سيڪشن: ادب

ڪتاب: مولويءَ احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيسن

باب:

صفحو:11 

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس اشتقاق- مُشتَق‘ جو جائزو

The Study of ‘Etymological Homogeneity’ in Molvi Ahmed’s Poetry

·       جائزي جو پس منظر

مولوي احمد ملاح جتي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن استعمال ڪرڻ جو ماهر هيو، اتي عربي ۽ فارسيءَ جو به ڪمال جو ڄاڻو هيو. مولوي صاحب عربيءَ جا اهڙا لفظ به ڪم آندا آهن، جن تي اڃا سوڌو ڪافي عالم ان جي معنى ڄاڻڻ تي فڪرمند آهن. تازو اسسٽنٽ پروفيسر ضرار رستماڻيءَ هڪ لفظ ’رَبِيب‘ جي معنى پئي معلوم ڪئي، مون کيس عرض ڪيو ته اهو لفظ عام استعمال ۾ ناهي، ليڪن لفظ جو گهاڙيٽو ’فَعِيل‘ جي وزن تي آهي، جيڪو عربيءَ ۾ صفت مبالغو ڄاتو ويندو آهي، ان لحاظ کان ’رَبُّ‘ (رَبۡ+بُ) لفظ، فعيل جي وزن تي، صفت مبالغو آهي ۽ ’وڌيڪ پالڻھار‘ جي معنى لاءِ ڪم ايندو. ڏٺو وڃي ته لفظ ’ربيب‘ لغتن ۾ به موجود نه هوندو، ليڪن مولوي صاحب عربي صرف جو ڄاڻو هيو، جنھن سبب صاحب موصوف، ڄاڻايل لفظ عربي صرف جي اصول موجب ڪم آندو آهي.

لفظ ’اشتقاق‘ عربي ٻوليءَ جي ’اِفتِعال‘ مصدر جي وزن تي آهي ۽ ان جي لغوي معنى آهي: ٽوڙڻ، چيرڻ، ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ؛ ان جو ڌاتو ’شَقَّ‘ (شَقۡ + قَ) آهي، جنھن جي معنى آهي: هن ٽوڙيو، هن ڀاڱا ڪيا. رسول اللهﷺجن  جو آڱر سان چنڊ کي ٻه اڌ ڪرڻ وارو عام واقعو ’شق القمر‘ سڀ ڄاڻن ٿا.

اهڙن عربي لفظن کي ڄاڻڻ جو طريقو اهو ئي هوندو آهي ته ان جو اشتقاق ڪجي. عام طور اهو ئي تصور ڪيو ويندو آهي ته اشتقاق جي معنى يا مراد آهي، لفظن کي اڌو اڌ ڪرڻ. جڏهن شاگردن کان معلوم ڪيو ويندو آهي ته ’مخدوم‘ جو اشتقاق ڇا ٿيندو؟ ته جواب ملندو: ’مخ‘ + ’دوم‘. لفظن جي حصن جي معنى؟ چوندا ته معنى جي خبر ناهي. اصل ۾ ان جو طريقو اهو ٿيندو آهي ته جيڪڏهن عربي لفظ آهي ته ان کي ان ٻوليءَ جي ئي اصولن ۾ ڏسڻو پوندو. لفظ ’مخدوم‘، مفعول جي وزن تي آهي ۽ ان جو بنياد/ سي حرفي/ مادو ’خَدَمَ‘ (هن خدمت ڪئي) ٿيندو. ساڳئي نموني فاعل جي وزن تي ’خادم‘ ٿيندو، جمع جي وزن ’فُعّال‘ موجب ’خدّام‘، ’فُعَلاء‘ جي وزن تي ’خُدَماء‘ ۽ ’فاعِلون‘ جي وزن تي ’خادِمُون‘ ٿيندو. مخدوم جو جمع، ’مَفعولُون‘ جي وزن تي ’مخدومُون‘ ٿيندو. ساڳئي مادي مان اسم، فِعلَت جي وزن تي ’خدمت‘ ٿيندو، ان جو جمع ’خدمات‘ ٿيندو. هاڻي اهم ڳالهه ڏٺي وڃي ته عربي صرف/ لفظ، وزن تي جڙندا آهن، ان ڪارڻ مختلف وزنن وارا لفظ ’خادم، خدّام، خدماء، خادمون، مخدوم، مخدومُون وغيره جو بنياد/ مادو ’خَدَمَ‘ آهي. عربي لغت ۾ اهڙن لفظن ڳولهڻ جو ڍنگ اهوئي هوندو آهي ته ڄاڻايل لفظن جو بنياد/ مادو/ سي حرفي ڪڍي پوءِ لغت ۾ پھرئين اکر جي رديف ۾ ڏسڻو پوندو. ٻي صورت ۾ لفظ ’مخدوم‘ به لغت مان نه لڀندو. ان لاءِ ’مخدوم‘ جو مادو ڪڍي، پوءِ لفظ ڏسڻو پوندو آهي. لفظ کي ٽوڙي، بنياد ڪڍڻ واري عمل کي ’اشتقاق‘ چئبو آهي.

