سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:درويش وتايو فقير

 باب--

صفحو :7

 

اڪبر سومرو

 وتائي فقير جي وقت ۾ سنڌ جي حالت

 

عام طرح اسان جي قوم جي ماڻهن وتائي فقير کي رڳو چرچائي سمجهيو آهي، جيڪو ويٺو هر ڳالهه تي ٽوٽڪا ٺاهي، ٽوڪ ڪري ماڻهن کي کلائي ۽ بس! هو شاعر اديب يا مدبر به نه هو ۽ نه وري چلا ڪڍندڙ بزرگ هو. برعڪس ان جي وتايو فقير هڪڙو عظيم صوفي منش ۽ دانش جو ڌڻي، نڪته سنج ۽ نڪته شناس، پنهنجي وقت جو عظيم ڏاهو ماڻهو هو. دانش ۾ علم پرايل يعني دفتر پڙهيل ۽ ڊگريون ورتل عالم نه ئي سهي، پر تجرباتي علم پرايل ۽ عالمانه گفتار جو صاحب ضرور هو. مدبر نه ئي سهي پر وقت شناس هو. شاعر ۽ اديب نه ئي سهي، پر ادبي ڪماليت اهڙي حاصل هيس جو سندس سنجيده مقولا ۽ معاشري جي اوڻاين تي ڪيل ٽوڪزني اسان جي سنڌي ڪلاسيڪي ادب جو هڪڙو اهم حصو بنجي چڪي آهي.

وتائي فقير جون معنيٰ خيز ۽ سنجيده چوڻيون جيڪي ٽوٽڪن جي صورت ۾ اڪثر عام جي زبان تي اينديون رهن ٿيون، سي سنڌي معاشري جا وڏا الميا ظاهر ڪن ٿيون. جيئن سندس مٺائي واري کي اک ۾ آڱر هڻڻ وارو واقعو جنهن ۾ هن مٺائي واري کي اک ۾ آڱر هنئي ته کيس مٺائي واري چيو ”فقير انڌو ٿيو آهين ڇا؟“ وتائي وراڻي ڏني ”هيڏيون مٺايون اڳيان رکيون ويٺو آهين ذرو کائين به نٿو. هاڻ انڌو تون آهين يا مان؟ اسان مان ڪيترا پنهنجين حالتن آڏو ائين انڌا رهيا آهن، جيئن مٺائي وارو اڳيان هوندي به انهن شين بابت ڪجهه سوچي ۽ ڪري نٿي سگهيو، جنهن کي وتائي اکين ۾ آڱر هڻي متوجه ڪيو ۽ اکين هوندي واري انڌائي کي ضمير جي انڌائي ڏانهن ڌيان ڇڪايو.

وتائي فقير لوڪ ڪهاڻين يا ڳالهين وانگيان پنهنجا ڪردار نه جوڙيا آهن. پر زندگي جي عام وهنوار ۾ چرندڙ ڦرندڙ انسانن ۽ انهن جي عملن جي آڌار تي، عام مسئلن ۽ حالتن جا مامرا ويهي ڦلوريا آهن، ۽ انهن مامرن ۾ وري ڪي خاص نڪتا ويهي اسان کي سمجهايا آهن.

هن سنڌ جي عام ماڻهن ۾ هڪڙو تاريخي شعور ۽ سمجهه پيدا ڪرڻ ٿي چاهي، جنهن جي ان وقت توڙي هر دؤر ۾ خاص ضرورت رهي آهي.

وتائي فقير جي چوڻين ۽ ٽوٽڪن ۾ ڪافي نقل نظير گهڻن اهڙن ماڻهن جا به کڻي ٽنبيا ويا آهن، جن کي ”سُر درٻاري“ ۾ ڳالهائڻ جي وڏي مهارت حاصل هئي، اهڙن ماڻهن جي اُهڙين لکڻين ۾ يقيناً سواءِ مسخري جي ڪابه نصيحت نٿي ملي. پر وتائي فقير جي هر چوڻي ۾ پڙهندڙ کي سندس شخصيت ۾ انساني يا سنڌي سماج جي دل جو گهرو ادراڪ ملي ٿو.

وتائي فقير جي ڄم ۽ وفات جي ڪا صحيح تاريخ شايد اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهي آهي. ته به ايترو سو پرو پوي ٿو ته فقير صاحب سما دؤر جي آخر ڌاري ۽ ارغونن جي شروعات واري دؤر ۾ بقيد حيات هئا. سنڌ جو اهو دؤر رياستي فسادن، اندروني خلفشارن ۽ ٻاهرين جارحن سان گڏ مذهبي ڪٽرپڻي ۽ منافرت وارو دؤر ليکجي ٿو. تاريخ جو اهو دؤر به يورپ جي سورهين ۽ سترهين عيسوي صدي واري دور جيان هئو.

