سيڪشن؛ شخصيات |
ڪتاب:درويش
وتايو فقير |
باب-- |
صفحو :6 |
الحاج رحيم بخش ”قمر“
وتايو فقير
روشن ضمير
انهيءَ محبوب مدني گهوٽ ﷺ جن جي محبت ۽ اطاعت
جي ڪري ولين کي ولايت، غوثن کي غوثيت، امامن
کي امامت، حڪيمن کي حڪمت ۽ متقين کي معرفت
مهيا ٿئي ٿي. انهن معبود جي محبوب، مجذوب، ۽
مقبول ٻانهن مان وتايو فقير، روشن ضمير رحمة
الله عليہ جن به هڪ هئا، جنهن جي ڪلام مان
سچائي ۽ سلوڪ جا سبق، معرفت جا موتي ۽ حقيقت
جا هيرا حاصل ٿيندا رهندا آهن. حقيقت ۾ وتائي
فقير جن جو جملو جملو جواهر ۽ گفتو گفتو گوهر
آهي، جنهن جي جلون ۽ جمال جهانگيئڙن جي جين ۽
جهوپڙن کي جرڪائي ڇڏيو آهي. سانگيئڙن کي سرس
سوجهرو ڏنو ۽ ماروئڙن کي مرڪائي ڇڏيو آهي.
حضرت وتائي فقير کي، ڪريم ڪارساز ڏيهه ڌڻي
ڏاتار، ڏاهپ جي ڏات ۽ سياڻپ جي سوغات عطا
فرمائي هئي. اهوئي سبب آهي جو سندس هر هڪ گفتي
۾ خوشي جا خزانا، حقيقت جا هزارين هيرا ۽ لکين
لعل لڪل آهن. مولائي روم سراسر سچ فرمايو آهي
ته ”انهن جو ڪلام ڄڻ انهي آواز جو آلاپ آهي.“
گفت اي اَو گفت الله بود
گرچ از حلقوم عبدالله بود!
حاصل هيءُ آهي ته حضرت وتايو فقير روشن ضمير
انهن الله تعاليٰ جي محبوب ۽ مقبول ٻانهن مان
آهي، جن جي شان ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته
”لاخوف عليهم ولاهم يحزنون“ (انهن کي ڪوبه ڊپ
نه آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا) لڄادار لطيف
رحمة الله عليہ جن جو فرمان آهي ته:
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي
فقير سائين جن جي ماڻڪ موتين ۽ حقيقت جي هيرن
مان ڪجهه سچا موتي مختصر ۽ اشارن طور هن ريت
آهن. ملاحظه فرمائيندا.
1- ”سڻين ٿو پر سمجهين ڪين ٿو.“
2- ”ڪڏهن ڪڏهن سڃائي به ڪم اچيو وڃي.“
3- ”ڀل ته هاڻي ملائڪ سڳورا، هيءُ سمورو جبل
ميزان ۾ تورين“
4- ”چريا کريا آهيون پر سڃاڻون سڀ ڪنهن کي
ٿا.“
5- ”بلاشڪ سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي وس آهي، پر
هڪڙي ڳالهه امڙ جي وس به آهي.“
6- ”امان! دوزخ ۾ ٽانڊو آهي ئي ڪونه، هر ڪو
هتان ئي چوچڙي کنيو ٿو هلي.“
7- ”چڱو جو رپئي کي اڇلائي ڇڏيم، نه ته منهنجا
به لاهه نڪري وڃن ها.“
8- ”اڳ ٿو وٺانس، اڳي پوءِ اهو چور هن قبرستان
۾ ضرور ايندو.“
9- ”پڻهين جو گهر هيءُ اٿئي.“
10- ”گڏهه ته اڳيئي آهين، ٻيو توکي ڇا چوان.“
11- ”چڱو ٿيو جو فلاڻو مري ويو، سمهڻيءَ نماز
کان ته ڇٽي پيو.“
12- ”اهو تو وارو سمورو حلوو آءٌ ٿو کاوان،
ڀلي ته منهنجو جهڳو جهڻ ٿئي.“
13- ”اها الله تعاليٰ واري ونڊ ورهائي اٿم، ان
به ڪنهن کي گهڻو ۽ ڪنهن کي ٿورو ڏنو آهي.“
14- ”مالڪ سائين، جيڪو تنهنجي نالي گدرو مليو
اٿم اهو به ڏس ۽ جيڪو ٽڪي مليو آهي اهو به
ڏس!“
15- ”بيشڪ الله تعاليٰ ڏئي ٿو، پر کنگهائي ڏئي
ٿو.“
16- ”امان صبر ڪر، ڌڻي سڳوري کي ريچڪ آيو ته
هو پاڻ کان ڳئون جي ڏوڌ به وٺي ڇڏيندو.“
فقير سائين جي بيان ڪيل سچائي جي سوکڙين مان
روشن ٿيو ته هو واقعي الله لوڪ ۽ ولي الله هو.
سندس هر گفتي ۾ گران قدر گوهر ۽ گلشن آهي،
جنهن جي سوجهري سڏ کي سونهن ۽ سرهاڻ سان
سرفراز ڪيو آهي. سندس نالو مبارڪ تاريخ جي
ڪتابن ۾ ط“ سان يعني وطايو لکيو ويو آهي. حضرت
بهلول داناء، مصلح الدين، حضرت شيخ سعدي، حضرت
پيراڻي ڀنڀري ۽ شيخ چلي رحمت الله عليہ جن جا
ڪارناما گفتار ۽ ڪردار لڳ ڀڳ ساڳيا آهن. ان
سلسلي ۾ سندن روايتون ۽ حڪايتون به ساڳيون
آهن. سمورا سنئين راهه سونهائيندا رهيا آهن ۽
سندن سينن ۾ جيڪي دليون هيون سي محبت سان
مهراڻ وانگر موجزن هيون.
بهرحال وتايو فقير، ڪٿي، ڪهڙي سن ۽ ڪنهن جي
دور ۾ پيدا ٿيو آهي اها ڳالهه تحقيق طلب آهي.
مير علي شير قانع جن، جيڪو وتائي فقير بابت
لکيو آهي، انهيءَ مطابق فقير صاحب ڀٽائي گهوٽ
رحمة الله عليہ جن کان گهڻو اڳ جو آهي. تحفة
الڪرام (626 صفحي) ۾ هن ريت آهي ”وطايو مجذوب،
سالڪ، ڪامل پنهنجي وقت جي مجذوبن ۾ وڏي معرفت
وارو ٿي گذريو آهي.
