سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:درويش وتايو فقير

 باب--

صفحو :5

علي احمد بروهي

 

وتايو

 

”ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو

منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾.“

       (شاهه)

 

وتايو ٺيٺ سنڌي ڳوٺاڻو هيو. اڃا به هيئن کڻي چئجي ته واهڻائي واڻيو هيو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو هو. پر اها ڄاڻ نه آهي ته ڪڏهن يا عمر جي ڪهڙي موڙ تي. سندس نالي کان علاوه باقي سندس جنم جي تاريخ، ڄمڻ جو هنڌ، ۽ گهراڻي نسبت ماڻهن ۾ مختلف روايتون آهن. سڀ کان وڌيڪ مشهور هي ڳالهه آهي ته سندس وڏا کتري هئا ۽ مهراڻي لڳ هڪ ڳوٺ ۾ ڇر جو ڌنڌو ڪندا هئا ۽ درياه جي ليٽ سبب لڏي پلاڻي اچي اگهيماڻي ۾ ڪک اڏي ويٺا. ڪن جي راءِ مطابق وتايو  تاجپور يا نصرپور جو ويٺل هو. ڪجهه به هجي، پر هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته آڳاٽي زماني سان تعلق آهيس ۽ گمان غالب آهي ته 12 صدي ڌاري ٿي گذريو آهي.

هڪ لحاظ کان سندس حسب نسب ڳولڻ يا سندس خانداني شجره لاءِ تحقيق ڪرڻ بيڪار ڪوشش پڻ آهي. ماڻهوءَ کي پيءُ- ماءُ قوم ۽ وطن جي چونڊ تي دسترس ٿوروئي آهي. ڇاڪاڻ ته انهن رشتن جو تعلق ڄم جي حادثه سان آهي ۽ نه ماڻهوءَ جي پنهنجي مرضيءَ سان. جي ڪنهن کي اهڙو اختيار حاصل هجي ها ته هو پنهنجي غريب ابي امڙ جي گود ۾ جنم ٿوروئي وٺي ها. هر هڪ آغا خان ۽ شاه ايران جهڙي ڊنگ جي وليعهد ٿي ڄمڻ لاءِ سٽاءُ سٽي ها. ڄمڻ ۽ مرڻ ته هونئن به آهي قدرت ۽ قسمت جي هٿ وس. وچ واري پلڪ پهر جي جهٽ گهڙي آهي اسان واري موڙي پونجي! جنهن کي اسين زندگي به چئون. ڏسڻو هي آهي ته ان اڌاري ۽ مسواڙي مدت اندر اسان ڪهڙا تير هنيا ۽ ڪهڙا ڦاڙها ماريا. جياپي لاءِ مليل مهل ۽ موقعو اسان سڦلو به ڪيو يا ائين ڀنگ گهوٽيندي رڳڙجي وياسين.

وتايو عجيب ۽ خوش نصيب انسان ٿو ڏسجي. وڏي ڳالهه ته اڃان سوڌو حال حيات آهي. صدين کان جيئرو جاڳندو ۽ چڪر ڪاٽيندو ٿو رهي. پاڻ به کلندو ٿو رهي ۽ خلق کي به وتي کلائيندو. مئا ماڻهن کي نياءُ ڏيندا آهن ۽ سندن مدعائون  مستجاب ڪندا هوندا، پر ڪنهن کي کلائيندا ٿوروئي آهن؟ کلڻ ڪم آهيئي زندگيءَ سان. تعجب آهي ته وتايو هن وقت تائين زنده رهيو ڪيئن آهي؟ خاص خور ان ملڪ ۽ ماڻهن ۾، جن جي پنهنجن سان بي رخي، سندن تاريخي روايت بڻجي چڪي آهي. وري قدرت جو اٽل قانون به ته ويسارو آهي. موت هونئن ته ڪا معنيٰ ئي نه ٿو رکي. وڏي ڳالهه ته وتايو هڪ عام رواجي غريب ۽ مسڪين ماڻهو هيو جا آسامي سڃي سکڻي هئڻ ڪري، اسان وٽ ڪا حيثيت يا معنيٰ رکندڙ ئي نه آهي. اسان وٽ غريب ۽ غربت کي ڪئنسر ڄاڻي کائونس ٽارو ڪيو ويندو آهي. وري ٻهاري ٻاهر ڦٽو ڪيو ويندو آهي. پر مزو اهو جو حسب نسب، مان مرتبي ۽ ڌن دولت جي اڻ هوند ۽ اڻاٺ هوندي به وتايو واحد انسان آهي، جو دنيا جي تاريخ ۾ اوچي ڳاٽ ۽ ٽهڪڙا ڏيندي ڏٺو ٿو وڃي. ڏٺو وڃي ته دنيا ذهني آزاديءَ جو صحيح علمبردار ۽ اوتار به وتايو آهي، جنهن لاءِ آمريڪا جي ”اسٽيچو آف لبرٽيءَ“ جيان چپي چپي تي اهڃاڻ کڙا ڪيا وڃن، تڏهن به شايد اسين سندس احساس لاهي نه سگهون.

وتايو دنيا جي انهن عظيم هستين مان هڪ هيو جي انسان ذات لاءِ هادي مهدي ۽ استاد ٿي آيا ۽ جن آدمين کي اخلاص، اخلاق ۽ انسانيت جي سکيا ۽ ساڃهه ڏني ۽ جن ماڻهن کي پاڻ ۾ پريت ونڊڻ ۽ ڌرتيءَ جو ناتو نباهڻ جو سبق ڏنو. رابندرا ناٿ ٽئگور کان پڇيو ويو ته تون الله کي ڪهڙي ڪارڻ معبود ڪري ٿو مڃين. ٽئگور وراڻيو ته ان ڪري جو مونکي الله پاڪ ايتري آزادي بخشي آهي جو آءٌ سندس وجود کان به انڪار ڪري ٿو سگهان ۽ اهڙي ۽ ايتري قدر ڇڙواڳ ۽ بي پناه آزادي فقط الله جي ذات ئي ڏيئي سگهي ٿي. وتائي به آدميءَ کي انهن خوف ۽ خطرن کان ڇوٽڪارو ڏنو جي ڀوت پريت، مذهب جي جنوني پوئلڳن پنهنجي دڪانداري چمڪائڻ لاءِ ماڻهن کي بڇايا. دين ڌرم جي ڪريا ڪرم ۽ ريتون رسمون ڪندڙن لاءِ اهڙي خدا جو تصور ڪرڻ ئي محال هيو جو ڪنهن کان حساب ڪتاب ئي نه وٺي ۽ هر هڪ کي بنان ليکو ڪرڻ جي بخشي ڇڏي. گهڻن کي ته رحمان رحيم جي معنيٰ جي ئي ڄاڻ نه هئي. باقي ستار ۽ غفار ته اڃان به وڏي ڳالهه هئي. سندن تعصبي ۽ تنگ ذهن ۾ هي ڳالهه ئي نه ٿي سمائي ته جو ”پاءُ“ اگهائيندو هجي اهو مڻ ڪيئن ۽ ڇو موٽائيندو؟

