سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:درويش وتايو فقير

 باب--

صفحو :1

درويش وتايو فقير

 

عبدالقادر منگي

 

مهاڳ

 

درويش وتايو فقير انسانيت جي تاريخ  جو هڪ انوکو ڪردار آهي، اهڙا ڪردار ورلي پيدا ٿيندا آهن. صوفي، سالڪ، مجذوب، وات ڦاٽوڙو، چرچائي، چريو يا سودائي هو. جيڪو به هو، اهڙي شخصيت هو جنهن چرچي ۽ چريائپ ۾ سمجهه ۽ سوچ جا سبق ڏنا. نانڙي به ڪوٺيائين ۽ چهنڊڙي به پاتائين. ڪنهن سان جنگ و جدل نه ڪيائين. ڪنهن سان مناظرو ۽ مباحثو به نه ڪيائين. سڌو سادو ماڻهو هو، سڌيون ۽ ساديون ڳالهيون ڪيائين، جيڪي عام ڳالهين (Norms) جي برخلاف هيون؛ اهي ڳالهيون سوچيل منطقي دليلن جي بنياد تي ڪيائين. اهڙيون ڳالهيون يا ته تمام ڏاها ۽ اڪابر ماڻهو ڪندا آهن. يا انهن ڳالهين جو الهام ٿيندو آهي. چريا ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪين ڪندا آهن. سندس هر ڳالهه ۾ حيقيقت جو پرتوو هو. جڏهن اسان چئون ٿا-انصاف جي نظرن ۾ سڀ هڪڙا آهن، انسانن جا حق هڪ جهڙا آهن، ڀلي ڪو رئيس جو ماڻهو هجي يا خدا جو- ته وتايو به اها ڳالهه ٿو ڪري. اسان وانگر وٽس Every Law has exceptions وارو نظريو ڪونهي. هن وٽ هڪڙو قانون هو-غريب لاءِ به ساڳيو ته امير لاءِ به ساڳيو، هيڻي لاءِ به ساڳيو ته ڏاڍي لاءِ به ساڳيو، مالڪ لاءِ به ساڳيو ته نوڪر لاءِ به ساڳيو-۽ ان ڳالهه تي ئي فرق ٿيو. وتايو جڏهن نوڪر وارو قانون مالڪ تي ٿو لاڳو ڪري ته اسان کي کل ٿي اچي سندس چريائپ تي- پر اهو اندر ۾ ضرور سوچيون ٿا ته ”چئي ته سچ ٿو!“ جڏهن اسان ان ڳالهه کي نه ٿا مڃون ته وتائي کي مٺيان ٿي وٺي ته قانون قاعدو، رواج رسمون ٺاهيون به پاڻ ٿا پر پوءِ اهي هڪ کان عمل هڪ طرح ۽ ٻئي کان عمل ٻئي طريقي سان ڇو ٿا ڪرايا وڃن! چريوڪير؟ وتايو يا معاشرو؟ ان جو فيصلو به معاشري کي ئي ڪرڻو هو جنهن وتائي لاءِ فتويٰ ڏني ته ”وتايو ته ڪو چريو آهي! ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪري.“