وتائي فقير جي ولايت ۽ بصيرت
تحفة الڪرام جي صفحي 549 ۽ 550 تي آهي ته: هڪ
ڏينهن صبح جو سوير هڪ ماڻهو مڪليءَ جي زيارت
ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو، ٻئي طرف وتايو مجذوب
ٽڪريءَ کان موٽيو ٿي آيو، ۽ هڪڙو ٻيو مجذوب
ٽڪريءَ ڏانهن وڃي رهيو هو. وتائي فقير انهيءَ
ٻئي مجذوب کي چيو ته ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ اڄ
مخدوم حمزو گذاري ويو آهي، جنهن جي جنازي نماز
جي امامت لاءِ خاتم الانبياء والمرسلين ﷺ جن
پاڻ تشريف فرمائي رهيا آهن. اچ ته پاڻ به ان ۾
هلي ڀاڱي ڀائيوار ٿيون. هي ويندڙ ماڻهو پڻ
انهن مجذوبن جي پويان شهر ۾ پهتو ۽ ڏٺائين ته
برابر مخدوم حمزو وصال ڪري ويو آهي. هو سندس
جنازي ۾ ان وقت شريڪ ٿيو، جنهن وقت جنازي جون
صفون سڌيون ٿي رهيون هيون ۽ هو پهرين صف ۾
بيٺو. امام جي تڪبير چوڻ وقت، پهريائين غيب
مان تڪبير جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.“
آنجهاني گربخشاڻي هوتچند مولچند ڊاڪٽر جي لکڻي
موجب سلطان العارفين خواجه محمد زمان لواري
واري جن جي ڄمڻ جي بشارت وتائي فقير رحمة الله
عليہ جن خواجه صاحب جن جي والد حاجي عبداللطيف
جن کي، سندس پٺيءَ تي چميون ڏيندي، ڏني هئي.
نيٺ وتائي فقير جي بشارت موجب کيس الله
تعاليٰ، خواجه محمد زمان رحمة الله عليہ جن
جهڙو صالح ۽ سعيد، عارف ۽ اڪمل فرزند عطا
فرمايو، جنهن جي روح پرور روشني جي جرڪي ۽
سوجهري پسڻ لاءِ سيدنا شاهه عبداللطيف ڀٽائي
گهوٽ رحمة الله عليہ جن سندن حضور پرنور ۾
حاضر ٿيو هو. بيان ڪيل بشارت ”لواريءَ جا لال“
ڪتاب (ص 39 ۽ 40 ۾ ڇاپي ٻئي) ۾ تفصيل سان
موجود آهي. مٿئين عبارت مان روشن ٿيو ته وتايو
فقير، مخدوم محمد زمان صاحب ۽ ڀٽائي گهوٽ رحمة
الله عليہ جن کان گهڻو اڳ ۾ ٿي گذريو آهي ۽
هيءُ به معلوم ٿيو ته فقير صاحب ڪرامت، ڪشف ۽
ولايت جو صاحب پڻ ٿي گذريو آهي. پڇاڙيءَ ۾ مان
هن پنهنجي مقالي جي پڄاڻي پنهنجي هيٺين نظم
سان ڪريان ٿو.
خدا جو پيارو وتايو فقير
بلاشڪ ڀلارو وتايو فقير
سو مجذوب، محبوب، مقبول هو
۽ نرمل نيارو وتايو فقير
سندس گفتي گفتي ۾ گوهر گهڻائي
ميان نت مڻيارو وتايو فقير
حقيقت جا هيرا هزارين ڏنا جنهن
سو روشن ستارو وتايو فقير
”قمر“ سج ستارن کان سهڻو سڄڻ
سچي وڻج وارو وتايو فقير
الله سائين جا به قهر آهن!
وتايو فقير گس وٺيو پئي ويو ته اوچتو کيس پير
۾ ڪنڊو لڳو. انهيءَ تي وٺي رڙيون ڪيائين.
دانهن تي ماڻهو اچي مڙيا. انهن پڇيس ته فقير
ڇا آهي؟ چيائين ته: الله سائين جا به قهر آهن!
آءٌ ڪو ايوب صابر ڪونه آهيان. هيءُ يار هري
هري ڪري مون کي سهسائي ٿو، هينئر ڪنڊو هنيو
اٿس، سڀاڻي ڀالو هڻندو. مون ۾ سڄڻ ايترو سهڻ
ئي ڪونهي.
اسد جمال پلي
وتائي
فقير جا همعصر بزرگ
تعارف: مرزا باقي بيگ (متوفي 993هه) جي ڏينهن
۾ شيخ عبدالمعالي المعروف وتايو فقير جي ولادت
باسعادت ٿي. پاڻ ابتدا ۾ ڪجهه وقت مخدوم محمد
اسماعيل سومرو رحه (متوفي 998هه) ۾ ميون
ونهيون چانهيو قدسره (متوفي 1001هه) وٽ تعليم
حاصل ڪيائون. مختلف تاريخي ڪتابن جهڙوڪ ”تحفة
الڪرام“ – قانع، ”لنواري جا لال“ – گربخشاڻي،
۽ ”لطائف لطيفي“ – سانگي جي مستند حوالن موجب
سندن وفات جو سال اٽڪل 1125هه – 1130هه جي وچ
ڌاري آهي. پاڻ مختلف وقتن تي نصرپور، تاج پور،
عمرڪوٽ، اگهم ڪوٽ ۽ ٺٽي ۾ پنهنجي زندگي جا
ايام گذاريندا رهيا آهن.
جيئن ته سندن جامع ۽ مفصل سوانح تي بحث منهنجي
عنوان کان ٻاهر آهي. تنهن ڪري آءٌ هن مختصر
تعارف تي اڪتفا ڪري، سندن وقت ۾ سنڌ جي تاريخ
جو مختصر پس منظر، کانئن اڳ جي بزرگن جو
تفصيل، سندن ولادت وقت موجود بزرگن جو احوال،
سندن دور جا بزرگ ۽ انهن بزرگن جو مختصر ذڪر
ڪندس جن سندن آخري ايام ڏٺا.
(الف) تاريخي پس منظر
وتايو فقير جنهن صدي ۾ (ڏهين صدي عيسوي) ۾
پيدا ٿيو، اها صدي سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت
جي حامل آهي. اڃان ٽلٽيءَ ۾ (420هه ڌاري)
مخدوم بلاول شهيد رحه جو خون سڪو ئي ڪونه هو
ته هوڏانهن ڄام نندي جو دادلو دولهه دريا خان
پنهنجي ديس ڪارڻ خون جا آخري قطرا وهائي ڄام
فيروز ۽ سندس ماءُ جي سازش جو (927هه) ۾ نشان
ٿي ويو. اهڙي طرح سنڌ ۾ ڌارين کان دفاع جي
آخري ديوار به ڪري پئي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ عام
ڪوس هلندو رهيو، جنهن ۾ ڌڻين کي فسادي ۽
نافرمان ڪوٺي، ڌاريا حاڪم پنهنجي تشدد جي راند
کيڏندا رهيا. خون جي هوليءَ جو شڪار ٿيندڙن ۾
نومڙيا، چانڊيا، ساريا، سميجا، انڙ، ماڇي،
نوحاڻي، ڏيپارجا، سهتا ۽ راهوپوٽا خاص هئا.