جيڪڏهين وتائي جي موجودگي کي سما دؤر جي پڇاڙي ۾ تسليم ڪجي ته پوءِ انهي چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته وتائي فقير جي دؤر ۾ سنڌ جي حالتن ۾ ٻه وڏا مونجهارا ۽ مسئلا يا سماجي ۽ سياسي بحران (Crysis) نظر اچن ٿا. جن مان پهريون هئو سنڌ جي سرزمين تي ارغونن ۽ ترخانن جي رتوڇاڻ ۽ قبضو ۽ سنڌ جي مقامي حڪمراني جو خاتمو. ٻي به اهڙي ئي ڳنڀير مذهبي صورتحال هئي، جنهن ۾ مذهبي گروهه بندين جي پرچار کي ڄاڻي ٻجهي وڌايو ويجهايو ويو، جنهن سببان مقامي اتحاد کي ڇيهو رسيو. ڌارين جي جلهه ۽ مذهب جي آڌار تي پيدا ڪيل حالتن ان دؤر جي سماج ۾ بي يقيني جي ڪيفيت پيدا ڪئي. ان جا اثر اڳتي هلي تعصب ۽ تنگ نظري جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. ان وقت جي انهن حالتن کي تبديل ڪرڻ ۾ سنڌ اندر صوفين جي تعليم خصوصاً نظريه وحدت الوجود نهايت ئي اهم ڪردار ادا ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سما دؤر کان وٺي ڪلهوڙن جي پوئين دؤر تائين اسان کي سنڌ اندر بزرگن جي وجود، انهن جي فيض ۽ تعليم جي پالوٽ نظر اچي ٿي، جنهن جا سنڌي سماج جي اندر بهتر نتيجا نڪتا.

ٻئي طرف رياستي اقتدار جي زوال جا سبب هي هئا ته سمن جي حڪمران ڄام نظام الدين جي پٽ ڄام فيروز ۾ حڪومت ڪرڻ جي اهليت تمام گهٽ هجڻ ڪري سندس دؤر ۾ نه صرف گهرو افراتفري عروج تي رهي، پر ڌارين کي پڻ سٺو موقعو ميسر ٿيو. اهو هن طرح جو پاڻ مغلن ۽ ارغونن جي هڪڙي ڀاڄوڪڙ ٽولي کي پناهه ڏيئي ٺٽي ۾ رهايائين ۽ مهمان نوازي جو روايتي حق ادا ڪيائين. انهن ئي ماڻهن نمڪ خواريءَ جو فريضو ادا ڪندي شاهه بيگ کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جي ترغيب ڏني. اهڙي طرح سنه 921هه يعني 15 صدي عيسوي ۾ شاهه بيگ ارغون هڪ هزار سوار ڌاڙي هڻڻ لاءِ سنڌ ۾ موڪليا جن اچي ”ڳاهن“ ۽ ”باغبان“ جي ديهن کي ڦريو، ان بعد 927هه شاهه بيگ ٺٽي تي حملو ڪيو. ڄام فيروز پنهنجا ٻار ٻچا ٺٽي ۾ ڇڏي پير پٺي ڏانهن ڀڄي ويو. مخدوم جعفر بوبڪائي انهي حادثي جو سال ”خرابيءَ سنڌ“ جي لفظن ۾ قلمبند ڪيو.

يقيناً جيڪڏهين وتايو فقير انهي دور يا ان کان پوءِ ڪلهوڙن جي اڳ واري دور جي وچ واري ڪڙي ۾ هو ته پوءِ سندس اهي نقل جن ۾ حقيقت پسندي ۽ ڪيترين ڳالهين ڏانهن اشارا آهن، اهي ذهني سجاڳي جو هڪ ذريعو بنيا هوندا، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي اهڙين حالتن ۾ يقيناً وتائي فقير سندس اڳيان هن خطي جي امن ۽ اتحاد کي ٽٽندو ۽ ڀڄندو ۽ وکرجندو ڏٺو هوندو ۽ پڪ سان مٿس پڻ انهي ”خرابي سنڌ“ واري حالت اثر انداز ٿي هوندي. ان وقت جي سنڌ جي مقامي حڪمرانن کان حڪومت ڦرجي ڌارين جي هٿ وس ٿيڻ به ڪا گهٽ ڳالهه نه هئي، اها مڪمل غلامي ۽ ڪسمپرسي واري صورتحال هئي.