اهو ته ٿيو عربي لفظن جو معاملو ائين ئي فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو  اهڙو ميڙ جيڪو ڪنھن هڪ مادي/ مصدر/ بنياد مان جڙيل هجي ته اهي پڻ تجنيس مشتق ۾ شامل ٿيندا.

سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاح/ Term ’اشتقاق‘ ۾ لفظن جا ٽي گروهه شامل سمجهيا ويندا آهن: مرڪب لفظ، مرتب لفظ ۽ بنياد/ ڌاتو لفظ.

·       مرڪب لفظ عربي: سيد الشھداء = (سيد = سردار + شھداء = فعلاء جي وزن تي جمع- گواهي ڏيندڙَ) شھيدن جو سردار- الله جي راهه ۾ قتل ٿيندڙن جو امير- حق جي شاهدن جو پيشوا.

مرڪب لفظ سنڌي: اڳڪٿي = (اڳ = پھرين- منڍ + ڪٿڻ = اندازو ڪرڻ- ويچار ڪرڻ) ايندڙ واقعي جي خبر- پيشنگوئي- ڀوِش واڻي.

·       مرتب لفظ عربي: بسم اللـہ = (بِ = حرف جر- سان + اسم = نالو + الله = ڌڻي تعالى) الله جي نالي سان.

مرتب لفظ سنڌي: سُلڇڻو = (سُ = سٺو + لڇڻ = نشان- عادت) سٺن لڇڻن وارو. (ڀيرومل، 1985: 238)

·       ڌاتو لفظ عربي: مخلوق = مفعول (خَلَقَ = هن پيدا ڪيو) پيدا ڪيل جيءُ. (ڀيرومل، 1985: 247)

ڌاتو لفظ سنڌي: لکندڙ = اسم فاعل (لِکُ = لکڻ جو امر) لکڻ جو ڪم ڪندڙ.

اهو اشتقاق جو خاڪو درسي آهي، جيڪو اسڪولن ۽ ڪاليج جي (نائين ۽ ٻارهين) درجن ۾ پڙهايو ويندو آهي. انهن ٽنهي قسمن (مرڪب، مرتب ۽ ڌاتوءَ) کي جڏهن صنايع بدايع ۾ ڏٺو ويندو آهي ته ’تجنيس مرڪب‘ الڳ سان هڪ تجنيس موجود آهي، جنھن جا پيراميٽر پڻ مقرر ٿيل آهن. ’مرتب لفظ‘ سان ڪٿي تجنيس جو اشارو نه ٿو ملي، البت ان کي، هڪ شعر ۾ ڪم آندل همجنس لفظن جي حوالي سان، الڳ تجنيس جو نالو ڏئي سگهجي ٿو.  جڏهن ته صنايع بدايع ۾ ’ڌاتو لفظ‘ لاءِ ’اشتقاق‘ جو اصطلاح ڪم آندو ويو آهي.

حقيقت ۾ ’تجنيس مرڪب‘، ’تجنيس مرتب‘ ۽ ’تجنيس مُشتَق‘، اصطلاح ’اشتقاق‘ جا جز آهن. هتي ’اشتقاق‘ جي حوالي سان ’تجنيس مُشتَق‘ تي مرڪوز رهجي ٿو.