تاريخ ۾ ”ڊايو جنيس“ پهريون انسان هيو جنهن ماڻهوءَ جي پيدا ڪيل ”ڏر ۽ ڏهڪاءُ“ کي مٽايو. هن پنهنجي عملي زندگيءَ وسيلي ثابت ڪري ڏيکاريو ته انسان، جي ڌرتي ۽ آسمان جي طاقت کان لاپرواه ٿي، الڳ ۽ ڇڙواڳ رهي زندگي گهارڻ چاهي، ته هو ائين ڪري ٿي سگهيو، پر اهڙي آزاد جياپي  لاءِ کيس ڪافي ڪجهه قربانيون ڏيڻ ضروري هيون. ڊايو جنيس هڪ فيلسوف هيو جو عيسوي صديءَ کان ٽي سؤ سال اڳ واري زماني ۾ ڄائو هيو. هن پنهنجي ذاتي رهائش هڪ ٺڪر جي ڀڳل ڪؤنر ۾ اختيار ڪئي ۽ اهو ڪونر هڪ گند جي ڍير تي پيل هوندو هيو. ان ماڳ کي ڊايو جنيس پنهنجي راڄڌاني سڏيندو هيو. سندس سنگت ساٿ شهر جي انهن ڪتن ٻلن سان هوندي هئي جي ڍير تي ٽڪر ڳڀي جي تلاش ۾ ايندا هئا يا وري شهر جا رولو ٻار جي ساڻس ڪچهريون ڪرڻ لاءِ آتا هوندا هئا. جڏهن سڪندر اعظم ساڻس ملاقات لاءِ اچي حاضر ٿيو ۽ سوال ڪيائين ته آءٌ اوهان لاءِ ڪهڙي خدمت ڪري ٿو سگهان؟ ڊايو جنيس چيو ته مهرباني ڪري منهنجي اڳيان ٽري وڃ.  جيڪڏهن تنهنجو اهو خيال آهي ته سج جي اوٽ ۾ بيهي تون مونکي اُس کان محروم ڪندين ته اها تنهنجي غلط فهمي آهي.

وتايو به ڊايو جنيس جيان سادو سودو ۽ فقير منش ماڻهو هيو. پر جي سندس لطيفن  تي ٿي نظر ڪجي ته ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته ڪنهن به مهدي يا مسيح کا هرگز گهٽ نه هيو. ماڻهن لاءِ هڪ رونشو يا تماشو به هيو. هر هڪ کيس ڇيڙيندو رهندو هيو. اسان وٽ عقلمند يا ڪل ٿڙيل لاءِ ٻيو ڪو ورتاءُ آهيئي ڪونه. جي ذهني مريض علماءُ دين، وڪيل، ڊاڪٽر يا حاڪم آهي ته پو ڪو وسوئي نه آهي. پر جي ماڻهو سڃو سکڻو ۽ لاوارث آهي ته پوءِ پاڳل، چريو ۽ مجذوب. پر ان ۾ ماڻهن جو قصور ٿوروئي آهي. وتائي جا پنهنجا افعال به ته اهڙائي هئا. سندس سوچ سمجهه جو انداز ئي نرالو هيو. جڏهن ڪو شاهينگ سندس جتي تڳائي ويو ته مقام جي لنگهه تي وڃي ڌرڻو ماري ويهي رهيو ته چور ويندو ڪيڏانهن؟ اڳي پوءِ کيس هتي ئي اچڻو آهي. ڏسو ته ڪيئن ٿو جتي موٽايان! وري جڏهن ڪنهن خيرات ۾ کيس ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڏسي ڌڪا ڏيئي لوڌي ٻاهر ڪڍيو ويو ته ڊوڙي وڃي ڀاءُ جا ڌوتل ڪپڙا پائي وري اچي دعوت ۾ شريڪ ٿيو. هاڻي کيس معزز ڄاڻي ٻوڙ پلاءُ پيش ڪيا ويا. ڍاڪون کڻي ٻوڙ پلاءُ پنهنجي ڪپڙن مٿان هاري کين مخاطب ٿي چوندو رهيو ته ”کائو“. هي مهماني آهيئي اوهان لاءِ. مونکي ته ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍيو ويو. هن قسم جي علمي سبق سيکارڻ مان مراد هئي ماڻهن کي ذهن نشين ڪرائڻ ته انسان جي سڃاڻپ ۽ ڪسوٽي ڪپڙا وڳا نه آهن پر پوشاڪ جو پهريندڙ پاڻ آدمي!

وتائي جي لطيفن جو اڪثر مضمون آهي ته اکيون ڪم آڻيو. ڏسي وائسي قدم کڻو. ڄاڻ سڃاڻ رکڻ اشد ضروري هئي. فقط اهڃاڻن ۽ علامتن تي فتويٰ جاري نه ڪيو. هڪ دفعي بک کان بيحال ٿي رستي تي ڪري پيو ۽ مورڇا ٿي ويو. ماڻهو اچي مڙيا. چي وتائي پر لوڪ پڌاريو. مسلمانن چيو ته وتايو واڻيو هيو، ان ڪري سندس ڪريا ڪرم ڪري ۽ چکيا تي چاڙهيو وڃي. هندن هوڏ واري ته ڇا جي ڳالهه! وتايو نه فقط مسلمان ٿيو هيو پر سندس افعال به مسلمانن جهڙا هئا ان ڪري ڪفن ڏيئي مقام ۾ دفن ڪيو وڃي. ماڻهن جي ان ريڙه پيڙه تي وتائي کي سجاڳي ٿي. هڪدم بوڇڻ ڇنڊي اٿي کڙو ٿيو ته هاڻ مرڻ ۾ ڪهڙو فائدو؟ جڏهن ماڻهن کان سڃاڻپ ئي نڪري چڪي هئي.