باوجود ظلم ۽ تشدد جي مقامي ماڻهو پنهنجي
سماجي وجود جي بقاءُ تي بضه رهيا لطيف سائين
ان جو فڪر هن طرح ٿو ڪري ته:
سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال ۾ ڍار
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين
ترخانن جي ئي دور حڪومت ۾ پورچوگيزن (فرنگين)
سامونڊي ڌاڙيلن جي حيثيت سان ٺٽي شهر کي اچي
ڦريو هو. چون ٿا ته اها ايشيا جي وڏي ۾ وڏي
ڦر هئي ۽ آخر ۾ شهر کي باهه ڏني هئائون
(سريراڳ جو مطالعو – ميمڻ عبدالمجيد جو
مقالو)، جنهن طرف اشارو ڪندي لطيف سائين
فرمايو آهي ته:
ملاح تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي
هنن تاريخي سانحن ۽ حالات جي باوجود به سنڌ ۾
علم و ادب سان گڏ فيض ۽ رشد جون ڏياٽيون
ٻرنديون رهيون. جيتوڻيڪ عصر يزيد انهن کي
مختلف غلط شڪليون ڏيئي صفحه عام تان هٽائڻ جي
تاحد ڪوشش ڪئي، مگر تاريخدانن کان اهو سچ ڪڏهن
ڏنگين ۾ ته ڪڏهن حاشين تي لکجي ويو؛ ته ٻئي
طرف سنڌ جا سڄاڻ انهيءَ سچ کي سينه بسينه
منتقل ڪندا آيا، جو الحمدلله اسين هينئر
پنهنجي ماضيءَ کان ڪافي حد تائين آگاهه آهيون.
تاهم تحقيق جا در اڃا به کليل آهن.
سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪي مڪان علم ۽ ادب جي لحاظ
کان وڏي اهميت جا حامل رهيا آهن، انهن ۾ اُچ،
ماٿيلو، ملتان (ان وقت) سيت پور، سکر، اروڙ،
بکر، بدين، ٺٽو، ميرانپور، اگهم ڪوٽ،
مٽياريون، عمرڪوٽ، نصرپور، سيوهڻ، پاٽ ۽ جوڻ
وغيره کي ڪافي حد تائين خصوصيت حاصل آهي. جتي
علم جي هنن مرڪزن سنڌ جي تاريخ کي روشن حيات
رکيو آهي، اتي انهن مرڪزن جي فارغ التحصيل
علماء کان سواءِ بزرگن، ولين ۽ درويشن جو به
هن ڌرتي جي شادابي ۽ شان ۾ وڏو هٿ رهيو آهي.
هنن جي انهي شان ۽ عظمت کي دنيا تسليم ڪري چڪي
آهي. هن سلسلي ۾ جن بزرگن جو ذڪر اچي ٿو، انهن
۾ حضرت قلندر لعل مروندي رحه، غوث بهاؤالحق
ملتاني رحه، شيخ صدرالدين، مخدوم نوح عليه
رحمت، شيخ رڪن الدين رحه، شيخ حماد جمالي، پير
پٺو، مشائخ. هوٿي ۽ شيخ جيئي جا نالا سرفهرست
اچن ٿا.
وتائي فقير جي ولادت وقت سنڌ ۾ اوليائن ۽
بزرگن جو دؤر اوج تي هو. اهڙا درويش پڻ موجود
هئا (شاهه گرديز) جيڪي قبر مان هٿ ڏيندا هئا.
درويش ذڪريا جي احوال ۾ اچي ٿو ته پاڻ استنجا
لاءِ پٿر کنيائون ته سونو ٿي پيو. تنهن تي پاڻ
فرمايائون ته ”يا الله! اهي پٿر ته ڇا پر سڄو
جڳ زر و جواهر ٿي پوي ته به تنهنجو دامن نه
ڇڏيان.“
وتائي فقير جي جواني وقت شاهه جهان (1037هه)
هندوستان جو بادشاهه بنيو ۽ سنڌ جون واڳون
مرزا عيسيٰ ترخان (1037هه) جي حوالي ٿيون
”تاريخ مظهر شاهجهاني“ (1037هه) يوسف ميرڪ
مڪمل ڪئي. هن تاريخ جو مطالعو سنڌ جي وڌيڪ
حالات متعلق تفصيلي مواد مهيا ڪري ٿو.
(ب) وتائي فقير جي ولادت وقت حيات بزرگ
هتي اندازاً انهن بزرگن جا نالا پيش ڪجن ٿا،
جيڪي وتائي فقير جي ولادت کان ٻه چار سال اڳ
يا پوءِ گذاري ويا. انهن بزرگن ۾ مخدوم محمد
اسماعيل سومرو اگهم ڪوٽي ۽ ميئين ونهين قدسره
جو اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي. انهن کان علاوه سيد
عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، قاضي قادن، مخدوم نوح
صديقي رحه (متوفي 998هه)، مخدوم ساهڙ لنجار
(980هه متوفي)، درويش رڪن الدين (متوفي
988هه)، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار (متوفي 998هه)، درس
پلي (متوفي 3 صفر 955هه)، مير معصوم بکري
(متوفي 991هه) ۽ درويش حاجي (متوفي 980هه)
(هيءُ اهو درويش آهي، جنهن جي پيشنگوئي سان
مرزا جان بابا ۽ مرزا باقي جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿيو
هو، پاڻ راڻيپور لڳ رهندو هو) انهيءَ دؤر جي
رهبرن ۾ شمار ٿين ٿا.
(ج) وتائي فقير جا وڏا همعصر
هن عنوان تحت انهن بزرگن جو ذڪر ڪبو، جيڪي
وتائي فقير جي جواني جي ڏينهن تائين حيات هئا
۽ وتايو فقير انهن جي بزرگي جا جوهر ڏسندو
رهيو ۽ فيض حاصل ڪندو رهيو.
مخدوم جلال رحه: مخدوم نوح رحمة الله عليہ جو
فرزند هو. بزرگي ۽ شائستگيءَ ۾ ڪمال جون
خوبيون حاصل ڪيائين. سندس ڀاءُ ميان ابراهيم
رحه پڻ وقت جو بزرگ ۽ فقيرن جي جماعت جو مرشد
هو.
پير محمد لکوي: سنڌيءَ ۾ هڪ طويل نظم سندس
نالي منسوب آهي. علم جو بحر ۽ فضيلت وارن جي
جماعت مان ليکيو وڃي ٿو.
ميان مير فاروقي: (ولادت 957هه) ميان مير ولد
قاضي سائينڏنه فاروقي (سيوهاڻي) جواني ڌاري
سنڌ ڇڏي وڃي هاشمپور (لاهور) ۾ رهيو. دارا
شڪوهه سندس خاص مريدن مان هو. لاهور ۾ 70
ورهين جي ڄمار ۾ 1045هه ۾ وفات ڪيائين.