مرزا قليچ بيگ ان کي ’صنعت اشتقاق‘ جو نالو ڏيندي، لکي ٿو: ”هن کي ’اقتصاب‘ به چوندا آهن، ڪي هن کي تجنيس جي قسم مان ڄاڻندا آهن. هن ۾ اهڙا لفظ ڪم ايندا آهن، جي هڪڙي اصل مان متشق (درست لفظ مُشتَق آهي) هوندا آهن، يا هڪڙيءَ جنس جا هجن. مثال:

’طالب‘ کي ’طلب‘ دل جي ’مطلوب‘ نه ٿئي واصل،

نه ته وات جي ’طلبڻ‘ سان ’مطلب‘ نه ٿئي حاصل...“

(قليچ، 2016: 102)

مرزا صاحب وچٿري ڳالهه ڪري ٿو، يعني هن اصطلاح کي ’صنعت‘ ڪوٺي ٿو ۽ ’تجنيس‘ جي هجڻ کي به رد نه ٿو ڪري. حقيقت ۾ ’تجنيس‘ جو اصطلاح تڏهن ڪم آندو ويندو آهي، جڏهن هڪ کان وڌيڪ لفظ، ساڳي جنس جي دائري ۾ ايندا هجن. مرزا صاحب جي ڏنل مثال ۾ ’طالب‘، ’طلب‘، ’مطلوب‘ ’طلبڻ‘ ۽ ’مطلب‘ جا لفظ ساڳي جنس يعني هڪ ئي ڌاتو/ اصل/ مادي مان جڙيل آهن، جنھن سبب ان کي ’تجنيس‘ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. ياد رهي ته ’تجنيس‘ اصطلاح جو تعلق ’لفظن جي گهاڙيٽي‘ سان هوندو آهي، جڏهن ته ’صنعت‘ جو تعلق ’لفظن جي معنوي حيثيت‘ سان رهندو آهي.

صنايع بدايع جي دائري اندر ’تجنيس اشتقاق‘ ۾ صرف اهڙن لفظن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي، جيڪي ’مُشتَق‘ هجن. يعني جڏهن انهن لفظن جو اشتقاق ڪيو وڃي ته ڌاتو/ اصل/ مادو ساڳيو هجي.

لفظ ’مشتَق‘ بابت جامع سنڌي لغات ۾ هن ريت ڏنل آهي:

·       مُشتَقُ: ذ. (ع. شَقَّ = چيريل) ڪنھن لفظ مان چيرجي نڪتل لفظ (جو انهيءَ لفظ جي مصدر يا اصل لفظ مان هجي)- بنيادي لفظ- اشتقاق ڌاتو- ساڌتُ- اصل- بنياد- مادو. (بلوچ، 1988: 2657)

’تجنيس مشتق‘ مان مراد اهڙا ساڳئي مادي/ بنياد جا مختلف وزنن وارا لفظ آهن، جيڪي مختلف صيغن لاءِ ڪم آندل هجن. ان اصطلاح جو اشتقاق هيٺين ريت ڪجي ٿو:

·       تجنيس مُشتَق جو اشتقاق

تجنيس مُشتَق: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + مُشتَقّ- مُفتعَل- اسم مفعول (شَقَّ = هن ڦاڙيو/ چيريو- شقَّقَ = چيرڻ، ٽوڙڻ،ڏارڻ، ڦاڙڻ، ڀاڱا ڪرڻ) چيريل- ڪنھن لفظ مان چيرجي نڪتل- بنيادي/ ڌاتو لفظ] صنايع بدايع موجب ڪنھن شعر ۾ ساڳئي مادي/ ڌاتو/ بنياد مان جڙيل، مختلف وزنن وارا لفظ، جن جو استعمال مختلف وزنن ۾ هجي، جيئن:

طالب کي مطلوب جي هر وقت رهي ٿي طلب‘

مولوي صاحب جي شاعريءَ جي جملي جي جوڙجڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، ليڪن لفظن جو استعمال مختلف ٻولين (هندي، عربي يا فارسي) مان ڪيل هوندا اٿس. هيٺ تجنيس اشتقاق جي دائري ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ جا چند مثال پيش ڪجن ٿا:

