سندن سڄيءَ شاعريءَ کي ٻيءَ هڪ طرح ٻن وڏن دفعن ۾
به رکي سگهجي ٿو، هڪ ۾ سندن مشڪل اصطلاح ۾ رچيل،
فلسفيانه نوع جو شعر_ جيئن سندن غزل، رباعيون، ۽
”شڪوه“، ۽ ”آزاديء قوم“ جي عنوانن وارا طويل نظم؛
۽ ٻئي دفعي ۾ سندن سليس، سڌا سادا، وطن دوست ۽
انقلابي نوع جا نظم، جن مان گهڻا پاڻ پنهنجي
شاعريءَ جي نئين دور ۾ رچيائون.
ڪامريڊ حيدر بخش جي شعري ڪُليات جي نئين سر مطالعي
لاءِ جڏهن اُنهن کي هِن ڇپيل صورت ۾ هڪ ئي جاءِ تي
پڙهڻ ويٺس، ته اُنهن کي ڏسي ۽ پڙهي مون کي خوشي به
ڏاڍي ٿي، پر بعضي جاين تي اُنهن جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ
۾، معمول کان ڪجهه زياده ڏکيائي به محسوس ڪيم_
سبب؟ هڪڙو هيءُ ته اسين پنهنجي ٻوليءَ جي ڇپائيءَ
(توڙي لِکائيءَ) ۾ حروف علت
(Vowels)
اڪثر ڪم ڪونه ٿا آڻيون: سواءِ الف، واءُ ۽ يي (ا،
و ۽ ي) جي، ٻيا حروف علت، مثلاً زبر، زير، پيش
وغيره، جيڪي به اسان جي ٻوليءَ جي الف_ بي جو حصو
آهن، اسان لاءِ ڄڻ وجود يا افاديت ئي نٿا رکن.
بيهڪ جون نشانيون (مثلاً،؛:._!؟ وغيره) جيڪي
جيتوڻيڪ انگريزيءَ تان اسان جون ورتل آهن، پر اڄ
اسان جي ’الف_بي‘ جو حصو آهن، پوريءَ طرح اهي به
اسين ڪم نٿا آڻيون. شعري توڙي نثري مضمون کي ڪاغذ
تي آڻڻ لاءِ گهربل ترتيب ۽ رٿا جون ٻيون به ڪيئي
تقاضائون هجن ٿيون، جن جو به اسين گهڻو خيال ڪونه
ٿا رکون. دراصل، تحرير جي انهن سڀني امدادي نشانين
۽ اهتمامن ذريعي اسان لاءِ پنهنجي ٻوليءَ جي ئي
لکيل يا ڇپيل مواد جي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ اُن جو پورو
لطف ماڻڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. مثلاً، ’مهراڻ‘ (1955ع)
۾، پورن 25 سالن کان پوءِ، سنڌيءَ جي لافاني شعر
جي هڪ مثال طور ڇپيل ڪامريڊ حيدر بخش جو نظم
’درياهه شاهه‘ کين ڏيکاريو ويو، ته ڏسي ۽ پڙهي،
اُن جي نِکريل ۽ سُوڌيل ترتيب ۽ ڇپائيءَ تي بيحد
خوش ٿيا، ۽ چوڻ لڳا: ’لڳي ٿو، هيءُ مان اڄ پهريون
ڀيرو ٿو پڙهان!‘ ته ڪامريڊ جي هيءُ ڪليات، جيئن
اها هيئن ڇپيل آهي، پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ لائق پڙهندڙن
کي به برابر ڪٿي ڪٿي مشڪل لڳندي_ جنهن لاءِ ڪن
نظمن ۾ شاعر جي ڪم آندل ٻولي به ذميدار آهي. پر
ڪُليات جي اُنهن فلسفيانه دقيق حصن جو به هر نظم ۽
هر نظم جو هر بند جيئن پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي، تيئن
جي پڙهيو ۽ سمجهيو وڃي ته مون کي يقين آهي ته جيئن
مون اُنهن کي پڙهي، محسوس ڪيو تيئن اسان جا لائق
پڙهندڙ به محسوس ڪندا ۽ پورو اُنهن جو لطف
ماڻيندا_ اصل اِئين ڄڻ ڪنهن جي من جي بند دري کلي
پوي، ڄڻ ڪنهن جون پوريل اکيون پٽجي پون ۽ سامهون
وسيع منظر ڏسي هن جي دل بهار بهار ٿي پوي! سچ پچ
ته نبار خيالَ ۽ اعليٰ تصوّرَ ماڻهوءَ جي ذهن کي
ائين ئي کولين ٿا، اِئين ئي اُن کي روشن ڪن ٿا، ۽
ائين ئي اُمنگ ڀريل هُن جي من کي آزاد ۽ بيخوف
اوچن آدرشن جي آسمانن ڏانهن اُڏائي نئين ٿا.
