سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

باب-

صفحو :1

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

سڪندر ملاح

ٻه اکر، مرتب ڪندڙ پاران

اڄڪلهه مارڪيٽ ۾ تمام گهڻا سنڌي ڪتاب اچي رهيا آهن. تمام سٺو ۽ معياري ادب شايع ٿي رهيو آهي. هڪ طرف افسانا، ناول، شاعري ۽ تاريخ جي موضوع تي ڪتاب اچي رهيا آهن، ته ٻئي طرف آتم ڪهاڻين ۽ سنڌ جي اهم ۽ ناميارين شخصيتن جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي خدمتن جي متعلق پڻ ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. انهيءَ ڏس ۾ اسان به هڪ وک اڳتي وڌائيندي، سنڌ ڌرتيءَ جي نامور شخصيت _ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سياسي جدوجهد تي هيءَ ڪتاب شايع ڪري رهيا آهيون. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هڪ سچو محب وطن ۽ انسان ذات جو خير خواهه هو. سڄي عمر هارين جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. ”ون يونٽ“ جي خلاف وڏيءَ همٿ ۽ مرادانگيءَ سان جدوجهد جاري رکيائين. سنڌ اندر ”ون يونٽ“ خلاف ڪامياب مهم ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي تحريرن کي بلاشبه وڏو دخل آهي.

اسان پنهنجي اداري طرفان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سياسي خدمتن کي آڏو رکندي، سندس سياسي فڪر ۽ جدوجهد جي متعلق سنڌ جي مختلف عالمن ۽ اديبن جي لکيل مضمونن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. ڪتاب جي آخر ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي چند تحريرن جو سنڌي ترجمو پڻ ڏيئي رهيا آهيون. انهن تحريرن جو سنڌي ترجمو محترم احمد بلوچ جو ڪيل آهي، جي ”ڌرتي منهنجي ماءُ“ جي نالي سان مئي 1987ع ۾ ڪتابي صورت ۾ اشاعت هيٺ اچي چڪا آهن.

آخر ۾ آءٌ پنهنجي محترم دوست بشير احمد هيسباڻيءَ جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجي شاندار لائبريريءَ مان هن ڪتاب ۾ آيل ڪيترائي ناياب مضمون ۽ مقالا دستياب ڪري ڏنا، جنهن ڪري هيءُ ڪتاب جامع نموني ۾ پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري سگهيا آهيون. اميد ته هيءُ ڪتاب پڙهندڙن کي بيحد پسند ايندو.

سڪندر ملاح


 

جنب گذاريم جن سين

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ”بکو ديري“ ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل، بلوچن جي ’جتوئي‘ پاڙي مان آهي. هي 1901ع ڌاري ڄائو، ۽ ابتدائي سنڌي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين. ثانوي تعليم مدرسة الاسلام لاڙڪاڻي ۽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتائين، جتان 1923ع ۾ هن مئٽرڪ امتحان پاس ڪيو. پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿي، 1927ع ۾ بي. اي. پاس ڪيائين.

ان کان پوءِ هي روينيو کاتي جي ملازمت ۾ گهڙيو. ٿوري وقت کان پوءِ مختيارڪاريءَ جي درجي تي پهتو. اسڪول جي ڏينهن کان هي شعر ۾ طبع آزمائي ڪندو هو، جڏهن 1931ع ۾ بدين جو مختيارڪار هو، تڏهن هن هڪ ڪتاب ”تحفه سنڌ“ شعر ۾ لکي ڇپايو؛ جنهن ۾ ڊاڪٽر محمد اقبال جي ”شڪوه“ جي طرز تي شعر لکيل هو. اُن جي ڇپجڻ تي اخبارن ۾ ملن مولوين طرفان هن جي گهڻي مخالفت ٿي، پر ان ڪري ڪافي مشهوري به ٿيس ۽ نئين روشنيءَ وارن ۽ ترقي پسند حلقن ۾ مقبوليت به حاصل ٿيس. هڪ ڀيري دادا ڄيٺمل پرسرام سان هن جي ملاقات ٿي، تنهن سندس ڏاڍي اچي ساراهه ڪئي_ چي، هڪ نهايت عمدن خيالن ۽ اوچي طبيعت جو نوجوان ڏسي آيو آهيان! آخر ترت ئي منهنجي حيدرآباد جي ٿياسافيڪل سوسائٽي هال ۾ ساڻس ملاقات ٿي. اتان کيس وٺي خواجه حسن جان صاحب سرهنديءَ وٽ ويس، جن کي مون عرض ڪيو ته، ’هن نوجوان شاعر کي ڊاڪٽر اقبال جي شڪوي جهڙي شعر تي ملن تنگ ڪيو آهي، ان کان اوهان مهرباني ڪري سندس جان آزاد ڪرايو.‘ اتي گفتگو ٿيڻ بعد، معاملو سڌرڻ بدران مرڳو وڌيڪ مُنجهي پيو. آخر وجهه وٺي، هن کي واپس موٽائي آندم. مذهبي ماڻهن جي ڪٽرپڻي خلاف هن تي ان کان اڳ اثر ويٺل هئا يا نه، ان جو پتو ڪونه آهي، ليڪن منهنجي سمجهه موجب ان ملاقات کيس ظاهري مذهب کان گهڻو متنفر ڪري ڇڏيو.

