعت به ڊهي پيئي ته هيءُ هيڪاري حيران ۽ پريشان ٿيو. 1826ع کان وٺي 1832ع تائين ڏاڍو ڏکيو گذران ٿيڻ لڳس. انهيءَ هوندي به همت ڪا نه هاريائين. هيءُ جهڙو محنتي چئجي، تهڙو هو. پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ تڪليفن هوندي به ڪتابن لکڻ کي اورچ ٿي لڳو. اُنهن مان جيڪا پئدائش ٿيندي هيس، سا قرض بِلَي پيو ڏيندو هو. طبيعت عليل هوندي به ”پاڻ گهڻو پئي پتوڙيائين، تنهنڪري بدن هيڪاري ڊهي پيس ۽ 21 سيپٽمبر 1832ع ۾ چالاڻو ڪيائين. مرڻ وقت ٽيهه هزار پائونڊ غرض هوس، جو پوءِ سندس ڪتابن جي حق تصنيف وڪڻڻ سان ادا ٿيو.

سر والٽر تاريخي ناول گهڻا لکيا آهن. سندس ويورلي ناول، ائونهو، ڪينلورٿ، ٽيلسمن (طلسم) ۽ ٻيا ڪتاب اڄ تائين مشهور آهن. پنهنجن تاريخي ناولن ۾ هن گهڻو ڪري سڪاٽلنڊ جون ڳالهيون آنديون آهن. هن ٽيلسمن (طلسم) ڪتاب ۾ به ڪروسيڊ ( ديني لڙائي) جي ڳالهه ڪئي اٿس، جنهن جو مکيه اداڪار به هڪ سڪاٽ آهي.

ٽيلسمن

عرف

غازي صلاح الدين

 

باب پهريون

دشمن مان ڦري سڄڻ

شام ملڪ ۾، سج اُڀرڻ سان گهڻي تپت ڪندو آهي. هڪڙي ڏينهن سِج اڃا ڪَني مَس ڪڍي هئي، ته هڪ يورپي جوڌو ڊيڊسي (مئل سمنڊ) جي ڀر وارن وارياسن پٽن مان ڌِيمي ڌِيمي ويندو ڏسڻ ۾ آيو. هو سڪاٽلنڊ جو ويٺل هو ۽ پنهنجو ڏورانهون ڏيهه ڇڏي، پئاسٽائين ۾ ڪر وسيڊ (ديني لڙائي) ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آيو هو. ههڙي گرم ملڪ ۾ هرڪو جيڪر ٿڌا ڪپڙا ڪري ته بت ڪجهه ڦَڪُرو رهي، پر هن پهلوان پوشاڪ اهڙي پهري هئي، جنهن ۾ ماڻهو پاڻ ماندو ٿئي. چوٽيءَ کان وٺي کُڙيءَ تائين زنجير بند زرهه بت تي ۽ رڪ جو هول مٿي ۾ هوس ۽ هڪ ٽڪنڊي ڍال ڳچيءَ ۾ پئي لٽڪيس: هڪڙي پاسي کان ڊگهي سنئين، ٻه مُنهين (ڌارن سان) ترار چيلهه سان ٻڌل هيس، جنهن جي مُٺ صليب جي نموني هئي ۽ ٻئي پاسي ٿلهو خنجر پئي لٽڪيس.

هڪڙو رڪ جي چوٽيءَ وارو ڀالو زين سان ٻڌل هئس، جنهن جو ڇيڙو رڪاب ۾ اٽڪيل هو. بت تي انهيءَ ڳري بار جي مٿان هڪ زريدار چوغو هوس، چُوغي ۽ ڍال تي مالڪ جي سڃاڻپ جو خاص نشان هڪ سُتل چيتي جي شڪل هئي، جنهن جي مٿان هي لفظ لکيل هئا: ”مون کي ننڊ آهي، متان ڪو جاڳائيم.