(11)
زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ڪامريڊ بيماريءَ جي بستري
تي هو، سندس وفات 21 مئي 1970ع تي ٿي، فقط ٻه
مهينا اڳ کانئن پڇيو ويو ته، ’اوهين پنهنجي
شاعريءَ جي ڪهڙن شهپارن کي وڌ ۾ وڌ پسند ڪريو ٿا؟‘
جواب ۾ چيائون: ’شڪوه، آزاديءَ قوم، حيوان انسان،
پيامِ امن ۽ ٻيون ڪي رباعيون.‘ اُنهن سان اسين
سندن پڙهندڙ سندن ٻيون تخليقون، پنهنجي فائدي جون
۽ پنهنجي پسند جون، شامل ڪري سگهون ٿا. ايترو ته
موٽ ۾ اسان مان هر سمجهدار تي پنهنجن بزرگن جي
ڇڏيل ورثي کي، پنهنجي ئي چڱائيءَ لاءِ، جانچڻ پرکڻ
۽ پنهنجو ڪرڻ فرض ٿئي ٿو!
اُنهيءَ ئي موقعي تي جڏهن کانئن پڇيو ويو ته،
’سنڌين لاءِ، هارين لاءِ، دوستن لاءِ، اسان سڀني
لاءِ‘ سندن ڪهڙو پيغام هو، ته وراڻيائون: ”منهنجو
پيغام [اوهان سڀني لاءِ، جيڪي منهنجا آهيو ۽ مون
کي پنهنجو سمجهو ٿا] اُهوئي آهي، جو ڪجهه مان پاڻ
ڪري رهيو آهيان!“ ائين چئي، پوءِ انگريزيءَ جا چار
لفظ اُچاريائون:
Courage, Discipline, Vigilence, Hard-Working_
يعني خطرن کي للڪاريو! نظم ۽ ضبط پيدا ڪريو! سدا
سجاڳ رهو! لڳاتار جاکوڙ ڪريو! انگريزيءَ جي اُنهن
چئن لفظن جي اُچارڻ کان پوءِ پاڻ چيائون: ’آزاديء
قوم‘ ۾ جو مون چيو آهي، سو ياد رکو!“ ائين چئي،
اُن نظم جو پاڻ هيٺيون بند پڙهيائون:
”سنڌي فرزندَ، اُٿي زورِ نَظر پيدا ڪر!
”جو وجهـٖـي ٿرٿلو، دنيا ۾ اثر پيدا ڪر!
”نئون چراغ، نئون خورشيد و قمر پيدا ڪر!
”نئون گلزارُ ۽ هُٻڪارَ ۽ ڪَرّ پيدا ڪر!