وتائي فقير پنهنجين علمي ۽ عقلي چوڻين، ڳالهين ٻولهين يا ويچارن سان سنڌي معاشري ۾ پيل دوئي ۽ دولاب کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بنايو، ۽ ماڻهن کي صالح ايمان قائم ڪرڻ لاءِ سمجهايو. وتائي ملا جي تنگ نظري ۽ سماج جي غلط قدرن تي تنقيد ڪئي ۽ عام ماڻهن کي حقيقت جي سمجهڻ لاءِ اهڃاڻ ڏنا. انهي لحاظ کان وتايو فقير هڪ عظيم انسان جي حيثيت سان تاريخ ۾ چمڪندو نظر اچي ٿو.

 -----


 

دوست محمد فدا ٿيٻو

 وتايو فقير

 جڏهن حضور اڪرم ﷺ جن آخرت جي سفر تي اُسهيا ته دنيا ۾ پيغمبرن جي اچڻ جو سلسلو ختم ٿي ويو. دنيا وارا رهبري لاءِ محتاج بنجي ويا ۽ ڌڻي جي در ٻاڏائڻ لڳا. آخر الله پاڪ بندن جي انهيءَ بيڪسيءَ ۽ بيوسي واري حالت تي رحم فرمائي سندن رهبريءَ جو بندوبست ڪيو ۽ انهن منجهان ئي ڪي بندا رهبر ڪري موڪليا، جن کي اسين عالم، فاضل درويش ۽ فقير وغيره ڪوٺيون ٿا. انهن جو ڪم آهي اوجهڙ ۾ آيل ۽ اوتڙ ويل انسانن کي راهه ڏانهن موٽائڻ يا ستڙ ڪرڻ- جن جي وصف حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي لفظن ۾ هن طرح آهي:

اوتڙ ڪنهن نه اوليا، ستڙ ويسا سالم

هيڪائي ۾ هڪ ٿيا، احد سين عالم

بي بها بالم، آگي ڪيا اڳهين.

فقيرن جي طبقي ۾ هونئن ته ڪيترائي قسم آهن، پر اهي سڀئي ٻن قسمن ۾ ورهائجي وڃن ٿا، سالڪ، ۽ ’مجذوب‘. سالڪ اهي آهن جيڪي ظاهري طرح انسانن جي رهبري ڪندا ڏسبا آهن ۽ مجذوب وري ڪن انوکن ۽ نرالن طريقن سان خدمت خلق ۾ مشغول آهن، انهن جو هڪ اهڙو ٽولو آهي، جنهن ۾ ٻئي رنگ موجود آهن يعني سالڪ به آهن ته مجذوب به. اها حقيقت اصل ۾ هينئن آهي ته ڪي سالڪ فقير اهڙا هوندا آهن، جيڪي پاڻ کي مجذوبيت جي روپ ۾ لڪائي هلندا آهن ته جيئن دنيا وارن جي گرفت کان آزاد رهي، پنهنجو ڪم ڪري سگهن. انهن فقيرن جو اصلاحي طريقو اهو هوندو آهي ته اُهي عالمانه وعظ ۽ فقيرانه نصيحتن کان هٽي ڪري، اڻ سڌن ۽ اشارتي طريقن سان انسان جي رهبري ڪن ٿا.

نڪي نمن ناٿ کي، ناٿ نه نمائين

جاٽا ڪن نه جوڳ جي، جوڳ نه جهارين

آديسي آڻين، اهڃاڻون الماس جون.

اسان جي هن سيمينار جو هيرو ”وتايو فقير“ به انهن آديسن مان هڪ هو، جنهن کي عام طرح ماڻهو چريو ۽ ’ٻالو ڀولو‘ سمجهندا هئا، پر اصل ۾ هو فقيرن جي انهي عظيم گروپ مان هو، جن لاءِ لطيف سائين اجهو هينئن فرمايو آهي ته:

نه گندا، نه گبري، نه لانگوٽي لک

جيڏانهن پرين وک، تيڏانهن صاحب سامهون

وتايو فقير، جنهن جو ذڪر ڪيترن معتبر ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ آيل آهي، سو اهڙو الله لوڪ ۽ تارڪ فقير هو، جنهن پنهنجي زندگي پيغمبرانه سنت موجب گذاري، اٻوجهن ۽ اياڻن انسانن جي رهبري پئي ڪئي. سندس ٻولن ۾ اهڙا ڪئين گفتا ملن ٿا، جن کي افاديت ۽ رهبري جي لحاظ کان دائمي ۽ ابدي حيثيت حاصل آهي.- جيئن

- خدا ڏئي ٿو، پر کنگهايو کنگهايو پوءِ ڏئي ٿو.

- خدا جو نالو هيٺ ۽ رپئي جو مان مٿي.

- خدا جي نالي مليل گدرو ڦٿل ۽ ٽڪي ۾ مليل گدرو سٺو.

- ڪٿي ڪٿي اڻ هوند به وڏي ڪم اچي ٿي.