وتايو ان ٻٽي معيار جي خلاف انساني ضمير جو آواز بڻجي احتجاج ٿي پيو آهي- ڏاڍ، ڏوه، ڏمر، ڏنگائي، ٻيائي، ٻه اکيائي، ڪاهلي، سستي ۽ منافقيءَ جي خلاف- جيڪڏهن ڪو الله جي نالي جو قدر نٿو ڪري تڏهن به احتجاج ٿو ڪري، جيڪڏهن ڪو سستي ڪري ڪمائڻ کان لنوائي ويهي ٿو رهي تڏهن به احتجاج ٿو ڪري؛ جڏهن ڪو، ڏاڍ ۽ جبر ڪري غريب غربي کي ڇيڙ ۾ ٿو هلائي تڏهن به احتجاج ٿو ڪري، جيڪڏهن ڪو سکڻين خواهشن ۽ پٽ پاراتي تي ڀاڙي بي عمليءَ جو شڪار ٿو ٿئي تڏهن به احتجاج ٿو ڪري. وتايو فقير زمان و مڪان کان آزاد هو دؤر ۾ ڏاڍ، ڪوڙ، منافقي ۽ ٻٽي معيار جي خلاف احتجاج جي علامت آهي. وتايو ڪالهه هو ته اڄ به آهي سڀاڻي به هوندو. احتجاج جو انداز به ڪيترو نه حسين آهي؟ نه جلسو آهي نه جلوس آهي، نه اخبار ۾ خبر آهي، نه گوڙ آهي نه گمسان- پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ آهي، زباني جمع خرچ آهي. خدا سان ڀڻ ڀڻ ٿو ڪري چوي ته تنهنجي نالي تي مليل گدرو به ڏس ۽ پئسن سان مليل گدرو به ڏس! ڪپڙن کي ٻوڙ ۾ ٻوڙي ٿو ۽ چوي ٿو کائو! توهان جي دعوت آهي وتائي جي لاءِ ٿورو ئي آهي؛ زيان ڪندڙ گڏهه جي سدباب ڪرڻ ۽ بيمار ڳئون جو علاج نه ڪرائڻ ۽ صرف پٽڻ سان ته ابتو اثرئي ٿيندو. کنگهڻ کڙڪڻ کان سواءِ ماني به ڪونه ملندي.

وتائي معاشري جي اصلاح جو ڪم واعظ يا بحث يا تقريرن سان نه ڪيو. پنهنجي عجيب ۽ غريب  عمل سان Persuasion سان ڪيو. ڪنهن مذهب جي نه خلاف ڳالهايائين ۽ نه ڪنهن جي حق ۾- نه ڪنهن اخلاقي قدر کي ننديائين نه ڪنهن کي چڱو چيائين- هڪڙو رستو وٺيو هلندو رهيو. انهن جي رڪاوٽن جي نشاندهي ٿيندي رهي ۽ سنئين واٽ  جي خبر پوندي رهي. اهو ماڻهوءَ تي ڇڏيائين ته سنئون رستو اختيار ڪري يا غلط. سندس ڳالهين مان بي عزتيءَ جو نه پر انسان ۾ احساس جرم ۽ پڇتاءُ، شرمندگي ۽ پيشمانيءَ جو جذبو ٿو پيدا ٿئي. جيڪو انساني ڪردار جي درستيءَ جومحرڪ بنبو آهي.

وتائي فقير کي تقريباً ٽي سو سال گذري چڪا آهن پر سندس گفتا اڄ به دلچسپيءَ ۽ غور سان ٻُڌا ۽ ٻڌايا ٿا وڃن. لوڪ ڪهاڻين ۽ شاعريءَ کي ڇڏي اهڙو مثال ادب ۽ تاريخ ۾ گهٽ ٿو ملي ته بظاهر هڪ غير اهم درد جي زندگيءَ جا ننڍا ننڍا واقعا ائين سينه به سينه سفر ڪندا اسان جي نسل تائين پهچن. اهو انهن ڳالهين ۾ لڪل  ازلي سچائين جو ئي ڪرشمو آهي جو وتايو فقير پنهنجي چوڻين جي لباس ۾ زندهه آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان پيغام کي نين کوجنائن جي وسيلن جي برڪت سان ڦهلاجي ۽ عام ڀلائي جي هڪ نئين واٽ نئين طريقي سان تلاش ڪجي. اهي ئي ڳالهين هيون ۽ سوچون هيون جن ”وتايو فقير سيمينار“ جي خيال کي جنم ڏنو. اهڙو ڪردار جيڪو صرف اسان وٽ خيالن ۾ ۽ ڳالهين ۾ زنده هيو، ان کي پنهنجي دؤر جو حقيقي ڪردار ڪري متعارف ڪرايو ويو ۽ وتائي فقير جي دؤر جو تعين ڪيو ويو. گهٽ ماڻهن کي خبر هئي ته وتائي فقير جو آخري ماڳ ڪهڙو آهي؟ هاڻي سنڌ جي سڀني سڄاڻ ماڻهن کي خبر آهي ته وتايو فقير ٽنڊي الهيار کان حيدرآباد ويندڙ روڊ تي ٻن ميلن جي مفاصلي تي آرام ڪري رهيو آهي. وتائي فقير کي صرف چرچائي ٿي سمجهيو ويو هو. هاڻي هڪ سنجيده طبقو کيس سنجيدگيءَ سان وٺي رهيو آهي. سيمينار ۾ هڪ عالم چيو ته: حيرت آهي ته وتائي جهڙي مزاحيه ڪردار تي ٿيل سيمينار اهڙو سنجيده! پر حيرت جي ڳالهه ڪونهي. جڏهن وتائي جي ڳالهين تي سوچجي ٿو ته ماڻهو پنهنجو پاڻ پڇتاءُ ۽ شرمندگي محسوس ٿو ڪري- شرمندگيءَ کان پوءِ به سنجيدگي نه ايندي ڇا؟