”جو اُنهيءَ سان ئي همراز آ آزاديء قوم!“
سندن وفات کان پوءِ، سندن تڏي تي، سندن تعزيتي
ڪتاب ۾، جيڪي ٻه اکر پنهنجي تاثر جا، پنهنجي عقيدت
جا، مون لکيا، اُهي ساڳيا، آخر ۾، هتي، اوهان
دوستن کان اجازت وٺندي، وري پڙهي ٻڌائڻ گهران ٿو_
ڇو ته چڱن لاءِ ۽ چڱن جي چڱاين لاءِ مڃتا جا اکر
هر هر ۽ هرهنڌ چوڻ پاڻ کي چڱو ڪرڻو آهي ۽ پنهنجو
ئي شانُ وڌائڻو آهي.
”زندگيءَ جي سڄي اهميت ۽ سڄي عظمت اُن جي مقصد سان
آهي. جيترو اوچو ۽ اعليٰ مقصد زندگيءَ جو قائم ٿئي
ٿو، اوتري ئي اوچي ۽ اعليٰ اُها زندگي سڏجي ٿي.
اسان جو محترم پيارو بزرگ ۽ دوست، ڪامريڊ حيدر بخش زندگيءَ جي اعليٰ کان اعليٰ مقصد
کي پاڻ لاءِ قائم ڪري ويو. اُن لاءِ پنهنجو سمورو
جيئڻ ۽ مرڻ وقف ڪري ڇڏڻ جو سبق اسان لاءِ ڇڏي ويو.
”سنڌ ۽ سنڌ جون سموريون آئنده پيڙهيون ڪامريڊ جي
اِنهيءَ بي مثل آدرشي ڪردار کي پنهنجي لاءِ مشعل
راهه طور سامهون رکي، انفرادي توڙي اجتماعي طور
دنيا جي اڳيان پنهنجي لاءِ اعليٰ مقام پيدا ڪري
سگهن ٿيون.
”جيئري به اسان جو هيءُ بي غرض ۽ نماڻو ڪامريڊ
اسان لاءِ پنهنجون سموريون طاقتون ۽ صلاحيتون خرچ
ڪندو رهيو، ۽ اسان کان وڇڙي وڃڻ کان پوءِ به هو
اسان جو ذهني ۽ عملي طور لافاني ۽ بي مثل رهبر
آهي.
”زندگيءَ جي جيڪا به معنيٰ ۽ مطلب ۽ اُن جي جيڪا
به اهميت ۽ نيڪي آءٌ سکي ۽ سڃاڻي سگهيو آهيان،
اُها مون ڪامريڊ حيدر بخش جي زندگيءَ ۾ ڏٺي. آءٌ
هميشه سندن پوئلڳ ۽ پرستار ٿي رهيس، شال اڳتي به
آءٌ سندس نقش قدم تي هلندو رهيان!“
”سَنڀريو جيان ڳالهيون پِريمَ تنهنجون،
ڪهڙا ڳُڻ ڳڻيان، ٿورن مَٿو ناههِ ڪو.“
(شاهه)
_ محمد ابراهيم جويو
هڪ آدرشي انسان
”باباءِ سنڌ“_ حيدر بخش جتوئي ’حيدر‘ جي عظيم ۽
آدرشي شخصيت انهن تاريخي ۽ آدرشي انسانن ۾ شمار
ڪري سگهجي ٿي، جن کي ”تاريخ ساز“ چيو ويو آهي.
’حيدر‘ جي انقلابي ۽ آدرشي شخصيت پنهنجي علمي ۽
عملي جدوجهد جي خيال کان، منهنجي نظريه ۽ تحقيق
موجب_ ”دودي ۽ درياء خان“ جي هم پايه شخصيت آهي.