- چڱو جو رپيو اڇلي ڇڏيم، نه ته ڪرڙ وانگر لاهه نڪري وڃن ها- وغيره.

فقير صاحب جي چيل گفتن ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ اهم اُهي آهن جن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح موت جو تصور ملي ٿو. اهو ان ڪري ٿو چوان ته موت اهڙو وارو آهي جنهن کان ڪوبه بچي نٿو سگهي، ۽ موت ئي اها منزل آهي جيڪا سوچن جو رخ بدلايو ڇڏي ٿي. ڪنهن فيلسوف جو چوڻ آهي ته ”دنيا جا سڀ فلسفا موت وٽ اچي ختم ٿين ٿا“ ان لاءِ رڳو چند لمحن جي خاطر پاڻ کي جيڪڏهن موت جي بستري تي تصور ڪري، سوچ ڪبي ته دنيا جون سڀ رنگينون ۽ رعنايون خاڪ نظر اينديون. ”جيڪي ڪني ۾ هوندو، اُهو پاٽ ۾ پوندو“ يا ”جَو پوکي، ڪڻڪ ڪوبه نه لڻندو“. يعني جهڙا عمل هوندا، اهڙوئي نتيجو حاصل ٿيندو. هن ڏس ۾ وتائي فقير ڪهڙو نه لاجواب چيو آهي ته ”دوزخ ۾ ٽانڊو ٿئي ڪونه، سڀ ڪو وڃڻ وارو پنهنجا ٽانڊا پاڻ سان کڻي ويندو آهي.“ هتي سوال ٿو اُٿي ته ٽانڊن کان ڪيئن بچجي! جواب آهي ته ”موت کي ياد ڪجي“. موت ياد رهيو ته ٻيون سڀئي ڳالهيون وسريل رهنديون ۽ بندو هر وقت پنهنجي مالڪ ڏانهن رجوع رهي، ”الدنيا مزرعة الاخرة“ جي فلسفي کي سمجهي، پنهنجي زندگي سجائي بنائي سگهندو. انهيءَ حڪمت جي خيال کان ئي وتائي فقير، دنيا جي دام ۾ ڦاٿل انسان کي موت جي يادگيري ڏيارڻ خاطر، چورن جا پيرا کڻي، واهر سان گڏ هلڻ بدران قبرستان جو رخ ڪيو هو ۽ عليٰ الاعلان اِهو چيو هئائين ته ”آخر ڪيڏانهن ويندا، ڦري ڦري نيٺ ته هتي ايندا“.

اها ئي منزل آهي جنهن تي عارضي دنيا جو خاتمو ٿي وڃي ٿو ۽ اڳتي اهڙي دنيا جي شروعات ٿئي ٿي، جنهن لاءِ لطيف سائين جي لفظن ۾ هيئن درست ٿيندو:

نڪا خبر خواب، نڪو اوٺي آئيو

هتي جو هت ڪنهن ڏنو ڪونه جواب

هميرن حساب، ڪوه ڄاڻا ڪهڙو ٿيو؟

 

------

 

تون سڄو آهين ڇا؟

هڪ ڏينهن وتايو فقير هڪ حلوائي جي دڪان وٽان اچي لنگهيو. ڏٺائين ته طرحين طرحين مٺاين جا ٿالهه ڀريا رکيا آهن. حلوائي ماٺ ڪيو ويٺو آهي. هن ڇا ڪيو، جو آڱر ڊگهي ڪري، حلوائيءَ جي اکين ۾ هڻڻ لڳو. حلوائي چيس ته: اهو ڇا ٿو ڪرين؟ چيائينس ته: تون ڏسين ٿو ڇا؟ فقير چيس ته جي سڄو آهين ته پوءِ هيترا مال ڏسيو به ماٺ ڇو ڪيو ويٺو آهين؟ حلوائي چيو ته: جي اهي ويٺو کائيندس ته منهنجو ته جهڳو ئي جهڻ ٿي ويندو. وتائي فقير چيو ته ”چڱو، تون اُٿ ته آءٌ ٿو کان، ڀل منهنجو گهر ئي ڀينگ ٿي وڃي.“


 

سيد يار محمد شاهه لڪياري

 حق موجود

 سنڌ ملڪ ۾ فقيرن، درويشن ۽ اوليائن پنهنجي سُخنن، قولن ۽ شعرن ذريعي سنڌ جي سانگيئڙن، ماروئڙن، جهانگيئڙن، عام خاص خلق کي حق جي راهه تي هلڻ جي تلقين پئي ڪئي آهي. حضرت وتايو فقير عليه رحمة به انهن برگزيده عظيم انسانن منجهان هو. سندس اصل نالو وتو مل ولد سڳڻو مل هو. ٻارهين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري نصرپور شهر ۾ ڄائو هو. هيءُ ننڍي هوندي کان ئي نهايت سلڇڻو ۽ نياز نئڙت وارو رحمدل ۽ سخي طبيعت وارو هو.

