سيڪشن: ادب

ڪتاب: مولويءَ احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيسن

باب:

صفحو:7 

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس قَلَب/ تقليب‘ جو جائزو

(A Study of Metathesis homogeneity in Molvi Ahmed’s Poetry)

جڏهن علم عَروض جي روشنيءَ ۾ صنايع بدايع جي دائري اندر مولوي احمد ملاح جي شاعري ڏسون ٿا ته کوڙ سارا زاويا ظاهر ٿين ٿا. ٿيڻ ائين کپي ته جيئن مولوي صاحب پنھنجي غور و خوض سان تجنيسون يا صنعتون ڪم آنديون هونديون ته ائين ئي انهن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مخصوص تجنيسن ۽ صنعتن جي دائري جو اڀياس ڪيو وڃي ۽ ان جي دائري اندر مولوي صاحب جي شاعريءَ جا زاويا پسجن. بياني مضمون ته ڪافي لکيا ويا، لفاظي تعريف تي ته گهڻو ئي لفظي پٽاڙ ڪئي وئي، زندگيءَ جا گوشا به تاريخي لحاظ کان بيان ڪيا ويا، شخصيت جو خاڪو به واه جو چٽيو ويو، پر جيڪو علمي پاسو رهيو ان تي توجه نه رهيو. ٿيڻ ائين کپندو هيو ته مولوي صاحب جي شاعريءَ کي مناسب علمي دائرن هيٺ، اڀياس ۾ آڻي، حاصل مطلب طور مخصوص دائرن جا معيار (Standards) آڏو آندا وڃن ها ته جيئن عام کي علمي اڀياس جا معيار حاصل رهن. مان بنيادي طور لسانيات جي ڪڙي ۾ رهيو آهيان، ان ڪارڻ منھنجي ڪم جو معيار ايڏو سگهارو نه رهندو، جيترو تحقيقي بنيادن تي ڪو محدود رهي ڪري، مولوي صاحب تي ڪم ڪري! ريسرچ اهڙن معاملن تي ٿيندي آهي، پر اسان وٽ رواجي طور شخصيت پرستيءَ جي دائري ۾ رهي ڪري، ريسرچ ڪئي وئي آهي، جيڪا ريسرچ جي دائري ۾ اچڻ نه گهرجي، پر اسان جا ڪافي دوست سوانحي  (Biographical) ۽ تاريخي (Historical) موضوعن تي ڪتاب لکي، ڊگرين وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. منھنجي اها ذاتي راءِ هوندي آهي ته ڪنھن به شخصيت جي دائري ۾ ئي کڻي، ليڪن تحقيق ۾ موضوع جي چونڊ اهڙي ڪئي وڃي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪي علمي معيار (Standards) ۽ ماپا جڙن ۽ ان جو اهڙو ڪارج هجي، جيڪو سماجي طور فائديمند ثابت ٿئي.

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ لفظن جي اهڙي رنگيني آهي جو جنھن جا رنگ محسوس ڪرڻ لاءِ به ڪي معيار جاچڻا پوندا، ڪي معيار جوڙڻا پوندا، ڪي معيار بيان ڪرڻا پوندا. ان حوالي سان مون اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي ته جيئن اسان مان وري ڪو نوجوان محقق اٿي پوي ۽ لاڙ جي لال ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هن ڪھنه مشق شاعر جي ڪم کي ڪن پيراميٽرن هيٺ جاچڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ڪن پيراميٽرن جي دائري لاءِ ڪي معيار جوڙي ته جيئن اهڙو ڪم ٻين شاعرن تي به ٿي سگهي.

صنايع بدايع هڪ پيچيدو علم آهي ۽ ان جا منجهيل پيراميٽر ٿين ٿا. هتي مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس قَلب/ تقليب‘ مقصود آهي. هن تجنيس ۾ لفظن جي اهڙي راند رچائي ويندي آهي، جنھن ۾ لفظن کي ڀيٽ جي بنياد تي، الٽ پلٽ بڻائي، استعمال ڪيو ويندو آهي. مثال طور: ’درد‘ جي اکرن کي پويان وٺبو ته به ’درد‘ ئي بڻجندو؛ ’جنگ‘ کي ابتو ڪبو ته ’گنج‘ ٿيندو؛ ’شير‘ کي ابتو ڪبو ته ’ريش‘ بڻبو. اهو ته ٿيو مڪمل طور تي لفظ کي ابتو ڪرڻ، ليڪن ڪن لفظن ۾ وري هڪ يا ٻه اکر الٽ پلٽ ڪبا آهن، جيئن: ’رقيب‘ مان ’قريب‘. ظاهر آهي ته اهڙي ٽيڪنڪ کي جاچڻ لاءِ ڪي معيار هجن.