_ ’دودو’ بادشاهه هو، ۽ ’درياء خان‘ وزيراعظم ۽
سالارِ جنگ هو. وٽن وسيلن ۽ ذريعن جي ڪابه اڻاٺ
ڪانه هئي. انهن جي مقابلي ۾ ’حيدر‘ زماني جي
ضرورتن جي خيال کان، توڙي ظاهري وسيلن ۽ ذريعن جي
لحاظ کان آزاد به هو مستغني به هو. ”درياء خان ۽
دودي“ جي عظمت انهن جي مجاهدانه ڪردار ۾ مضمر آهي،
جو ڪردار لشڪرن ۽ فوجن، سامان ۽ دولت جي موجودگيءَ
۾ ادا ڪيو ويو، پر ’حيدر‘ جو ڪردار ظاهري طور تي
نه لشڪرن ۽ فوجن جو محتاج رهيو ۽ نه ساز ۽ سامان
جو گهرجائو رهيو. ’حيدر‘ نه دولت ۽ سرمائي جو
محتاج رهيو ۽ نه انقلاب پسند ساٿين جو محتاج رهيو.
’حيدر‘ پوري زندگي ”دل ۽ دماغ، قلم ۽ علم“ جي
هٿيارن سان جهاد ڪندي گذاري ڇڏي. لشڪر ۽ هٿيار،
ساز ۽ سامان، دولت ۽ ذريعا فقط چار هئا: ”دل،
دماغ، قلم ۽ علم.“
_ انساني تاريخ ۾ تمام ٿورا تاريخ ساز انسان نظر
اچن ٿا، جي تنها نموني ۾ تاريخ ساز معيار ۽ اقدار
جا حامل رهيا. ’حيدر‘ به اهڙن تاريخ ساز انسانن ۾
شمار ڪري سگهجي ٿو.
_ جديد نفسيات جي ڄاڻن، ڪن عظيم شخصيتن کي غير
معمولي صلاحيت، عمل ۽ ڪردار، اخلاق ۽ آدرش جي خيال
کان ”عبقري“ ۽ ”جينيئس“ قرار ڏنو آهي. اُهي پنهنجي
دؤر کان گويا صديون اڳ ٿا پيدا ٿين. انهن جو
”ڪردار ۽ پيغام“ حال کان صدي کن پوءِ واري دؤر
لاءِ انقلابي ۽ آدرشي نصب العين ڪري قبول ڪيو وڃي
ٿو. ’حيدر‘ جي ”جينيئس“ شخصيت ۾، عبقريت جا لازوال
آدرش ۽ نقوش ملن ٿا.
_ ”حيدر“، علم جديد ۽ قديم جو پنهنجي معاصر دوستن
کان وڏو عالم ڪري مڃيو ويو آهي. ’حيدر‘ شاعرانه دل
۽ دماغ وارو حساس ۽ سٻاجهو انسان هو. ’حيدر‘ تحرير
۽ تقرير جي ميدان ۾ شعلهء خيز ۽ باطل سوز ”بيان“
جو مالڪ هو. ’حيدر‘ اخلاقي حيثيت سان، بلند ڪردار
شخصيت جو آئينه دار هو، سندس فقط هڪ ”روپ“ هو، هو
ابن الوقت اڳواڻن ۽ قومي خدمت گذارن جي دعوائن
واري ”ٻهروپ“ کان گهڻو بلند هو، هو سياسي ليڊر نه
هو، پر هڪ قسم جو ”مصلح ۽ رفارمر“ هو، ان ڪري سندس
حق گوئيءَ ۽ حق پسنديءَ ۾ ڪوبه فريب ۽ ريب نه هو.
’حيدر‘ لاطمع هو ۽ مرد قلندر هو، کيس ذاتي شهرت ۽
مقبوليت، ذاتي تعريف ۽ توصيف، ذاتي وڏ ماڻهپائيءَ
۽ ذاتي وجاهت، صدارت ۽ امارت کان نفرت هئي.
_ ’حيدر‘ درويش صفت هو، سندس اخلاقي اوصاف صوفين ۽
درويشن، تارڪن ۽ زاهدن وارا هئا، سندس لٽو ڪپڙو به
سادو، اٿڻ ويهڻ به سادو، ماڻهن سان ملڻ جو ڍنگ به
سادو، سفر ۾ به سادو، ته حضر ۾ به سادو. اها
سادگي، سندس ”فطري اخلاص“ مان پيدا ٿي هئي. جديد
نفسيات جي ماهرن جي راءِ موجب_ ان قسم جو انسان،
پنهنجي طبعي جبلت موجب، پنهنجي زمانه ساز دؤر ۽ ان
دؤر جي منافقانه وضع داريءَ جي خلاف ”حقيقت پسند ۽
صالحيت پسند، صداقت پسند ۽ اخلاق پسند“ ٿئي ٿو.