سڳڻو مل نصرپور ۾ سيڌي جو دڪان هلائيندو هو. سندس وفات کان پوءِ اهو دڪان وتو مل هلائيندو هو. اُن سمي ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ غريب مسڪين ماڻهو بک ۾ پاهه ٿي رهيا هئا. وتومل انساني همدرديءَ جي لحاظ کان اُنهن بکايلن کي اٽو چانور ۽ ٻيون کاڌي جون شيون مفت ڏيندو هو. اها ڳالهه آس پاس ۾ مشهور ٿي ويئي ۽ غريبن، مسڪينن، يتيمن، بيواهن محتاجن، بکايلن جون بهيرون سندس دڪان تي اچڻ شروع ٿي ويون. هن سخي مرد ڪنهن کي به خالي هٿين نه موٽايو. مٽن مائٽن گهڻو ئي سمجهايس ته تو جيڪو هٿ هلايو آهي تنهن ۾ کٽي ڪنگال ٿي ويندين، پوءِ اهي ماڻهو پڇندئي ڪونه ۽ دنيا ۾ ڏاڍو دکي ٿيندين. پر هن سخي مرد اُنهن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ خيرات ڪندو رهيو، آخرڪار دڪان صفا خالي ٿي ويو. پوءِ جيڪا نقدي ۽ سون چاندي هوس اُن جو سيڌو سامان وٺي روهايائين. آخرڪار گهر جي جاءِ ۽ دڪان به وڪرو ڪري اُن جو سيڌو سامان وٺي ورهايائين. پوءِ اُنهن سيٺين کان قرض تي سيڌو وٺڻ لاءِ ويو، جيڪي اڳي کيس اوڌر تي سامان ڏيڻ لاءِ آڇون ڪندا هئا، پر هاڻي ضرورت وقت انهن کيس اوڌر ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. جي اڳي تون عزت آبروءَ وارو ماڻهو هئين تڏهن اسان کي اوڌر تي سامان ڏيڻ جون آڇون ٿي ڪيون، هاڻي تون کٽي ڪنگال ٿي ويو آهين، سو اسين توکي اوڌر ڏيئي پنهنجا پيسا ضايع ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. بلڪ مٿانئس کلون ٺٺوليون ۽ چٿرون ڪري طعنا مهڻا به ڏنائون.

وتومل جنهن شهر ۾ عزت آبرؤ سان رهيو هو، اُتي ماڻهن جي منهن ڦيرائڻ سبب پنهنجي بي عزتي ڏسي شهر کي ڇڏي هليو ويو. دنيا جي تلخ تجربي ۽ ماڻهن جي نامناسب رويه سبب هن کي دلي صدمو پهتو ۽ هن جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي اچي ويئي. هن جي دل طلسمي دنيا جي بي بقا ۽ بي وفا وارين شين تان کڄي ويئي ۽ بقادار ۽ وفادار حقيقي شين جو طلب گار ٿيو ۽ اُنهن جي حاصلات لاءِ غور فڪر سوچ سمجهه سان متلاشي ٿيو. هن جي دل ۾ خيال اُتپن ٿيندا هئا ته آءٌ ڪٿان آيو آهيان وري ڪيڏانهن ويندس، ڪهڙي ڪم لاءِ موڪليو ويو آهيان ۽ ڪري ڇا رهيو آهيان ۽ جيڪي ڪي ڏسي سگهجي ٿو ٻڌي سگهجي ٿو يا سمجهي سگهجي ٿو. بس اهوئي آهي يا ان کان سواءِ اُهو ڪي به آهي جيڪو نڪي ڏسي سگهجي ٿو نڪي ٻڌي سگهجي ٿو، پر يقين آهي ته اُهو آهي! اهڙن سوين خيالن جو طلاطم سمنڊ جي لهرين وانگر هن جي دل تي چڙهندو لهندو رهيو. اهڙي طرح هيءُ حق جي راهه جو ڳولائو ٿيو، جنهن لاءِ هن جي دل ۾ فقيرن درويشن اوليائن ساڌن سنتن جي صحبت پيدا ٿي ۽ جتي جتي ڪنهن درويش جو ڏس پتو ملندو هوس ته پير پيادل وڃي هن جي صحبت حاصل ڪندو هو. اهڙي طرح سلوڪ جي راهه جون منزلون طئي ڪري مرشد جي عنايت سان هن کي روحاني فوقيت جيڪا خدائي ڏات آهي سا نصيب ٿي، جيڪا فقط سچين دلين ۾ واسو ٿي ڪري جنهن جي ذريعي هن کي سچ پلئه پيو، جنهن لاءِ لطيف سائين فرمائي ٿو ته:

