ٺهراءُ پهريون
هيءَ اجلاس هن راءِ جو آهي ته سنڌ، بلوچستان ۽
فرنٽيئر علائقن کي ويسٽ پاڪستان جي هڪ يونٽ ۾ ٺاهڻ
جي تحريڪ پنجاب جي سرمائيدارن ۽ عملدارن طرفان
هلايل آهي، ته جيئن ننڍن صوبن جي وسيلن، زمين،
تجارت ۽ نوڪرين تي قبضو ڪيو وڃي.
هيءَ تحرڪ بلڪل ناجائز ۽ نامناسب آهي، جنهن ذريعي
پنجاب جي عوام ۽ سنڌ جي عوام ۾ نفرت ۽ عام طرح
پاڪستان ۾ اندروني خانه جنگي جو باعث ٿيندو، جنهن
مان خطرناڪ نتيجا لازمي آهن.
سنڌ هزارين سالن کان هڪ خاص تهذيب، زبان ۽ روايتن
جي مالڪ آهي. اُن کي پاڪستان ۽ اسلام جي نالي ۾
مٽائڻ ناممڪن ۽ ظالمانه ڪارروائي ٿيندي. اهڙي
ناپاڪ تحريڪ کي سنڌ جو عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو.
هيءُ اجلاس مسٽر غلام محمد، گورنر جنرل کي اپيل ٿو
ڪري ته هن معاملي کي وڌيڪ ڇڪتاڻ کان سواءِ ختم
ڪري، پاڪستان تي مهرباني ڪري.
ٺهراءُ ٻيو
هن ڪائونسل جو اجلاس سنڌ اسيمبليءَ جي اُنهن
ميمبرن تي ناراضگيءَ جو اظهار ٿو ڪري، جو اُنهن
بندوق جي ڇانوَ ۾ پوليس ۽ ملٽري کان هيسجي ڪيو
آهي. اهو ڪيل فيصلو عوام جو فيصلو نه آهي. ڇاڪاڻ
ته سنڌ اسيمبليءَ جي ووٽرن جڏهن انهن ميمبرن کي
ووٽ ڏنا هئا، تڏهن انهن جي اڳيان ون يونٽ جو سوال
ئي ڪونه هو. تنهن کان سواءِ اهو فيصلو 1940ع جي
لاهور واري تاريخي ٺهراءُ جي قطعي خلاف آهي.
”باباءِ سنڌ“_ پاڪستان کان پوءِ سنڌ جي عوام مٿان
جيڪي به ظلم، زبردستيون ۽ ناانصافيون ٿينديون
رهيون، انهن خلاف قدم کنيو. ڪافي محنت ۽ خرچ ڪري،
سنڌ جي سڀني مسئلن تي انگريزي ۾ پمفليٽ لکيا جن
اُن وقت جي حڪومت اندر هڪ قسم جو وڏو ٿرٿلو مچائي
ڇڏيو. دوست توڙي دشمن سڀ دادُ ڏيڻ لڳا. مان هتي
انهن سڀني پمفليٽن جو اختصار پيش ڪريان ٿو:
(1) ”پاڪستان ۾ جمهوريت يا آمريت؟“_ جلد پهريون
(Democracy or Dictatorship in Pakistan, Vol-1)
(تاريخ اشاعت، ڪراچي، 7 آگسٽ 1955ع، صفحا 21)
مٿئين نالي وارو پمفليٽ ”باباءِ سنڌ“ اُن وقت
قلمبند ڪيو، جنهن وقت پاڪستان سخت سياسي مونجهاري
۾ مبتلا هو. جمهوريت کي ڪچلڻ لاءِ آمرانه قوتون
زور آزما هيون ۽ عام ماڻهن جي جائز حقن جي پوئواري
ڪرڻ وارو ڪو ورلي هو.
انهيءَ پمفليٽ ۾ جمهوريت ۽ آمريت جي چڱائين ۽
اوڻاين بابت تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. هن پمفليٽ
لکڻ جو وڏو سبب اهو هو، ته ان وقت عوام کي پيش
ايندڙ مشڪلاتن ۽ جمهوريت کي ڪامياب ٿيڻ کان
روڪيندڙ طاقتن جو مقابلو ڪيو وڃي. انهيءَ پمفليٽ ۾
جمهوريت ۽ آمريت جا سڀ پهلو ظاهر ڪري ڏيکاريل آهن
۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريل آهي ته جمهوريت جي ڪري ملڪ
۾ ترقي ۽ خوشحالي اچي سگهي ٿي. ان پمفليٽ ۾ اولهه
پاڪستان جي سڀني صوبن کي زوريءَ ملائي ”ون يونٽ“
بنائڻ واري منصوبي جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي. پمفليٽ
جي آخر ۾ انهيءَ گڏيل بيان جو متن پڻ ڏنو ويو آهي،
جيڪو 28 جولاءِ 1955ع تي محترم شيخ عبدالمجيد
سنڌي، ”باباءِ سنڌ“ حيدر بخش جتوئي ۽ محمد محمود
(عوامي ليگ) جي صحيحن سان جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾
اُن وقت جي سنڌ جي وڏي وزير_ محمد ايوب کهڙي جي
ڪرتوتن جو تفصيل سان ذڪر ڪيل آهي.
(2) ”پاڪستان ۾ جمهوريت يا آمريت؟“ جلد ٻيو
(Democracy or Dictatorship in Pakistan, Vol-II)
(تاريخ اشاعت: ڪراچي 22 آگسٽ 1955ع، صفحا 24)
”باباءِ سنڌ“_ اهو مٿيون پمفليٽ سنڌ مٿان ون يونٽ
جي عذاب مڙهڻ جي خلاف، اعلانِ جهاد طور لکيو. ان
پمفليٽ ۾ ون يونٽ بل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو
آهي. گورنر جنرل غلام محمد طرفان 24 آڪٽوبر 1954ع
تي آئين ساز اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ واري قدم جو تجزيو
پڻ ورتو ويو آهي. پمفليٽ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سنڌ
هر لحاظ کان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهڻ جي لائق
آهي. انهيءَ جي ايراضي ۽ آبادي دنيا جي ڪيترن ئي
ملڪن کان وڌيڪ آهي. پمفليٽ جي آخر ۾ ون يونٽ مان
سنڌ ۽ ٻين صوبن کي پهچندڙ نقصانن جو تفصيلي جائزو
ورتو ويو آهي ۽ اُن وقت جي آمرانه حڪمرانن کي چيو
ويو آهي، ته انصاف ۽ جمهوريت خاطر ون يونٽ جهڙي
غلط منصوبي کي عمل هيٺ نه آڻيو.