’حيدر‘ ۾ نه ٺٺ ٺانگر ڏٺوسون ۽ نه آڪڙ شاڪڙ
ڏٺيسين. ’حيدر‘ ۾ نه نفاق ڏٺوسون ۽ نه ريب فريب
ڏٺوسون. ’حيدر‘ جا به ڳالهه ڪئي، سا سورنهن آنا
سچي، پوءِ اها ڪڙي ڇو نه هجي‘
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي!
تخته دار تي به حق چيائين، جيلن ۾ به حق چيائين.
مارشل لا جي دؤر ۾ به سچ چيائين، ۽ ڪورٽن ۾ به سچ
ٻڌايائين. مرندي دم تائين سچ چيائين. سنڌ جي هن
عظيم سورهيه سورمي جو بيان توڙي تحرير، عمل توڙي
ڪردار، سڀ ’سچ‘ جي مرڪز تي قائم رهيا.
’حيدر‘ جي شخصيت جي تشڪيل ۽ تعمير ۾ اهڙا اخلاقي
عناصر ڪيئن پيدا ٿيا؟ اهو هڪ جدا بحث آهي. اگر
مختصر طور چئجي ته پوءِ رڳو ائين چئي سگهندس ته،
’حيدر‘ ان درويشانه مسلڪ واري خاندان جي سلسلي جي
پيداوار آهي، جنهن مسلڪ ۽ مذهب کي فلسفه حيات،
توڙي ’فلسفه تصوف‘ ۾ وڏي حيثيت حاصل آهي. ’حيدر‘
جو فقيراڻو خاندان، سنڌ جي ڪلهوڙن حاڪمن جي
سهروردي طريقي سان وابسته رهيو آهي. ڪلهوڙا حاڪم
فقير به هئا ۽ حاڪم به هئا ۽ فڪر ۽ ذڪر، سوز ۽
سماع جا صاحب هئا. لطيف خوب فرمايو آهي:
ڏينهان ڏورن ڏٿ سين، راتيون ڪن رهاڻ،
عمر تنين ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري.
_ فقر ۽ اخلاق، ذهر ۽ ترڪ دنيا، خلق جي خدمت ۽
انسان سان محبت، تصوف جو اهو عالمگير اثر آهي،
جنهن کي نفسيات جا ماهر به مڃين ٿا. حيدر ”توارث“
جي راهه کان اهڙا، ”اوصاف ۽ آثار“ موجود هئا، جن
کي دوست جي فريب ۽ وجاهت جي ڪشش ۾ قابو نه ڪيو.
’حيدر‘ من جي دنيا ۾ مست رهيو. ٻيو ته ’حيدر‘ جي
اوائلي زندگي، ”مولانا روم“ جي ”الهامي جذبات“ ۽
”فلسفيانه واردات“ سان تشڪيل پذير ٿي. رومي فقط
”مغز ۽ ڳر“ جو قائل آهي، هو مذهبن جي ٻاهرين رسمي
”کل تي مغز“ کي ترجيح ٿو ڏئي. ان طرح رومي، مذهبن
۽ انهن جي ”معمولات ۽ رسومات“ کي فقط ”وسيلو ۽
ذريعو“ قرار ٿو ڏئي، جي ڪنهن ”خاص مقصد“ ۽ ”خاص
آدرش“ لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. ’حيدر‘_ مولانا
روميءَ جي ان نظريه جو زنده مثال هو. جديد علم به
پڙهيائين، ڪميونزم ۽ سوشلزم جو مطالعو ڪيائين، پر
”مذهبيت ۽ لامذهبيت“ جي دائرن ۾ رهندي، روميءَ جي
چوڻ موجب، هميشه ”مغز ۽ حقيقت“ جو ڳولائو رهيو ۽
رسم ۽ کل کان ڏور رهيو.