وري ٻئي دفعي  جڏهن ڪنهن دڪاندار کان الله نالي گدري جي گهر ڪيائين ته کيس هڪ ڦٿل گدرو مليو. وري پئسو ڏيئي گدرا ورتائين ته هڪ بجاءِ کيس ٻه حوالي ڪيا ويا. تازا ۽ مٺا مصري. چي ماڻهن ۾ الله جي ساک به ايتري آهي. هڪ ڪاري پئسي جيتري به نه آهي. کيس ساڳي شڪايت الله کان به هئي. جڏهن ڪنن واريءَ جي موت لاءِ دعا گهريائين ته نتيجي ۾ صبح جو ڏٺائين ته سندس پنهنجي ڳئون مئل پئي هئي. هڪ نابين کي گهرائي کائونس تصديق ڪيائين ته مئل جانور سڱن وارو هيو يا ڪنن وارو. مٿي منهن ڪري چيائين ته دعا ضرور قبول ڪئي ويئي پر مالڪ کي به سڱن ۽ ڪنن واري درميان فرق جي خبر ڪانه پيئي.

جيسين الاهي اسرار جو تعلق آهي، ته هن ڳالهه ۾ ڪو شڪ آهيئي ڪونه،. ته وتائي کي ان وهنوار جي کڙڪ هئي جو درياه جي پرينءَ ڀر هلي رهيوهو. هونئن  ته قدرت پنهنجي ڪاروبار کي ۽ ڪاروباري طريقن کي هميشہ راز ۾ رکندي پئي رهي آهي. چوندا آهن ته حيلي رزق ۽ بهاني موت. قدرت پاڻ تي ڪو الزام يا بهتان ٿورو ئي کڻندي آهي. سندس سمورو نظام لڪ لڪاءُ ۽ ڳجهه ڳوه ۾ پيو هلي. اولياءُ الله جا به هميشہ ڳجهارتن ۾ ڳجهه ڳالهائيندا آيا آهن. صوفي سڳورا به سگهڙن جيان ڏور ۽ سينگار جيئن اشارا پيا ڏيندا ته ”اندر ۾ آهي. ساه جي رڳن کان اوڏو آهي.“ پر صاف اکرن ۾ اهو ڪڏهن ڪونه ٻڌايائون ته ڇا آهي ۽ ڪٿي آهي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته بزرگ ڀلارا به قدرت جي راز فاش ڪرڻ کان ٽارو پئي ڪندا رهيا آهن. جن به ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي تن کي سنگسار ڪيو ويو يا سوليءَ چاڙهيو ويو. ڀٽائي بادشاه به ساڳيو  ئي سبق پئي آلاپيو آهي ته ”مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽي ته واءُ- جي پڌر وڌيءَ ڳالهڙي ته ڇڏي ويندي ساءُ.“ پر وتايو دهل جيان وڄندو رهيو ۽ مام ۾ مثال ڏيندي اهو ڪجهه آکي ويو جو اکين وارن لاءِ عبرت آهي.

راه ويندي پير ۾ ڪنڊو لڳس ته گهل گهوڙا ڪندي آسمان مٿي تي کڻي ڏنائين. ماڻهن پڇا ڪئي ته وتايا ويڌن ڪهڙي اٿيئي: ڄنگهه مٿي کڻي ڏيکاريائين ته ڪنڊو لڳو اٿم. ڪنهن ماڻهوءَ چپٽيءَ سان ڪنڊو ڪڍي کيس فهمائش ڪئي ته درويش ڪجهه پاڻکي هٿ ڪر. هڪ رواجي سنهڙي ڪنڊي لڳڻ تي ايتريون دانهون ۽ ڪوڪون! ڇو ٿو پاڻ تي هروڀرو خلق کلائين؟ وتائي چيو ته اوهان کي آسمان واري جي عادتن جي ڪهڙي خبر؟ جي آءٌ ٿوري گهڻي ايذاءُ تي هاءِ گهوڙا نه ڪريان ته هو اهڙو ڀالو يا بڙڇي بڇي ڇڏيندو جنهن کان جان ڇڏائڻ ئي ناممڪن. پاڻ ڪلام پاڪ ۾ ڄاڻايو ڪونه اٿائين ته آءٌ ڪنهن کي سندس برداشت کان وڌيڪ تڪليف نه رسائيندو آهيان. پوءِ آءٌ صبر اختيار ڪري پاڻ لاءِ خطره ڇو مول کڻان؟

وري جڏهن ڀاءُ چيس ته وتايو مونکي به مسلمان ڪر ته ٻيئي آخرت ۾ ته گڏ هجون، ته رڙ ڪري چيائين ته ڀائي اهڙو ڀٽڪو ڪم متان ڪرين. مسلماني نالي ۾ آساني آهي پر آهي سڀ کان ڏکئي ۾ ڏکيو معاملو. ڪلمون پڙهي مسلمان ته اک ڇنڀ ۾ ٿي ويندين، پر جي پوءِ روزا نمازون تهجدون عمرا حج ۽ زڪوات ۽ قربانيون  شروع ٿين ٿيون ته ڀيڻان تنهنجا ٻيئي جهان چٽ ٿي ويندا ۽ توکي ڀڄڻ لاءِ راه نه ملندي. بهتر ٿيندو ته هاڻ ان ضد کان ٽري وڃ. هان، باقي مرڻ وقت مونکي ڪن ۾ ڪلمون پڙهي ٻڌائجاءِ ته آءٌ آخرت ۾ تو لاءِ شاهدي ڏيندس ته مرڻ وقت مسلمان ٿي مئو هيو. اها خبر فقط ڪن جزوي ماڻهن کي هوندي ته انسان جي دين ايمان جو سمورو دارو مدار آهي ئي آخرين گهڙيءَ تي. آدميءَ جي عبادت ۽ ذڪر فڪر به آهي ئي ان مقصد لاءِ ته جيئن آخرين گهڙيءَ ۾ ايمان تي ثابت قدم رهي.