سنڌي ٻوليءَ جي عوامي ٻوليءَ ۾ ڪي لفظ، آوازن/ اکرن جي الٽ پلٽ سان به ڪم ايندا آهن، جيئن: ’بندوق، جانور، پنجو ۽ همراه‘ لفظن لاءِ عوامي ٻوليءَ ۾ ’دنبوق، جناور، چنبو ۽ هرماه‘ به ڪم آندو ويندو آهي. ائين ئي ’قفل‘ مان ’قلف/ ڪرف‘، ’حسد‘ مان ’حدس‘ وغيره جا اچار پڻ ڪم آندا ويندا آهن. لسانيات جي روشنيءَ ۾ ڳالهايل ٻوليءَ جي اهڙي اچار کي غلط قرار نه ڏئي سگهبو آهي، بلڪ اهڙن معاملن جو هڪ مخصوص پيراميٽر هيٺ اڀياس ڪيو ويندو آهي. ٻوليءَ ۾ لفظن جي آوازن جي اهڙي الٽ پلٽ ڪرڻ کي لسانيات جي اصطلاح ۾ قلَب/ تقليب (Metathesis) ڪوٺيو ويندو آهي. هتي شاعريءَ جو معاملو ڪجهه الڳ ٿلڳ آهي، يعني هتي شعرن ۾ اهڙا همجنس لفظ قلب/ تقليب جي نسبت رکيا ويندا آهن، جيڪي مستعمل معنى ۾ ڪم ايندا هجن، جيئن:  تاريخ- خيرات (يعني ’ت- ا- ر- ي- خ‘ کي بلڪل ابتو ڪبو ته ’خ- ي- ر- ا- ت‘ ٿي بيھندو.)

مرزا قليچ بيگ ’تجنيس قلب‘ جا چار قسم آهن:

1.      مقلوب ڪُل (ان موجب لفظ مڪمل طور ابتو ٿيندو آهي، جيئن: جنگ- گنج)

2.     مقلوب بعض (ان موجب لفظ ۾ هڪ اکر جي الٽ پلٽ رهندي آهي، جيئن: محروم- مرحوم)

3.     مقلوب مجنح (ان موجب شعر جي منڍ وارو لفظ ۽ پڇاڙيءَ وارو لفظ هڪٻئي ۾ مقلوب هوندا آهن، جيئن: راڳ کي قوت روح جو چيو ٿن، روح پنھنجو نه راڳ ڌارا ڳار.)

(ڪتاب ۾ پروف جي غلطيءَ سبب ’مجنخ‘ ڄاڻايل آهي، جيڪا اڳتي وارن ڇاپن ۾ درستي ٿيڻ گهرجي.)

4.     مقلوب مستوي (ان موجب ساري مصرع يا شعر ابتو سبتو پڙهي سگهجي، جيئن: (درس مرگ آيو ادا ويا گرم سرد، درد ۾ ايندو جهجهو دنيا ۾ درد.) (قليچ، 2016: 103- 104)

مرزا صاحب ان تجنيس کي صنعت مقلوب ڪوٺيندي لکي ٿو : ”هن کي ’نقليب‘ ۽ ’تجنيس قلب‘ به ٿا چون. لفظي معنى آبتو يا اُبتو ڪرڻ ۽ اصطلاحي معنى موجب اهي لفظ جي اُبتا ۽ سبتا هڪجھڙا هجن ۽ هڪجھڙا پڙهي سگهجن.“ (قليچ، 2016: 103)

(پروف جي دهرايل غلطي- اصل لفظ ’تقليب‘ آهي)

شيخ محمد ابراهيم خليل هن ٽيڪنڪ کي صنعت ڪوٺي ٿو. شيخ صاحب لکي ٿو: ”صنعت قلب: جنھن ۾ ٻنهي لفظن جي حرفن جي ترتيب هڪٻئي جو عڪس هوندو آهي، هن جا گهڻا قسم هوندا آهن:

(الف) مقلوب ڪل: يعني ڪلمي جا حرف علي الترتيب منعڪس هجن.

’ڪونه اقبال جو ڪري ڪو فخر، قلب اقبال لابقا آهي.‘ اقبال ۽ لابقا ۾ مقلوب ڪل آهي.

(ب)    مقلوب بعض: يعني ڪملي جا حرف بي ترتيب قلب هجن.

’لامڪان تي رسي پڙهي جيڪو، آهه ڪامل عجب ڪلام علي.‘ ڪامل ۽ ڪلام ۾ مقلوب بعض آهي.

(ج)    مقلوب مستوي: جنھن ۾ لفظ يا جملا يا مصرع يا شعر مقلوب ڪرڻ سان ساڳيو لفظ يا جملا يا مصرع يا شعر حاصل ٿيندو.

