سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

باب-1

صفحو :3

نواب شاهه جي جيل مان ڇٽي اچڻ بعد وري اسان جي ملاقات ڪانه ٿي. مسلسل جيل جون سختيون جوان جو جُسو کائي ويون هيون. آخر وڃي ميان غلام شاهه مرحوم جو اَجهو ورتائين.

ليکڪ: پير علي محمد راشدي


حيدر بخش جتوئيءَ جي عظمت

حيدر! تو مٿي خدا جون رحمتون هجن _ انهيءَ خدا جون، جنهن بابت تون عمر جي آخري حصي ۾ شاڪي هئين. توکي جنهن ڏينهن جو انتظار هو، آزاديءَ ۽ سنڌ جي سورج طلوع ٿيڻ جي آس هيئي، خدا سو ڏينهن ته توکي ڏيکاريو، پر سندس فضل، ڪرم ۽ رحم جو ڪمال ڏس ته تو انهيءَ ذهني اذيت، جسماني تڪليف ۽ همه گير پريشانيءَ کان ترت ڇوٽڪارو حاصل ڪيو، جيڪي تنهنجي لاءِ آزاد سنڌ ۾ پيدا ٿين ها. حقيقت ۾ تو غلط وقت ۽ غلط ماڻهن ۾ صداقت جي صدا هنئي، جيڪا ٻڌي ته ضرور وئي پر اُڀاري نه سگهي، اثرائتي هئي پر بي اثر ثابت ٿي، صداقت تي مبني هئي پر ان جي مڃڻ کان ماڻهن مُنهن موڙيو: ۽ آخر تاريخ تنهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو، ۽ اهو صحيح فيصلو هو ته انسانن جي تاريخ ۾ جيئن ٻين صداقت جي علمبردارن کي آخر هيءَ دنيا ڇڏڻي پئي پر سندس مقصد اڄ تائين زنده رهيا، تيئن تون دارالبقا روانو ٿئين پر تنهنجو ڪم، جدوجهد ۽ مقصد زنده آهن ۽ تابنده رهندا.

حيدر! توتي خدا جون رحمتون هجن_ انهيءَ خدا جون، جنهن سان تو شڪوو ڪيو هو. هو دوست دلدار، عالم سڀ آباد ڪندڙ آهي. تو سنڌ مٿي سُڪار جي صدا بلند ڪئي هئي، پر ڪنهن قوم جي تقدير ڪيئن بدلجي، جيسين انسانن جو اهو بي علم ۽ غير منظم انبوهه خود ڪا ڪوشش نه ڪري. انسان جو عقل، ذهن ۽ ادراڪ محدود آهي، ۽ تنهنجو شڪوو ان جي غمازي ڪري ٿو. تنهنجي شڪايت هر پهلوءَ کان درست، پر پنهنجي عمل جو داستان به ته داغدار آهي. پلئه پائي ڪَچ، آڇيندي لڄ ٿا مرون_ ماضيءَ جي داستانن ۾ گم، انسان ۽ انسان جي وچ ۾ پيدا ڪيل فرق ۾ غرق. ٻاروچل سان ملڻ لاءِ پاڻ به ته ٻه قدم اڳتي هلي، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهي، اونداهه لاءِ ڪو آسرو مهيا ڪريون!

عظمتِ سنڌ جي قدامت جو قسم، استغنا ۽ سخا، شرافت ۽ مروت جي انهن قديم، صحتمند ۽ مثبت قدرن جو قسم، جن اڄ به اسان جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي: توتي خدا جون رحمتون هجن، حيدر، ڇو ته تو سندس ئي مخلوق جي بي لوث خدمت ڪئي؛ نامساعد حالتن جي پرواهه ڪانه ڪئي؛ ڪنهن جابر، سرڪش ۽ مطلق العنان کان خوفزده ڪونه ٿئين، ڇوته توکي زندگيءَ ۾ ڪنهن تاريخ ساز ڪم ڪرڻ لاءِ ئي پيدا ڪيو ويو هو. هن مادي دنيا ۾ نفس ڪشي ۽ پنهنجي اهل عيال ۽ خاندان جي مستقبل ڏانهن بي پرواهه ٿيڻ، اعليٰ سرڪاري عهدو ڦٽو ڪرڻ ۽ فقيريءَ ۽ قلندريءَ ۾ زندگي بسر ڪرڻ، يقيناً خدا دوست انسانن جو مشرب رهيو آهي: ۽ تو جيڪو پنهنجي دلدار دوست سان شڪوو ڪيو، سو صحيح هو ۽ ان جي جزا توکي دنيا ۾ نه ملي ته آخرت ۾ ضرور ملندي.