پهرئين پهر هن جوان کي گرميءَ گهڻو ڪو نه لکايو، پر پوءِ جيئن ڏينهن ويو تپندو، تيئن واري وئي ٽانڊا ٿيندي ۽ گهوڙي جا سُنب سڙڻ لڳا، سج ٻنپهرن جو ٿيو ته نٽهڻ اس سبب هي پاڻ اچي عاجز ٿيو، سگهوئي لُڪون لوساٽڻ لڳيس. واٽ تي نه وڻ نه ويساهين، جتي ڪا گهڙي ساهي پٽي، ڪنهن مهل پريان کجيءَ جا وڻ ڏسڻ ۾ آيس. اُمالڪ دڳ کان لاڙو ڪري، انهن ڏي رخ رکي هليو، ارادو هوس ته اتي ڇانوَ ۾ ٻپهرو ڪري پوءِ پنڌ پئجي. هي اها وڻن واري واٽ وٺي هليو ته وڻن وچان ڪو ماڻهو نظر آيس. سگهوئي اهو شخص پنهنجي ڀل ڀلوڙ گهوڙي کي هڪ چوٽ سر-ميدان ڏياريندو، هن ڏي ڪاهيندو آيو. سندس پٽڪي، ڊگهي ڀالي ۽ هوا ۾ اڏامندڙ سائيءَ چادر مان معلوم ٿيو ته هي هڪ جوڌو ترڪ آهي. چوڻي آهي: ”ويران ۾ ملن ويري“، يعني سُڃَ ۾ جيڪو گڏبو سو اڪثر سڄڻ نه هوندو. اها ڳالهه ڳڻي، هن يورپي جنگي جوان زين مان ڀالو ڪڍيو ۽ هن سان سامهون ٿيڻ لاءِ سنڀريو. ترڪ پنهنجي گهوڙي کي واچوڙي وانگر اڏائيندو آيو. ساڄي هٿ ۾ هڪ تلوار سنئين ڪري جهلي هئائين، جا پنهنجي مٿي جي چوڌاري پئي ڦيرايائين، جيئن هو جوڌو ترڪ ويو اوڏو پوندو. تيئن هن ڪرستان پهلوان پاڻ ڪري هڪ هنڌ جهليو، جو ڄاتائين ٿي ته جي دشمن ڊوڙي ڊوڙي مون سان اچي ٺهڪندو ته منهنجي زنجير بند زرهه ۽ هٿيارن سان لڳڻ ڪري، ايذاءُ وري به کيس ايندو.

سگهوئي هنن ٻن پهلوانن جي وچ ۾ موتمار چٽا ڀيٽي لڳي، جا ڪا مهل پئي هلي. ڪنهن وقت ترڪ جي هٿ مان ترار کسڪي وئي، ويتر پُٺيءَ مان تير کپي ويس، تنهن ڪري لاچار صلح جي خواهش ڪيائين. پوءِ ڪرستان جي ويجهو وڃي. هن کي هٿ هٿ ۾ ڏئي، مرڪڻي منهن سان چيائين: ”تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ هن وقت ويڙهه بند آهي، تنهن ڪري اچ ته پاڻ به ڪو وقت ساز سلوڪ ۾ گڏ گذاريون“. ستل چيتي واري جوان وراڻي ڏني: ”بلاشڪ، پر مون کي ڪيئن پڪ ٿئي ته تون سچ پچ مون سان ميٺ محبت ۾ گذاريندين؟“ هو ترڪ، جو هڪ امير ٿي ڏٺو، تنهن گنڀيرائيءَ سان چيس: ”نبي سڳوري جو جيڪو سچو اُمتي هوندو، سو ڪڏهن به وعدي شڪني نه ڪندو. آئون پاڻ جيڪر توکان ضامن گهران، پر مون کي خاطري آهي ته جيڪي سچا سورما هوندا آهن، تن وٽ دغا جو نالو به نه هوندو آهي!، اتي هن عيسائيءَ کي ويساهه آيو. پنهنجي ترار تي هٿ رکي چيائين: ”آءُ سڳوري صليب جو سُنهن کڻي چوان ٿو ته جيسين قسمت اسان کي هڪٻئي سان گڏ رهائيندي، تيسين آءُ تنهنجو وفادار دوست ٿي رهندس.“ هو ترڪ، جو کَن پل اڳي سندس ويري ٿي بيٺو هو، تنهن جواب ۾ چيس: “ڌڻي سڳوري ۽ رسول ڪريم جو مون کي قسم آهي جو منهنجي ڪا توڏي بُري نظر هوندي. هاڻ هل ته هن تلاءُ ڏي هلون، جو هيءَ آرام ڪرڻ جي مهل آهي. مون به اڃا چپن تائين پاڻي آندو ته توکي پريان ايندو ڏسي، مون کي خواهه مخواهه به تو سان سامهون ٿيڻ لاءِ وڌي اچڻو پيو، جو تون مخالف ڌر جو آدمي آهين. پر، هاڻ پاڻ سنگتي آهيون.“ هو پوءِ دلين مان غير ڪڍي، دوستن وانگر هڪٻئي سان گڏجي، کجين ڏي روانا ٿيا. وڻن جي ڇانَو وٽ هڪ چشمو هو، جنهن جو پاڻي آئيني کان به اوجهل هو- اتي لهي پيا، ۽ ٿورو گهڻو کائي، پاڻ کي تازو ڪيائون. پنهنجن وهٽن کي به تازو گاهه کارائي، پاڻي پياري، ڇيڪ ڇڏي ڏنائون ۽ انهن ڀر واري چراگاهه ۾ پاڻمرادو پئي چِنو.