’دلدار دلارام جي تن من ۾ اٿم تات، ان تات سوا مون کي اچي ڪين ڪي ٻي تات.‘ تات کي مقلوب ڪرڻ سان ساڳيا لفظ ٺھندا.“ (خليل، 1983: 56- 57)

مرزا قليچ ۽ شيخ خليل، تجنيس قلب کي صنعت مقلوب/ قلب ڪوٺين ٿا. جڏهن ته مرزا قليچ ان کي تجنيس قلب سڏجڻ جو پڻ اشارو ڏنو آهي. ان کان علاوه ٻنهي عالمن جي ڄاڻايل قسمن ۽ مثالن ۾ به فرق بيھي ٿو. اتي هيٺيان سوال اڀرن ٿا:

·       اڀياس جا سوال

s تجنيس قلب/ مقلوب جي مراد ڇا آهي؟

s ڇا صنايع بدايع جي ان اصطلاح کي تجنيس ڪوٺجي يا صنعت تصور ڪجي؟

s تجنيس قلب/  مقلوب جا ڪيترا قسم ممڪن آهن؟

·       اڀياس جو عمل

تجنيس قلب/ تقليب جو اشتقاق هيٺين ريت بيھي ٿو:

تجنيس قَلَب/ تقليب: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + قَلَب (قَلَبَ = هن اٿلايو پٿلايو) ابتو ڪرڻ- موٽائڻ- دل تي هڻڻ] تقليب- ’قَلَبَ‘ مادي مان، تفعيل جي وزن تي مصدر آهي. جڏهن ته ’مقلوب‘، ’مفعول‘ جي وزن تي آهي، جنھن جي مراد ’الٽ پلٽ ڪيل‘ آهي. صنايع بدايع موجب، اهڙو شعر جنھن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظن جي الٽ پلٽ ٿيل هجي، جيئن: رقيب- قريب وغيره.

صنايع بدايع پٽاندر، ان حرفت کي لفظن جي ڀيٽ واري صورت ۾ تجنيس قلب/ تقليب/ مقلوب ڪوٺيو ويندو آهي. جيڪڏهن اهڙا لفظ ڪم آندا وڃن جيڪي الٽ پلٽ سان به ساڳيا بيھن ۽ انهن جو لفظي بيھڪ ۾ همجنس هجڻ واري ڪا ڀيٽ نه هجي ته صنعت ڪوٺيو ويندو آهي، جيئن:

سؤ لَکين سھڻا ڏٺم، پر سونهن تنھنجي سَرس سرس،

در منجهان درسن پسڻ سان، دربدر هر درس درس.

(ڪليات 2: 286)

’سرس‘ ٻه دفعا آيو آهي، جنھن کي ابتو ڪبو ته به ساڳيو لفظ بيھندو. ان جي ڀيٽ ڪنھن ٻئي همجنس لفظ سان ڪونهي، ان سبب ان حرفت کي ’قلب/ مقلوب/ تقليب‘ ته ضرور چئبو، ليڪن تجنيس جي دائري ۾ نه، بلڪ صنعت جي دائري ۾ آڻبو.

·       لسانيات ۽ صنايع بدايع جي روشنيءَ ۾ اصطلاح ’قلب/ تقليب‘ جو فرق

ياد رهي ته لسانيات ۽ صنايع بدايع موجب ’تقليب‘ جو اصطلاح الڳ رخ وٺي ٿو. سماجي ٻوليءَ ۾ ’تقليب‘ جو اصطلاح تڏهن ڪم اچي ٿو، جڏهن ساڳئي لفظ جو اچار بگڙجي ٿو. يعني اچار بگڙجڻ سان معنى ۽ مراد ۾ فرق نه ٿو اچي، جيئن: ’هي هرماهه منھنجو دوست آهي‘. لفظ ’همراهه‘ جو بگڙيل اچار ’هرماهه‘، مقلب آهي. لغوي لحاظ کان ته ان کي درست ڪونه ڪوٺبو، ليڪن سماجي ٻوليءَ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ جملي ۾ لفظ جي معنى ۾ به ڪو ابھام نه ٿو رهي.

جڏهن ته صنايع بدايع ۾ ’تقليب‘ موجب لفظ جي اکرن جي الٽ پلٽ سان معنى ۽ مراد ۾ فرق رهندو، اهوئي سبب آهي جو هن حرفت کي ’تجنيس قلب‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. اهڙو فرق هيٺين مثالن مان نوٽ ڪري سگهجي ٿو:

·       لسانيات موجب تقليب: ’قفل‘- ’قلف/ ڪرف‘ (معنى ۽ مراد ۾ فرق نه رهيو)

·       صنايع بدايع موجب تقليب: ’رقيب‘- ’قريب‘ (معنى ۽ مراد ۾ فرق رهيو)

ياد رهي ته تجنيس قلب ۾ اکرن جي تبديلي يا وڌاءُ نه رهندو، بلڪ اکرن جو تعداد ساڳيو هوندو.