هڪ دفعي واٽ ويندي ڪنهن کي واعظ ڪندي ٻڌائين الله پاڪ قادر مطلق آهي ۽ سڄو جهان سندس ڏوريءَ ۾ ٻڌل آهي ۽ انسان ويچاري کي اک ڇنڀڻ جو اختيار نه آهي. وتائي رڙ ڪري چيو ته هائو سائين حق جي ڳالهه پيا ڪريو، پر الله اهو اختيار ڪجهه منهجي ماءُ جي حوالي به ڪري ڇڏيو آهي ته مرضي پويس ته ماني پچائي ۽ جي دل چويس ته ڀت رڌي- باقي رزق رسائڻ وارو ته بروبر پاڻ مالڪ آهي. وتائي ان انڌي ايمان جو منهن ٽوڙ جواب ٿي ڏنو جنهن ۾ انسان قسمت تي ڀاڙي مٿي تي ٻيئي هٿ ڌري ويهي رهي ته سندس هٿ وس ڪجهه آهي ئي ڪونه. جي ائين هجي ها ته پوءِ هي حساب ڪتاب ڇا جو هيو ۽ ڀٽائي واري ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ۽ ”ستا اٿي سجاڳ“ ڪو چرچر ڀوڳ ته نه هيو.

ساڳي ريت جڏهن ماءُ کي ماني لاءِ ايلاز ڪيائين ته امان بک لڳي اٿم ماني پچائي ڏي.  ماءُ چيس ته ابا ڪٿان انڱر کڻي آءُ ته آءٌ اٽو ڳوهي ڍوڍو پچائي ڏيانءِ. وتايو رلي واپس موٽيو ته امان باه ڪٿي به ڪانه آهي، هاڻ وڃان ٿو دوزخ مان ٽاندو کڻڻ. جهٽ گهڙيءَ کان پوءِ کلندو گهر موٽي آيو ته امڙ جهنم ۾ باه آهيئي ڪانه. هتي ته مون تي ماڻهو کلندا رهيا ته الله جو دوزخ ۽ باه سان ڪهڙو واسطو. الله پاڪ ڪو نانوائي آهي يا بٺي وارو جو باه جا کورا ٻاري ويٺو ڀڀڙ مچائي. هتي ته هر ڪو ماڻهو پنهنجي اندر جو بغض حسد ۽ نفرت جي باه کنيو اچي ان مچ ۾ سڙندو آهي. باقي الله پاڪ ته ڪنهن لاءِ به تنور گرم ڪيو ڪونه ويٺو آهي.

هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته وتايو عظيم انسانن ۾ هڪ آهي جن کي قدرت ڪنهن خاص مقصد جي پوئواري لاءِ خلقيندي آهي. سوال آهي ته وتايو ڇا ۽ ڪهڙي بلا هو؟ ان سوال جا جواب ته سوين هزارين آهن. جواب به وري جيئرا جاڳندا آهن. يعني ماڻهو هو. وتايو اهو ماڻهو هو جنهن ۾ ماڻهو ڍءُ تي هو. جنهن ۾ سچائي صفائي ۽ ساڃهه هئي.

وڏي ڳالهه ته هو نه پير مرشد هيو نه هادي مهدي ۽ مسيح هيو. نه وري ڪو غوث قطب ۽ قلندر هو. هو هڪ غريب مسڪين الله جو بندو هو، جنهن کي نه هو ڪو ذات پات يا حسب نسب جو ورثو، ۽ نه مال املاڪ يا ڌن دولت جي پونجي سڃي سکڻي هوندي به سدائين کلندو رهندو هيو. کلڻو به اهڙو جنهن تي مالڪ به جي کليو نه هوندو ته مرڪيو يا مشڪيو ضرور هوندو. خاص طور جڏهن وتائي انڌي کي گهرائي تصديق ٿي ڪرائي ته مري ويل جانور ڳئون هئي يا گڏه.

وتايو دنيا جي اهڙن فيلسوف ۽ مفڪر انسانن ۾ هڪ هيو جنهن پنهنجي سموري عمر قدرت جي اسرار پروڙڻ ۽ سندس ڳجهارتن جي تحقيق ۾ سيڙائي، جيئن انسانيت جي اڳتي هلي ذهني سڌار ۽ سنوار ٿي سگهي. اهي بزرگ ولي نه هئا ۽ نه ذاتي طور پنهنجي اوڙي پاڙي ۾ هم وطنين جي ڪا حاج پوري ڪندا رهيا. پر هو سموري ملڪ ۽ مخلوق  لاءِ دعا جو در ضرور هئا. کين شخصي طور ڪي به مقصد ۽ مطلب نه هئا ۽ کين پنهنجي حواسن تي پورو قبضو حاصل هيو. وٽن سوالين ۽ سائلن جي پيهه لڳل هوندي هئي ۽ دنيا جي ڏورانهن حصن جا ماڻهو اچي کائن سبق پرائيندا هئا.