حيدر! تو مٿي خدا جون رحمتون هجن، ڇو ته تون سنڌ جو عاشق صادق هئين. اها سنڌ، جتان جون ٿڌيون ۽ فرحت بخش هوائون منهنجي موليٰ، عالمن جي رحمت، انسانيت جي لڄ ۽ معراج جي معشوق کي پسند هونديون هيون. اها سنڌ، جتان جو ڳاڙهو ڪپڙو (اجرڪ) منهنجي پروردگار جو پيغمبر زيب تن ڪندو هو. اها سنڌ، جنهن جي عظمت عربن جي عهد جاهليه ۾ ته مسلم هئي، پر اسلام جي سهاڳ ان کي اهڙو ڪُندن بڻايو جو مسجد نبويءَ ۽ عرب جي اعليٰ، ارفع ۽ عظيم الشان محفلن ۽ مدرسن ۾ اسان جي عالمن کي خراج تحسين مليو.

تنهنجو اهو عشق، عشق ۽ حسن جي فلسفي جو عملي مظاهرو هو. 1927ع ۾ جڏهن تو فارسيءَ ۾ بي. اي. آنرز امتيازي طور پاس ڪئي، ان وقت به تنهنجي قول ۽ فعل ۾ مثنويءَ ملا رومي جو تفسير عيان هو. اهو رومي، جنهن واشگاف لفظن ۾ اعلان ڪيو ته انسان آزاري بدتر گناهه آهي، ۽ دولت جو ارتڪاز يا آمدنيءَ جي وسيلن جو محدود ذريعن ۾ قيد ٿيڻ انسانيت جي شرف جي بربادي ۽ فنا آهي.

تون انهيءَ روميءَ جي اها نَي هئين، جيڪا فراق ۽ هجر جي عالم ۾ ڦٿڪي رهي هئي ۽ ”آزاديءَ قوم“ ذريعي باب الاسلام سنڌ جي آزاديءَ جي متمني هئي_ اها آزادي، جنهن ۾ ’لات‘ ۽ ’منات‘ جهڙو ڪو ڪنهن جو دستگير ڪونهي، ڪو ڪنهن جو آقا ڪونهي، نه وري ڪنهن جو ڪو ڀوتار آهي.

انسانيت پنهنجي مربيءَ ۽ محترم، هاديءَ ۽ رسول جي تعليم ۽ هدايت موجب، معراج جي منزل تائين پهچڻ جي جدوجهد ۽ ڪامياب ٿيڻ جا سعيا ڪري رهي هئي، ته تو هڪ انسان جي حيثيت ۾ ”شڪوو“ لکيو؛ پر هينئر تعليمي سرگرمين جي توسيع سببان ۽ ان انسان ۾ نت نئين ڳالهه معلوم ڪرڻ جي قوي رجحان پيدا ٿيڻ سببان، اها ڳالهه آشڪار ٿي چڪي آهي ته روميءَ سياسيات جي ضمن ۾ ڇا ڇا چيو هو.

حيدر! توتي خدا جون رحمتون هجن، ڇو ته تو قلم جي آبرو رکي. علم ۽ قلم خدا جون نشانيون آهن، ۽ تو انهن نعمتن جي دفاع، ابلاغ ۽ افاديت لاءِ پنهنجو پاڻ قربان ڪيو. سوچڻ ۽ اظهار راءِ جي آزادي اسلام جي اعليٰ نعمتن مان آهي، ۽ جڏهن تو انهيءَ حق استعمال ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهيو ته تو هڪ طرح اعلان ڪلمته الله بلند ٿي ڪيو، پر ماحول ۽ ماڻهن ان کي نه سمجهيو. انهن ماڻهن جي مزاج، تربيت ۽ تفهيم لاءِ جديد نظرين کي سمجهڻ ۽ مڃڻ مشڪل هو ۽ توکي ناڪاميءَ جو بارها مقابلو ڪرڻو پيو، پر تنهنجن تجربيڪار ڪلهن تي جيڪو جوان سر هو سو ڪڏهن سرنگون ٿي نه سگهيو. تنهنجيءَ فطرت ۾ فتح نه ٿيندڙ عزم، انتقامي محاذ جي اڀياس ۽ پيش پوڻ يا آڻ مڃڻ کان انڪار واري استقلال جا جيڪي سدا جوان جذبا هئا، تن زمان ۽ مڪان جي بندشن سان هميشه بغاوت ڪئي، ۽ اها بغاوت حقيقت ۾ تعمير مستقبل لاءِ تنهنجي انفرادي پر بيمثال جدوجهد ۽ قرباني هئي ۽ اجتماعي طور انساني ضمير کي للڪار. اها حقيقت آهي ته حق ۽ صداقت وارن جي مخالفت ڪرڻ ۽ کين اذيتون پهچائڻ لاءِ دنيا وارن هر عهد ۾ قتل جي ڪنهن نه ڪنهن حيلي ۽ تذليل جي ڪنهن نه ڪنهن ذريعي ۽ وسيلي جي تلاش پئي ڪئي آهي، ۽ هو ان ۾ بهرحال ڪامياب رهيا آهن. جتي ۽ جڏهن به هنن ڪنهن کي حق ۽ اصلاح جي راهه ۾ سرگرم ۽ سندن پنهنجين نفس پرستين جي راهه ۾ مخل ڏٺو، ته جهٽ ڪونه ڪو الزام هڻي، شريعت جي حد لڳائي، عوام ۽ حڪومت ٻنهي کي ان فتني جي پٺيان لڳائي ڇڏيو. هر زماني جي حالتن ۽ عوام جي ميلان ۽ اعتقاد مطابق، سندن الزام ۽ طور طريقا بدلجندا رهيا ۽ هٿيار تبديل ٿيندا رهيا، پر وار سڀني تي هڪ ئي طرح خونخوار ۽ موتمار رهيو.