(3) ”پاڪستان ۾ جمهوريت يا آمريت؟“
جلد ٽيون
(Democracy or Dictatorship in Pakistan, Vol-III)
(تاريخ اشاعت: ڪراچي، 10 سيپٽمبر 1955ع، صفحا 28)
مٿئين نالي واري پمفليٽ ۾ ”باباءِ سنڌ“_ ون يونٽ
واري بل تي ميان ممتاز محمد دولتانه طرفان پيش ڪيل
تقريرن ۽ دلائل جو نقطه به نقطه جواب ڏنو آهي ۽
مسٽر دولتانه جي لغو دليلن کي نهايت منصفانه طريقي
سان غلط ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.
انهيءَ پمفليٽ ۾ محمد ايوب کهڙي جي پير علي محمد
راشدي جي ون يونٽ جي تائيد ۽ پٺڀرائي ڪرڻ کي سخت
اکرن ۾ نِنديو ويو آهي ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ويو
آهي ته هو پنهنجي ذاتي مفاد خاطر سنڌ کي هر وقت
قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
(4) ”جمهوريت ۽ چيف جسٽس جو انصاف“
(Democracy and Justice of the Chief Justice)
(تاريخ اشاعت: ڪراچي، 25 ڊسمبر 1956ع صفحا 24)
”باباءِ سنڌ“ انهيءَ مٿئين نالي وارو پمفليٽ،
پاڪستان فيڊرل ڪورٽ جي چيف جسٽس_ مسٽر محمد منير
جي انهيءَ تاريخي فيصلي جي خلاف لکيو هو، جنهن
مطابق جسٽس منير ان وقت جي گورنر جنرل غلام محمد
جي طرفان پاڪستان ۾ جمهوريت جي خاتمي لاءِ مختلف
قدم کنيا هئا ۽ جنهن جي پٺڀرائي جسٽس منير پنهنجي
فيصلي ۾ ڪئي هئي.
هيءُ اُهو دؤر هو، جڏهن گورنر جنرل غلام محمد
پاڪستان کي تباهه ڪرڻ خاطر سڀ ليڪا لنگهي ويو هو.
آئين ساز اسيمبليءَ کي ٽوڙيو ويو هو. صوبائي ۽
مرڪزي حڪومتون ختم ڪيون ويون هيون. اهڙي غير
قانوني قدم خلاف مولوي تميزالدين، جيڪو آئين ساز
اسيمبليءَ جو اسپيڪر هو ۽ هُن سنڌ چيف ڪورٽ ۾ رٽ
داخل ڪئي هئي، جنهن گورنر جو اهو حڪم رد ڪري ڇڏيو_
انهيءَ فيصلي خلاف پاڪستان حڪومت فيڊرل ڪورٽ ۾
اپيل داخل ڪئي، جنهن جو چيف جسٽس محمد منير هو. ۽
هن سنڌ چيف ڪورٽ جو فيصلو رد ڪري، گورنر جنرل جي
حڪم کي بحال رکيو. ”باباءِ سنڌ“ هن پمفليٽ ۾ لکيو
آهي ته جيڪڏهن جمهوريت کي پاڪستان ۾ قائم رکڻو
آهي، ته پوءِ جمهوريت جي عوام دشمن قوتن کي ضرور
بي نقاب ڪرڻو پوندو. پاڻ لکي ٿو ته چيف جسٽس
پاڪستان وڏي ۾ وڏي عدالت جو سربراهه آهي، ان جي
فيصلي خلاف ڪابه وڌيڪ اپيل نٿي ٿي سگهي؛ تنهنڪري
مان هن پمفليٽ ذريعي پنهنجو مؤقف پاڪستان جي عوامي
عدالت اڳيان رکان ٿو، جيڪا آخري وڏي ۾ وڏي طاقتور
اپيل جي عدالت آهي.
(5) ”ڇا سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ قائم رهندي يا نه؟“
(Shall Sindhi Language stay in Karachi or not?)
(تاريخ اشاعت: 9 جنوري 1957ع، صفحا 18)
هن پمفليٽ ۾ ”باباءِ سنڌ“_ سنڌي ٻوليءَ جو ڪراچيءَ
۾ مستقبل جي باري ۾ لکيو آهي ۽ ثابت ڪيو ويو آهي
ته اُن وقت جا حڪمران نه فقط سنڌي ٻوليءَ جي
واڌاري ۾ ناخوش هئا، پر سندن مرضي اها هئي ته سنڌي
ٻولي هميشه لاءِ پوئتي پيل هجي.
(6) ”سنڌ ۾ زميني ڪَٿ جو غير منصفاڻو طريقه ڪار“
(Injustice Land Assessment Rates in Sindh)
(تاريخ اشاعت: حيدرآباد، 15 جون 1957ع)
مٿئين نالي واري پمفليٽ ۾ ”باباءِ سنڌ“_ سنڌ جي
ضلعن ۾ غير منصفاڻي نموني ۾ ڍلن جي بستگيءَ خلاف
لکيو آهي. ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، ته سنڌ جي
ضلعن ۽ ٻين صوبن جي ضلعن جي مقابلي ۾ ڳريون ڍلون
ورتيون وڃن ٿيون، جنهنڪري سنڌ جي زراعتي معيشت کي
گهڻو نقصان پهتو آهي. خاص ڪري ننڍا کاتيدار تباهه
ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ رائج ڪيل سلائيڊنگ اسڪيل هيٺ ڍل
جي وصوليءَ خلاف تفصيلي انگن اکرن سان بحث ڪيل
آهي.
پمفليٽ ۾ صوبه پنجاب جي زمين جي حالت، پيداوار ۽
پاڻيءَ جي گهڻائيءَ ۽ سنڌ جي زمين جي حالت،
پيداوار ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڀيٽ ڪيل آهي ۽ ثابت
ڪري ڏيکاريو ويو آهي، ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ،
زمين جي حالت گهٽ ۽ پيداوار ٿوري هئڻ باوجود به ڍل
۽ پاڻيءَ جي قيمت پنجاب جي آبادگار کان گهٽ ۽ سنڌ
جي آبادگار کان هر قسم جي فصل تي وڌيڪ وصول ڪئي ٿي
وڃي.
(7) ”سنڌ جون زرعي زمينون ڪنهن کي ملڻ گهرجن؟“
(Lands in Sindh, who should own them.)
(تاريخ اشاعت: 27 جولاءِ 1957ع، صفحا 16)
هن پمفليٽ ۾ ”باباءِ سنڌ“_ سنڌ ۾ موجوده زرعي زمين
جي مالڪيءَ جي مسئلي تي تبصرو ڪيو آهي ۽ لکيو آهي،
ته سنڌ جي اصلي باشندن خاص ڪري بي زمين هارين کي
سنڌ جي زرعي زمين کان سازش تحت محروم رکيو ويو
آهي، ۽ سرڪاري زمينن مان گهڻي ۾ گهڻو فائدو غير
سنڌين کي مليو آهي.