·       تجنيس قلب  ۽ صنعت قلب ۾ فرق

اصولي طور ’تجنيسن‘ جو شمار ’صنايع لفظي‘ ۾ ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ’صنايع معنوي‘ ۾ ’صنعتون‘ شامل ڪيون وينديون آهي. ’تجنيس‘ جو اصطلاح تڏهن ڪم آندو ويندو آهي، جو ڪنھن شعر يا مصرع ۾ ٻه يا وڌيڪ مخصوص نوعيت جا همجنس لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ هجن. ان بنياد تي اهو ئي چيو ويندو آهي ته ’تجنيس‘ ۾ همجنس لفظن جو تعلق لفظن جي گهاڙيٽي سان هوندو آهي ۽ معنى يا مراد جي حيثيت ثانوي تصور ڪئي ويندي آهي. تجنيس ۾ همجنس لفظن جو گهاڙيٽو اول ڏٺو ويندو آهي، پوءِ معنى ڏانھن ڌيان ڌربو آهي. جڏهن ته ’صنعت‘ ۾ لفظن جي همجنس هجڻ جو تعلق معنوي بنياد تي هوندو آهي. يعني لفظن جي معنى ۽ مراد کي اوليت ڏني ويندي آهي.

جيڪڏهن ڪنھن شعر جي بند يا مصرع ۾ ٻه يا وڌيڪ لفظ، هڪٻئي جي صورتن جا، مقلوب حالت ۾ آيل هوندا ته ان کي ’تجنيس قلب‘ تصور ڪيو ويندو، جيئن:

محمد جا مَڪي ڏي سَڏ، پُڇن ٻئي ڏس ڏهاڙي ڏَڏ،

لُواريءَ پاس لاٿئون لَڏ، پيو لوڀيَن ۾ لابارو.

(ڪليات 1: 565)

’سَڏ ۽ ڏس‘ اکرن جي بنياد تي هڪٻئي جا الٽ پلٽ آهن. ڄاڻايل مولوي صاحب جي شعر ۾ ساڳين اکرن جا ٻه لفظ الٽ پلٽ ڪري ڪم آندا ويا آهن، ان سبب ان کي ’تجنيس قلب‘ ۾ شمار ڪبو.

جنھن صورت ۾ ساڳي نوعيت يا حرفت سان لفظ مختلف صورتن جا آيل هوندا، ليڪن انهن کي مقلوب حالت ۾ آڻڻ جي صلاحيت هجي ته ان کي ’صنعت قلب‘ ۾ شمار ڪبو، جيئن:

درد دلبر دوست جي جو، ڇا بيھي ڪريان بيان،

سُور سوريءَ جي چڙهڻ کان سرس سِر تي بيٺا.

(ڪليات 2: 38)

’درد‘ ۽ ’سرس‘ لفظ گهاڙيٽي جي لحاظ کان ٻه الڳ نوعيت جا لفظ آهن، ان شعر ۾ اها حرفت ڪم آندي وئي آهي ته ٻه اهڙا لفظ، جيڪي الٽ پلٽ ڪرڻ سان به ساڳي صورت ۾ بيھندا، ان سبب ان کي اکري بنياد تي نه، بلڪ معنوي بنياد تي اوليت ڏيندي، صنعت قلب سمجهبو. هي ته اتفاق ٿيو ته ان ۾ ٻه لفظ اچي ٿا وڃن، پر جيڪڏهن اهڙو ڪو هڪ لفظ به هوندو ته ان کي معنوي بنيادن تي ’صنعت قلب‘ ۾ تصور ڪيو ويندو. ان لحاظ کان هيٺيون شعر به ’صنعت قلب‘ جو چئي سگهجي ٿو:

سَڏ سُڪيءَ تي ڪيم سڪ مان، سؤ منجهان سوئي نه هڪ،

هاڻ ترهو تار مان، جي ترت تارين ته به چڱو.

 (ڪليات 2: 424)

’ترت‘ لفظ کي ابتو ڪبو ته به ساڳيو لفظ بيھندو.  اهڙي حرفت کي ’صنعت قلب‘ چئي سگهجي ٿو.

·       تجنيس قلب / تقليب جا قسم

مرزا قليچ بيگ مذڪوره تجنيس جا چار قسم: ’مقلوب ڪُل‘، ’مقلوب بعض‘، ’مقلوب مجنح‘ ۽ ’مقلوب مستوي‘ ڄاڻايا آهن. جڏهن ته شيخ محمد ابراهيم خليل ان جا ٽي قسم: ’مقلوب ڪُل‘، ’مقلوب بعض‘ ۽ ’مقلوب مستوي‘ ٻڌايا آهن ۽ ’مقلوب مجنح‘ ڪونه ڄاڻايو آهي.