وتائي تي ڪو به مواد موجود ڪونه هو. هڪ ٻه چوپڙيون، ڪو ٽڙيل پکڙيل مضمون، ڪنهن مجلس جي حوالي سان اڏامندڙ حوالو ۽ بس- سيمينار ڪميٽيءَ نين روايتن جو بنياد وجهندي سيمينار کان اڳ سيمينار تي پڙهنجندڙ ڪجهه مقالن کي ڪتابي شڪل ڏئي پڌرو ڪيو. هاڻي وري ان سلسلي جو ٻيو ڪتاب ”درويش وتايو فقير“ جي نالي سان سيمينار ۾ پڙهيل ۽ ڪجهه ٻن مقالن تي مشتمل توهان جي هٿن ۾ آهي. گهڻن ماخذن هوندي چونڊ ڪري ڪجهه مضمون ۽ مواد گڏ ڪرڻ ته سولو آهي، پر جڏهن ڪجهه به نه هجي ان مان ٻه ڪتاب تقريبن چاليهن مضمونن تي مشتمل تيار ڪرڻ ڏکيو ڪم هو. ان لاءِ جس هجي انهن سڀني عالمن ۽ اديبن کي جن پنهنجو پاڻ موکيو ۽ سڏ ۾ سڏ ڏئي وتائي فقير سان لاڳاپيل نيون نيون ڳالهيون منظر عام تي آنديون ويون. نه صرف ايترو پر هنن ڪتابن وسيلي وتائي فقير تي اڳ ۾ لکيل تاريخي ۽ ادبي ماخذن جي نشاندهي پڻ ٿي آهي. مون کي پختو يقين آهي ته مستقبل جو مؤرخ جڏهن وتائي فقير تي قلم کڻندو ته هي ٻئي ڪتاب سندس ٽيبل تي ضرور موجود هوندا.

موقعي جو فائدو وٺندي عالمن اديبن کي وتائي فقير تي ريسرچ جي سلسلي ۾ ٽن ڳالهين جي نينڍ ڏيندس:

هڪ ته اُنهن ماڳن ۽ ڀاڻن تي جت جت وتايو ويو يا رهيو، ڪيتريون ئي روايتون ۽ حڪايتون ٽڙيون پکڙيون پيون آهن. ضرورت آهي ته انهن کي جمع ڪري ڇپائي پيش ڪيو وڃي. ان ڪم ۾ عمر ڪوٽ، ٽنڊي الهيار، نصرپور، اگهم ڪوٽ ۽ بدين جا عالم ۽ اديب نهايت برجستو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ وتايو لائبريري ڇپائي لاءِ مدد ڪري سگهي ٿي.

ٻيو ته شاعرن جي بيتن ۽ شعرن تي شرح لکي ويندي آهي. پنهنجي پنهنجي نڪته نگاه کان ضرورت آهي ته وتايو فقير جي نڪتن جي به ساڳي نموني سان تشريح ڪئي وڃي. ان سان ڪيترائي لڪل راز ۽ رمزون نروار ٿيندا. ان لاءِ مون کي پڪ آهي ته لطيف ڊائجيسٽ اهم رول ادا ڪري سگهي ٿو.

ٽيون ته ان ڳالهه جي به ضرورت آهي ته وتائي فقير کي ٻين ٻولين ۽ ٻيون ٻوليون پڙهندڙن سان به متعارف ڪرايو وڃي. ان سلسلي ۾ خاص زور ڏيندي عرض ڪندس ته وتائي فقير جي نڪتن جو خاص طور ترجمو ڪري Illustrations سان اردو ۽ انگريزي پڙهندڙ جي آڏو پيش ڪيو وڃي.