_ ’حيدر‘ جي ’عبقريت‘ وارن اوصافن ۾ سندس
”بهادرانه شخصيت“ کي وڏي اهميت حاصل آهي. ”حق ۽
صداقت“ کي تحرير ۾ آڻڻ ۽ زبان سان پيش ڪرڻ کي
ڪردار ۽ فلسفه حيات جي عملي دنيا ۾ ”دعويٰ“ چئبو
آهي، ان زباني ۽ بياني ”دعويٰ“ جي ”تائيد ۽ تصديق“
جي دنيا اڃا اڳڀرو آهي. رڳو زبان سان ڪلمه گوئي به
مسلمانيءَ جو ڪمال ناهي. لطيف چيو آهي:
ان پر نه ايمان، جئن ڪلمه گو ڪوٺائين،
دعا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آذرو آهئين.
سو بهادرانه حيثيت، رڳو زباني دعويٰ، ڪتابن جي
تصنيف تاليف پڙهڻ ۽ ڳالهين ڪرڻ ۽ ٻُڌڻ سان پيدا نه
ٿي ٿئي. ڪتابن جي پڙهڻ سان ته رڳو عقل ٿو وڌي، جو
”عمل ۽ شجاعت“ جو ازلي ۽ ابدي دشمن آهي. عقل،
هميشه ”حيله ساز ۽ بهانه ساز“ ٿو رهي، ڪڏهن به عقل
واري بزدليءَ کان ٻاهر پير نه رکيو آهي، پر ان جي
مقابلي ۾ ”عشق“ هر محاذ تي ”باطل شڪن ۽ باطل سوز“
ٿو رهي. دماغ جي رهنمائي، سود و زيان ۽ نفع نقصان
جي دائري اندر محدود ٿو رهي، پر عشق جي امانت ۽
امامت، لطيف سائينءَ جي ارشاد موجب:
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ۾ ڍار،
مٿي تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
جي مصداق، ڀالن هڻڻ سان، ڀاڪرين وڙهڻ سان، ترار جي
مٿان ترار وهائڻ سان وابسته آهي.
عشق ناهي راند، جيڪي کيڏن ڳڀرو،
سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي.
سو عقل آهي حيله جوئي ۽ عشق آهي تخته دار کي
سينگارڻ. ’حيدر‘ هميشه عشق جي دنيا ۾ رهي، باطل کي
للڪاريو ۽ سوريءَ کي سينگاريو. چي:
سوري آ سينگار، عاشقن جو!
_ ’حيدر‘ هميشه شاهه شهيد، جهوڪ ڌڻيءَ جي هن شعر:
سر بر قدم يار، فدا شد، چه بجا شد،
اين بار گران بود، ادا شد، چه بجا شد.
تي عمل ڪيو. ان ايتري ۽ عظيم قربانيءَ لاءِ قوم
کان ڪوبه انعام نه گهريائين. هڪ ڀيري چند دوستن جي
موجودگيءَ ۾ سندس عظيم شخصيت لاءِ مختلف قسم جا
لقب چونڊجي رهيا هئا. ان وقت ”مهراڻ“ رسالي جو
تازو پرچو مون کين موڪليو هو، ان تي لکيو هوم.
”باباءِ سنڌ“_ حيدر بخش جتوئي جي خدمت ۾“_
فرمايائين، ”مولانا گرامي جو تبرڪ طور چيل لقب
”باباءِ سنڌ“ ئي ڪافي آهي.“ بس اهو آهي سندس
قربانين جو صلو ۽ انعام!