هي، ڪجهه وقت کان پوءِ، سرڪاري نوڪريءَ ۾ ترقي ڪندو، وڃي پڪي ڊپٽي ڪليڪٽر جي درجي تي پهتو. ڪتابن پڙهڻ جو هن کي گهڻو شوق هو. انهيءَ عرصي ۾ هن مختلف مسئلن تي چڱو مطالعو ڪيو. سندس زندگيءَ تي ڪهڙن ڳالهين ردعمل آندو، ڪهڙا ڪتاب ۽ ماڻهو مٿس اثرانداز ٿيا. انهن جي کوجنا بذات خود هڪ دلچسپ مطالعو ٿيندو. انهيءَ تفصيل ۾ وڃڻ هن مضمون جو موضوع نه آهي، ليڪن جيڪڏهن سندس حياتيءَ تي سرسري نظر وجهبي، ته معلوم ائين ٿيندو ته زمينداري طبقي جي ظلم ۽ عياشيءَ ۽ عوام کان سندن بي التفاتيءَ، ڪامورن جي رشوت خوريءَ ۽ خود مطلبيءَ، انگريزن کان آزاديءَ لاءِ لڙندڙ نوجوانن تي حڪومت جي سختيءَ، مُلن طرفان مذهب کي تنگ دائري ۾ محدود ڪري ڇڏڻ جي هوڏ هن تي گهڻو اثر ڪيو ٿو ڏسجي. آخر دنيا جي نئين پيدا ٿيل حالات، ڪتابن جي مطالعي، ۽ حساس دل گڏجي کيس زندگيءَ ۾ انقلابي قدم کڻڻ لاءِ آماده ڪيو، ۽ باوجود دوستن جي روڪڻ جي، هن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تان 1943ع ۾ استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي.

هيءُ غريب گهر جو ماڻهو هو، نوڪريءَ جي زماني ۾ ايماندار رهڻ ڪري پيسو گڏ ڪري نه سگهيو. نوڪريءَ کان ٻاهر نڪرڻ بعد، جي مشڪلاتون سامهون اچڻ واريون هيون، انهن جي پرواهه نه ڪيائين_ بقول شاعر:

”جنهن کي تار لڳي يار جي،

سا ڪيئن ڪندي گهر ٻار جي!“

دادا ڄيٺمل، شيخ عبدالمجيد، جمشيد مهتا سان گڏ اسان 1930ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو بنياد وجهي چڪا هئاسون. پر ڪابه تحريڪ، پڪي پايي تي اچي نٿي سگهي، جيستائين ان لاءِ مخلص ماڻهو پنهنجيون زندگيون وقف نه ڪن. اسان سڀني جا گهڻن ڳالهين ۾ هٿ ڦاٿل هئا. ان وقت ملڪ ۾ ٻن سياسي جماعتن جو دورو هو: (1) ڪانگريس، ۽ (2) مسلم ليگ. شهرت ۽ طاقت انهن جي ذريعي حاصل ٿي سگهي ها، پر حيدر بخش ڏسي وائسي هاري جماعت جو ڪم هٿ ۾ کنيو، جا ان وقت مخلص ڪارڪنن جي گهٽتائيءَ ڪري، نيم، مرده حالت ۾ پيئي هئي.