ڪتاب ڇپائي ۽ ڪاغذ جي لحاظ کان بهتر نظر ايندو. ڪوشش اها ڪئي ويئي آهي ته وتائي فقير تي وڌ کان وڌ مواد جمع ڪري جلد کان جلد پيش ڪجي. ڪي مضمون مواد پريس ۾ پهچڻ کان پوءِ مليا. ان ڪري ترتيب ۽ تدوين ۾ ڪي اوڻايون رهجي ويون آهن. پر اميد ته ڪتاب جي مجموعي خوبيءَ جي ڪري اهي ٽيڪنيڪي ڪوتاهيون در گذر ڪيون وينديون.

هن سڄي ڪم لاءِ جس هجي وتائي فقير جي شهر واسين کي، ٽنڊي الهيار جي ادب ذوق رکندڙ ماڻهن کي جن پنهنجي مٽيءَ مان وتائي فقير جي ايندڙ خوشبوءَ کي محسوس ڪيو ۽ هن سڄي بار کي پنهنجي ڪلهن تي کڻي ڪتابن جي ڇپائي، سيمينار جي انعقاد ۽ وتائي فقير جي لائبريريءَ جي افتتاح کي ممڪن بڻايو. نه صرف ايترو پر جنهن ڳوٺ ۾ وتايو فقير دفن آهي ان کي سيمينار کان پوءِ ”وتايو فقير ڳوٺ“ جو نالو ڏنو ويو. اميد ته وتائي فقير جي مزار تائين ويندڙ ڪچو رستو به جلد پڪو ٿي ويندو. وتائي فقير جي مزار تي ڇپر يا چوڪنڊي به تيار ڪرائبي.

پر ان سان هڪڙو سوال ذهن کي جنجهوڙي رهيو آهي: ڇا، وتايو فقير صرف ٽنڊي الهيار وارن جو آهي؟ وتايو فقير سڄي انسانيت جو آهي- سندس پيغام سڄي انسان ذات لاءِ آهي ته پوءِ سڄو بار ٽنڊي الهيار وارن تي ڇو؟ ان ڪري جو ويچارو فقير نڌڻڪو هو؟ ڪو والي وارث ڪونه هيس- ڪو متولي مجاور ڪونه اٿس-ڪو ڏيئي ٻارڻ ۽ قل پڙهڻ وارو ڪونه اِٿس-سندس ڪو ميلو ڪو عرس، ڪا ورسي ملهائڻ وارو ڪونهي- سندس نالي جي لاٽ ٻارڻ مان ڪنهن کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڪو صلو ڪونه ملندو. ڪا واه واه ڪونه ٿيندي. صرف چرچائي چرين ۽ اڌ مغزين ۾ اضافو ٿيندو.

وتائي جو ڪو مٽ مائٽ اثر رسوخ وارو هجي يا ته شايد سندس نالي جي لاٽ ٻري پوي ها- پر ائين ڪونهي- ڇا ائين ڪونه ٿيندو؟ چئي پنهنجي قسمت کي__اسان ته هميشہ پنهنجي مشاهيرن سان اهوئي سرد مهريءَ وارو سلوڪ ڪيو آهي.

ٽنڊوالهيار

25 فيبروري 1986ع                     (عبدالقادر منگي)


* *

 

ڊاڪٽر قمر واحد

 

وتايو هڪ علامت

وتايو هڪ انسان به هو ته علامت به. وتائي جي ذات ۾ هڪ دؤر جي، هڪ دؤر جي ماڻهن جي، انهن جي ريتن رسمن، جي، انهن جي سڀاءُ ۽ هلت جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. هن جي چوڻين ۽ سادگيءَ سان ڀريل ڳالهين مان وڏا نڪتا. نروار ٿي وڃن ٿا. جڏهن ڪابه سولي سڌي ڳالهه چوڻ ڏکي ٿيو پوي ۽ ان کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ڪو تيار نه هجي ته اهڙي ڳالهه کي سمجهائڻ ۽ سمجهڻ لاءِ علامتن جو سهارو ورتو ويندو آهي. وتايو به پنهنجي وقت جي هڪ اهڙي علامت هو. چوندا آهن ته ”چريا ٿياسين، پر يار پرکياسين.“