تنهنجي زندگيءَ ۾ ته تنهنجو قدر ڪونه ٿيو، پر هينئر، تنهنجي لاڏاڻي کان پوءِ، بيشمار اکيون آشڪبار، دليون المناڪ ۽ ذهن پريشان نظر اچن ٿا. موجوده دور ۾ تنهنجو موت فرد واحد جي رحلت ڪانهي، پر هڪ جذبي، ولولي، مقصد سان دلي لڳاءُ ۽ عوامي جدوجهد جي هڪ زرين باب جو خاتمو آهي.

حيدر! خدا جون رحمتون تو مٿي ان وقت به هيون، جڏهن ماحول تنهنجو ساٿ ڪونه ڏنو، ۽ حق جي ڪلمي بلند ڪرڻ واريءَ تنهنجيءَ جرئت منصوريءَ کي هڪ ڏتڙيل حال، بيوس ۽ پٺتي پيل، غافل سنڌيءَ جي بغاوت لاءِ جسارت سمجهي، توکي ڪيمبل پور جي جيل ۾ بند ڪيو ويو. اهو رحمتِ الاهي جي نزول جو سمو هو، ۽ هڪ مردِ مجاهد، غلام جيلاني ”برق“ جي ملاقات تنهنجي بيدار ذهن ۾ خوابيده نُور جي تجليءَ کي جاڳايو، ۽ تو ۾ تدبر في القرآن جي آرزو جوان ٿي. مون کي خبر آهي ته تنهنجو اهو تجسس بارآور ٿي نه سگهيو، ڇو ته جيل جي جسماني اذيت واري دور ۾ ته تو روحاني رموز جا راز معلوم ڪندي صحيح مسرت محسوس ڪئي، ۽ قرآن جي اڀياس جو ڪم پڻ خاطر خواهه رفتار سان ٿيندو رهيو، پر جيئن تون وري آزاد ٿي ٻاهر آئين ته تو غلاميءَ ۽ انسان آزاريءَ جو اهڙو اندوهناڪ عالم ڏٺو جو ان جي مشاهدي تنهنجي مطالعهء قرآن وري سرگرمين تي برو اثر وڌو_ ۽ صد افسوس، اهو تاريخي ڪارنامو اڌورو رهجي ويو!

الحمدالله مان مسلمان آهيان، ۽ ايمان اٿم ته عملن جي اجر جو مدار نيتن تي آهي_ ۽ قرآن جي مطلب ۽ رموز سمجهڻ جي تنهنجي تمنا ۽ تفسير لکڻ جي آرزو يقيناً اهڙي نيت هئي، جيڪا عظيم انسان جي وصف ٿي سگهي ٿي، ۽ تنهنجي انهيءَ عمل جي جزا باري تعاليٰ جون بي شمار ۽ اڻ کٽ رحمتون آهن، جيڪي تنهنجي مقدس مزار تي وسجي رهيون آهن_ ۽ اهو نينهن جو نظارو چشمِ بينا کان ڪڏهن به پوشيده نه رهيو آهي.