(8) ”متروڪه ملڪيت جي ورهاست“
جلد پهريون
(Disposal of Evacuee Property: Vol-I)
(تاريخ اشاعت: ڪراچي 21 فيبروري 1958ع، صفحا 16)
مٿئين پمفليٽ ۾ ”باباءِ سنڌ“، هندن جي ڇڏيل زرعي
زمين جي الاٽمنٽ بابت بحث ڪيو آهي ۽ مهاجرن جو
انهيءَ زمين تي ڪهڙو حق آهي، اُن تي پڻ تفصيلي بحث
ڪيل آهي. ”باباءِ سنڌ“ هن پمفليٽ ۾ حڪومت کي اپيل
ڪئي آهي، ته هندن جي زمين تي مقامي هارين جو حق
آهي، ۽ زمين اُنهن کي ڏني وڃي.
(9) ”متروڪه ملڪيت جي ورهاست“_ جلد ٻيو
(Disposal of Evacuee Property: Vol-2)
(تاريخ اشاعت: ڪراچي، 27 فيبروري 1958ع، صفحا 8)
اٺن صفحن تي مشتمل هن پمفليٽ ۾ ”باباءِ سنڌ“_ هندن
واري ڇڏيل زرعي زمينن جا انگ اکر ڏنا آهن ۽ پهريون
جلد ڇپجڻ کان پوءِ جيڪي حالتون پيدا ٿيون، انهن جو
جائزو ورتل آهي. ۽ هن پمفليٽ ۾ شهري متروڪه ملڪيت
جو پڻ تفصيل سان ذڪر ڪيل آهي ۽ لڏي ويل هندن ۽ لڏي
آيل مهاجر زميندارن جي مالڪيءَ وارن حقن تي بحث
ڪيو ويو آهي. ۽ اهو لکيو آهي، ته هندن جي ڇڏيل
زمين تي مهاجر زميندارن جو ڪوبه قانوني حق نه آهي.
(10) ”سنڌ جي ضلعن ۾ زرعي ٽيڪسن جي وصوليءَ واري
عمل ۾ ناانصافي“
(Injustice Land-Taxation in Sindh Districts)
(تاريخ اشاعت: ڪراچي، 1960ع، صفحا 34)
سائيڪلو اسٽائيل ٿيل هن پمفليٽ کي، جيڪو ايوب خان
جي مارشل لا جي دؤر ۾ سنڌ جي زميندارن ۽ آبادگارن
سان ٿيندڙ زيادتين خلاف لکيو ويو هو، ايوب خان جي
آمرانه حڪومت ضبط ڪيو، ۽ ”باباءِ سنڌ“ کي اُن
ڪتابچي لکڻ جي پاداش ۾ مارشل لا جي مختلف قوانين
هيٺ گرفتار ڪري، اسپيشل مليٽري ڪورٽ ڪوئيٽا ۾ ڪيس
هلائي سخت پورهئي سان ٽي سال جيل جي سزا ڏني ويئي.
اُن وقت جڏهن ڪنهن شخص کي اها همت ڪانه هئي ته
ايوب خان جي مارشل لاءِ خلاف ڪو قدم ته ٺهيو، پر
ڪجهه چئي به سگهي؛ اهڙي نازڪ وقت ۾ سنڌ جي
زميندارن ۽ آبادگارن جي اهم مسئلن ۽ سنڌ جي سرڪاري
زمينن بابت حق گوئي ۽ انصاف کان ڪم وٺندي، ”باباءِ
سنڌ“ جيڪي تفصيل پيش ڪيا، تنهن جو آمرانه حڪومت وٽ
ڪوبه خاطر خواه جواب ڪونه هو. سواءِ اُن جي ته
انهيءَ حڪومت هن مردِ قلندر کي هيسائڻ لاءِ جيل ۾
بند ڪري ڇڏيو. جيل جي تڪليفن ”باباءِ سنڌ“ کي
پنهنجي ارادي ۾ وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ جيل مان نڪرڻ کان
پوءِ پاڻ سنڌ جي حقن جي جدوجهد کي اڳ کان اڳرو ڪري
ڇڏيو.
(11) ”سنڌ جي ڏاکڻي زون ۾ غير منصفاڻو ٽيڪسن جو
نظام“_ جلد پهريون ۽ ٻيو
(Higher Land Taxation in Southern Sindh zone,
Vol-I & II)
(تاريخ اشاعت: حيدرآباد 3 نومبر ۽ 20 نومبر 1966ع،
ڪُل صفحا 48)
مٿين ٻنهي پمفليٽن ۾ ”باباءِ سنڌ“، سنڌ جي سمورن
ٽيڪسن جو جائزو ورتو آهي. هن پنهنجي پاڙيسري صوبه
پنجاب ۾ وڃي، هرهڪ ضلعي جا انگ اکر وڏيءَ محنت سان
هٿ ڪيا ۽ سرڪاري انگن اکرن مان ثابت ڪري ڏيکاريو،
ته سنڌ اندر مختلف زرعي ٽيڪس، پنجاب جي ضلعن کان
ٻيڻا ۽ ڪن حالتن ۾ ٽيڻا وصول ڪيا ٿا وڃن. پمفليٽ
جي پهرين حصي ۾ سال 1954ع کان 1966ع تائين سنڌ
اندر لئنڊ روينيو، واٽر ريٽ ۽ ٻين وصول ٿيندڙ
ٽيڪسن جا تفصيل ڏنل آهن. 1958ع ۾ مارشل لاءِ حڪومت
۽ ون يونٽ حڪومت طرفان سنڌ ۾ وري وڌيڪ ٽيڪس وڌايا
ويا، تن جو پڻ جائزو ورتل آهي.
هنن ٻنهي پمفليٽن ۾ پنجاب ۽ سنڌ جي سڀني ضلعن جي
في ايڪڙ پيداوار ۽ لئنڊ روينيو، واٽر ريٽ ۽ ٻين
وصول ٿيندڙ سڀني ٽيڪسن جو چارٽر (نقشو) ڇپيل آهي.
پمفليٽ جي ٻئي جلد ۾، ان وقت جي ويسٽ پاڪستان
اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي سڀني ميمبرن هن پمفليٽ جي
تائيد ۾ صحيحون ڪيون آهن، جنهن جي فوٽو ڪاپي به
شامل ڪيل آهي.
(12) ”گڊو بيراج جي رياستي زرعي زمين جي ورهاست“
(Disposal of Guddu Barrage State Land)
(تاريخ اشاعت: سکر 4 اپريل 1957ع، صفحا 12)
”باباءِ سنڌ“ مٿئين پمفليٽ ۾ سنڌ جي هارين جي حالت
جو ذڪر ڪيو آهي. سندس قول آهي، ته ملڪ ۾ اڪثريت
هارين جي آهي، زمين جو اصل مالڪ هاري آهي، مگر هنن
کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي.