وتائي به چريو ٿي جڳ کي سياڻپ جا سبق ڏنا. اهڙي طرح سچ ۽ ڪوڙ، اَڇو ۽ ڪارو، ظالم ۽ مظلوم، چڱائي ۽ برائي هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم هوندا آهن. انهن مان هڪ نه هجي ته ٻئي جي خبر نه پوي، ٻئي جو احساس نه هجي. وتائي جي انهن ڳالهين مان ئي ڪيترن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو هوندو، پرکيو ۽ پروڙيو هوندو.

اهڙي ئي دور جو وتايو هڪ آواز هو. ان دور جي سنڌ جو اهڙو آواز جنهن وقت جا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي خدا جي وجود جي تمام گهڻو ويجهو محسوس ڪندا هئا. اڄ جي ويهين-ايڪويهين صديءَ  جي انسانن وانگر نه هو. وتايو  جيڪڏهن هن دور ۾ هجي ها ته گهڻن ئي اهڙن رستي تان ٿڙيلن جو ڀلو ٿئي ها. کين ڳٿرن مان جهلي وڃي پنهنجي ابي جي دروازي تي ويهاري ها، جيڪو سندن جائز مقام هو.

جيستائين وتائي جي حسب نسب ۽ رهائش جو تعلق آهي، چيو ٿو وڃي ته وتايو فقير نصرپور ۾ به رهيو، جتي سندس عمر جو ڳچ عرصو گذريو. لڳي ٿو ته ڪنهن قاضيءَ جي صحبت ۾ اچي ويو، جنهن کيس مسلمان ڪيو هوندو. چون ٿا ته وتائي جو هڪ سؤٽ نصرپور جو قاضي رهي چڪو آهي. منهنجو تعلق به نصرپور جي قاضي خاندان سان آهي. ننڍي هوندي جون ڪي ڳالهيون ياد اٿم، جيڪي ڪثرت سان دهرايون وينديون هيون. ان دور ۾ اسان ٻه لفظ گهڻو ٻڌندا  هئاسون، هڪ ”وتايو“ ٻيو ”توائي“. جڏهن ڪا چڱي ڳالهه ڪبي ته چوندا ته ”اڄ ته وتائي جهڙيون ڳالهيون پئي ڪرين“ ۽ جيڪڏهن ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه ڪبي ته چوندا ”توائي ٿي آهين ڇا؟“ الائي ڪنهن پـِٽَ لڳي. هاڻي نصرپور ڏانهن وڃبو ته ”وتايا“ گهٽ ۽ ”توائي“ گهڻا نظر ايندا.

هن دؤر ۾ جيڪڏهن وتايو زنده هجي ها، ته حالتون ڏسي شهر ڇڏي، وڃي ڪوٽڙيءَ واري پُل وٽ درياءَ جو پيٽ وسائي ها، مٿي ۾ ٻُڪ ڀري واري وجهي ها ۽ چوي ها:

”اي الله سائين! اسان کي ايترو ويجهو هوندي به پري ٿي وئين.“


 

شفيق الرحمان پراچه

 وتائي فقير جا وارث

 سيمينار جي تقريبات جو آغاز وتائي فقير جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ سان ٿيڻو هو. مان جڏهن پروگرام موجب سيمينار ڪميٽيءَ جي عهديدارن سان مزار تي پهتس ته قبرستان جي ٻاهران هڪڙو سپاهي بندوق کنيو بيٺل نظر آيو؛ ٿورو اڳتي هلياسين ته چُوني سان لکيل هو ”ڀلي ڪري آيا“. قبرستان ۾ ڀليڪار! ائين لڳو ڄڻ وتائي فقير سيمينار جو ماحول پيدا ڪيل هو؛ اُن کان پوءِ مزار تي پهتاسون ته مزار تي لکيل هو:

”مان جيڪي ڪالهه هئس، توهان اڄ آهيون.“

(سچار وتايو فقير)

وتائي فقير لاءِ مختلف ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. مان سمجهان ٿو ته سڀ کان وڏو لقب جيڪو وتائي فقير کي ڏئي سگهجي ٿو اهو آهي ”سچار“ جو. وتائي جيڪا ڳالهه ڪئي، ان مان سچ جو پهلو نروار ٿي رهيو آهي.