شاهه خيرالدين: شاهه صاحب 911هه ۾ بغداد ۾
ڄائو. 14 ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ ۾ آيو. مخدوم
نوح کان فيض ۽ رشد حاصل ڪيائين. 1027هه ۾ (سکر
۾) وفات ڪيائين. فقير صدو ۽ فقير جمال الدين
سندن خاص خذمتي هئا.
بي بي نور ڀري: بيبي صاحبه جي مزار نصرپور شهر
۾ آهي. وتائي رحه جي جواني تائين حياتي رهي.
وڏي ڪرامت واري ۽ سخنور هئي.
درويش بابو سنڌي: برهانپور سان وابسته رهيو.
ڪمال جي درجي جو بزرگ هو. شيخ لشڪر محمد عارف
برهانپوريءَ کان رشد و هدايت حاصل ڪيائين. سڄي
ڄمار هڪ کليل ۽ ويران حُجري ۾ گذاريندو رهيو.
1015هه ۾ وفات ڪيائين.
وتائي جا هم عمر بزرگ
مخدوم ابو الحسن: (ولادت 985هه) مخدوم صاحب
جي شخصيت کان سنڌي ادب جو هر هڪ شائق واقف
آهي. پاڻ سنڌي ”الف – بي“ جي شروعاتي صورتخطي
ٺاهيائون، جيڪا انگريزن جي دؤر ۾ موجوده شڪل ۾
آئي. پاڻ سنڌي زبان ۾ ڪبت واري نظم جا پڻ مؤجد
ليکيا وڃن ٿا. سندن ڪتاب ”مقدمة صلواة“ ڪيترو
عرصو ٽيڪسٽ بوڪ
(Text Book)
جي حيثيت سان سنڌ جي تمام مدرسن ۽ ديني
درسگاهن ۾ پڙهايو ويندو هو. پاڻ اعليٰ سيرت جا
مالڪ ۽ نهايت ئي بزرگ هستي هئا. سندن هڪ شعر
اهلِ ذوق لاءِ پيش ڪجي ٿو، جنهن مان سندن
اعليٰ ظرفي ۽ بزرگي جو تعين ڪري سگهجي ٿو.
اٻوجهن اٻوجهيون، سڄاڻ سنيون ڪن
ڍِلا پُٺِ ڀَلن جي رِڙهي راهه پَوَن.
سيد حاجي نور محمد شاهه: شاهه حيدر جي اولاد
مان سهڻين صفتن وارو درويش هو. سندن اولاد مان
سيد عبدالڪريم ۽ مير جان الله رضوي پڻ صاحبِ
ڪشف ٿي گذريا آهن.
مخدوم عبدالرحمٰن شهيد: مخدوم صاحب کهڙا جو
هو. سندن مذهبي صلاحيت (درجي) ۽ شريعت تي
استقامت جا ڪيئي واقعا ”تذڪره مخاديم کهڙا“ ۾
درج ٿيل آهن. پاڻ هڪ هدايت واري جماعت سان
مسجد اندر نماز پڙهندي، ميان نور محمد ڪلهوڙي
جي لشڪر جي هٿان 1145هه ۾ شهيد ٿي ويو.
حاجي فقير الله بن عبدالرحمٰن علوي: جلال آباد
لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. بعد ۾ شڪارپور ۾
اچي رهيو. اهل الله ۽ عالم هجڻ سان گڏ قادر
الڪلام شاعر پڻ هو. ڪافي تصنيفات پڻ ڇڏيون
اٿس.
مخدوم محمد امين: وتائي فقير جو هم عمر هو.
وڏو موحد ۽ ڪامل بزرگ ليکجڻ ۾ اچي ٿو. دشتِ
باران جي سرزمين تي ڊاسوڙي جي ڳوٺ ۾ ٿي گذريو.
مخدوم عمر: مخدوم عبدالحميد جو پٽ ۽ وتائي رحه
جو همعصر هو. ڏاڍو هدايت وارو، پنهنجي وقت جو
نامور ۽ معرفت جي رستي جو مالڪ ٿي گذريو آهي.
سندس ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. سندس ٽن پٽن
مان مخدوم عبدالرؤف (متوفي 1166هه ) مشهور
بزرگ ٿي گذريو آهي.
سيد حبيب شاهه: سيد حبيب شاهه، شاهه عبداللطيف
جو والد هو ۽ وجد ۽ حال جو صاحب هو. مير
عبدالحسين خان سانگي جي لکت موجب شاهه صاحب کي
اولاد ڪونه ٿيندو هو، مگر وتائي فقير جي دعا
سان کين لطيف سائين مليو ۽ هڪ دفعي جيئن ئي
پاڻ سنڌوءَ جي ڪناري لطيف سائين کي راند ڪرائي
رهيا هئا ته وتايو فقير آيو ۽ ڪافي دير لطيف
سائين کي کڻي جهنگ ۾ هليو ويو. ڪجهه ڪلاڪن بعد
حبيب شاهه جي بي صبري محسوس ڪندي واپس کڻي آيو
۽ چيائين ته اڃا حضرت خضر کي ڪجهه سبق (لطيف
سائين) کي پڙهائڻو هو، ته اوهان بي صبري
اختيار ڪئي ۽ آءٌ واپس کڻي آيس. ڪن روايتن ۾
جهنگ بدران درياءَ اندر وڃڻ جو ذڪر اچي ٿو.
ڪجهه مؤرخن جي لکڻي موجب پاڻ سنڌي شاعري به
ڪئي اٿن.
هڪ دفعي شاهه حبيب جي واتان هيءُ شعر پڻ سرزد
ٿيو ته:
”لڳي لڳي واءُ، ويس انگڙا ڍڪجي.“
هن کي شاهه عبداللطيف هن طرح مڪمل ڪيو ته:
”پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جن.“
ملا محمد جهانگيري: هيءُ پڻ وتائي فقير جو
نوازيل هو، پر کيس دين کان وڌيڪ دنيا جي عز و
جاهه جو شوق هو، سو فقير صاحب جي دعا سان وڃي
جهانگير جي دربار ۾ اعلٰي عهدو ماڻيائين ۽ نور
جهان بيگم جو استاد پڻ بنيو. سندس قبر ٺٽي
(مڪلي) ۾ آهي.
چاندو شاهه: هيءُ درويش خانوٽ جو هو ۽ وتائي
فقير جي همعصرن مان هو. پاڻ نهال شاهه مداري
جو معتقد ۽ خليفو هو. اصل ۾ مٽياري شريف جو
هو، وڏو ڪامل بزرگ هو.
خليفو ڪرم الله: (متوفي 1140هه) سنڌي غزل جي
مؤجدن ۾ سندس نالو کنيو ويو آهي. پاڻ نهايت ئي
نيڪ سيرت ۽ شرع جو پابند ۽ وقت جي وڏن عالمن
مان هو.