انهن درويشن جي وڏي ۾ وڏي خوبي هئي جو هو توري تڪي ۽ ڏسي وائسي اکر واتان ڪڍندا هئا ۽ کين حقيقت تي ڪک رکڻ  يا ڳالهه کي راز ۾ رکڻ جو علم ۽ آزمودو حاصل هيو. انهن الهڙ ماڻهن کان سچ لڪائڻ ضروري هيو جي رچي راس نه ٿيا هئا ۽ اڃان اڦر ڪنواٺ هئا. هونئن به ان زماني ۾ تمام ٿورڙا ماڻهو هئا جن کي علم سکڻ جي لوچ هئي يا لياقت هئي. شايد اهوئي سبب هجي جو قديم زماني ۾ راز جي ڳاليهن کي تصويرن ۽ علامتن ۾ لڪايو ٿي ويو ته جيئن اهي اسرار غلط ۽ اوڦٽو ماڻهن جي هٿن ۾ اچي نه سگهن. پراڻي زمانه جا ويد شاستري ۽ گرنٿ به ڏٺا ويندا ته اڪثر تر جانورن ۽ پکين جي قصن ڪهاڻين سان ڀرپور آهن. پر ساڳئي وقت انهن آکاڻين پٺيان ڏاهپ جا نڪتا سمايل آهن. ساڳي ريت انجيل تورات يا ڪلام پاڪ ۾ پيغمبرن جا قصا بيان ڪيل آهن، جيئن عيسيٰ ۽ موسيٰ عليہ السلام جا. معلوم ائين ٿو ٿئي ته سچ ڳالهائڻ جو قديمي دستور هي هيو ته ڳالهه کي رمز يا مام ۾ بيان ڪيو وڃي يا اشارن ۽ اهڃاڻن ۾، يا وري قصي کي عملي مثال طور پيش ڪيو وڃي. تاريخ شاهد آهي ته اهڙي طريقي هنن پنهنجو مقصد به سڌ ڪيو ۽ سندن سيکاريل سبق ۽ ساک به صدين کان واتي ويڻي هلندي اچي ۽ اڄ به آهي.

 ____________

 

 جي کٽو هجين، ته هت صحيح ڏي!

 هڪ ڏينهن وتائي فقير جي گهر ۾ اَن کپي ويو. ماڻس چيو ته ابا، اڄ اَن خير ڪو آهي. فقير يڪدم اٿيو. سڌو مسجد ڏانهن هليو ويو. اتي وڃي منبر تي چڙهي، پنو ۽ مس قلم کڻي رب پاڪ کي چيائين ته: جي کٽو هجي ته هت صحيح ڏي.

اوچتو مسجد جي در کان فقير کي سڏ ٿيو. ڏسي ته هڪ ماڻهو گڏهه تي ان جي ڳوڻ کنيو بيٺو آهي. فقير کي چيائين ته هيءَ تنهنجي لاءِ آندي اٿم. وتائي کلي چيو ته: ”يار، صحيح نيٺ ڪانه ڏنئي، باقي اَن موڪليئي!“

(وتايو فقير)


 

سراج الحق ميمڻ

 وتايو ۽ سنڌي ادب

قومن جي تاريخ ۾، اڪثر اهڙا مرحلا ايندا آهن، جڏهن هڪ پاسي سچ ۽ سچائي هوندي آهي، ۽ ٻئي پاسي ڪوڙ ۽ دولاب. ان ٻه-واٽي تي جيڪڏهن ڪو گوتم، ڪو شاه لطيف، ڪو وتايو فقير گڏجي وين ته پوءِ ٻه ٽي صديون سچ ۽ سچائيءَ جي سهاري زنده رهڻ جو موقعو حاصل ڪري وٺنديون. نه ته غلامي، گمراهي، ڪوڙ ۽ دولاب جي اهڙي کاهيءَ ۾ غرق ٿينديون آهن جو ٻين قومن لاءِ عبرت جو سامان مهيا ڪنديون آهن. اسين، سنڌي قوم، ڳچ وقت کان وري انهيءَ ٻه-واٽي تي آهيون. اسان کي وري ڪنهن لطيف، ڪنهن وتائي فقير جي گهرج آهي، جيڪو اسان سان سچ ڳالهائي، اسان کي سچيون  ڳالهيون ٻڌائي ۽ اسان کان سچيون ڪرائي. جيسين اسان پنهنجي پاڻ سان سچ نه ڳالهايو، تيسين اسان جو قومي وجود ڪوڙ جو مانداڻ بڻجي ڊهڻ لڳندو، ۽ اسين ٻين لاءِ عبرت جو سامان بڻجي وينداسون.

وتايو، (ان کي ”ط“ سان ”وطايو“ لکي مسلمان ڪرڻ سان به ڪو فرق نه ٿو پوي، نه ئي هن کي هندو سڏي، کيس ڪفر جو لقب ڏيڻ سان ڪو فرق پوندو) سنڌ جي هڪ اهڙي علامت آهي، جنهن جي ”هجڻ“ ۽ ”نه هجڻ“ جي وچ واري برزخ جي وٿي به اسان کي پياري آهي، ۽ اسان کي هنئين سان هنڍائڻ گهرجي، ان ”هجڻ“ سان وتايو سنڌ جو سقراط آهي، ۽ ”نه هجڻ“ سان هو محمد فقير مسخري جو ڪو ساٿياري آهي. ٻنهي صورت ۾ سنڌي تهذيب جي اجتماعي فڪر جو نمائندو آهي: ڏاهپ ڏي ته به واهه واهه، جي اسان کي کلائي، نادر شاه جي مارشل لا کي ٽهڪ ڏيئي لنوائڻ ۾ مدد ڏي، تڏهن به واهه واهه! اهو اجتماعي فڪر، اڄ به اسان جي اوطاقن ۾، اسان جي مرحوم ٻيڙي فقير جي پائي جي سگهڙن جي طفيل زنده سلامت آهي. سنڌ جي مجلسي زندگي جا اهي مور، اسان جي ٻوليءَ کي زندهه رکڻ سان گڏ، اسان جي تاريخ جي سچائين کي اسان لاءِ محفوظ رکندا اچن. ان معنيٰ ۾ وتايو، اسان جي ان اجتماعي ۽ عوامي ڏاهپ جو اهڃاڻ آهي، جيڪو سلسليوار پنجن هزارن سالن تائين اسان کي جيئڻ جي سگهه ۽ جيئري رهي سگهڻ جو ڏانءُ سيکاريندو رهيو آهي. ان جو صاف سڌو سبب اهو آهي ته وتائي اسان کي پاڻ تي کلڻ، ڪوڙ ۽ دولاپ کي ننگو اگهاڙو ڪري ان تي کلڻ، ۽ سچا ٽهڪ ڏيڻ جي ترغيب ڏني آهي. اچو ته ڪجهه ان کلڻ، کلائڻ جي ”ٽيڪنيڪي پهلوءَ“ تي به نظر وجهون.