پوليس کي قبرستان جي ٻاهران ڏسي وتائي فقير جي هڪ ڳالهه ياد اچي وئي، جنهن ۾ هن چور جو پيڇو ڪرڻ بدران چور کي جهلڻ لاءِ چور جو اڳ ورتو ۽ قبرستان جي دروازي تي اچي ويٺو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته ”ڀڄي ڪيترو ڀڄندو-نيٺ ته هڪ ڏينهن هتي ايندو!“ اهو سوچي ٿورو اندر جو اندر مشڪ آئي، پر دل چيو ته پنهنجن ساٿين کي چوان ته جيڪڏهن هتي هڪ ڏينهن چور ايندو ته چور کي پڪڙڻ  وارو به ايندو، جڏهن اسان سڀني کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي، دفن ٿيڻو آهي، قبرستان ۾ اچڻو آهي ته ڇا اهو بهتر نه آهي ته اسان هتي پهچڻ کان اڳ هڪ ٻئي سان حساب ڪتاب سڌو ڪري ڇڏيون!

وتائي فقير جي باري ۾ سوچڻ سان هڪ ڪهاڻي ياد ٿي اچي:

هڪ بادشاه وٽ، جيڪو انتهائي ڪم عقل انسان هو، چند سوداگر آيا. چيائون ته اسان تنهنجي لاءِ دنيا جو قيمتي ۽ حسين ترين لباس تيار ڪري سگهون ٿا، جنهن جي خوبي اها هوندي ته اُن کي صرف عقلمند ماڻهو ئي ڏسي سگهندو. بيوقوف کي نظر نه ايندو. پر اُن لباس لاءِ تمام وڏي رقم جي ضرورت پوندي. بادشاه اُنهن تي زر و جواهر جي برسات ڪندو رهيو. هو لباس تيار ڪندا رهيا. ڪوئي لباس ڪونه هو، صرف فريب هو. بادشاهه جڏهن لباس لاءِ هنن کان پڇندو هو ته هو چوندا هئا ته سائين، هيءُ لباس اڃان ٺهي پيو. بادشاهه سوچيندو هو ته جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو ته لباس نظر نه ٿو اچي، ته ماڻهو مون کي بيوقوف چوندا. پنهنجن اميرن وزيرن کان پڇندو هو ته هو به واه واه ڪندا هئا. اگر اُهي به ٿا چون ته لباس ته آهي ئي ڪونه ته اُهي به بيوقوف ٿا ڏسجن. هڪ ڏينهن بادشاه چيو ته مون کي اهو لباس پهرايو، آءٌ ٻاهر نڪرڻ ٿو چاهيان. اهو لباس جيڪو نظر نه پئي آيو، اهي لباس جيڪو هيو ئي ڪونه، بادشاه پائي ٻاهر نڪتو. هر شخص چپ هو جو بادشاه ننگو هو ۽ هر شخص  خاموش هو. هڪ ٻار بيٺو هو، جنهن  بادشاه کي ڏسي چيو: ”بادشاه اگهاڙو!“ مون کي وتايو ڏسي اها معصوميت نظر اچي ٿي، جيڪا اسان جي عيب ڏسي چوي ٿي ”توهان ننگا آهيو“. خدا جي واسطي ان معصوميت کي ۽ ان معصوميت ڀريل مجذوبيت کي مسخره پڻي سان مشابهت نه ڏيو! وتائي فقير ۽ مسخري پڻي ۾ هڪ فرق آهي- هڪ تسلسل جو فرق، هڪ سوچ جو فرق، هڪ انداز جو فرق ۽ طنز ڪرڻ جي طريقي جو فرق.