نور محمد خسته: سندن متعلق ايترو معلوم ٿيو
آهي ته 1130هه تائين حيات هو، کيس پڻ خليفي
ڪرم الله سان گڏ غزل جي اوائلي شاعرن ۾ شمار
ڪيو ويو آهي. هن ئي دؤر ۾ غالباً اويس
شڪارپوري پڻ سنڌي غزل تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
تنهن ڪري چئي سگهبو ته سنڌي موزون (عروضي)
شاعري پڻ وتائي فقير جي دؤر کان شروع ٿي چڪي
هئي.
مخدوم عنايت الله: (متوفي 1114هه) وڏو عالم ۽
بزرگ شخص هو. سندس شاگرد مان مخدوم ضياء الدين
مشهور ٿيو.
مير محمد ذڪريا: مير معصوم بکري جو پوٽو هو.
ظاهري توڙي باطني زندگي بزرگي سان گذاريائين.
شاهه خيرالدين سان عقيدتمندي هوندي هئس.
سيد باقر: سيد باقر بن سيد عثمان، شيخ ڀنڀرو
قادري جي اولاد مان هو. اُچ جو بزرگ هو.
”رساله باقر الانوار“ تصنيف ڪيائين. ان کان
سواءِ 25 رمضان المبارڪ 1070هه ۾ ”جواهر
الاولياء“ پڻ لکيائين. سندن ڀائرن ۾ سيد محمد
مراد ۽ سيد ورايو پڻ صاحب علم و حلم ٿي گذريا
آهن.
مخدوم ابو القاسم نقشبندي ٺٽوي: (متوفي 7
شعبان 1138هه) ڪجهه وقت سرهند ۾ شاهه سيف
الدين جي صحبت ۾ رهي سنڌ (ٺٽي) ۾ موٽي آيو.
شاهه سيف الدين حڪم ڪيس ته وڃي سنڌ ۾ نقشبندي
طريقي کي رواج ڏيار. پاڻ عرض ڪيائون ته آءٌ
غريب آهيان، مون کي ڪير ٻڌندو؟ تنهن تي شاهه
صاحب چيس ته سامهون واري پٿر تي نظر وجهه.
سندن نظر وجهڻ سان پٿر ٽڪر ٽڪر ٿي ويو. تڏهن
شاهه صاحب فرمايو ته: جنهن ۾ هيڏي روحانيت
(طاقت) هجي ان کي ڪير نه ٻڌندو؟ حقيقت ۾ کين
پنهنجي منزل جي صحيح خبر نه هئي، جنهن جو تعين
شاهه صاحب ڪري ڏنو. پوءِ پاڻ اچي سنڌ ۾
نقشبندي طريقي کي عروج ڏياريائون. مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي ۽ علامه محمد معين ٺٽوي سندن مريد ۽
خليفا هئا.
شاهه عنايت شهيد: (جهوڪ – ميرانپور)
برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو
ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور
اچي لاٿو لوڪ تان، هاڙهي ڌڻي هور
آرياڻي اتور، جنهن ڏکيون ڏک وهاريون
(شاهه لطيف رحه)
طوالت جي سبب سندن تفصيلي ذڪر کان قاصر آهيان.
سنڌ جون متعدد تاريخون، تذڪرا، ناول توڙي شعري
مجموعا ۽ جريدا سندن احوال سان ڀريا پيا آهن.
البته ايترو ذڪر ڪندو هلان ته سندن شهادت اسان
کي ٻڌائي ٿي ته وتائي فقير جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾
تصوف (همہ اوست ۽ وحدة الوجود) جو ڇا عالم هئو
۽ ان جا هن بزرگ (وتائي فقير) تي ڪهڙا اثر پيا
هوندا. اهڙي طرح سندن حياتي جي رنگ متعلق هڪ
اهم نُڪتو اسان کي هٿ اچي ويندو.
شاهه عنايت رحمة الله عليہ جي شهادت 1130هه ۾
ٿي. سندن شجرو مخدوم صدو لانگاهه (خدا آگاهه)
تائين هن طرح آهي. شاهه عنايت ولد فضل الله
ولد مُلا يوسف ولد شهاب الدين ولد مُلا آجب
ولد مخدوم صدو لانگاهه.
سيد حمزه: آمري جي بزرگن مان وڏي منزل وارو
بزرگ هو ۽ وتائي کان پوءِ به زندهه رهيو.
سيد محمد هاشم: سيد محمد بن سيد عبدالقادر
فارسيءَ جو يگانو عالم ۽ شاعر هو. سندن هڪ
تصنيف ”حديقة الاولياء“ موجود آهي، جيڪا کين
اهل علم وارن ۾ مٿاهون درجو ڏياري ٿي. پاڻ اهو
ڪتاب 1016هه ۾ مرتب ڪيائون. البته سندن هن
ڪتاب ۾ وتائي فقير متعلق احوال موجود ڪونه
آهي. ٿي سگهي ٿو ان وقت ٻئي موصوف هڪ ٻئي سان
متعارف نه هجن. ڇاڪاڻ ته اهو وقت اڃان وتائي
فقير جي طالب علمي جو آهي. هڪ سال پوءِ 1017هه
(1608ع) ۾ اداراڪي بيگلاري جي تصنيف ”بيگلار
نامو“ آهي، جنهن ۾ پڻ فقير صاحب متعلق ڪو
اشارو ڪونهي.
شاهه لطف الله قادري: (1611- 1681ع) شاهه صاحب
کان پڻ سنڌي ادب جو هرڪو پارکو خواهه طالب علم
واقف آهي. پاڻ بدين شهر ۾ آرامي آهن ۽ سندن
مقبره هر ڪنهن اڃايل لاءِ عام زيارت گاهه آهي.
سندن سوانح تي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو
آهي. سندن هڪ رسالو اسان وٽ (سنڌي ادب ۾)
امانت طور موجود آهي. پاڻ بيت (ڏوهيڙي يا
دوهي) جي اوائلي شاعرن ۾ ممتاز حيثيت جا مالڪ
آهن. شاهه ڪريم ۽ قاضي قادن وانگيان سندن
شخصيت ۽ ڪلام جو لطيف سائين تي گهرو اثر آهي.
مذڪوره بزرگن کان سواءِ ٻين جن بزرگن کي
يارهين صدي هجري جي ذڪر ۾ آڻي سگهجي ٿو، انهن
مان ڪن بزرگن جا نالا هيٺ درج ڪرڻ جي جسارت
ڪندس. مفتي عبدالواحد ڪبير پاٽائي (متوفي
1123هه)، ميون تماچي اوريئڙي وارو، مير اسد
الله ولد مير علي شير (سکر)، مخدوم روح الله،
بي بي جمال خاتون (متوفي 1057هه – ميان مير
فاروقي جي همشيره)، ميان احمد عطائي
(نصرپوري)، قاضي مسعود قريشي (نصرپوري)، درويش
لڌو، مولانا عباس، شيخ منڌرو نوهڙيه (شاهه
خيرالدين جو خليفو)، درويش دائود ميان، همون،
مخدوم، هاورن، سيد عبدالله (بدين)، شيخ عالم
شاهه، سيد مڱيلڌو بلڙائي، مير زين الدين ٺٽوي،
سيد جلال ثاني (ٺٽو)، سيد مير محمد (ٺٽو)، شيخ
محمود ثاني (متوفي 1120هه)، ميرڪ محمد وارث
(1159هه متوفي) ۽ مخدوم حمزو واعظ (ٺٽوي).