ان وقت هن ”آزاديء قوم“ نالي هڪ مخمس شعر جو ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ هن سنڌي شعر کي وقت جي تقاضا مطابق نئين لباس پهرائڻ جي ڪوشش ڪئي.

سگهوئي کيس، سارو وقت هاري تحريڪ لاءِ وقف ڪرڻ جي صلي ۾، سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. حيدرآباد ۾ جاءِ وٺي، اتي سنڌ هاري آفيس کوليائين. ”هاري حقدار“ نالي هفتيوار اخبار ڪڍڻ لڳو. پيسي جي گهٽٽائي، روزگار جي تنگي، هم خيال ۽ هم نوا دوستن جي ٿورائي، هن جي عزم ۽ استقلال کي جهڪو ڪري نه سگهيون. آهستي آهستي ڪري، هو سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۾ هڪ مستقل مقام حاصل ڪري ويو، ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جي پياري نالي سان مشهور ۽ مقبول عام ٿي ويو.

ٻه _ ٽي ڀيرا هو سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ اميدوار بيٺو، پر پيسي جي گهٽتائيءَ، عوام ۾ سياسي شعور جي ڪميءَ، عملدارن ۽ زميندارن جي گونڊاگرديءَ وغيره سببن ڪري ميمبر چونڊجي نه سگهيو. اسيمبليءَ ۾ نه چونڊجڻ ڪري کيس ڪوبه ذاتي نقصان ڪونه پهتو، پر عوام کي پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ جيڪو ڪم ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڏئي ها، اهو ڪم پوءِ اسيمبليءَ ۾ کين ڪوبه ڏيئي ڪونه سگهيو.

1955ع ۾ ون يونٽ ٺاهڻ وقت هن ان جي خلاف ڪتاب لکيا، احتجاجي آواز بلند ڪيو، ٺهراءُ پاس ڪرايائين ۽ ان جي عيوض اسان سان گڏ کيس جيل ۾ موڪليو ويو. پر هن جي همت ۽ استقلال ۾ ڪابه ڪمي پيدا نه ٿي. عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هن مجنون وانگر هرهنڌ جلسا ڪري تقريرون ڪيون، ڳوٺن ۾ ويو، بعضي وقتن تي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيڻ بعد هڪ گاڏيءَ ۾ تقرير ڪري، وري اتان لهي ٻي گاڏي ۾ چڙهي دوائون وڪڻندڙ پروپيگنڊسٽ وانگر ڦرندو رهندو هو. هيءُ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي رهي چڪو هو. اهي انگريزي ملازمت جا عهدا ماڻهن کي فرعونيت جي هوا دماغ ۾ ڀري ڇڏيندا آهن، جو اهڙن عهدن وارا جڏهن پينشن تي ويندا آهن، ته به عوام سان ملڻ ۾ عيب سمجهندا آهن، پر عوام جي عشق ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي نه صرف عهدي کي لت هڻي ڇڏي، پر ان مان پيدا ٿيندڙ هر ڳالهه کي ڦٽو ڪري ڇڏيائين. اڃا تائين به جڏهن ڪي ڪامورا کيس چوندا آهن ته، ’هن وقت نوڪريءَ ۾ هجين ها، ته سينيئر ڪليڪٽر يا ڪمشنر جي عهدي تي هجين ها، ناحق انهن ماڻهن لاءِ پنهنجو مستقبل خراب ڪيئي، جن وٽ تنهنجو قدر نه آهي‘_ ته هن جو جواب اهو هوندو آهي ته، ”منهنجو مستقبل قوم جي مستقبل کان سواءِ ڪجهه نه آهي. جيڪي ڪيو اٿم ان تي، باوجود مشڪلاتن جي، خوشي اٿم، ارمان ڪونه اٿم.“

هن وقت ملڪ جا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو معمولي لالچ خاطر ملڪ ۽ ماڻهن جو مفاد ۽ عزت وڪڻڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن. ائين ڪندي، هنن کي ضمير جي ڪابه چهنڊڙي ڪانه پوندي آهي، بلڪ اُن بيغيرتيءَ تي فخر ڪندا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، ان قحط الرجاليءَ جي زماني ۾ ههڙن مرد مجاهدن جو قوم ۾ پيدا ٿيڻ، جي سراسر قربانيءَ ۽ ايثار جا مسجما آهن، وڏي غنيمت آهي.