سنڌ جو ماضي جيترو قديم ۽ پُرشڪوهه آهي، ايترو پراسرار ۽ معنيٰ خيز. پنجابي چوڻيءَ موجب، ”سنڌ صادقاً“ آهي، يعني انهيءَ درياءَ تي آباد ماڻهو سچا، پڪا ۽ صاف آهن. پر هن علائقي جي سياسي ۽ سماجي، تمدني ۽ ثقافتي تاريخ اندوهناڪ غمن جو داستان آهي، جنهن جي صفحي صفحي تي اسان جي باهمي نفاق ۽ رقابت جون عبرت آميز ڪهاڻيون نظر اچن ٿيون. انهن مان هڪ نمائنده ڪهاڻي حيدر بخش جتوئيءَ جي زندگي آهي، جنهن جو دنيوي وقت جي حساب سان دور ستر سال رهيو.

موهن جي دڙي جي پاڪ، صاف ۽ سوجهري واريءَ مٽيءَ مان، 1901ع ۾، بکي ديري ۾، حيدر بخش ڄائو. انهيءَ مٽيءَ جو ضمير تاريخ ۾ وڏو مڻيادار رهيو آهي، ۽ اسلام جي تجلي ان ۾ گويا جوهري توانائي پيدا ڪئي. اهو علائقو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه آباد، آسودو ۽ خوشحال رهيو آهي، ۽ انهيءَ سببان تاريخ جي حُر تحريڪ ۾ ”چانڊڪي“ جي ماڻهن ڀرپور حصو ورتو ۽ زندگيءَ جي مختلف فلسفن ۾ تحقيق ۽ اشتراڪِ عمل جو مظاهرو ڪيو. انهيءَ آسودگيءَ سببان ئي سنڌ جي مختلف شهرن جي ڪن بيدار مغز ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار نوجوانن لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي عملي جدوجهد شروع ڪئي. پر جيئن چوندا آهن ته جتي گل هوندا اُتي خار به هوندا، ۽ جتي پهاڙ آهن اتي واديون به ٿين ٿيون، تيئن هڪ طرف هتي جي ماڻهن فڪر ۽ عمل جي ميدان ۾ ڪامياب ڊوڙون پاتيون ته ٻئي طرف ”اِن الانسان ظلوما جهولا“ جو عملي مظاهرو به ڪيو.

حيدر بخش جتوئيءَ جيئن پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي بعد سوچيو ۽ سمجهيو، تيئن ان تي آزاديءَ سان عمل ڪرڻ ٿي چاهيو. سندس فڪر ۽ عمل جو تجزيو ته تاريخ ڪندي، پر هن پنهنجي عزيز زندگي، جيڪا خداوند ڪريم جي وٽس امانت هئي، ۽ عمل ۽ خدمت ان جو مقصد هو، تنهن جا اڍائي هزارن کان به وڌيڪ ڏينهن قيد ۽ بند جي صعوبتن، پنهنجن ۽ پراين جي دشنام طرازين ۾ گذريا، ۽ انهيءَ عرصي ۾ سندس تر جو هڪ نه ٻيو ماڻهو برسر اقتدار پئي رهيو.

حيدر بخش جتوئي هڪ انسان هو، ۽ خدا انسان جي فطرت جو لاينفق حصو آهي. پر هو صحيح معنيٰ ۾ ترابي هو. سندس مزاج فاروقي ۽ ارادو حيدري هو. هو سخن ور شاعر ۽ بي خوف اديب هو. هو خدا جو منڪر ڪونه هو، پر بتن جي خدائيءَ ۽ بيهمانه صفن وارن انسانن جي بندگيءَ سان ڪفر کان به وڌيڪ نفرت ڪندو هو. هو خاڪ جو پتلو ضرور هو، پر خدا جي نُور کان جدا ڪونه هو. هو سنڌ جو هڪ درخشنده ستارو هو، جيڪو پنهنجيءَ عظمت ۽ جلال کان بيخبر، فُڪر تي فخر ڪندڙ ۽ موليٰ جي مخلوق جو سٻاجهو سائين هو.