ٻولي ۽ ان جا لفظ جڏهن صدين جا احساس پاڻ ۾ سمائين ٿا، تڏهن انهن جو اڀياس به ڏاڍو دلچسپ ٿئي ٿو. وتائي فقير جا نقل عام طرح ”چرچا“ سڏيا وڃن ٿا، جيڪو هڪ غلط لفظ آهي. اصل ۾ ان لاءِ صحيح لفظ، جيڪو اسان جا وڏڙا ۽ عالم استعمال ڪندا هئا، سو آهي ”ڀوڳ“. ڪنهن سان ”چرچو ڪرڻ“ ۽ ”ڀوڳ ڪرڻ“ ۾ جيڪو فرق آهي، سو ذهن تي ٿوروئي زور ڏيڻ سان سمجهه ۾ اچي ويندو. ”ڀوڳ ڪرڻ“ ۾ چرچي جو خسيسپڻو نه آهي. چرچو ڌارين سان ڪبو آهي، ڀوڳ پنهنجن سان ڪبو آهي. چرچي ۾ محض ٽرڪ هوندي آهي، ڀوڳ ۾ ترتيب ۽ ڏاهپ هوندي آهي. اسان جا ڏهس ڏٺ، ڳجهارتون ۽ ڏور ڀوڳ جي صنف جا حصا آهن، ان ڪري ڀوڳ هڪ ادبي ۽ علمي سطح جو فڪر انگيز لفظ آهي. ان ۾ معنائون آهن، جيڪي اوهين ڪنهن به لغت ۾ ڏسي سگهو ٿا.

”ڀوڳ“ لفظ، مذاق جي معنيٰ کان سواءِ برداشت جي معنيٰ به رکي ٿو. جيئن پيڙا ڀوڳڻ. ڀوڳ سنڌي طب جو به لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي جسماني ڪيفيت، انگريزيءَ ۾ ان لاءِ لفظ آهي ”Humour“. اهو لفظ انگريزي ۾ لئٽن جي Humor مان آيو، جنهن جي معنيٰ آهي جسماني رطوبت. پراڻي يوناني ۽ لاطيني طب ۾ انساني جسم ۾ چار Humours يا اسان جي سنڌي طب مطابق چار ڀوڳ يا پاڻيٺيون هيون، جن ۾ توازن رهڻ سان ئي انساني جسم، ۽ ان کان به اڳتي انساني شخصيت صحتمند رهي ٿي. ان ئي معنيٰ ۾ لئٽن کان يورپي ٻولين ۾ لفظ Humour ادبي لفظ بڻيو، بلڪل ائين جيئن اسان جو لفظ ڀوڳ، طب کان ادب ۽ سماجي سطح جو ڀوڳ بڻيو آهي. اهو عين ممڪن آهي ته تهذيبن جي قديم ڏي وٺ جي ڪري اهي ٻئي لفظ ”Humour“ ۽ ”ڀوڳ“ سماجي سطح تي هڪ ٻئي جو ترجمو ٿي آيا. اڄ يورپي زبانن ۾ Humour ادب جو هڪ بنيادي ستون آهي. انگريزيءَ ۾ شيڪسپيئر کان وٺي ڊڪنس جي پڪ وڪ پيپرس (Pikwick Papers) تائين ۽ جديد زماني جي برنارڊشا، مارڪ ٽوئين ۽ آرٽ بڪوالڊ (Art Buckwald) تائين سوين اديب هن فن جا ماهر مڃيا وڃن ٿا. يورپي زبانن ۾ والٽيئر (فرانس)، سروانتي (اسپين)، رخٽر (جرمني) ۽ ٻين ڪيترن جا مثال ڏيئي سگهجن ٿا، جن ڀوڳ (Humour) کي ادب جي اعليٰ ترين سطح تي پهچايو.

اسان وٽ به سنڌي ادب جي اهڃاڻن کي جيڪڏهن صحيح ۽ سائنسي بنيادن تي ڇنڊجي ڇاڻجي، ته هڪ ڏاڍو دلچسپ ۽ سلسليوار ڀوڳ جي صنف جو ادبي مواد ملي ٿو، جيڪو مختلف ڪتابن ۾، تذڪرن ۾، بياضن ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ وڳنڌ ۽ ٻين فقيرن بابت ڪلام جو ئي مثال وٺو ته اوهان کي ان جو سواد محسوس ٿيندو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي سوين سگهڙن جي گفتن ۾ اوهان کي وڏو مواد ملندو. حديقة الاولياء ۾ مرحوم حسام الدين گرهوڙي صاحب متعلق  هڪ روايت ڏني آهي ته هڪ دفعي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي نماز جي تڪبير هن طرح چئي:

مارئي نه ڄائي، ته  مارو پون ها  نه مامري!

 

الله اڪبر

رڳو ان هڪڙي مثال کي ئي وٺو ته ڏاهپ ۽ لطافت جو هڪ عجيب سمنڊ ڇوليون هڻندو ٿو نظر اچي.

ان پس منظر ۾ جيڪڏهن وتائي فقير جو اڀياس ڪريو ته اوهان کي سنڌ جي عوامي ڏاهپ جو اکٽ خزانو ڀوڳ واري ادب جي صورت ۾ ملندو. يوناني، لئٽن، انگريزي يا فرانسيسي ۽ ٻئي يورپي ادب جا جيڪي ترجما جو وينال کان سروانتي تائين پڙهجن ٿا، تڏهن به ڏاهپ، لطافت ۽ طنزيه  ادب جو اهڙو شاهڪار نه ملندو، جهڙو وتائي ۽ ڳئون ۽ گڏهه واري نقل ۾ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان نقل ۾ واتائي کي ”ط“ سان ”وطايو“ لکي، ان ۾ ڪي همراه روحاني راز ويهي ٿا پروڙين، پر اها ڳالهه ته اهڙا يار به مڃيندا ته ان ۾ عوامي معنيٰ، عوام جي تربيت، ۽ ڏاهپ جو هڪ اعليٰ مثال ڀوڳ ئي ڀوڳ ۾ اسان کي ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.