هن پمفليٽ ۾ لکيو ويو آهي ته پيرزاده عبدالستار
جڏهن سنڌ جو وزير اعليٰ هو تڏهن هن انجام ڪيو هو
،ته بيراج جي 6 لک ايڪڙ زمين مقامي هارين کي ڏني
ويندي. مگر گورنر جنرل غلام محمد ”ون يونٽ“ زوريءَ
مڙهي، سنڌ جو وزير اعليٰ _ مسٽر ايوب خان کهڙي کي
ڪري ڇڏيو، جنهن هارين کي زمين ڏيڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو. پمفليٽ ۾ ”باباءِ سنڌ“ لکيو آهي، ته اهڙيءَ
حالت ۾ لاهور سرڪار کان اُميد ڪرڻ ته زمين سنڌ جي
هارين کي ملندي، اها ڳالهه بلڪل ناممڪن هئي.
پمفليٽ ۾ ڪيترن ليڊرن جون اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقريرن
جا حوالا ڏنل آهن، جن ۾ هنن چيو هو ته سنڌ جي
سرڪاري زمين تي پهريائين حق اُتي جي هارين جو آهي،
مگر اڳتي هلي هو سڀ ڦري ويا.
”باباءِ سنڌ“، هن پمفليٽ ۾ گڊو بيراج جي زمين جا
انگ اکر پيش ڪيا آهن ۽ اُهي سمورا تفصيل شايع ڪيا
آهن، جن کي اُها زمين ڏني ويئي آهي، هن اهو پڻ
ڏيکاريو آهي ته بيراج جي زمين مان چاليهه سيڪڙي
کان به گهٽ زمين مقامي بي زمين هارين کي ڏنل آهي،
جڏهن ته ٻي زمين سول ۽ فوجي عملدارن ۽ قبائلي
سيٽلرن ۽ عام نيلام ۽ ٻين مختلف اسيڪمن هيٺ نيڪال
ڪئي ويئي آهي.
(13) ”مکي ڍنڍ جي علائقي مان مقامي آباديءَ جي
زبردستي لڏپلاڻ بند ڪريو“
(Stop Ejectment of Population from Mukhi Dhandh
Area)
(تاريخ اشاعت: حيدرآباد 20 ڊسمبر 1967ع، صفحا 16)
”باباءِ سنڌ“ هيءَ پمفليٽ مکي ڍنڍ ايراضيءَ جي
هارين مٿان ٿيندڙ ظلم کان متاثر ٿي لکيو هو.
”باباءِ سنڌ“ پاڻ ۽ پنهنجي رفيقن سان گڏ جڏهن مکي
ڍنڍ ايراضيءَ ۾ وڃڻ لاءِ پروگرام تي سانگهڙ پهتو،
تڏهن انهيءَ ڏينهن قلم 144 لڳايو ويو. ”باباءِ
سنڌ“ ڪابه پرواهه نه ڪئي ۽ سرزمين تي پهتو، جتي
هزارين هارين سندن شاندار استقبال ڪيو ۽ پنهنجون
تڪليفون لکت ۾ ڏنيون. شڪايت ڪندڙ هاري گهڻي ڀاڱي
سڀ پير صاحب پاڳاري جا مريد حُر هئا.
حر هارين _ ”باباءِ سنڌ“ کي ٻڌايو ته اسان جون
اصلي زمينون ته بي قاعدي ٻين کي تقسيم ڪيون ويون
آهن، پر هاڻي اسان جا گهر زبردستيءَ ٽريڪٽرن سان
ڊاهي، جيلن ۾ بند ڪرائي، اباڻن ڳوٺن مان به لڏايو
ٿو وڃي. ”باباءِ سنڌ“ هارين سان گڏ وڃي ڪيتريون
سرزمينون پڻ ڏٺيون ۽ سڀ تفصيل تيار ڪري، حيدرآباد
پهچڻ شرط مٿيون پمفليٽ لکيو. ڪتاب ڇپجي جڏهن هاري
آفيس ۾ پهتو، ته 11 بجي رات جو لاهور سرڪار جي
وارنٽ تي ”باباءِ سنڌ“ کي گرفتار ڪري، مڇ جيل
موڪليو ويو.
”باباءِ سنڌ“ هن پمفليٽ ۾ مکي ڍنڍ جي زمين جي سڄي
تاريخ بيان ڪئي آهي. زمين جي ايراضي، جا اٽڪل پنج
لک ايڪڙ ٿيندي، انهيءَ متعلق لکيو آهي ته انهيءَ
زمين جا اصلي مالڪ حُر هاري آهن. انگريزن بي سبب
اُهي زمينون ضبط ڪري ڇڏيون هيون.
”باباءِ سنڌ“ پمفليٽ ۾ لکيو آهي ته پاڪستان ٿيڻ
کان پوءِ اها ڪافي اُميد هئي، ته مکيءَ جي زمين
وري اصلي مالڪن کي واپس ڏني ويندي، مگر انهيءَ جي
بجاءِ اُها ضبط ٿيل زمين فوجين، قبائلين ۽ سرڪاري
عملدارن کي الاٽمنٽ ڪري ڏني ۽ لکين روپيا خرچ ڪري،
هنن کي زمين آباديءَ لائق بنائي ڏني ويئي. ”باباءِ
سنڌ“ لکيو آهي ته هيءُ مکيءَ جي اصلي رهواسين سان
ظلم ۽ ناانصافي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته هنن سان
انصاف وارو سلوڪ اختيار ڪري، اُهي سڀ زمينون اصلي
مالڪن جي حوالي ڪيون وڃن ۽ هنن کي پنهنجي زمين ۽
گهرن تان ڪنهن به حالت ۾ بي دخل نه ڪيو وڃي.
انهيءَ پمفليٽ ۾ مکي علائقي جي ڳوٺن جا نالا ۽
انهيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جي آدمشماريءَ جا انگ اکر پڻ
ڏنا ويا آهن.