(هه) اهي بزرگ جن وتائي فقير جا آخري ايام ڏٺا
۽ پاڻ اڃان طالب علم هئا
هتي آءٌ صرف انهن چند بزرگن جا نالا کڻندس،
جيڪي فقير صاحب جي حياتي جي آخري ڏينهن ۾ اڃان
پروان چڙهيا پئي ۽ پوءِ اڳتي هلي علم ۽ فيض جا
درياء بنيا. البته انهن مان ڪن بزرگن جو فقير
صاحب جي سوانح حيات سان پڻ سڌي يا اڻسڌيءَ طرح
واسطو آهي. اهي بزرگ هي آهن: مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي، مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي، شاهه عبداللطيف
رحه ڀٽائي، عبداللطيف قيصر، شيخ محمد حيات
سنڌي (متوفي 1163هه)، حاجي فقير الله علوي
(1190هه متوفي)، حافظ عالي (سنڌي غزل جو
شاعر)، ميون مبين (چوٽياريون)، آبن فقير پلي
(وِهرو) ۽ ميان صاحبڏنو فاروقي.
هو پڻ ڪونهي هِن ريءَ، هي نه هُنهان ڌار
”الانسان سري واناسره“ پروڙج پچار
ڪندا وئا تنوار، عالم ۽ عارف اهڙي
آسا- شاهه لطيف
ضروري وضاحتون:
(1) سڀ کان اول مون انتهائي اختصار کان ڪم
ورتو آهي، ڇاڪاڻ ته عنوان موجب مقالو نه پر
ڪتاب ئي لکجي سگهجي ٿو، تنهن ڪري اهو ٿو
سمجهان ته منهنجو هي مقالو اُن ڪتاب جي فهرست
جي حيثيت رکندو.
(2) جتي اوليائن ۽ بزرگن جو ذڪر هجي ۽ اتي
سندن ڪرامتن جو بيان نه هجي، اِهو انصاف ته
ناهي، پر وري به ساڳي طوالت – البته ايترو
چوندس ته مذڪور بزرگن مان ڪن بزرگن جون
ڪرامتون ئي هڪ جامع ڪتاب جي طلب ڪن ٿيون، تنهن
ڪري معذرت سان فقط سندن اسم مبارڪ ئي درج ڪيا
ويا آهن.
(3) مون پنهنجي سر اها ڪوشش ڪئي آهي ته هڪ
جملي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽن چئن ڪتابن تان
استفادو ڪيو اٿم. تنهن ڪري هر هڪ جملي تي
حوالو پيش ڪرڻ کان گريز ڪئي اٿم. جن مؤرخين جي
ڪتابن تان استفادو ڪيو اٿم؛ انهن جي لسٽ (سندن
شڪريه ادائي ڪندي) هيٺ ڏجي ٿي.
(4) آخر ۾ عرض ته منهنجي هن ناقص معلومات ۾
اگر ڪو صاحب علم تصحيح يا اضافو ڪندو ته آءٌ
سندس تهدل سان شڪر گذار رهندس.
امدادي ڪتاب:
(1) تحفة الڪرام (قانع) مترجم: مخدوم امير
احمد، 1958ع سنڌي ادبي بورڊ.
(2) ڪڇين جا قول – شيخ محمد سومار صاحب، سنڌي
ادبي بورڊ.
(3) سنڌي ادب جي مختصر تاريخ – ڊاڪٽر
عبدالجبار صاحب 1983ع- سرهيه ڪتاب گهر
حيدرآباد.
(4) الوحيد (سنڌ آزاد نمبر – بمبئي کان) محمد
ابراهيم جويو 1979ع – سنڌي اديبن جي سهڪاري
سنگت- حيدرآباد.
(5) تاريخ سنڌ (جلد -3) عبدالله عبدالغني –
1984ع انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
(6) لواري جا لال – ڊاڪٽر هه-م- گربخشاڻي-
1934ع، ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني – ڪراچي.
(7) تذڪره شعراءِ ٽکڙ – اسد الله ”اسد“
ٽکڙائي، 1959ع، سنڌي ادبي بورڊ
(8) بيگلار نامو – اداراڪي بيگلاري – مترجم:
محمد صديق ميمڻ، 1983ع.
(9) تاريخ مظهر شاهه جهاني- يوسف ميرڪ- مترجم:
نياز همايوني صاحب 1979ع – سنڌي ادبي بورڊ.
(10) لطائف لطيفي – مير عبدالحسين خان سانگي-
1967ع ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز.
(11) بدين ضلعي جو مطالعو – شيخ محمد سومار-
لاڙ ادبي سوسائٽي بدين.
(12) تذڪره لطفي (جلد اول)- لطف الله بدوي
1963ع- آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس – حيدرآباد.
(13) سر سريراڳ جو مطالعو – مرتب ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ- ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز.
(14) سنڌي غزل جي ارتقا: عبدالغفور سومرو
1973ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
(15) سنڌيون: عبدالجبار جوڻيجو، 1970ع (اداره
سنڌيات)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
(16) حديقة الاوليا (فارسي)- سيد عبدالقادر
بتصحيح سيد حسام الدين راشدي، 1967ع – سنڌي
ادبي بورڊ.
(17) تذڪره صوفياء سنڌ (اردو)- اعجاز الحق
قدوسي – 1959ع – اردو اڪيڊمي ڪراچي.
سعدالله سپاهي
وتائي
فقير جي روحاني منزل
سنڌ جي مردم خيز زمين ڪئين گل پيدا ڪيا، جن
مان ڪي اولياء، عالم، حافظ، شاعر، اديب، سگهڙ
۽ ماهر مفڪر مشهور ٿيا؛ پر ڪئين اهڙا به هئا،
جي بلڪل خاموش زندگي گذاري وڃي ڌرتيءَ جي ڌوڙ
۾ داخل ٿيا، سندن مرڻ بعد معلوم ٿيو ته هي به
ڪي پهتل درويش هئا. ٻيا ڪئين اهڙا به هئا، جن
جي نڪتن، ٽوٽڪن ۽ لطيفن مان جيئري ته عوام
فائدو پرايو، پر سندن مئي به نصيحت ۽ هدايت
حاصل ڪندا رهن ٿا.