ان ڪري جيڪڏهن اسان کي زندگيءَ جي سچ ۽ ڪوڙ جي ٻه-واٽي تي ڪنهن ڏاهي جي، اهميت جو احساس آهي ته پوءِ وتائي فقير کي اها اهميت ڏيڻي پوندي، جيڪا هن کي عام مجلسن ۽ ڪچهرين ۾، سنڌ جي مجلسي زندگي جي پس منظر ۾ آهي. پورهيتن، ڪمين ڪاسبين ۽ هٿ هنر وارن عام ماڻهن لاءِ ڏاهپ جا موتي ورهائيندڙ هي اسان جو يار صدين تائين اسان کي زندگيءَ تي ٽهڪ ڏيڻ سان گڏ زندگي جو اصل درد به سيکاريندو رهندو.

-------------

 

 

ماريو ته اِن تڪڙ آهي

هڪ سال ڪنهن ڪڙميءَ کي وتائي فقير تي ڪهل آئي. کيس پاڻ سان ڪڙمت ۾ ڀائيوار ڪيو ۽ کيس جهنگ وڍڻ لاءِ ساڻ ٻنيءَ تي وٺي ويو. پهر کن کان پوءِ ڪڙميءَ وتائي کي چيو ته آءٌ واڍي ٿو ڪريان، تون وڃي ٽانڊو کڻي آءُ ته جهنگ ساڙيون. وتايو ٺوٻر کڻي وڃڻ کي ويو ته وري موٽيوئي ڪونه. هاريءَ لاچار ٿي اڪيلي سر هر ڏيئي سانهر گهمائي ۽ ٻج ڇٽي ريج ڏنو. آخر پوک پڪي ته لابارو ڪري، ڳاهه ۽ وائر ڪري ٻار اڇي ڪيائين. جڏهن بٽئي ٿيڻ جو وارو آيو ته وتايو ٺڪر ۾ ٽانڊو کڻي ڊوڙندو آيو ۽ کري تي اچڻ مهل ٿاٻڙجي ڪري پيو. هاري پڇيس ته ڀائو هيترا ڏينهن ڪٿي گم هئين جو هاڻ ڀاڄ ۾ ايندي ٻوٿ ڀر ڪريو آهين؟ وتائي چيو ته ادا انهيءَ تڙ تڪڙ ته مون کي ماريو آهي.

(وتايو فقير)

 


 

ڊاڪٽر سليمان شيخ

 وتايو فقير- سماج سڌارڪ جي حيثيت ۾

ڪروڙين سالن کان انسان هن ڌرتيءَ تي موجود آهي. هن طويل تاريخي ۽ قبل تاريخ عرصي ۾ الائي ڪيترا انسان آيا ۽ شيڪپيئر جي چواڻي پنهنجو ڪردار ادا ڪري هن اسٽيج تان هليا ويا. عام طور ڪنهن کي هڪ صدي اڳ پنهنجي خاندان جي فرد متعلق به ڄاڻ ڪانهي، پر ڪي اهڙا ڀاڳوان انسان به پيدا ٿيا آهن جن کي قدرت دوام ڏيئي ڇڏيو آهي، جيڪو هر دور ۾ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا.

اسان جي سنڌي معاشري ۾ شاه لطيف کان پوءِ ڪنهن انسان کي عوامي سطح تي مڃتا ملي آهي ته اهو وتايو فقير آهي، جنهن جا نقل ۽ دانائيءَ جا گفتا هر خاص و عام جي زبان تي ملن ٿا ۽ هر هڪ لطيف جي بيتن وانگر انهن نقلن جا روحاني راز ڳولڻ ۾ لڳو پيو آهي.

محققن اڃا اهو قطعي فيصلو ئي نه ڪيو آهي ته ”وتايو“ فقير آهي  يا ”وطايہ“ آهي. هي بزرگ مسلمان هو يا هندو؟ ڪهڙي دور ۾ موجود هو؟ اهڙا ڪيئن سوال اسان کي علمي ۽ تحقيقي ادارن ۽ دانشورن تي ڇڏڻ گهرجن. سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا هن بزرگ کي مقبول بنائي سگهي آهي، اها آهي سندس کل ڀوڳ واري عادت.

هن ڏکويل دنيا ۾ جتي هر ڪو پنهنجي پنهنجي مسئلن ۽ مونجهارن ۾ مبتلا آهي، اتي ڪنهن کي پئي آهي ته ويهي ڪنهن جا ڳوڙها اُگهي، ڪنهن کي کلائي، سندس گوندر گم ڪري. هر دور ۾ ڪي اهل دل هوندا آهن جيڪي پنهنجن ڏکن، نراساين ۽ ناڪامين کي مزاح جي پردي ۾ ڍڪي عام کي خوشين جا خزانا عنايت ڪندا آهن. وتائي فقير جي نقلن مان به ائين ٿو لڳي ته هي درويش انسان هر ماڻهوءَ جي زخم کي ته چيٺڻ ڄي حيثيت ۾ نه هو، پر هر هڪ لاءِ هڪ اهڙو خزانو ڇڏي ويو آهي، جيڪو کيس ڪٺن حياتي گهارڻ لاءِ ڪو وسيلو بنجي سگهي.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڀيري فقير ڪنهن دعوت ۾ ويو. دروازي تي بيٺلن فقير جي لباس ۽ حال کي ڏسي ڌڪي پري ڪري ڇڏيو. فقير واپس موٽي ويو ۽ ڪنهن سڄڻ کان ڪپڙا اڌارا وٺي (شايد ان زماني ۾ ڪپڙا مسواڙ تي وٺڻ جو رواج نه پيو هو.) پاڻ کي سنواري اچي ساڳيءَ جاءِ تي پهتو ته سندس عاليشان استقبال ٿيو. جڏهن کيس ماني کائڻ لاءِ چيو ويو ته هن ڀت پنهنجي ڪپڙن تي هارڻ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ جو اها عزت ۽ دعوت ته صرف ڪپڙن کي ملي هئي، نه ان شخصيت کي! هي تمام عام نقل آهي جيڪو هر عام و خاص ٻڌو هوندو، ان تي جيڪڏهن غور ڪجي ته جديد زندگيءَ جا ڪئين سبق اسان کي ملي ويندا.

اڄ جي دور ۾ انسان پنهنجي شخصيت، پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ سان نه ٿو ٺاهي، پر دولت، اقتدار ۽ ٻاهرين ٺاهه ٺوهه سان ٿو سنواري. نتيجي طور انسان کي ڪوبه انسان تصور ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي.