تجنيس قلب جا پنج قسم به ڄاڻايا ويا آهن: ’مقلوب ڪُل‘، ’مقلوب بعض‘، ’مقلوب مجنح‘ [درس بلاغت ۾ پڻ پروف جي غلطي سان ’مقلوب مجنج‘ ڄاڻايل آهي]، ’مقلوب مستوي‘ ۽ ’مقلوب مڪرر‘ (ترقي اردو بيورو، 1981: 64- 65). ڪتاب ’درس بلاغت‘ ۾ اضافي ڄاڻايل ’مقلوب مڪرر‘ لاءِ ٻڌايل آهي :

"اگر دو لفظ مقلوب الترتیب پاس پاس آئیں اور ان میں حرف عطف یا اسی کے مثل اورحرف کے سواکوئی فاصلہ نہ ہو تو اس کو مقلوب  مکرر یا مقلوب مزدوج   یا مقلوب  مرود کہیں گے۔

صدمہء فرقت سے اس حور کی بے تاب روح

آنسوؤں کا آنکھ سے اک دم نہ ٹوٹا  تار رات۔

تار اور رات قریب قریب واقع ہیں۔ (ترقی اردو بیورو، 1981:  65)

مرزا قليچ، شيخ خليل ۽ ترقي اردو بيورو جي ڪتاب ’درس بلاغت‘ مان معلوم ٿيو ته ’تجنيس قلب/ مقلوب/ تقليب‘ جا امڪاني پنج قسم آهن.

’مقلوب مستوي‘ جي وضاحت ۾ شيخ خليل وٽ اختلاف آهي، البت صاحب موصوف ان کي ’صنعت‘ ڪوٺيو آهي، ان لحاظ کان سندس ڄاڻايل مثال ۾ ’تات‘ ساڳيو لفظ ’ٽي دفعا‘ ڪم آيو آهي. (خليل، 1983: 56- 57) ظاهر آهي ته ’مختلف همجنس لفظن‘ جي دائري ۾ نه ٿا اچن، ان سبب ان کي تجنيس ۾ شامل نه ٿو ڪري سگهجي.

شيخ خليل جي مثال مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اهڙا لفظ جيڪي ابتو يا سبتو ساڳيا پڙهيا وڃن، انهن جو تعداد هڪ کان وڌيڪ هجي ته به ان کي تجنيس قلب/ مقلوب ۾ شامل نه ٿو ڪري سگهجي. ان کي صنعت ئي چئي سگهجي ٿو، مثال طور:

درد دلبر دوست جي جو، ڇا بيھي ڪريان بيان،

سُور سوريءَ جي چڙهڻ کان سرس سِر تي بيٺا.

(ڪليات 2: 38)

مولوي صاحب جي مٿئين شعر ۾ ’درد‘ ۽ ’سرس‘ ٻه الڳ ’مقلوب‘ لفظ ڪم آندل آهن، ليڪن انهن جي پاڻ ۾ ڪا ڀيٽ ڪونه ٿي جڙي، سواءِ خاص قلب واري حرفت جي! ان سبب ان کي صنعت ۾ ئي شامل ڪري سگهجي ٿو، تجنيس ۾ نه!

مولوي صاحب جي شاعريءَ جو مزاج گهڻي قدر ’تجنيس حرفي‘ جو آهي، ان سبب اهڙيون تجنيسون جيڪي ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز چئي سگهجن ٿيون، سي ملي وڃن ٿيون. البت، ٻين تجنيسن تي سندس ڌيان نه ويو آهي، جيئن: تجنيس مرفو، تجنيس قلب وغيره، ليڪن سندس شاعريءَ ۾ لفظن ۽ ترڪيبن جي اهڙي ته راند رچيل آهي جو اهڙين تجنيسن جا مثال به ملي ٿا وڃن.

اڀياس مان ’تجنيس قلب/ مقلوب‘ جا پنج قسم ملي سگهيا آهن. هيٺ مولوي صاحب جي شاعريءَ مان پنج ئي قسم جاچجن ٿا:

1.    مقلوب ڪُل: ان قسم هيٺ، اهڙا لفظ ڪم آندا ويندا آهن، جيڪي مڪمل طور هڪٻئي جا الٽ پلٽ ڪم آندل هجن، مثال طور:

اُڀ اَڇو ڇانيو اُٻن، اَڇڙانڊ اڇڙو اَڇ لڳي،

هت کِوي ۽ هُت کِوي، ڇا کيل کُڻ کُڻ ڳائيان.

(ڪليات 2: 402)

’اڇ- ڇا‘ هڪٻئي جا الٽ پلٽ ٿيل آهن، جنھن سبب ان جي تجنيس، قلب چئبي.

اکين مان آب ارتو ٻُڪ، سَڙان سِڪ ۾ صفا هت سُڪ،

اندر جيڪي چوَڻ سو چُڪ، روئڻ در تي به رَد حيرت.

(ڪليات 2: 132)

’در’ ۽ ’رد‘ تجنيس تقليب جو مثال آهي.