هن داعيء اجل جي آواز تي لبيڪ چئي لاڏاڻو ڪيو. سندس روح هن فاني ۽ مادي دنيا ۾ جنهن اجتماعي سُڪون ۽ طمانيت جو متلاشي هو، سو کيس پنهنجي پروردگار وٽ مليو، جو تحقيق ساترالعيوب، غافر الذنوب، قادر ڪريم ۽ رب رحيم آهي، جنهن جي لاءِ سڀ ستائش ۽ بندگي آهي. حيدر بخش جتوئي هڪ انسان هو، جنهن جي زندگيءَ جو مقصد خداوند ڪريم جي بندگيءَ ۽ اقرارِ عبوديت جو عملي مثال پيش ڪرڻ هو. پر سندس طريقو به محض انساني هو، ۽ نه آفاقي. انسان جون خطائون خدا ئي بخشيندو، جنهن جو پاڻ اقرار ڪيو اٿس. باقي حقوق العباد جي سلسلي ۾ ’حيدر‘ تي يقيناً خدا جون رحمتون هونديون. هو سنڌ وارن لاءِ زنده رهيو، ۽ انهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي، ’جيئي سنڌ‘ چوندي هليو ويو_ اتي، جتي اسان سڀني کي هلڻو آهي. پر ’حيدر‘ جو لاڏاڻو هڪ سٻاجهڙي ۽ نيڪ نيت سنڌي سپوت جو وداع آهي، جنهن جي مرقد مان اڄ به هيءَ صدا بلند ٿيندي رهي ٿي: جيئي سنڌ!

ليکڪ: ڪريم بخش خالد

ادب ۽ سياست، عوام لاءِ

(1)

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ آءٌ ٻيئي، اِئين ڏسجي ٿو ته، پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ڪجهه Late starters هئاسون. هُن بي. اي. عمر جي ڇويهين سال پاس ڪئي، ۽ مون ٽيويهين سال. هو يارهنِ سالن جي عمر ۾ ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو، ۽ مون به، پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ڪجهه دير سان داخل ٿيندي، ۽ پوءِ پڙهندي پڙهندي، ڪنهن نه ڪنهن سبب، چار سال کن عمر جا ضايع ڪيا. بهرحال، ٻنهي اسان کي پنهنجي ننڍپڻ ۾، ۽ پڻ پڙهائيءَ ۾، ائين لڳي ٿو ته لڳ ڀڳ ساڳيو ماحول مليو: گهرو ماحول پورهئي جو، غربت جو ۽ ڪجهه مذهبي؛ اسڪولي ماحول پڻ مذهبي رنگ جو_ ڪامريڊ لاڙڪاڻي مدرسة السلام مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ مون ڪراچيءَ جي مدرسة الاسلام مان؛ ۽ ڪاليجي ماحول ته هو ئي ساڳيو، جو ڪراچيءَ جي ساڳئي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان (البت ڇهن سالن جي وٿيءَ سان) بي. اي. پاس ڪري نڪتاسين.

(2)

ڪراچيءَ ۾، تعليمي ماحول کان ٻاهر، اُنهن ڏينهن ۾ خاص طرح ٿياسافيءَ جي تعليم ۽ تحريڪ جو پڙهيل حلقن ۾ ڪافي چؤٻول هو. سو جيئن آءٌ قبله محترم سائين جي. ايم. سيد ۽ سندن دوستن ۽ بزرگن_ جمشيد نسروانجي، غلام علي چاڳلا، دادا ڄيٺمل پرسرام، حاتم علوي، دادا ڪيول رام شهاڻي، ديوان سام جئسنگهاڻي، سائين اين. بي. ڀٽاڻي، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي ۽ ٻين اهڙن درويش صفت انسانن جي صحبت مان، سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح، فيضياب ۽ اُنهن جي مثالي ڪردارن کان متاثر ٿيس، تيئن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به ضرور ٿيو، بلڪ ڏسجي ٿو ته پاڻ ٻه رتيون ڪسر_ ڇو ته هو قبله محترم سائين جي. ايم. سيد جو ته همعصر هو، ۽ سيٺ غلام علي چاڳلا جي پُٽ احمد جو هم ڪلاسي بلڪ گهاٽو يار هو، جيئن هُن ڏانهن پنهنجي پهرئين شعري مجموعي ”تحفهء سنڌ“ (1930ع) جي سندس انتساب مان پڌرو آهي، جيڪو بطرف حبيب شفيق احمد غلام علي چاڳلا، ڪراچيءَ“ جي قربائتن لفظن سان پاڻ ڪيو اٿن. ٿياسافيءَ جي تعليم ۽ تحريڪ سان پنهنجي تعلق جو ذڪر ڪامريڊ پنهنجي آخري انٽرويو (مارچ 1970ع) ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان، بنهه پُر شوق لفظن ۾، پاڻ به ڪيو آهي_ ”ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر هوس.... ڀانيان ٿو اڃان به آهيان، ڇو ته هُنن جا اصول ته، ’سڀ انسان ڀائر‘، ’سچ کان مٿي ڪو مذهب ڪونهي‘ [بي بها] سونهري اصول آهن!“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org