جني سودي سچ جو وکر وهايو

بخرو لهم بشريٰ جو انهين لئي آيو

اُن کي لالڻ لنگهايو، ساندارو سمونڊ جو

سامي چوي ٿو ته:

سچ سڃاتو جن ڪوه ڪريندا ڪوڙ کي

مرگهه ترشنا جي جل ڏي سالڪ ڪين ڊڪن

رتا رنگ رهن، اٺئي پهر الک سين

اهڙي طرح حق جي راهه تي هلندي مرشد جي رهبري ساڻ حقيقت محمدي جي ڄاڻ حاصل ٿي ۽ سچي دل سان دين محمدي اختيار ڪيائين، جيڪو دين اسلام دين فطرت دين الاهي صلح ڪل مذهب انسانيت آهي، جنهن جو مقصد اتحاد انساني، امن عالم، ترقي بني آدم آهي؛ جنهن جي حصول لاءِ محبت مروت صداقت رحمدلي جي ضرورت آهي. جنهن ۾ رڳو سچ آهي ڪوڙ هرگز ناهي، جنهن ۾ انصاف آهي بي انصافي هرگز ناهي، جنهن ۾ ايمانداري آهي بي ايماني هرگز ناهي، جنهن ۾ نيڪ نيتي آهي بدنيتي هرگز ناهي، جنهن ۾ خير خواهي آهي بدخواهي هرگز ناهي، جنهن ۾ پر اُپڪاري آهي خلق آزاري هرگز ناهي، جنهن ۾ بلند اخلاقي آهي بداخلاقي هرگز ناهي. اهو سچو دين اسلام اختيار ڪري هيءَ وتو مل مان وتايو فقير ٿيو. هن جا مٽ مائٽ هندو ناراض ٿيا ۽ هن سان تعلق توڙي سوشل بائيڪاٽ ڪري الزام تهمتون بهتان مڙهي، چريو، کريو، ڪل ٿڙيل، ديوانو، نادان چئي هن کي خوار بدنام ڪرڻ لڳا ۽ مسلمانن هن جي ڪا قدر داني ڪانه ڪئي، جنهن ڪري هي مسڪيني مفلسي ۽ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ فاقه ڪشيءَ واري زندگي گذاريندو هو.

حضرت وتايو فقير هاڻي سچ جي خزاني سان مالا مال هو. هو خلق جي اهڙي بدليل رويه کان رنجيده ٿيندو نه هو، ڇو ته کيس معلوم ٿي ويو هو ته حق جي راه اوکي آهي، انهي راه ۾ ڪيئي رڪاوٽون ۽ ڪنڊا پکڙيل آهن. لاهيون چاڙهيون آهن. لطيف سائين فرمائي ٿو ته:

اوکي راه الله جي اوکي اوکيء ڀَتِ

جي ڏيهائي ڏيهه جا تن پڻ موڙهي مت

آڇاڙان اُبت گهڙ، گهاٽي نيهن سين

حضرت وتايو فقير عليہ رحمت سوچي سمجهي مرشد جي رهبري سان سچيءَ دل سان دين اسلام قبول ڪيو هو ۽ سڄي زندگي ديني احڪامن جو پيروڪار رهيو. پر جيڪي رڳو جزيه ڍل کان ڇوٽڪاري لاءِ مسلمان ٿيا هئا تن لاءِ لطيف سائين فرمائي ٿو ته:

ان پر نه ايمان جئن ڪلمه گو ڪوٺائين

دغا تنهنجي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان

منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهئين

عام چوڻي آهي ته سنڌ ملڪ ۾ سوا لک اولياء ٿي گذريا آهن، پر اُنهن مان تمام ڪن ٿورن جي پوري حقيقت معلوم ٿي سگهي آهي، باقي ٻين جي حقيقت جو اڃا تائين پورو پتو پئجي نه سگهيو آهي. حضرت وتايو فقير عليه رحمت به ٻه صديون سانده کٻڙن جي ويڙهي ۾ مٽيءَ جي ڍير هيٺان لڪل رهيو. جنهن کي هاڻي ڪڍي نروار ڪيو ويو آهي.

 


الهڏنو سومرو

 وتايو فقير _ سماج جو پارکو

 هر دور جو ادب پنهنجي اندر صالح رجحان رکي ٿو. ادب جو ڪاروان هلندو رهي ٿو، منجهس هر منزل تان فن ۽ فڪر جا پانڌيئڙا گڏجن ٿا، جن مان هرڪو پنهنجي معيار مطابق ڪي نه ڪي موتي ڇڏيو وڃي، جن کي وريو اچي ٿا پويان سيهڙين سنوارين، وڻجائين ۽ ونڌين.