(14) ”ون يونٽ ٽوڙي سنڌ، بلوچستان ۽ پختونستان جي
حق اختياري بحال ڪئي وڃي.“
(Break up One-Unit Restorful Provincial Autonomy
to Sindh, Balochistan and Pakhtoonistan)
(تاريخ اشاعت: حيدرآباد، 14 مارچ 1969ع)
9 مارچ 1969ع تي حيدرآباد ۾ جناب مخدوم محمد زمان
’طالب الموليٰ‘ صاحب جي ڪنٽونمينٽ واري بنگلي تي
”ون يونٽ“ خلاف سنڌ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي
ميمبرن، عوامي رهنمائن ۽ قومي ڪارڪنن ۽ دانشورن جو
ڪنوينشن جناب شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت هيٺ
گڏ ٿيو. انهيءَ موقعي تي ”باباءِ سنڌ“ هڪ بل تيار
ڪري آيو، جنهن تي اُن وقت موجوده قومي اسيمبليءَ
جي ميمبرن_ جناب مخدوم محمد زمان صاحب، جناب
عبدالحميد جتوئي، جناب غلام مصطفيٰ جتوئي، جناب
خانبهادر غلام محمد وساڻ، جناب مير اعجاز خان
ٽالپر ۽ جناب صادق علي ميمڻ صحيحون ڪري، بل کي
قانوني شڪل ڏني.
”باباءِ سنڌ“ اهو صحيحن ڪيل بل قومي اسيمبليءَ جي
سيڪريٽريءَ کي ڏياري موڪليو. انهيءَ بل ۾ سيڪريٽري
کي لکيو ويو هو، ته ايندڙ قومي اسيمبليءَ جي اجلاس
۾ هيءُ بل ايجنڊا تي رکيو وڃي.
”باباءِ سنڌ“، انهيءَ بل جو پمفليٽ ڇپايو، جنهن ۾
قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي صحيحن جي فوٽو ڪاپيءَ
سان گڏ اجلاس ۾ ٻيا جيڪي عوامي رهنما گڏ ٿيا هئا،
انهن جي صحيحن جي فوٽو ڪاپي به شامل ڪيل آهي. قومي
اسيمبليءَ جي سيڪريٽري ون يونٽ خلاف موڪليل اُهو
بل قومي اسيمبليءَ جي اجلاس جي ايجنڊا تي رکيو،
مگر جلد ئي صدر يحيٰ خان ”ون يونٽ“ جي خاتمي جو
اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو تاريخي پڌرنامو
(حيدرآباد، 12 نومبر 1967ع)
صدر ايوب جي آمرانه حڪومت 1958ع ۾ پاڪستان جي سڀني
سياسي جماعتن سان گڏ سنڌ هاري ڪاميٽي تي پڻ مارشل
لا هيٺ بندش وڌي. ”باباءِ سنڌ“ ۽ ڪيترن هاري ورڪرن
کي گرفتار ڪري، جيل ۾ بند رکيو ۽ سنڌ هاري
ڪاميٽيءَ جي مرڪزي آفيس ۽ سنڌ ۾ ٻين سڀني هاري
آفيسن کي سيل مهر ڪري ڇڏيو.
جڏهن سڀني سياسي جماعتن سان گڏ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ
تان بندش لاٿي ويئي. تڏهن ”باباءِ سنڌ“_ سنڌ جي
هارين، دانشورن، هاري ڪارڪنن کي حيدرآباد ۾ 12
نومبر 1967ع تي اچڻ جو سڏ ڏنو.
”باباءِ سنڌ“ جي انهيءَ سڏ_ ”ون يونٽ“ حڪومت کي
ڏڪائي ڇڏيو. هر طرحين جون ڪوششون ڪيون ويون، ته
اهو ٿيندڙ ڪنوينشن ڪامياب نه ٿئي. پرمٽ
(Permit)
ڏيڻ کان به نٽايو پئي ويو. ”باباءِ سنڌ“ ۽ سندس
رفيقن_ ڪنوينشن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجو تحرڪ
جاري رکيو.
12 نومبر 1967ع جو ڏينهن حيدرآباد جي تاريخ ۾ وڏو
يادگار ڏينهن رهندو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين
هاري ۽ عوامي ڪارڪن ڪنوينشن ۾ اچي شريڪ ٿيا.
ڪنوينشن جو اجلاس نواب زاهد علي خان جي بنگلي
اڳيان واري ميدان تي شاندار پنڊال ۾ شروع ڪيو ويو.
حيدرآباد جا رستا سنڌ جي ماروئڙن، جهانگيئڙن جي
روايتي سنڌي لباس اڇو پٽڪو، اجرڪ، شلوار سان ٽمٽار
نظر اچي رهيا هئا. هيترن اٿاهه هارين جي حيدرآباد
۾ اچڻ، شهر ۾ ٿرٿلو پيدا ڪري ڇڏيو. ويتر جو سڀني
هارين ۽ ڪارڪنن جي سيني تي ”هاري حقدار“ ۽ ”جيئي
سنڌ“ جا بيجز لڳل هئا، تنهن شهرين کي مُنجهائي وڌو
ته هيءَ وري ڪهڙي مصيبت اچي شهر تي نازل ٿي آهي!
سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي صدر جي حيثيت ۾، ”باباءِ
سنڌ“ هن عظيم الشان اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ انهيءَ
تاريخي اجتماع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ طرفان هيٺيون
پڌرنامو پڙهيو ويو، جو ڪنوينشن ۾ بحال ڪيو ويو.
اهو پڌرنامو هن ريت آهي.
پڌرنامو
بنيادي حقوق
* حڪومت جو نظام جمهوري اصولن تي هلايو وڃي ۽
آمريت جي هر اثر کي ختم ڪيو وڃي. انهيءَ مقصد حاصل
ڪرڻ لاءِ:
* قومي اسيمبليءَ جا ۽ هر علائقائي اسيمبلين جا
نمائندا ۽ صدر مملڪت، سڌيءَ طرح ۽ عام بالغ راءِ
جي بنياد تي چونڊيا وڃن.
* عوام جي نمائندن مان ئي وزارتون ٺاهيون وڃن ۽
حڪومت جي تمام طاقت ۽ فيصلا (بجيٽ جي اختيارن
سميت) انهن جي هٿ ۾ هجن.
* ”ون يونٽ“ کي ٽوڙي، سنڌ (ڪراچي سميت)، بلوچستان،
سرحد ۽ پنجاب جي صوبائي حيثيت کي وري قائم ڪيو
وڃي. ڪشمير لاءِ به اهو ئي وعدو ڏنو وڃي ۽ پورو
ڪيو وڃي.
سرڪاري زمينن جو نيڪال
* سڀ سرڪاري زمينون، بي زمين هارين کي مقرر ۽
مناسب مالڪاڻي سان آسان قسطن تي ۽ بنا وياج جي
ڏنيون وڃن. انهن زمينن جو عام نيلام قطعي بند ڪيو
وڃي.
* سکر بيراج، ڪوٽڙي بيراج ۽ گڊو بيراج جي زمينن تي
مهاڳيدارن، خاص موڪل جي حقن وارن، نوبت ضبط، دريا
خوردي وارن جا حق سختيءَ سان محفوظ رکيا وڃن ۽
اُهي زمينون نيلام نه ڪيون وڃن.