اهڙا ڪيترا مثال اسان جي آڏو آهن جڏهن ڪيترا ئي دانشور، اهل علم ۽ اهل دل ظاهري ٺاهه ٺوهه کان پري رهي سڃاتا به ڪونه ٿا وڃن. سندن ڏات جو قدر زندگيءَ ۾ ڇڏيو، پر مرڻ کان پوءِ به نه ٿو ٿئي. ان مثال تي وتايو فقير پاڻ به پورو اچي ٿو، جنهن کي ٻن صدين کان پوءِ وري ٻاٽ اونداهي سبب وسيلي طور منظر عام تي آڻڻ جون ڪوششون پيون ڪيون وڃن، نه ته هن فقير منش مسڪين کي ڪنهن به ڪونه ياد ڪيو. جيڪڏهن اڄ به اسان ڪپڙن کي ڇڏي ان جي پهريندڙ کي سڃاڻون ته شايد هي قحط رجاليءَ جو دور هوند ختم ٿي پوي.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڀيري وتايو فقير بازار مان اچي لنگهيو. هڪڙي گهورڙئي گدا پئي وڪيا. وتائي فقير هٿ وڌائي گدرن واري کي صدا هنئي ته الله جي نالي گدرو ڏي. گهورڙئي گدرن جي ڍڳ مان ڳولي ڳولي هڪ ڦٿل گدرو کنيو ۽ فقير جي جهوليءَ ۾ وڌو. ٿوريءَ ساعت کان پوءِ فقير چند سڪا ڪڍي گهورڙئي کي ڏنا ته انهن جو گدرو ڏئي ۽ ظاهر آهي ته گهورڙئي تمام ٺاهوڪو گدرو ڳولي فقير جي حوالي ڪيو.

فقير ٻئي گدرا هٿ ۾ کڻي الله سائينءَ کي گذارش ڪئي ته: ڏس ته تنهنجي نانءَ جو ڀرم ڇا بچيو آهي؟ هن نقل مان هڪ سماجي پهلو اجاگر ٿئي ٿو. خيرات، زڪوات ۽ صدقي جو مقصد ٻئي ڪنهن ضرورت مند، حاجتمند يا لاوارث انسان جي مدد آهي، اها مدد اهڙي هئڻ گهرجي جيڪا سائل جي زندگيءَ گهارڻ لاءِ ڪجهه اهميت واري هجي.

اسان جي موجوده روايت ۾ به فقير ۽ سائل لاءِ صرف اها شيء هوندي آهي جيڪا هوند ڪير به استعمال نه ڪري، اهڙي خيرات جو ڪوبه مصرف ڪونهي. ان کان پوءِ بهتر آهي ته ڪجهه به نه ڏجي. ٻيو اڄ جو عام فيشن وري ان خيرات جي تشهير آهي. اڄڪلهه اهو رواج آهي ته پنهنجي فرض نڀائڻ واري عمل جي به تشهير ڪري اسان سرخروئي حاصل ڪرڻ پويان آهيون. وتائي فقير جي نقلن ۾ نمايان طور دولت ۽ شهرت کان نفرت، ماءُ سان بيحد محبت ۽ الله تي توڪل جا سبق ملن ٿا. اڄ به اسان کي انهن وٿن جي سخت ضروري آهي.

اسان جي معاشرتي پستي، انساني قدرن جو فقدان، ذهني پريشانين ۽ ڪوڙن ويساهن جو بنياد دولت پرستيءَ جي لغت آهي. دولت سبب ماڻهو رات رات معتبر ٿيو وڃي ۽ پنهنجي غريب عزيزن کي پنهنجو عزيز تصور ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿو رهي. ان صورتحال سبب هر هڪ فرد جو زندگي گهارڻ جو واحد مقصد صرف دولت گڏ ڪرڻ ۽ ان جي وسيلي ٺٺ ڪرڻ ئي بنجي پيو آهي. ان خطرناڪ راند اسان جي معاشري کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ مان ساڃاهه نڪري وئي آهي ۽ اسان پنهنجي پاڙيسري جو محل ڏسي پنهنجو جهڳو جهڻ ڪرڻ پويان آهيون.

لطيف سائين چيو آهي ته:

متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين

تو جا ڀانئين آڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا

 پر موجود وقت جي حالتن تي غور ٿو ڪجي ته ڪوبه ان حقيقت تي ڌيان نه ٿو ڏئي، پر ٿوري وقت ۾ گهڻي ڌن کي ريڙهڻ جي پويان لڳو وتي.

هتي هن دنيا ۾ جتي انسان چند ساعتن لاءِ آيو آهي، ان مختصر حيات کي سڦل ڪرڻ بدران اسان ان کي بي سود مشين بڻائي ڇڏيو آهي. هي سڀ سازًو سامان، هي ٺٺ ۽ ڪرسيون، سڀ هتي ئي رهجي ويندا ۽ باقي:

”دلبر ! هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس“

اچو ته ان واس کي ڦهلايو، جيڪو سچ آهي، جيڪو سدا رهڻو آهي ۽ جنهن به سهارو ورتو، اهو امر بنجي ويو. لطيف کان استاد بخاريءَ تائين ۽ وتائي کان علي احمد بروهيءَ تائين هر سچو انسان سدا جيئندو. اهڙن ئي امر ماڻهن لاءِ لطيف سائين چيو ته:

 

”مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جئا“

--------------

 

 

وتائي وارو اڳ وٺڻ

هڪ ڏينهن ماڻهن کي هي ڏسي حيرت ٿي ته صبح سويل کان وتايو مقام جي لنگهه تي ڌرڻو ماري ويٺو رهيو ۽ مقام ڏانهن ايندڙ هر جنازه جي پڇا ڳاڇا ٿي ڪيائين. ڪن ماڻهن کانئس پڇيو ته وتايا خير ته آهي اڄ فجر کان مقام جو در ورتو اٿيئي؟ وراڻي ڏنائين ته رات ڪو شاهينگ جتي تڳائي ويو آهي ۽ آءٌ چور جي ”اڳ وٺڻ“ لاءِ هت ويٺو آهيان. اڳي پوءِ هت ضرور اچڻو آهي. ويندو ڪٿي؟

(وتايوفقير)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org