جيستائين انسان هن زمين تي آهي تيستائين ادب ۽ فن جا ڪاروان هلندا رهندا ۽ اُن ڏس ۾ تنقيد ۽ تحقيق به ٿيندي رهندي. اسان جي سٻاجهي سنڌ جي سرزمين عالمن، مفڪرن، شاعرن، دانشورن، سياڻن ۽ سگهڙن سان ڀري پئي آهي، جن واديءَ مهراڻ جي موجن ۾ منهن وجهي اهي آبدار الماس ۽ بي بها من موهيندڙ موتي منظرعام تي آندا آهن، جن جي لاءِ اڄ اسين جيڪي لکون اُهو سندن بي بها خزانن جي اڳيان تڇ سمان آهي. هر دور ۾ هر زبان جي ادب ۾ ڪي اهڙا فرد ضرور ايندا رهيا آهن، جن پنهنجي ماحول ۽ ڪج روين ۽ زيادتين تي ڪات ڪهاڙا کنيا آهن. ڪي فلسفياڻي انداز، ۾ ڪي حڪايتن جي روشنيءَ ۾ ته ڪي وري طنز ۽ مزاح جي طريقي ۾. اڄ اسين اهڙي خدا جي بندي جو ذڪر ڪريون ٿا جنهن کي عام طور چريو يا درويش سڏيو ويندو آهي.

وتائي فقير جي نالي سان هيءُ جڳ مشهور درويش جنهن رنگ ڍنگ يا نموني ۾ رهندو، تنهن مان سڀڪو هن کي ٻالو ڀولو سمجهندو هو، پر الله سائين هن سان ان ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا- سهڻي لطيف سائين فرمايو:

الاهي ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن

مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا

هيءُ درويش ان ٻال ڀولائيءَ ۾ ڄاڻپ جا اهڙا نڪتا ٻڌائي ويندو هو جو سمجهه وارا به حيران ٿي ويندا هئا. عام ماڻهن لاءِ ظاهراً ته اُهي کل جهڙا هوندا هئا پر حقيقت ۾ اهي نصيحت جو درياءُ هئا.

چون ٿا ته هي اصل هندو کٽي هو. سندس نالو هو وتو مل. ڄائو تاجپور شهر ۾. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس مائٽ نصرپور ۾ لڏي اچي ويٺا. ننڍي هوندي کان هن جو اهڙو نمونو هوندو هو جو ماڻهو کيس وتو چريو سڏيندا هئا. هن جي مائٽن سندس مڱڻو عمرڪوٽ مان ڪرايو. ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ دفعي هيءُ درويش پنڌ ڪندي وڃي عمرڪوٽ کان نڪتو. کوه تي زالن پاڻي پئي ڀريو. اتفاق سان انهن ۾ وتائي جي مڱ به پاڻي ڀرڻ لاءِ موجود هئي. زالن جو هن کي ڏٺو ۽ سڃاتو ته سندس مڱ کي چيائون ته کيس وڃي کيڪار، ڏسون ته ڇا ٿو چوي! جڏهن سندس مڱ کيڪارڻ لاءِ اڳتي وڌي ته وتائي فقير چيو ته چريا کريا آهيون پر سڃاڻون سڀني کي ٿا. هن جي پوءِ جلد شادي ٿي ۽ زال سميت نصرپور ۾ اچي رهيو.

هن جو روح اصل کان حقيقت ڏي مائل هو؛ پر ڪن ظاهري سببن جي ڪري ماٺ ۾ رهيو. پيءَ جي مرڻ کان پوءِ پنهنجي ماءُ ۽ زال سميت مسلمان ٿيو ۽ سندس نالو شيخ طاهر رکيو ويو. پر جيئن ته اصل نالو وتو مشهور هو ۽ ماڻهن کان سندس نئون نالو وسري ويو سو کيس بجاءِ وتوءَ جي ”وتايو“ سڏڻ لڳا، جو اڄ ڏينهن تائين مشهور ۽ معروف آهي.