هن زباني تبليغ کان سواءِ مختلف ملڪي، اقتصادي ۽ سياسي مسئلن تي، وقت جي ضرورت مطابق، نهايت عمدا مضمون، پمفليٽ ۽ بوڪليٽ ڇپائي يا سائيڪلو اسٽائيل ڪرائي، پئي ورهايا آهن، جن مان اڪثر ضبط ٿي ويل آهن. ڪن جي لکڻ ڪري هن کي سزا آيل آهي. پر سنڌيءَ ۾ چوڻيءَ آهي ته، ”چري ڪيئن، چي ويرون وير وڌ!“ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڏينهون ڏينهن زور آهي.

مارشل لا ملڪ سان لاڳو ٿيڻ بعد گهڻن ڪارڪنن جا ماشا ئي ڍرا ٿي ويا. هن کي به جيل ۾ موڪليو ويو. ڇٽڻ بعد هڪ پمفليٽ سنڌ جي ڍلن تي لکيائين. کيس ٽي سال سزا آئي. مرد ٿي ڪمائي آيو. تازو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته پنهنجي نقطه نگاهه کان قرآن شريف تي ريويو لکيو اٿس. پاڪستان جهڙي مذهبي جنون واري ملڪ ۾، جتي تنگ دلي ۽ ڪٽرپڻو حد درجي تي پهتل آهي، اتي اهڙي تصنيف ڇپجڻ يا پڙهڻ برداشت ٿي سگهي يا نه؟ مون ڪتاب نه پڙهيو آهي، نه ڏٺو آهي. پر جيڪي ٻڌو اٿم ۽ سندس ٻين تصنيفن مان جيئن معلوم ٿئي ٿو، ته اهو ڪتاب ضرور بي مثل هوندو، جنهن جي لکڻ تي چار سال لڳايا اٿس.

هن وقت هو وڌيڪ تصنيف ۽ تاليف جي ڪم ۾ مشغول آهي. خدا کيس وڏي حياتي ڏئي، ۽ هو قوم جي نِت نئين سر خدمت ڪندو رهي. کيس پنج فرزند آهن: (1) مصطفيٰ، (2) مظهر علي، (3) دادن، (4) حاتم، ۽ (5) مرتضيٰ.

ليکڪ: جي. ايم. سيد

باباءِ سنڌ جي سوانح حيات

”باباءِ سنڌ“ جي شخصيت پنهنجي فن ۽ ملڪي خدمت جي سلسلي ۾ ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. حيدر جو ڪردار هڪ محب وطن ۽ غيور سنڌيءَ جو ڪردار آهي. هڪ محب وطن جا اوصاف_ سادگي ۽ سنجيدگيء، همت ۽ بيباڪي، بلند حوصلو ۽ جوان مردي، انسانيت سان محبت ۽ عوام جي خدمت گذاري، اهي سڀ سندس عظيم شخصيت جا قابل تعريف جوهر هئا.

حيدر 7 آڪٽوبر 1901ع تي ڳوٺ ”بکي ديري“ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ڄائو. سندس والد فقير الهداد خان جتوئي پنهنجي راڄ جو پريو مڙس هو. فقيراڻي وضع قطع وارو درويش صفت هو.

مئي 1911ع ۾ ڳوٺ پٺاڻ تعلقي ڏوڪري جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان 31 آڪٽوبر 1918ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو. 1919ع ۾ لاڙڪاڻي جي مدرسة السلام ۾ داخل ٿيو. ٻن سالن ۾ پنج درجا انگريزي پاس ڪيائين. 1923ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان لاڙڪاڻي سينٽر مان سنڌ ۾ پهريون نمبر کنيائين. 1927ع ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي مان بي. اي. آنرس ڪيائين.