اٿم ڏينھن رات تنھنجي تات، تَن مَن تار تُون تُون تُون

هِنيون حيران هِيرن لئي، هنجهن هُونگار هُون هُون هُون.

(ڪليات 2: 416)

’رات- تار‘ هڪٻئي جا الٽ پلٽ ٿيل آهن، جنھن سبب ان جي تجنيسَ، قلب چئبي.

رات ۾ روشن ستارا، ڪَر قنديلن جي قطار،

چنڊ چقمق تي چَلي، تارا مڙئي منجهه هيڪ تار،

بُرج ٻارهن بُرج ۾، ٻارين بَتيون ڀَتين ڀَتار،

ساريان، ساراهيان، سبحان سگهه تنھنجي ستار،

ساهه پڻ تون ساهه ڏيندڙ، ساهه جو سينگار تون،

تون نه ڏيندين، ڪير ڏيندو، ڏيھه جو ڏاتار تون.

(ڪليات 1: 165)

مٿئين مسدس ۾ پڻ ’رات- تار‘ هڪٻئي جا الٽ پلٽ ٿيل آهن، جنھن سبب ان جي تجنيسَ، قلب چئبي.

آدمي آدم گڏي سڀ، رَب پڇيو روز اَلست،

سچ ڪِ سائين آئون سڀن جو، هيڪ آئون دائم درست،

اِي اَٿوَ موجود مَھندان، زور ڀَريا زيردست،

منجهه حُڪم هر بار حاضر، سؤ سَڄي ۽ سؤ کَٻي.

(ڪليات 1: 637)

’روز- زور‘ هڪٻئي جا الٽ پلٽ ٿيل آهن، جنھن سبب ان جي تجنيس، قلب، چئبي.

مَنجهه پَرستان جي پريَن، يا حُور غِلمان ۾ هجان،

جت به سَھڙان اي سياڻا، روح ۾ تنھنجي رهاڻ.

(ڪليات 2: 449)

’حور- روح‘ هڪٻئي جا الٽ پلٽ ٿيل آهن، جنھن سبب ان جي تجنيس، قلب، چئبي.

محمد جا مَڪي ڏي سَڏ، پُڇن ٻئي ڏس ڏهاڙي ڏَڏ،

لُواريءَ پاس لاٿئون لَڏ، پيو لوڀيَن ۾ لابارو.

(ڪليات 1: 565)

’سَڏ- ڏس‘ هڪٻئي جا الٽ پلٽ آهن، جنھن سبب ان جي تجنيس قلب، سڏبي.

ٻُڌن ٻانگ بدران سينيما جو سڏ،

وڃي پيو وَلر ساڻ وريام ڏس.

(ڪليات 1: 713)

’سَڏ- ڏس‘ هڪٻئي جا الٽ پلٽ آهن، جنھن سبب ان جي تجنيس قلب سڏبي.

اَڌ دِلو ٿيو، دِل به اَڌ ٿي، رحم سان رَبَّ ريڙهيين،

ٻاجهه سان ٻُڏنديَن کي تارين، ٻيو نه ڪم سان ٻيڙيين،

يا الاهي، ڪُن اُڪاري، عَرب ’احمد‘ نيڙيين،

مهر سان مالڪ مٺا، مون کي محمد ميڙيين،

قرب قادرَ، بخشيين، ڪَلمي ڪلام الله جو.

(ڪليات 1: 297)

’مالڪ- ڪلام‘ هڪٻئي جا الٽ پلٽ ٿيل آهن، جنھن سبب ان جي تجنيس قلب چئبي.

2.      مقلوب بعض: ان قسم هيٺ، اهڙا لفظ ڪم آندا ويندا آهن، جيڪي مڪمل طور هڪٻئي جا الٽ پلٽ ته نه هجن، ليڪن هڪ يا وڌيڪ اکر اڳتي پوئتي ڪري ساڳين اکرن سان ٻيو لفظ ڪم آندل هجي، مثال طور:

اَمن عام جو نام اسلام آهه،

بڻائي ڇڏي نيڪ نيڪار کي.

(ڪليات 1: 325)

’اَمن‘ ۽ ’نام‘ ساڳين اکرن جي مٽڻ سان جڙن ٿا، ان سبب ان کي ’تجنيس قلب‘ ۾ شامل ڪبو.

جو چوي آگي اُپايس، اُو عَلامت کان رَکيم،

مَھٽ موڙي خواه ماڻهن جي ملامت کان رَکيم،

شڪر سؤ شب روز تنھن جا، شرڪ، شامت کان رَکيم،

جوت جرئت سان جياري، اڄ سُني تنھن کي سڏين،

ايءُ وهابي، ڳول واري، اَڄ سُني ڪنھن کي سڏين.