_ سو عرض پئي ڪيم، ته ’حيدر‘ هر محاذ تي عشق کي
امام بنايو، سندس بهادرانه بصيرت هر ميدان تي عشق
کي اڳواڻ بنايو ۽ ڪنهن به ابن الوقتيءَ جو شڪار نه
ٿيو.
_ ’حيدر‘ سائنس ۽ اقتصاديات جي مطالعي کان پوءِ به
”حيله تراش ۽ بهانه ساز“ نه رهيو، پر بيباڪ ۽ بي
پرواهه رهيو. سائنس ۽ اقتصاديات ويتر سندس جنون ۽
عشق کي وڌايو.
اها عشق واري بهادري ۽ بصيرت _ روميءَ جي مطالعي
مان ظهور پذير ٿي، جا آخر تائين قائم ۽ دائم رهي.
دنيا ڏسي ورتو ته ’حيدر‘ پنهنجي نصب العين ۽
جدوجهد کي پايه تڪميل تي پهچڻ واري سلسلي ۾ هڪ
قابل تعريف ”سنگ ميل“ بڻجي، ”ڪاروانِ حيات“ کان
جدا ٿي ويو! بيشڪ ’حيدر‘ حب الوطنيءَ ۽ انسان
دوستيءَ جي هڪ عظيم علامت بنجي چڪو آهي. جيسين سنڌ
جيئري آهي، تيسين ’باباءِ سنڌ‘ به زنده آهي_ ”جيئي
سنڌ“ ”جيئي باباءِ سنڌ!“
_ ليکڪ: غلام محمد گرامي
”حيدر“ جي شاعريءَ جو
فڪر ۽ پيغام
حيدر بخش جتوئي جي شخصيت، سنڌ جي ماڻهن آڏو هڪ محب
وطن شاعر ۽ هڪ دلير سياسي اڳواڻ جي حيثيت ۾ اُڀري.
ٻنهي صورتن ۾ سندس شخصيتن جي انفراديت پيئي بَکي.
”حيدر“ هڪ شاعر، ۽ ”جتوئي“ هڪ سياستدان_ ٻنهي جا
نظريا انوکا ۽ نرالا، ٻنهي جي شخصيت محبت ڪندڙن
لاءِ قربانين ڏيڻ لاءِ هر دم تيار! جي ’شاعر‘
حيدر، ”تحفهء سنڌ“ ڏتڙيل عوام جي حمايت ۾ شڪوو
ڪندي ڪتاب ضبط ڪرائي ٿو ته، ’سياسي‘ حيدر بخش
جتوئي، هاري پارٽيءَ جي صدر جي حيثيت ۾، سنڌ ۽ سنڌ
جي غريب ۽ محنت ڪش مظلومن لاءِ وقف آهي. هر جلسن ۾
وڃي سنڌ جي سِڪ جي چڻنگ ماڻهن جي دلين ۾ دُکائي
ٿو، ته مشاعرن ۾ ”ڀلي آئين، جي آئين، درياهه شاهه“
پڙهي، ماڻهن جي دلين ۾ وطن پرستيءَ جي مقدس جذبي
جون ڇوليون اٿاريو ڇڏي.
اصل وطن بکو ديرو ضلعو لاڙڪاڻو اٿس، هاڻ مستقل طور
حيدرآباد ۾ رهي ٿو. سندس ابتدائي بود و باش
ڪراچيءَ ۾ ٿي، جتي شعر چوڻ شروع ڪيائين. شعر جي
شروعات ته سندس ڳوٺ ۾ ئي ٿي، پر پڪو ۽ پختو شعر
ڪراچيءَ ۾ چوڻ لڳو. ڪراچي شهر جي مجلسي ماحول ۾
جيڪي احباب مليس، سي خوش قسمتيءَ سان اڄ به آسمانِ
ادب جا چمڪندڙ ستارا آهن. رات ۽ ڏينهن جو وڏو حصو،
علمي ۽ شعري ادب جي باريڪ نُڪتن کي حل ڪرڻ ۾
گذرندو هونِ. علامه دائودپوٽي، سيد ميران محمد
شاهه ۽ ٻين اهڙن عالمن ۽ باڪمال شخصيتن جو اهو دؤر
اڄ به ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ شال موٽي اچي!