سيمينار ڪوٺايو ٿو وڃي ته پتو ڪڍجي ته وتائي جي مٽي مائٽي ڇا آهي؟ حسب نسب ڇا آهي؟ ته مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته وتائي جي مٽي مائٽي ڪهڙي آهي. هر ڪو اُهو ماڻهو جيڪو ڪنهن به دؤر ۾ پيدا ٿيو هجي، انساني ضمير جونمائندو بڻجي مزاح جي انداز ۾ سچ چوڻ جي ڪوشش ڪندو هجي، هو اهو وتائي فقير جو وارث آهي. جسٽس ڪياني به وارث هو ته علي احمد بروهي به وارث آهي. زبان ۽ بيان جي جزيري کان ٻاهر هر جڳهه تي وتائي فقير جا اهڙا وارث موجود آهن. جڏهن ڪو توهان کي معصوميت ڀريل انداز ۾ ٻڌائيندو ته توهان جي روح ۾ هيترا شگاف پيل آهن ته توهان کي احساس ٿيندو ته وتائي فقير جو ڪو مائٽ توهان ۾ ئي موجود آهي.

آءٌ ان ڳالهه تي به زور ڏيندس ته خدارا سوچ جي انداز کي ايترو محدود نه ڪيو جو محبت ڀريل انداز کي گستاخي سمجهيو وڃي. وتائي فقير جي باري ۾ چيو وڃي ٿو، پر اهڙي گستاخي ته اقبال به ڪري چڪو آهي. جڏهن اقبال چوي ٿو:

بات کهني کي نهين تو بهي تو هرجائي هي

ڪنهن کي نه ٿو چوي، خدا کي چوي ٿو.

پهر بهي هم سي يه گله هي کي وفادار نهين

هم وفادار نهين تو بهي تو دلدار نهين

الله سائين کي چوي ٿو؛ ان ڪري ٿو چوي ته سمجهي ٿو ته اهو بندي ۽ مالڪ جي وچ ۾ معاملو آهي ۽ سڄي انسانيت جي نمائندگي ڪندي، خدا سان حجت ڪري ٿو. خدا سان اهو شخص حجت ڪندو جيڪو پاڻ کي ساڻس ويجهو محسوس ڪندو. خدا کان پري ماڻهو مفاصلو ئي قائم ڪندو. وتائي فقير اهو مفاصلو پنهنجي انداز ۾ پنهنجي سوچ سان، سڄي انسانيت جي جذبات جي نمائندگي ڪندي گهٽائي ڇڏيو.

اڄ به وتائي فقير جي قبر تي وڻ جي ڇانو ڪانهي، ڪوئي ڇپر ڪونهي، تتل اُس آهي. اهو ڏسي مون کي وتائي فقير جو اُهو واقعو ٿو ياد اچي ته ”هي مختيار ڪار جو ماڻهو آهي، هيءُ اهلڪار جو ماڻهو آهي ته هيءُ ڊي. سيءَ جو ماڻهو“ مان سمجهان ٿو ته هر دؤر ۾ الله جي بندي کي ان تتل اُس جو مقابلو ٿو ڪرڻو پوي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان پنهنجي ڇانو جي لاءِ طاقت جون شيون تلاش ڪريون يا اهڙي طرح اُس برداشت ڪندا رهون. وتائي فقير جي زندگي وانگر پنهنجي رخ جي باهه ساڻ کڻي هلڻ کان اهو بهتر آهي ته سچ جي اُس برداشت ڪريون.


 

محمد خان مجيدي

 عقيدت جا گل

(هي نظم 15 مئي ’وتايو گڏجاڻيءَ‘ جي موقعي تي پڙهي ويئي)

(1)

واه مچي ويو هيڏو ميلو، چلڪي چمڪي دڳ درگاهه

تنهنجي محفل مچندي رهندي، ميلا هوندا ماهه بماهه

تون ته وسارڻ جهڙو ناهين، توکي ساري ساهه پساهه

*منگي صاحب آهه وڌايو، تنهنجو جلوه تنهنجو جاهه واهه

وتايا ديس جا ڄايا، ٻوليان تنهنجون ٻوليون واهه

 

(2)

سهڻا تنهنجا گفتا نڪتا، واهه نزاڪت واهه نباهه

ڏاها پنهنجي ڏاهپ جا تو واهيا واهڙ واهه درياهه

تون ته ظرافت ۾ هاڪارو، گفتن نڪتن جو تون شاهه

ڪيڏي تنهنجي سوچ سگهاري، ڪيڏي تنهنجي تيز نگاهه

واهه وتايو ديس جا ڄايا، …   …

 