هن مجذوب درويش بابت ماڻهن ۾ اهو عقيدو ويٺل
هو ته جيڪو به مرادوند ساگري ڍوري تان سَت ڀتر
کڻي بنا ڪٿي ترسڻ جي پيادل پنڌ ڪري اچي سندس
قبر تي ڇڏيندو، ته ان جون من مرادون پوريون
ٿينديون. ان ڪري اڄ تائين لکها مراد وندن اتي
ڀتر ڇڏي قبر کي هڪ ٽڪر جو ڏيک ڏيئي ڇڏيو آهي.
جيئن ته وتايي فقير جي مڪمل سوانح بابت ۽ سندس
روحاني منزل بابت ڪابه لکت ڪانهي. البته تازو
ڇپيل ڪتاب ”ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ ۾ سندس فرضي
جنم جو سال 1668ع ۽ سندس والد جو نالو ميلارام
لکيو آهي. خبر نه آهي ته بروهي صاحب اهي ٻئي
ڳالهيون ڪٿان هٿ ڪيون. ازانسواءِ وتايو فقير
بابت صداقت بڪ ڊيپو حيدرآباد جي ڇپايل ڪتاب ۾
سندس جنم جو هنڌ تاجپور پنجاب واري لکيل آهي،
جو بلڪل غلط آهي. حقيقتاً سندس جنم تاجپور سنڌ
لڳ نصرپور ۾ ٿيو. نصرپور ۾ سندس ڀيڻ پرڻيل
هئي. سندس ساهرا عمرڪوٽ ۾ هئا. اسان جو استاد
ماستر ڍالو مل کتري نصرپوري ڳالهه ڪندو هو ته
وتايو فقير اسان جو مائٽ هو ۽ مائي موٿل
کٽياڻي عرف منگهي ماءُ ۽ نيڻو مل کٽي سندس ڀيڻ
جي ڏوهٽيءَ جو اولاد آهن. اهي مون به ڏٺا هئا.
وتايي فقير جي تعليم ۽ روحاني منزل بابت به ڪا
لکت يا ڏند ڪٿا موجود نه آهي، البته سندس
ٽوٽڪن مان سندس روحاني منزل جا واضح دليل ملن
ٿا. مسلمان ٿيڻ بعد مائٽن جي مخالفت سبب وتايو
فقير ڳوٺ ڇڏي گهمندو رهندو هو. اول اگهاماڻي ۾
مخدوم اسماعيل جي مدرسي ۾ اسلامي تعليم حاصل
ڪري رچي ريٽو ٿيو. ان بعد کيس مرشد وٺڻ جي
ضرورت محسوس ٿي. جيئن ته سندس خاندان اصل
نصرپور جي رضوي خاندان جو مراد وند هو، ان ڪري
پاڻ به ان وقت جي رضوي بزرگ شاهه عنايت شاعر
جي خدمت ۾ حاضر ٿي مريد بنيو. اتان ذڪر فڪر
حاصل ڪري وري به سياحت تي روانو ٿي ويو. پر
جيئن ته سندس والده زنده هئي، ان ڪري سندس
خدمت لاءِ جلد جلد نصرپور ايندو ويندو هو (ياد
رهي ته سندس والده پنهنجي پرڻيل نياڻيءَ وٽ
نصرپور ۾ رهندي هئي.)
هڪ دفعي ماڻس چيس: ابا وتايه! پاڙي مان ٽانڊو
کڻي اچ ته باهه ٻاري ماني پچايان. ماءُ جو حڪم
ٻڌي وتايو سڄو پاڙو رُلي آيو، پر ڪٿان به
ٽانڊو نه مليس. تنهن تي ماڻس چيس ته وڃي دوزخ
مان ئي ٽانڊو کڻي اچ. وتايو ويو، پر جلدي موٽي
اچي ماءُ کي چيائين ته: امان دوزخ ۾ به ٽانڊو
ڪونه آهي. ماڻس چيس ته پوءِ هي گنهگار باهه ۾
ڪيئن سڙندا؟ وتائي چيو: امان! ٽانڊو سڀڪو هتان
دنيا مان گناهن جي شڪل ۾ کنيو ٿو وڃي. باقي
اتي ٽانڊو ڪونه آهي.
مٿئين ٽوٽڪي مان معلوم ٿو ٿئي، ته وتائي فقير
جي توڙي سندس والده جي وڏي روحاني منزل هئي.
ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجي والده جي صحبت ۾ ئي
اسلام جي گس تي چڙهيو هجي. هن ٽوٽڪي مان وتائي
فقير جي روحانيت بابت خبر پئي، باقي سندس
روحاني يا تصوف جي منزل ڪيتري هئي، سا خبر
هيٺين ٽوٽڪن مان ملاحظه فرمايو:
هڪ دفعي وتائي فقير کي ڪو واهه يا درياهه
اُڪرڻو هو. ڪيترو وقت ترسڻ سان به ڪا ٻيڙي پتڻ
تي ڪانه پهتي. اتي ٻيا به ڪجهه مسافر پار وڃڻ
وارا اچي مڙيا. جڏهن انتظار حد کان وڌي ويو،
تڏهن وتائي فقير ٻين مسافرن کي چيو ته: اوهان
مان هڪڙو منهنجي دامن پڪڙي ۽ ٻيا وري هڪٻئي جي
دامن پڪڙين ۽ مون پٺيان پاڻيءَ ۾ گهڙي ”وتايه
– وتايه“ جو وظيفو پڙهندا هلو ته آءٌ اوهان کي
پار اُڪاريان. هنن ائين ڪيو ۽ ”وتايه – وتايه“
جو نعرو هڻندا پاڻيءَ مان هلندا ويا ته ڪونه
ٻڏا. وچ سِير ۾ پهچي ڪَن ڏنائون ته وتايو وري
”الله الله“ جو ورد پيو ڪري. ان ڪري پاڻ ۾
صلاح ڪري سڀني ”الله الله“ جو ورد شروع ڪيو ته
اچي ٻڏڻ ۽ غوطا کائڻ لڳا. تڏهن وتائي فقير کين
چماٽون هڻي چيو ته: اڃا پهتا وتائي تائين ڪونه
آهيو، توڻي ٿا الله کي پهچو! پوءِ وري ”وتايه
– وتايه“ جو نعرو هنيائون ته وڃي ڪناري تي
پهتا.
مذڪوره ٽوٽڪي مان وتائي فقير جي روحاني منزل
فنا في الله معلوم ٿئي ٿي.
روحانيت جون چار منزلون آهن: (1) فنا في
النفس يعني پاڻ ۾ فنا ٿيڻ يا پاڻ کي سڃاڻڻ،
جنهن لاءِ ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:
پهريائين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هُو لهه.
(2) فنا في الشيخ يعني مرشد ۾ فنا ٿي وڃڻ. هن
منزل تي طالب کي هر هنڌ مرشد ڏسڻ ۾ ايندو آهي
۽ هر ڪم کيس مرشد طرفان ٿيل ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
مرشد جي تصوير جو مراقبو ڪيو ويندو آهي.