وتايو فقير پنهنجي ماحول جو نقال، ناقد ۽ مصلح عظيم فنڪار هو. سندس نقل واه جي بند ڀڄي پوڻ واري بيگر ۽ زوريءَ ۽ زوراوريءَ نظام تي سخت چوٽ ڪئي آهي ته زميندار جو ڪمدار کي زوريءَ ڇيڙ وٺڻ جو حڪم ڏيڻ، ڪمدار جو عام گس تان ماڻهن کي ڦاسائڻ، وتائي فقير جو اتان لنگهڻ، ٻين جو به لنگهڻ؛ انهن جو رئيس جو ماڻهو سڏائڻ ۽ درويش جو خدا جو ماڻهو سڏائڻ، ٻين کي ڇڏي وتائي فقير کي ڇيڙ ۾ ڪم آڻڻ لاءِ وٺي وڃڻ. درويش جي طنز هن نظام تي جنهن ۾ انسان جو ذهن سرمائيداريءَ جو غلام نظر اچي ٿو، خدا کان دوري معلوم ٿئي ٿي ۽ هڪ طرف انسان جي اکين تي پٽي ٻڌل نظر اچي ٿي ته ٻئي طرف نروار ٿين ٿا. اهي خدا جا بندا جن کي خدا جو خوف ڪونهي، خدا جي محبت ڪانهي، خدا کي سڃاڻڻ واري اک ڪانهي. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته سرمائيداريءَ جي ڀوت ۽ خدا کان لاتعلقيءَ ۾ انسان جي دماغ ۾ پنهنجي پالڻهار جو تصور خود ڪا حيثيت نه ٿو رکي، جنهن جي ڪري هو خدا پرستيءَ جي بجاءِ خود پرستيءَ جو شڪار بنجي چڪو آهي. ڪٿي ٻيا به ڪيترا نقل جيڪي وتائي فقير جا پڙهجن ٿا ته انهن ۾ سواءِ حقيقت جي مالڪ جي طرف محبت جي فرمانبرداري جي ٻيو ڪجهه به نظر نه ٿو اچي.

 

ڌڻي بخش بروهي

 وتايو فقير سيمينار (رپورٽ)

 پهريون وتايو فقير سيمينار 15 مئي 1985ع تي ٽنڊوالهيار جي شهر ۾ ڪوٺايو ويو.

صبح جو اٺين وڳي ٽنڊي الهيار کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي ڳوٺ وتايو فقير ۾ وتائي فقير جي مزار تي، محترم غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي اوچتي بيمار ٿيڻ ڪري، محترم شفيق الرحمان پراچه صاحب ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي رهنمائي ۾ انتظامي ڪميٽيءَ جي ميمبرن گلن جي چادر چاڙهي.

صبح جو 9 بجه پهرين ادبي نشست جي شروعات ٿي. هن نشست جي صدارت وتائي ثاني محترم علي احمد بروهي صاحب ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان ٽنڊي الهيار جو جهونو اديب ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو ڪارڪن محترم ولي محمد طاهرزاده صاحب هو. اسٽيج تي سيمينار ڪميٽيءَ جو سرپرست اعليٰ محترم شفيق الرحمان پراچه صاحب، ڪنوينر محترم عبدالقادر منگي صاحب ۽ ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوالهيار جو چيئرمن محترم عبدالغني قائم خاني به ويٺل هئا. جڏهن ته اسٽيج جي سيڪريٽريءَ جا فرائض محترم حافظ ارشد انڍهڙ صاحب بجا آندا. ڪارروائي مولوي محمد عيسيٰ خاراني صاحب جي تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي. ڪميٽيءَ پاران استقبالي تقرير جناب محمد حسين ڪاشف ڪئي. ان کان پوءِ آيل عالمن ۽ اديبن پنهنجا مقالا پڙهيا. مقالن پڙهندڙن ۽ تقرير ڪندڙن ۾ الحاج رحيم بخش قمر، سيد يار محمد شاهه لڪياري صاحب، محترمه مريم مجيدي صاحبه، الهڏنه سومرو صاحب، ابراهيم خشڪ صاحب، محترم عابد لغاري، عبدالواحد عاصي هڪڙو صاحب، عبدالله ورياه صاحب، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب، ڊاڪٽر علي نواز شوق صاحب، شفيق الرحمان پراچه صاحب جن شامل آهن. محترم محمد خان مجيديءَ پنهنجو نظم:

واه وتايا ديس ڄايا!

پيش ڪري داد حاصل ڪيو.

خاص مهمان محترم ولي محمد طاهرزادي صاحب تقرير ڪندي چيو ته: اڄ هتي وتائي فقير جا خريدار اچي گڏ ٿيا آهيون. وتائي جو دنيا سان نئين سر تعارف ڪيو پيو وڃي.

سيمينار جي موقعي تي شايع ٿيندڙ ڪتاب ”وتايو فقير“ جي رونمائي محترم علي احمد بروهي صاحب جن ڪئي. ان کان پوءِ پنهنجي صدارتي تقرير بروهي صاحب روايتي انداز ۾ ڪئي. بروهي صاحب وتائي فقير کي سمجهڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ٽنڊي الهيار جو نالو ٽنڊو وتايو رکيو وڃي، جتي وتائي جهڙو سچار رهي ٿو. ان شهر کي هائيڊ پارڪ وانگر سچ جو شهر بڻايو ته جيئن هرڪو هتي اچي دل جو بخار ڪڍي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org