(ڪليات 1: 698)

’شڪر‘ ۽ ’شرڪ‘ ۾ اکرن جي الٽ پلٽ سان ان کي تجنيس، قلب سڏبي.

سڄڻَ، آئي سبب تنھنجي، صفا سج صاف ٿيو اُڀري،

مگر مَٽيو مِٽن تان وار، واريو تنھن کي واڙين ٿو.

(ڪليات 2: 456)

’صفا‘ ۽ ’صاف‘ ساڳين اکرن جي الٽ پلٽ سان تجنيس، قلب سڏبي.

سَربسر سَرسبز ٿئي ٿي، سنڌي ساري تنھن منجهان،

رڻ لڳي جا رُوبرو، سا ريڻ جاري تنھن منجهان،

هاڪڙو ۽ ساڱرو، پَٽيھل، پڃاري تنھن منجهان،

ڪي ڦِٽا، ڪن ڦاٽ ڦاڙيا، منجهه مَڃر مھراڻ سنڌ.

(ڪليات 1: 313)

’ڦٽا‘ ۽ ’ڦاٽ‘ ساڳين اکرن جي الٽ پلٽ سان تجنيس، قلب سڏبي.

ڌڙ سندم ڇڏ دوست دَر، تان ڪن ڪُتا ۽ ڪانگ قُوت،

قرب وارن کي قبر جو آهه ڪھڙو اِحتياج.

(ڪليات 2: 174)

’قرب‘ ۽ ’قبر‘ ساڳين اکرن جي مٽڻ سان جڙن ٿا، ان سبب ان کي ’تجنيس قَلب‘ ۾ شامل ڪبو.

مُڙين ٿو نه مارڻ کان منھنجا پرين،

بهادر ٿي بيٺين ڪھڻ تي قريب.

کڻي نيڻ کِليو سان ’احمد‘ عجيب،

پسي رخ رَضا جو رهيو رنج رقيب.

(ڪليات 2: 112)

’قريب‘ ۽ ’رقيب‘ اکرن جي الٽ پلٽ کي ان تجنيس ۾ شامل ڪبو.

پُڇي ڪوئي ته آن کي قُوت ڏئي ڪير؟

ضمانت تنھن وَقت واريون خاص توکي.

(ڪليات 2: 596)

’قوت‘ ۽ ’وقت‘ ساڳين اکرن جي مٽڻ سان جڙن ٿا، ان سبب ان کي ’تجنيس قَلب‘ ۾ شامل ڪبو.

هر گهڙي هن گهيڙ تي، تِرڪن گهڻا گهوڙي سوار،

ترڪندي مون کي ڏني، تو جا تَري، بَرجا تَري.

(ڪليات 2: 545)

’گهڙي‘ ۽ ’گهيڙ‘ ۾ هڪ اکر جي الٽ پلٽ سان ان تجنيس ۾ شامل ڪبو.

انشاءَ الله ’احمد‘ چئي، آهي اسان اهڙي اميد،

تان ڪندو قادر ڪنڌي، ڪھڙو ڪَنبُون ڀَر قَھر قيد،

آسري الله جي آهيون، نه آهر عَمر و زيد،

پيش مالڪ مھر واري، منھن مُنور سان سفيد،

قول ڪَلمي جو ڪندا، ڪامل ڪمالي ٿا وڃون.

(ڪليات 1: 710)

’مالڪ‘ ۽ ’ڪامل‘ اکرن جي الٽ پلٽ سان تجنيس قلب سڏبي.

پوءِ معافي ساڻ تنھنجي مَرهه مون،

۽ مٿم ڪر مھر وارا، مھر تون.

(ڪليات 1: 610)

’مَرهه‘ ۽ ’مِھر‘ ساڳين اکرن جي مٽڻ سان جڙن ٿا، ان سبب ان کي ’تجنيس قلب‘ ۾ شامل ڪبو.

هت سُخن پاري سلامت، سِيل رکيو ڪن سَچن،

سؤ ٻين سان ٻيا وڃي، ٻَر ٻَر ٻڌا ٻارن ٻچن،

جو ڏنائون، جو ڏنائون، سو ويَن وسري وچن،

ويڙهيا وينجهار ويسر، سؤ سڄي ۽ سؤ کٻي.

(ڪليات 1: 637)

’وسري‘ ۽ ’ويسر‘ ساڳين اکرن جي مٽڻ سان جڙن ٿا، ان سبب ان کي ’تجنيس قلب‘ ۾ شامل ڪبو.

3.    مقلوب مجنح: ان قسم هيٺ، اهڙا مڪمل مقلوب لفظ ڪم آندا ويندا آهن، جيڪي شعر جي منڍ ۽ پڇاڙيءَ ۾ بيھاريل هجن، مثال طور:

تو مٿان تُنڪا مِلن، تن منھنجي تَن ۾ تُن ڪيا،

تُون به چئين گهايَل ٿو گهارين، گهاريو گهاريندو وَت.