1927ع ۾ ملازمت جي چونڊ ۾ پهريون نمبر آيو، ۽ روينيو کاتي ۾ هيڊ منشيءَ سان ملازمت شروع ڪيائين ۽ رتي ديري، قنبر ۽ جوهيءَ ۾ هيڊ منشي ٿي رهيو. 1931ع ۾ خدمتِ خلق جي خيال کان استعيفيٰ ڏنائين، مگر انگريز ڪليڪٽر سندس استعيفيٰ منظور نه ڪئي، ۽ کيس مختيارڪار ڪيائون. پاڻ ڏوڪري، بدين، جيمس آباد، ڊگهڙي ۽ گهوٽڪي ۾ مختيارڪار ٿي رهيو. 1936ع ۾ قادرپور شهر تعلقو گهوٽڪي ٻوڏ جي زد ۾ اچي ويو، پاڻ رات ڏينهن هڪ ڪري بند ٻڌائي، شهر کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اڄ تائين ان تر جا ماڻهو سندس ذڪر عزت ۽ محبت سان ڪري رهيا آهن.

1943ع کان 1944ع تائين اسپيشل ريڪوري آفيسر ڪوآپريٽو سوسائٽيز ان سنڌ ٿي رهيو؛ جنهن ۾ مقروض هارين ۽ بدحال غريبن جا قرض ۽ وياج پنهنجي اختيار ۽ حوصلي سان معاف ڪري ڇڏيائين. ان وچ ۾ 1941ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو.

اڳتي هلي ڊپٽي ڪليڪٽرن جي سينيئر گريڊ ۾ کيس اسسٽنٽ مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيٽس ۽ ڪورٽ آف وارڊس مقرر ڪيو ويو.

ان کان اڳ 44_1943ع ۾ حرن خلاف قائم اسپيشل مليٽري ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيو. ان عرصي ۾ ڪنهن به هڪ حر کي سزا نه ڏني ويئي. سندس قانوني مهارت کي ڏسي انگريز جج حيران رهجي ويا.

ڪورٽ آف وارڊس کاتي ۾ رهي ڪري سنڌ جي ڪافي رنن زالن، يتيمن، ٻارن ۽ بيواهن جي خدمت ڪيائين. ڪٽنبن جا ڪٽنب سنڀاليائين ۽ انهن کي تعليم ڏياريائين ۽ ڪورٽ آف وارڊس ۾ آيل سوَن زميندارن ۽ کاتيدارن جون ملڪيتون تباهي کان بچايائين. ايتري قدر جو انگريزن پنهنجي گزيٽ ۾ اقرار ڪيو ته، ”سنڌ ۾ فقط ٻه آفيسر ايماندار ۽ ديانتدار آهن، هڪ نورالدين صديقي ۽ ٻيو حيدر بخش جتوئي.“

1945ع ۾ ملازمت تان استعيفيٰ ڏيئي ملڪي ۽ قومي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪيائين. سڀ کان اول ”سنڌ هاري ڪاميٽي“ ۾ شامل ٿيو؛ ۽ ان جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1947ع ۾ رتيديري جي اجلاس ۾ کيس صدر چونڊيو ويو؛ ان طرح مختلف وقتن تي جنرل سيڪريٽري ۽ نائب صدر پڻ ٿي رهيو. وفات تائين ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ جو صدر هيو.

هاري ڪاميٽيءَ جي تنظيم جي سلسلي ۾ هيٺيان قابلِ تعريف ڪم ڪيائين:

1ـ ”هاري حقدار“ هفتيوار شروع ڪيائين، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر ٿيو. سالن تائين اها اخبار جاري رهي.

2ـ سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ تعلقي وار ۽ ضلعي وار هاري آفيسون قائم ڪيائين.

3ـ سنڌ جي وڏن شهرن ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ سالياني خواه ننڍيون ۽ وڏيون هاري ڪانفرنسون ۽ جلسا ڪيائين.

4ـ هارين ۽ زميندارن جي سڀني مسئلن متعلق سوين ڄاڻو هاري ڪارڪن پيدا ڪيائين.

5ـ 1947ع ۾ اڌ بٽئي جي تحريڪ هلائي ان کي ڪامياب بنايائين.