(3) فنا في الرسول يعني رسول ۾ فنا ٿي وڃڻ.
(4) چوٿين منزل آهي فنا في الله يعني الله ۾
فنا ٿي وڃڻ ۽ سڀ ڪجهه الله کان ڪري سمجهڻ، بلڪ
پاڻ کي الله سمجهڻ، جيئن ته سچل فقير چيو آهي
ته:
آهيان پاڻ الله، عشق ڪنان ٿو عبد سڏايان.
منصور ۽ سرمد به هن منزل تي پهتا هئا، ان ڪري
اناالحق جو نعرو هنيائون. هن کي همه اوست چون.
جيئن ته وتايو فقير فنا في الله جي منزل تي
رسيل هو؛ ان ڪري الله الله جو نعرو هڻندو
هليو. پر ٻيا اڃا فنا في الشيخ جي منزل تي
هئا. ان وقت سندن مرشد ۽ رهبر وتايو فقير هو،
ان ڪري کين وتايه وتايه ورد ڪرڻ جو حڪم مليو.
اهو ڇڏي جڏهن الله الله جو ورد ڪرڻ لڳا ته اچي
ٻڏا، ڇو ته ان منزل تي اڃا ڪونه رسيا هئا.
هڪ دفعي وتايو فقير ٻيڙيءَ چڙهي پار وڃڻو هو.
ٻيڙي هاڪارڻ مهل ميربحر نعرو هنيو ”الله تو
هار“ ته وتائي چيس ته ترس ته آءٌ لهان. تو
قهار جو نالو ورتو آهي، هاڻي ضرور هيءَ ٻيڙي
ٻڏندي. وتايو لهي پيو ۽ ٻين به جن کي يقين آيو
سي لهي پيا. ٻيڙي رواني ٿي پر سچ پچ اڳتي وڃي
ٻڏي ۽ سڀ مسافر ختم ٿي ويا.
هن ٽوٽڪي مان به وتايو فقير جي فنا في الله
منزل جو پتو پوي ٿو، ڇو ته وتايو فقير ڏٺو ته
مهاڻي جي منزل ايتري نه آهي جو الله جو نالو
وٺي ٻيڙيءَ کي پار رسائي، ان ڪري ضرور ٻڏندي.
سچ چيو اٿن ته: هٽيءَ سارو هوڪو ڏجي. پڄت کان
مٿي ڪم ڪندو ته ضرور ڌوڪو کائيندو.
گدري وارو نقل، جنهن ۾ آسمان ڏانهن نهاري چيو
ٿو ته: الله سائين! تنهنجي نالي مليل ڦٿل گدرو
به ڏس ۽ ٽڪي ورتل گدرو به ڏس. ماڻهو تنهنجو
قدر ٽڪي جيترو به ڪونه ٿا ڪن.
يا، ڍڳيءَ ۽ گڏهه وارو نقل، جنهن ۾ چيائين ته:
الله سائين! تون هن انڌي جيترو به نٿو سمجهين.
تون ٻڌين ته ٿو پر سمجهين ڪونه ٿو.
(يا) مسجد ۾ قلم ڪاغذ کڻي وڃي چوڻ ته: جي کٽو
هجين ته هتي صحيح ڏي، نه ته رزق موڪل ۽ پوءِ
کيس رزق جو ملڻ.
(يا) ائين چوڻ ته: ڏيئي ٿو، پر کنگهائي ٿو
ڏئي.
(يا) قبرستان ۾ وڃي ويهي رهڻ ته: قرضيءَ جو اڳ
ورتو اٿم، هتي ضرور ايندو.
(يا) ورهاست ڪرڻ وقت چوڻ ته: خدائي ورهاست
ڪريان يا ماڻهن واري؟
اهي سڀ نقل ظاهر ٿا ڪن ته وتايو فقير وڏي منزل
وارو هو. ايڏي ساري حجت منزل ري ٻيو ڪير ڪري؟
مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا قديم
ستارا“ ۾ وتائي فقير بابت ٿورو احوال هن ريت
ڏنو آهي: وتايو فقير مجذوب، عارف ۽ ڪامل شخص
هو. هڪ ڏينهن ڪو ماڻهو مڪليءَ ڏي زيارت لاءِ
وڃي رهيو هو، ان جي اڳيان ڪو مجذوب فقير به
زيارت لاءِ پئي ويو ۽ ٻئي طرف وري وتايو فقير
مڪليءَ کان واپس اچي رهيو هو، تنهن هُن ويندڙ
مجذوب کي چيو ته: اڄ ايڏانهن ڇو ٿو وڃين؟ هو
ته هيڏانهن پيا اچن. ڇو ته مخدوم حمزي وفات
ڪئي آهي، ان جي جنازي نماز لاءِ خود رسول الله
ﷺ جن اچن ٿا. اچ ته هلي انهن سان جنازي نماز ۾
شامل ٿيون. هي ٻئي واپس ٺٽي روانا ٿي ويا ۽ هو
ٻيو شخص مڪليءَ تان زيارت ڪري واپس ٺٽي آيو.
معلوم ٿيس ته برابر مخدوم حمزي رحه وفات ڪئي
آهي. پوءِ پاڻ به وڃي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيو.
پهرين تڪبير جو آواز غيب مان ٻڌي، پوءِ ظاهري
امام تڪبير هنئي. اهڙيءَ طرح چارئي تڪبيرون
چوڻ وقت ڪيائين. هن مان به معلوم ٿيو ته وتايو
فقير هڪ درويش، عارف، اولياءَ ۽ مجذوب هو ۽
سندس روحاني منزل وڏي هئي.
مذڪوره ڪتاب قديم سنڌ جا ستارا ۾ مرزا صاحب
وتايه لفظ ’ط‘ سان ’وطايه‘ ڪري لکيو آهي.
حالانڪ اهو صحيح نٿو ڏسجي. جيئن ته وتايو فقير
سدائين هلندو گهمندو وتندو هو. ان ڪري کيس
وتُو- وتُو چوندا هئا، يعني هلندڙ، وتندڙ. ان
مان پوءِ وتايه ٿيو آهي، نه ته اصل مسلمان ٿيڻ
وقت سندس نالو ”شيخ احمد“ رکيو ويو هو. والله
اعلم باالصواب.
ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو
ان جي عبداللطيف چئي مٽيءَ لڌو مان
ڪوڙئين ڪن سلام، اچيو آسڻ ان جي.
(شاهه)
ڇٽي پيو سمهڻي نماز جي سورن کان
وتائي فقير جي ڳوٺ ۾ رات جو هڪڙو شخص گذر ڪري
ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو ڪنهن شخص فقير کي ٻڌايو
ته فلاڻو ويچارو رات گذاري ويو، ويچارو ڏاڍو
چڱو ماڻهو هو. فقير کلي چيو ته: ادا، ”ڇٽو
سمهڻي نماز جي سورن کان.“