(ڪليات 2: 139)

’تو‘ ۽ ’وت‘ مقلوب مجنخ سبب تجنيس، قلب جو مثال آهي.

4.    مقلوب مڪرر: ان قسم هيٺ، اهڙا مڪمل مقلوب لفظ ڪم آندا ويندا آهن، جيڪي شعر جي منڍ ۽ پڇاڙيءَ ۾ بيھاريل هجن، مثال طور:

ان موجب شعر ۾ اهڙا  گڏ لفظ ڪم آندل هجن جيڪي هڪٻئي جا مقلوب هجن جيئن:

’دال‘ دلبرَ، ديک دريائن جي دهشت ڌوم ڌام،

هڪ سدا کاري جو کارو، ٻيو مِٺو پاڻي مُدام،

ٻن منجهان خوراڪ کائن، خان ۽ خادم خدام،

جَر جدا جاني نه ٿئي، توڻي کڻي گڏجن گُدام،

هت نه هيءُ هُن سان مِلي، وچ ۾ ڪو دائم آهه دام،

لَک ورهه لڳ ڀڳ لڳي لَلڪار، سمجهي ڇا سگهان.

(ڪليات 1: 229)

’خادم‘ ۽ ’خدام‘ ۾ اکرن جي الٽ پلٽ سان، ان کي تجنيس، قلب سڏبي.

سال سانوڻ ۽ سيارا، صبح سانجهي ڏينھن رات،

ڪنھن به ويلي تون نه وسرين، وسريَم وارث وُراث.

(ڪليات 2: 165)

’وارث‘ ۽ ’وُراث‘ اکرن جي الٽ پلٽ سان تجنيس، قلب سڏبي.

گل بھشتي باغ جا، مون لئي بنا تو بَر ڀلا،

دل سندم کي ڏي دلاسو، دلربا، دلبرَ، ڀلا.

(ڪليات 2: 73)

’دلربا‘ ۽ ’دلبر‘ سواءِ الف جي ساڳين اکرن جي الٽ پلٽ سان ’تجنيس قلب‘ ۾ اچي سگهي ٿو. هونئن شاعرن ’دلبرا‘ مخاطب ۾ به ڪم آندو آهي. بھرحال، هي ڪمزور مثال آهي.

5.    مقلوب مستوي: ان موجب ساري مصرع يا شعر ابتو سبتو پڙهي سگهجي، جيئن: (درس مرگ آيو ادا ويا گرم سرد، درد ۾ ايندو جهجهو دنيا ۾ درد.) (قليچ، 2016: 103- 104)

مقلوب مستوي پٽاندر مولوي صاحب جو ڪو شعر سامهون نه آيو آهي.

·       نتيجو/ حاصل مطلب

?  قلب/ مقلوب/ تقليب ساڳئي مادي جا مشتق آهن، مراد آهي لفظ کي يا لفظ جي اکرن کي الٽ پلٽ ڪري مستعمل لفظ بيھارڻ، جيئن: حور- روح.

?  تجنيس قلب/ مقلوب ۽ صنعت قلب/ مقلوب ۾ فرق صنايع لفظي ۽ معنوي جو آهي. جنھن صورت ۾ همجنس لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ ڪم آندا ويندا ته ان کي تجنيس ڪوٺبو. جڏھن ته صنعت ۾ لفظن کي معنوي بنياد تي ڏٺو ويندو آهي.

?  تجنيس قلب/ مقلوب جا پنج قسم ٻڌايا ويا آهن: ’مقلوب ڪُل‘، ’مقلوب بعض‘، ’مقلوب مجنح‘، ’مقلوب مڪرر‘ ۽ ’مقلوب مستوي‘.

?  ان تجنيس ۾ لفظ کي الٽ پلٽ ڪرڻ سان اکرن جو تعداد  يڪسان رکيو ويندو آهي.

?  مقلوب ڪل ۾ پورو لفظ ابتو ڪبو آهي، جيئن: رات- تار.

?  مقلوب بعض ۾ لفظ جا هڪ يا ٻه اکر اڳتي پوئتي ٿيندا آهن، جيئن: قريب- رقيب.

?  مقلوب مجنح ۾ جنھن لفظ سان شعر شروع ڪبو آهي، ان جي مقلوب سان ئي ان جو خاتمو ڪبو آهي.

?  مقلوب مڪرر ۾ مقلوب لفظ صفا گڏ ڪم آندا ويندا آهن.

?  مقلوب مستوي ۾ شعر يا مصرع جي اکرن کي بلڪل پڇاڙيءَ کان ابتو پڙهبو آهي.

?  مولوي احمد ملاح جا هن تجنيس آهر به ڪافي شعر حاصل ٿي سگهيا آهن، البت، مقلوب مستوي جي دائري ۾ سندس ڪوبه شعر ملي نه سگهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org