* مکي ڍنڍ جون زمينون مقامي هارين کي ڏنيون وڃن ۽
انهن کي ڪنهن به حالت ۾ بي دخل نه ڪيو وڃي. جن
هارين کان زمينون کسيون ويون آهن، اُهي انهن کي
واپس ڏنيون وڃن.
* عمديون زمينون عملدارن کي ۽ نيلام رستي ۽ مختلف
اسڪيمن جي نموني ۽ بهاني سان سرمائيدارن کي ڏنيون
وڃن ٿيون ۽ ساديون بچيل زمينون هارين کي آڇيون وڃن
ٿيون، اها غلط پاليسي آهي. عمدين زمينن تي پهريون
حق مڪاني هارين جو تسليم ڪيو وڃي.
* لاڙ ۽ کاري ڇاڻ ۾ جن کاتيدارن جون زمينون ڪوٽڙي
بيراج نڪرڻ سبب آباديءَ کان خارج ٿي ويون آهن،
انهن کاتيدارن کي عيوضي ۾ سٺيون آباديءَ لائق
زمينون ڏنيون وڃن.
متروڪ زرعي زمينن جو نيڪال:
* جن مقامي ۽ مهاجر الاٽي هارين کان زمينون کسيون
ويون آهن، انهن کي سرڪاري زمينون ڏيئي ورسايو وڃي
۽ انهن جو حق ٻين هارين کان مٿي رکيو وڃي.
* هينئر ويهن سالن کان پوءِ الاٽي هارين کان
زوريءَ ”ليس مني“ وصول ڪئي وڃي ٿي، جو بلڪل ظلم
آهي. گهڻين حالتن ۾ تپيدارن بروقت وصول ڪئي هئي ۽
ڪيترن حالتن ۾ مقامي زميندارن ۽ ڪامورن گڏجي هندن
جو حصو پڻ کنيو هو ۽ هارين کي رڳو هارپ نصيب ٿي
هئي. ليس منيءَ جي وصولي بند ڪئي وڃي ۽ حساب تان
لاهي ڇڏجي.
* باقي بچيل متروڪ زرعي زمينون مقامي هارين، ننڍن
مهاڳيدارن ۽ کاتيدارن کي ٻين سرڪاري زمينن وانگر
ڏنيون وڃن.
زرعي سڌارا
* زرعي سڌارن جو صحيح طريقو اهو هو، ته وڏن
زميندارن ۽ جاگيردارن کان ورتل زمينون معمولي
مالڪاڻي تي مقامي هارين کي ڏنيون وڃن ها، مگر ائين
نه ڪيو ويو آهي ۽ هارين کان تمام ڳرا مالڪاڻا ورتا
وڃن ٿا. مثلاً: چانڊيه جاگير (ضلع لاڙڪاڻي) ۾ خشڪ
پوک لاءِ به في ايڪڙ 450 روپيا ورتا ويا آهن،
حالانڪ ساڳئي قسم جي بيراج جي سرڪاري زمين في ايڪڙ
200 روپيا مالڪاڻو مقرر آهي. انهن زمينن لاءِ پاڻي
به ميسر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ مالڪاڻو ڏيڻ،
هارين لاءِ مشڪل ۽ محال مسئلو بڻجي ويو آهي.
روينيو عملدار_ مالڪاڻو ضبطيءَ سان وصول ڪري رهيا
آهن. هن لاءِ هيٺيون تجويزون عمل ۾ آنديون وڃن.
* مالڪاڻو گهٽايو وڃي ۽ قسطون نئين سر بست ڪيون
وڃن. جتي واهن جو پاڻي مهيا نه ڪيو ويو آهي، اُتي
قسطون مهلت هيٺ رهن. مالڪاڻي جي وصوليءَ لاءِ
ضبطين جي ڪارروائيءَ بند ڪئي وڃي.
* وڌ ۾ وڌ زمينداريءَ جي حد 15000 پيداواري يونٽ
هئڻ گهرجي.
ڍلن جي شرح
* زرعي ڍلون انڪم ٽيڪس جي اصولن تي بست ڪيون وڃن ۽
ڇهه هزار روپين کان گهٽ سالياني زرعي پيداوار تي
ڪابه ڍل نه وجهڻ گهرجي.
* 6 _ ايڪڙ ساريال زمين ۽ 34 ايڪڙ خشڪ پوک تي ڍل
معاف ڪئي وڃي. انهن کاتيدارن کان فقط آبيانو ورتو
وڃي، جو واهن جي پاڻيءَ جي اصلي خرچ مطابق هجي.
* ڍل ۽ آبياني جو مقدار ڪنهن به صورت ۾ کاتيدارن
جي صافي بچت جي چوٿين پتي کان وڌيڪ نه هجي.
سنڌين لاءِ سرڪاري نوڪريون
* ”ون يونٽ“ حڪومت ۾ سڀني کاتن جي سنڌي عملدارن جي
حق تلفي ڪئي وئي آهي. لائق ۽ ايماندار عملدارن کي
پڪو نٿو ڪيو وڃي. انهن جا اضافا روڪيا ويا آهن ۽
اڻ آزمودگار نوجوان عملدار انهن جي مٿان رکيا وڃن
ٿا، جن مان گهڻا ٿوري وقت جي نوڪري ۾ ئي رشوت
خوريءَ کان مشهور ٿي ويا آهن.
* نيم سرڪاري ادارن ۾، جن جو تعداد ٽيهارو آهي.
ريلوي، واپڊا، اي. ڊي. سي، وغيره وغيره انهن ۾
سنڌين جي نمائندگي سنڌ اندر دفترن ۾ حبه نه جي
برابر آهي ايستائين جو ڪلارڪن ۽ پٽيوالن جون جايون
به ٻاهرين ماڻهن سان ڀريون وڃن ٿيون.
* بورڊ آف روينيو جهڙي اهم اداري ۾ هڪ به سنڌي
ميمبر ڪونهي.
* ”ون يونٽ“ سيڪريٽريٽ ۾ 1956ع ۾ اٽڪل ڇهه سؤ سنڌي
ڪلارڪ ۽ پٽيوالا هئا. هاڻي انهن جو تعداد هڪ سؤ
کان به گهٽجي ويو آهي. نئين ڀرتين ۾ سنڌين لاءِ
ڪابه اُميد ڪانهي.
سنڌي زبان
* سنڌي زبان کي سنڌ ۾ سرڪاري زبان ڪري تسليم ڪيو
وڃي.
* سنڌ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾، جن شاگردن جي مادري
زبان سنڌي ناهي، انهن لاءِ سنڌي زبان کي لازمي
ثانوي زبان جو درجو ڏنو وڃي.
* سڀني امتحانن ۾ (اعليٰ ملازمتن جي امتحانن سميت)
پيپرن جو سنڌي ۾ جواب ڏيڻ تسليم ڪيو وڃي.