حيدر جتوئي، سن 1900ع ۾ پيدا ٿيو؛ ابتدائي تعليم
پنهنجي پياري ڳوٺ بکو ديري ۾ حاصل ڪيائين، جتي جي
حالتن کيس گهڻو متاثر ڪيو. هن جي ابتدائي شعرن ۾
ڏسبو ته ماحول جو رنگ گهڻو نظر ايندو. چوندا آهن
ته ’هرهڪ انسان تي ماحول جو اثر پوندو آهي.‘_
انهيءَ نظريي جي ماتحت، ”حيدر“ کي قريب قريب چئن
قسمن جي ماحول سان واسطو پيو آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي
نمايان وصف اتي جي زرعي ۽ آبي برتري آهي. وڏي کان
وڏا زميندار ۽ ننڍي ۾ ننڍا هاري اتي اوهان کي نظر
ايندا. ”حيدر“ جڏهن هوش سنڀاليو، ته آس پاس رڳو
سرسبز ۽ جهوليندڙ ٻنيون ۽ پوکون ڏٺائين، دل کي مست
ڪندڙ پاڻيءَ جي روانيءَ هن ننڍڙي لڪل شاعر کي پاڻ
ڏانهن متوجهه ڪيو؛ مگر رنگارنگي فضا جي پردي پٺيان
غريب ۽ بيڪس هارين جي مظلوم حالت، هن جي ڪچڙيءَ دل
مان سڀ خوشيون ڪافور ڪري ڇڏيون: اهو ننڍپڻ جو ذهني
عڪس، وڏيءَ عمر تائين به سندس دل ۽ دماغ تي قائم
رهندو آيو آهي، ۽ سالن گذرڻ کان پوءِ به تازو پيو
ڏسجي. هو انساني زندگيءَ جا ٻه متضاد پهلو ڏسي،
ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي پيو. ان کان پوءِ هو
ڪراچيءَ ۾ شهري تهذيب جي روشنيءَ ۾ اچي رهيو. شهرن
جا جديد ترقيءَ جا منظر ڏسي، ڪير به ائين نه
سمجهندو ته سنڌ جي اندرئين ماحول ۾ ڪا اهڙي ڀيانڪ
بيمزگي هوندي. يقيناً، ڪوبه انسان اهڙيءَ حالت ۾
سنڌ جا دل ڏکوئيندڙ نظارا گهڻو وقت ياد نه ڪري
سگهندو آهي. اهڙي وقت به ”حيدر“ کان پنهنجي سنڌ ۽
سنڌ جا نظارا، ڳوٺ ۽ وطن، دل تان نه لٿا. مثلاً،
ڪراچيءَ ۾ ويهي قنبر کي ياد ڪري ٿو ۽ اتي جي بِهن،
سُڳداسي چانورن، پاڻيءَ ۽ پٻڻ جي تعريف ۾ مست ٿي
وڃي ٿو.
سُڳداسي سنڌي سنهڙا، چانديءَ مثل ٿا چلڪن،
هٻڪار ۾ مُطر، ڪن ٿا تمام ’قنبر‘،
مٺڙيون پٻڻ جون ڏوڏيون، بِهه بيشمار آهن،
کائن وڏا ننڍا ٿا، سڀ عام جام ’قنبر‘.
ماڻهن جي ساراهه هيئن ٿو ڪري:
ڪهڙا نمڪ_ ڀريا هن، قنبر جا آدمي سڀ،
پاڻي نمڪ_ ڀريو ٿا، پيئن مدام قنبر،
پائن سفيد ڪپڙا، چهرا هميشه چَهرا،
ڪهڙو ڪَلر جو آهي، تاثير تام ’قنبر‘! |