هنن ٻن جوانن جي بت ۽ شڪل جي وچ ۾ زمين آسمان جو تفاوت هو: يورپي جانٺو هو ۽ ڀئورڙا وار هئس، جي ٽوپيءَ لٿي کانپوءِ گهاٽا ۽ گهنڊيدار معلوم ٿي ٿيا، سندس سهڻي ڳچي ۽ ڀريل نيلين اکين مان ظاهر هو ته هو اصل نهايت حسين هو پر هاڻ اڀرندي وارن ملڪن جي گرميءَ سبب شڪل جيڪي سو ڪڻڪ رنگي پئي ڀانيس. سندس ٻول-چال مان پڌرو هو ته دل جو سچو ۽ نهايت دلير هو. ٻن-ٽن مڙسن ۾ ته اک به ڪانه ٿي ٻڏيس: سندس ڪلها گَٺل هئا ۽ گهڻو آزمودگار هو. سندس ڳالهائڻ جو نمونو به تابعدارن جهڙو نه پر حاڪماڻو هو ۽ نهايت فضيلت جهڙو انسان پئي ڏٺو.

ترڪ امير هن کان بلڪل ٻئي ڊول جو هو. هو قداور مڙس هو، تنهن هوندي به پنهنجي يورپي سنگتي کان فوٽ کن ڇوٽو هو، سو ڪيئن جو يورپي تمام لنبو هو، سندس بدن نازڪ ۽ ٺاهوڪو هو. منهن ڀورو هوس، ڪاري ڊگهي ۽ گهنڊيدار ڏاڙهي هيس. نڪ سنهو ۽ سهڻو، اکيون آهوءَ جهڙيون پر ڪجهه قدر پيليون ۽ ڏند عاج جهڙا اڇا هئس. هيءُ امير جوانيءَ جي ڦوهه ۾ هو، جيڪو ڏاڍو سهڻو ۽ سوڌو لڳي ها، پر ڇا، جو نرڙ سوڙهو هوس ۽ بت جو به بلڪل سوکيم هو. هو ڪنهن بيماري سبب پتلو ڏسڻ ۾ نٿي آيو پر هن جي اصل هاٺي اهڙي هئي.

يورپي نائيٽ (جوڌو) ۽ امير پوءِ هڪٻئي کي خبرون چارون ڏيڻ لڳا. ڪروسيڊرن (ديني لڙائي ڪندڙ عيساين) ۽ ترڪن جي وچ ۾ ويڙهه بند ٿيڻ کانپوءِ جيڪي ٿيو هو، سو سماچار پئي هڪٻئي کي ڏنائون. ڳالهين ڪندي نائيٽ چيو: ”بهادر ترڪ، جيڪڏهن آءُ حضرت عيسى جي روضي مبارڪ جي زيارت لاءِ وڃڻو نه هجان ها، ته جيڪر توکي سلامتيءَ جي پڪ ڏئي، انگلينڊ جي بادشاهه رچرڊ جي ڇانوڻي ڏي وٺي هلان ها. هن وٽ پهلوانن جو ڏاڍو قدر آهي. اڳلو همٿ ڀريو، سو هجي، پوءِ ڀلي سندس دشمن ئي هجي، ته به هو هن کي مانُ ڏيڻ وارو آهي. حال ته آئون زيارت جي مراد من ۾ پائي نڪتو آهيان: اڄ ٿيوڊرڪ نالي هڪڙي ڪامل درويش سان ساري رات ڌڻي جي بندگي ۾ گناهن لاءِ پڇتاءُ لاءِ گذارڻي اٿم. اهو درويش اينگاڊيءَ طرف هڪ غار ۾ ڌڻي جي عبادت ۾ گذاري ٿو.“ ترڪ چيس: ”توکي اوستائين سلامت پهچائڻ لاءِ آءُ توسان گڏجيو ٿو هلان. مون کي پڪ آهي ته مون کانسواءِ، تون پنهنجي سِر اُتي مشڪل پهچي سگهندين.“ هن يورپي جوڌي سندس ڀلمانسائيءَ لاءِ ٿورا مڃيا. پوءِ ته ٻيئي گهوڙن تي چڙهي روانا ٿيا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org