* سنڌ اندر سڀني عملدارن لاءِ سنڌي سمجهڻ ۽ لکڻ
لازمي قرار ڏنو وڃي.
مزدورن جا حق
* مزدورن جا جي حق، بين الاقوامي مزدور اداري
تسليم ڪيا آهن ۽ پاڪستان به اُن اداري جو رڪن آهي.
سي حق پاڪستان جي مزدورن کي ڏنا وڃن. مزدورن جي
هڙتال جو حق تسليم ڪيو وڃي ۽ انهن جي لاءِ علاج،
رهڻ ۽ موڪلن جون سهوليتون مهيا ڪيون وڃن. مزدورن
خلاف ڊفينس آف پاڪستان ايڪٽ ۽ رولن جي استعمال سان
سرمائيدار طبقي جي طرفداري بند ڪئي وڃي. پاڪستان
جي ڪارخانن ۽ ملڪي پيداوار جا حقيقي معمار مزدور ۽
هاري آهن.
شاگردن جا مسئلا
* يونيورسٽي آرڊيننس ختم ڪري، شاگردن لاءِ گهٽ فين
جون سهوليتون مهيا ڪيون وڃن ۽ انهن کي اُهي جمهوري
آزاديون ڏنيون وڃن، جي آزاد ملڪن جي ڪاليجن ۾
تسليم شده آهن. انهيءَ ۾ ئي هن قوم جي دولت،
اڀرندڙ طاقت ۽ آئينده نسلن جي ترقيءَ جو مدار آهي.
* سنڌي شاگردن لاءِ سنڌ اندر زرعي، ميڊيڪل،
انجنيئرنگ ڪاليجن ۽ پاليٽيڪنيڪ انسٽيٽيوٽ ۾
داخلائون محدود رکيون ويون آهن ۽ سنڌ کان ٻاهر
ڪاليجن ۾ سنڌين لاءِ داخلائون قريب قريب بند آهن.
سنڌ جهڙي پٺتي پيل علائقي سان هيءُ برتاءُ بي
ناانصافي جي برابر آهي.
متفرقه انتظامي مسئلا
* رشوت ايترو ته زور وٺي ويئي آهي، جو اُن کي
گهٽائڻ لاءِ تمام سخت قدمن جي ضرورت آهي. وڏن
عملدارن کي رشوت جي ڏوهه لاءِ ملڪ نيڪالي يا ڪاري
پاڻي قيد جي سزا ڏني وڃي ۽ انهن جون ملڪيتون ضبط
ڪيون وڃن.
* اناج جي وڪري لاءِ سرڪاري مارڪيٽ ۾ ڊيپو کوليا
وڃن، جيئن هارين ۽ کاتيدارن کي سنئون سڌيون پوريون
قيمتون ملن ۽ عوام کي اناج مناسب اگهن تي ملي
سگهي.
* عمده ٻج، ڪيميائي ڀاڻ، جديد زرعي اوزارن ۽
ٽريڪٽرن جون سهوليتون هارين ۽ ننڍن کاتيدارن کي
تقاوي قرضن جي ذريعي ڏنيون وڃن.
* واهن جي کاٽين جا ٺيڪا مقامي کاتيدارن کي مقرر
اگهن تي ڏنا وڃن، ته جيئن هو پنهنجي فائدي خاطر
کاٽيون پوريءَ طرح کڻائين ۽ پاڻي وڌائين. ٻاهريان
ٺيڪيدار_ عملدارن سان گڏجي گهوٻيون هڻن ٿا ۽ ڪم
پورو نٿا ڪن.
* سنڌ ريجمنٽ قائم ڪري، سنڌين لاءِ وڏي پيماني تي
فوجي تربيت جو انتظام ڪيو وڃي ۽ ملڪ جي بچاءُ ۾
سنڌين کي به موقعو ڏنو وڃي.
عرض ۽ اعلان
* مٿيان مطالبا نه فقط هارين جا، پر قوم جي تمام
عوام جي ترجماني ڪن ٿا.
* سنڌ جا ماڻهو چاهين، ته هو انهن کي آئيني طريقن
سان عملي جامو پهرائي سگهن ٿا.
* انسان ذات انهيءَ مرحلي تي پهتي آهي، جو پاڪستان
هجي يا امريڪا_ ڪٿي به ڪيڏو به جابر حاڪم هجي، ته
به هو عوام جي آواز ۽ مطالبن کي نظرانداز نه ٿو
ڪري سگهي.
* سنڌي هم وطنو! هاريو! مزدورو! کاتيدارو! اديبو!
شاعرو! تاجرو! طالب علمو! هيءُ اوهان کي صداءِ عام
آهي! اچو ته منظم ٿي پنهنجا حق حاصل ڪريون! اهو
ڏينهن ڏور نه آهي، جو اسان پنهنجي منزل مقصود تي
پهچي وينداسون.
”باباءِ سنڌ“ هڪ عظيم
انقلابي شاعر
”باباءِ سنڌ“، پنهنجن ۽ پراون هٿان سنڌ مٿان ٿيل
ظلم ۽ بي انصافي کان متاثر ٿي، ڪيترائي نظم لکيا ۽
ڇپائي سنڌ جي عوام تائين پهچايا. ”باباءِ سنڌ“_
سياسي اڳواڻ ۽ اديب سان گڏ هڪ عظيم انقلابي شاعر
پڻ هو. انهيءَ سلسلي ۾، جناب مولانا غلام محمد
گرامي صاحب جن جو ”باباءِ سنڌ“ جي شاعرانه زندگيءَ
تي لکيل تمهيد ۽ تعارف پيش ڪجي ٿو:
”شاعري انسانيت جي ضمير آواز آهي.“ اهو ضمير جو
آواز، هميشه بلند رهندو آيو آهي ۽ بلند رهندو
ايندو. شاعري انساني تهذيب جي حسن ۽ جمال کي وڌائي
ٿي. تخيل جي شمع فروزان، اوندهه ۽ انڌوڪار جي دنيا
۾ آب حيات کي ڳولي ٿي. شاعري انسان جي دٻيل ۽
گهٽيل جذبات کي اظهار جي قوت ڏئي ٿي ۽ قوتِ اظهار
کي تلوار آبدار وانگر پاڻي پياري ٿي. شاعري هڪ زخم
خورده روح جي آهه ۽ فرياد آهي، پر ٻين مجروح ۽
بيمار روحن لاءِ دوا دارون آهي. شاعري جگر جو خون
آهي، جنهن سان علم ۽ فڪر جي باغ جي گلن ۽ ڦلن جي
تازگي حسن بندي وابسته آهي. تڏهن ته شاعريءَ کي
پيغمبريءَ جو جزو چيو ويو آهي. ٿورن لفظن ۾: شاعري
حق جي ڳولائو آهي ۽ باطل کان بيزار آهي، جنهن کي
جاهل پنهنجي نادانيءَ جي ڪري ڪفر ۽ گمراهي ٿا
سڏين_ جاهلانش ڪفر داننداز خري!_ ۽ شاعر_ ”عاشق
زهر پياڪ“ آهي، وِهه ڏسي پيو وهسي ۽ خوش ٿئي. شاعر
ان ڪري ٿو زهر پيئي جيئن ڪنهن ٻئي معصوم ۽ مظلوم
کي ڪٿي زهر نه پيئڻو پوي! اگر ڪو کيس اهو يقين
ڏياري ته ساريءَ دنيا جو زهر هڪ ئي ڀيري ختم ڪرڻو
آهي، پر ڪو پيئڻ لاءِ تيار نه آهي ته پوءِ شاعر
ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هو چوندو ته، ”اهو سمورو
زهر مان ئي ٿو پيئان.“ اصل هڪ قطرو به نه
بچائيندو! شاعر هر دؤر ۾، هر روپ ۾ موجود آهي.