(3)

ڇونه سڃاڻن تنهنجو درجو، ديس جا دلبر ۽ دل خواه

ديوانن جي روپ ۾ دانا، تنهنجي سر تي تاج ڪُلاهه

تون ته پرين جو پيارو پانڌي، تو وٽ صاحب جي ساراهه

تنهنجي حجت هوت پنهون سان، تنهنجي دل ۾ عشق اٿاهه

واهه وتايا ديس جا ڄايا. … … …

 

(4)

تنهنجي چرپڻ ۾ دانائي، تو وٽ الفت جو اتساهه

تو ته چريائي ۾ بخشايا پنهنجا سارا ڏوهه گناهه

تارڪ بنجي پاڻ ڪيا  تو پنهنجا ترڪا ترڪ تباهه

تنهنجي ڏوراپن تي ڏاتر تنهنجي اگهائي هرڪا آهه

واهه وتايا ديس جا ڄايا …  …

 

(5)

ڪالهه وساريو توکي تنهنجن ڪن ٿا قرب ڀريا اڄ ڪالهه

تنهنجي در تي آيا آهن سارا ساٿي ساٿ سپاهه

پنهنجي رندي رمزن کان هئين راڻا خاصو خود آگاهه

حال فقيري ۾ به رکي تو پوري سانگين جي ساڃاهه

واهه وتايا ديس جا ڄايا،  …  …

 

(6)

تنهنجا گفتا گولا گوليون، ٽر ٽڙ ٽاڪوڙا ۽ ٽاهه

فرمايو تو خالي آيس، دوزخ ۾ پڻ ڪانهي باهه

هرڪو نيندو پاڻ سان ٻارڻ، ٻرندو دوزخ جو آڙاهه

موليٰ جا ئي ماڻهو وهندا، بند جي بيگر ۾ بي واهه

واهه وتايا ديس جا ڄايا، …  …

 

(7)

تنهنجو هرڪو نڪتو ڊاهي چنڊ جا سارا داغ سياهه

ڪين مرڻ هي ڏيندا ماڻهو، ناهه حياتي ۾ ڪو چاهه

تار تري سي تڙ تي رسندا، جن جو والي تي ويساهه

عرض اگهائي يا نه اگهائي، آهي باري بي پرواهه

واهه وتايا ديس جا ڄايا، …  …

(8)

تنهنجون اهڙيون نازڪ چوڻيون، جهڙو ريشم سٽ ڪپاهه

واٽون ساريون خطري، واريون، پاڻ سان کڻبو سکڻو ساهه

داتا ۽ ان داتا موليٰ، سو ئي ڏيندو گاهه گراه

کنگهائي ٿو رزق رسائي، پالي سڀ کي ٿو الله

واهه وتايا ديس جا ڄايا، …  …

 

(9)

ماڻهو  جو هٿ مان نه آهي، ڪپڙي جو ٿو گهرجي ٺاهه

چور جو اڳ جهلي هت بيٺس، آهي پوئين منزل گاهه

ڪيئن ڀلا هي گهوڙو مچندو، ناهي پاڻي ناهي گاهه

گاهه گڏهه ٿي کاڌو جنهنجو، ڍڳي بکن کان ٿي ٿي پاهه

واهه وتايا ديس جا ڄايا، … …

 

(10)

هي جي مُلّا هن جي پويان، منهنجي عبادت ٿيڻي ناهه

منهنجا نه نڪرن ها هن ڪرڙ جا نڪري ويا جئن لاهه

مور نه سمجهن مُلا پنڊت الٽي ابتي منهنجي راهه

جن به کڻايو گهوڙي جو ڦر، تن کان ڏي شل رب پناهه

واهه وتايا ديس جا ڄايا، ٻوليان تنهنجون ٻوليون واهه


* عبدالقادر منگي، اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو الهيار، جنهن جي ڪوشش سان پهريون ڀيرو ”وتايو گڏجاڻي“ وتائي فقير جي ماڳ تي ٿي گذري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org