6ـ 1950ع ۾ هارين لاءِ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرايائين. 3 اپريل 1950ع تي سندس اڳواڻيءَ هيٺ سنڌ جي هزارين پرجوش هارين ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبليءَ تي گهيراءُ وجهي مٿن زور آندو ته سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪيو وڃي، جو مجبورن ان وقت جي وزير اعليٰ _ مسٽر يوسف هارون پاس ڪيو.

7ـ 1952ع ۾ گورنري راڄ جي زماني ۾ گورنر مسٽر دين محمد کان سندس پاران پيش ڪيل ٽيننسي ايڪٽ واريون ترميمون منظور ڪرايائين؛ جنهن مان هارين کي وڌيڪ فائدو پهتو.

8ـ 22 فيبروري 1958ع تي سندس قيادت ۾ هزارين الاٽي هارين، ان دور جي صدر مملڪت اسڪندر مرزا سان ملاقات ڪئي ۽ کيس مقامي هارين جي حقن ۽ تڪليفن کان واقف ڪيائين، جن کي راشي ڪامورا ۽ ڪي ظالم زميندار رشوتون وٺي ٻاهران آيل مهاجرن ۽ پنجابي کاتيدارن کي ورسائيندي برباد ڪري رهيا هئا. ان سلسلي ۾ صدر مملڪت کي متاثر ڪري هڪ سال لاءِ اسٽي آرڊر ورتائين، جنهن جي ڪري هڪ طرف سنڌ جي لکين بنيادي مقامي هارين جي ملڪيت بچي وئي ۽ ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪالونائيزيشن واري تخريب پسند تحريڪ کي ختم ڪيائين، جا اڳتي هلي سنڌ جي غدار ۽ غلط ڪار ليڊرن ون يونٽ جي صورت ۾ واپس آندي.

9ـ 1967ع ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌ هاري ڪانفرنسون ڪوٺايائين، جنهن جي ڪري هارين جا ڪيترا مطالبا منظور ٿيا.

46_1945ع واري اليڪشن ۾ پهريون دفعو پاڻ لاڙڪاڻي مان اميداوار بيٺو. 1951ع ۾ قنبر، شهدادڪوٽ مان بيٺو. دادو_ جوهي ضمني اليڪشن جي موقعي تي کيس دادوءَ ۾ داخل ٿيڻ تي بندش وڌي ويئي ۽ سندس نامينيشن فارم رد ڪيو ويو. سانگهڙ، نواب شاهه ۽ سکر ضلعن مان ڇوٽي اليڪشن مان اميدوار بيٺو، پر پيپرن داخل ڪرڻ وقت کيس ضلعي کان نيڪالي ڏني ويئي. 1950ع کان وٺي مختلف وقتن تي کيس ڳوٺ ۾ نظربند رکيو ويو، ۽ مختلف ضلعن ۾ سندس داخلا تي بندش وڌي ويئي. 1949ع کان 1969ع دوران اٽڪل اٺن سالن جو عرصو جيل ۾ رهيو. ان سلسلي ۾ ڪئمبل پور، مڇ، لال قلعو لاهور، ميانوالي، سکر، ڪراچي، حيدرآباد ۽ نواب شاهه جي جيلن ۾ رهيو.

1954ع کان وٺي 1969ع تائين، ون يونٽ جي خلاف هلايل جدوجهد، تقريرون، تحريرون، جلسن، ٽرئڪٽ ۽ رسالن لکڻ ڪري کيس اڪثر وقت جيل ۾ گذارڻو پيو. جيل جي عرصي ۾ جنهن غيرت، همت ۽ حب الوطني تي قائم رهيو؛ ان جو ڪو مثال ملي نٿو سگهي.

13 سيپٽمبر 1969ع تي هن سنڌ جي عظيم سورهيه تي گذريل دور جي قربانين، زماني جي گردشن، جيلن جي صعوبتن مان پيدا ٿيل ضعف ۽ ڪمزوريءَ ڪري ڪم ڪندي فالج جو حملو ٿيو. ڇهه مهينا مسلسل علاج جاري رهيو. صحتياب ٿيڻ تي 18 نومبر تي گهر آيا. رستي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ وٽ سنڌي لسٽن بابت بک هڙتالي شاگردن ۽ ليڊرن کي مبارڪباد ڏني ۽ گلن جا هار پاتا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org