سقراط به آهي، ته عيسيٰ به آهي، ته حسين به آهي.
”زهر جو پيالو ۽ صليب ۽ دشتِ ڪربلا“_ شاعر سان
لازم ملزوم آهن. شاعر هر دؤر ۾ هر حق ۽ باطل جي
ڪشمڪش جي سلسلي ۾ ڪيڏارو ٿو ڳائي، صليب تي ٿو
سواري ڪري، يا سوريءَ کي ٿو سينگاري. شاعر هيمشه
صليب جي سايي ۾، سوريءَ تي ”منصور“ وانگر ٿو چڙهي،
ته ڪڏهن ”سرمد“ وانگر تهه تيغ ٿو رهي، ۽ ڪڏهن
ڪربلا ۾ ڪُسڻ قبول ٿو ڪري، پر هر حال ۾ حق پسندانه
نظريه سان وابسته هوندو. باطل تي ڦٽڪار وجهندي،
ڪُسي ويندو، پر ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍندو.
_ ”باباءِ سنڌ“ حيدر بخش جتوئي، سنڌ جو منصور ۽
سرمد هو، جنهن سوريءَ کي سينگاريو، باطل کي
للڪاريو، ظلم ۽ تشدد جي خلاف مقابلو جوٽيو. سنڌ جي
ادبي تاريخ ۾ هيءُ پهريون شاعر آهي، جنهن روايتي
شاعريءَ کان منهن موڙي، جديد شاعريءَ جو بنياد وڌو
۽ انقلابي شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. سنڌ جي
مظلومانه حال تي رجز خواني ڪيائين. سنڌ کي
پيڙهيندڙ طاقتن کي نغاري جي چوٽ تي للڪاريائين.
هارين ۽ مزدورن جي ڪسمپرسيءَ تي ڳوڙها ڳاڙيائين.
سنڌ کي ”جيجل ۽ مٺي ماءُ“ سڏيائين ۽ ان لاءِ جيل
ڪاٽيائين. آخر ان ئي راهه ۾ پهچي پساهه پورا
ڪيائين. گويا هيءُ ئي سنڌي شاعر پنهنجي مقصد ۾
ڪامياب ٿيو.
_ ليکڪ: غلام حسين سومرو
سنڌ جو عظيم قومپرست ڪميونسٽ
اسان جا سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳا ساٿي هاريو،
مزدورو، شاگردو، اديبو ۽ دانشورو ”جيئي پورهيت
سنڌ“.
ساٿيو! اسان سڀ هڪ ٻئي جا ڏاڍا ٿورائتا آهيون، جو
هتي اچي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي چوڏهين ورسيءَ
کي چار چنڊ لاتا اٿئون. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ
جهڙي عظيم انسان جي هيلوڪي ورسي، هڪڙي اهڙي هنڌ تي
ملهائي پئي وڃي، جتان کان رڳو ڪجهه فرلانگن جي پنڌ
تي، سنڌ جي سپوتن ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي
واٽ تي هلندڙن، تازيءَ جمهوري جدوجهد ۾ ثابت ڪري
ڏيکاريو آهي ته اهي ڪنهن به انقلابي جدوجهد ۾ ڪڏهن
به پوئتي پوڻ وارا ڪونه آهن.
تازو جمهوري جدوجهد ۾ سڪرنڊ جي ويجهو ”پنهون خان“
جي ڳوٺ وٽ، سامراجي ڇاڙتن جي هٿان عوام جو جيڪو
خون وهايو ويو آهي، انهيءَ تي جيترو ماتم ڪجي اهو
ٿورو آهي.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جنهن انقلابي جدوجهد جي
شروعات ڪئي هئي، تازي عوامي جنگ، انهيءَ جو حقيقي
پڙاڏو آهي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئن ته سنڌ جي
هارين ۾ ئي پنهنجي ”انقلابي واٽ“ جي لاٽ ٻاري هئي،
ان ڪري سندس لاٽ جو اهو سوجهرو انهن هارين جي هٿان
ئي جڳمڳائيندي هن وقت سڄيءَ سنڌ ۽ دنيا کي روشن
ڪري رهيو آهي. اسان، اوهان ۽ هي هاري ۽ مزدور،
جيڪي هن ميڙ ۾ هتي اچي ڪٺا ٿيا آهن، سي سڀ ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئيءَ جي جلايل جوت هيٺ ”عالمي پورهيت
سماجي شعور“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪٺا ٿيا آهيون.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اهو عظيم انسان آهي، جنهن
انگريزي دور جي هڪ تمام وڏي عهدي کي لت هڻي هارين،
مزدورن ۽ مظلوم ماروئڙن جي واهر ۽ وسيلو بڻجي،
ميدان ڪارزار ۾ نڪري آيو ۽ هاري حقدار جو نعرو
بلند ڪري سامراج جي دلال استحصالي قوتن سان ٽڪر
کاڌو ۽ هارين کي سجاڳ ڪري، هارين جي جلسن ۽ جلوسن
کي منظم ڪري کين اڌ بٽائي ۽ ٻيا ڪيترائي حق وٺرائي
ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. نه رڳو اهو پر جڏهن پاڪستاني
جبري الحاق ۾ واڙيل مظلوم قومن جي ڳچيءَ ۾ ون يونٽ
جي غلاميءَ جو ڳٽ وڌو ويو، تڏهن پڻ هن عظيم انسان
ايوبي آمريت جي ڏاڍ جي خلاف وڙهندي جيل جي ڪال
ڪوٺڙين ۾ به مظلوم عوام ۽ مظلوم قومن جي حق ۾ آواز
بلند ڪيو. |