·       تجنيس اشتقاق- مشتق جي دائري ۾ عربي لفظ:

عَرض ڪَر الله اڳيان، آلِ اَشرف واسطي،

رحمدل رحمان کان، گهُر رحم رَف رَف واسطي،

ڪر مديني لڳ مدد، مَڪي مُشرف واسطي،

ڪر مِنٿ مالڪ کي مون لئي، مُحبَ مُصحف واسطي،

واسطي مُصحف مُنوَر، يا رسول الله رسيج.

(ڪليات 1: 151)

’اَشرف‘ (اَفعل) ۽ ’مُشرف‘ (مُفعَل) ساڳئي مادي ’شرف‘ مان جڙيل آهن.

ڪو اَمن اِيمان جو، ايندو زمانو اوڏڙو؟

ڇا چوي ’احمد‘ اکر، والله اَعلم جي بجاءِ.

(ڪليات 2: 509)

’اَمن‘ (فَعَل) ۽ ’اِيمان‘ (اِفعال) ساڳئي مادي (امن) مان جڙيل لفظ آهن.

’احمد‘ اميد چُوندو، پريان جي پيش پُوندو،

ٻيو در حرام هوندو، هڪ حَرم حَرم البت.

(ڪليات 2: 128)

’حرام‘ ۽ ’حرم‘ هڪ ئي مادي جا لفظ آهن.

مسلماني حڪومت ٿِي، مسلماني حُڪم ناهن،

عقيدو انگريزن جي، عبث اَحڪام ۾ ڪيسين.

(ڪليات 1: 339)

’حڪومت‘ (فُعلولت)، ’حڪم‘ (فُعل) ۽ ’احڪام‘ (اَفعال) ساڳئي مادي مان جڙيل ڪم آندل آهن.

ناهه بلڪل بي ڪَمن مان، بيگ بَنڻو بي گمان،

هر طرح حِڪمت حُڪومت، حُڪم مُحڪم ۾ ڏسان.

(ڪليات 1: 357)

’حڪومت‘ (فُعُولت)، ’حُڪم‘ (فُعل) ۽ ’مُحڪَم‘ (مُفعَل) ساڳئي مادي (حڪم) مان جڙيل لفظ آهن.

کُلي درٻار جو در يارَ، مون تي،

ته خدمت ۾ رهان خادم خدم خاص.

(ڪليات 2: 309)

’خدمت‘ (فِعلَت)، ’خادم‘ (فاعل) ۽ ’خدم‘ (فَعل) ساڳئي مادي (خدم) جا لفظ آهن.

ربّ تون، ٻيا راب، رابت، ڪي رَبيبت، ڪي رَبيب،

پوءِ ڪٿي دانھيون تو ڌاران، انت خيرُ الفاتحين.

(ڪليات 1: 269)

’ربّ، رابّ، رابّت، ربيبت، ربيب‘ هڪ ئي لفظ ’ربّ‘ مان جڙيل آهن.

’ري‘ رسيلا رحم وارا، رحمتي راحم رحيم،

راهه ۾ ڪَن رهبري، رهوار رهبر چار يار.

(ڪليات 1: 281)

’رحم، رحمتي، راحم ۽ رحيم‘ هڪ ئي لفظ ’رحم‘ مان جڙيل آهن.

اسان کي عيش عشرت عيب ’احمد‘،

فقيرن جو فخر فاقي فقر سان. 

(ڪليات 2: 377)

’فقير (فَعِيل) ۽ فقر (فَعل)‘ هڪ ئي لفظ مان جڙيل آهن. ان سبب اهڙن لفظن جي استعمال کي ’تجنيس اشتقاق چئجي ٿو.

’سين‘ سالم با سلامت، سَلم جا ساقي سليم،

سرفراز و سَر زمين، سردار سروَر چار يار.

(ڪليات 1: 281)

’سالم‘ (فاعل)، ’سلامت‘ (فعالت)، ’سَلم‘ (فَعل) ۽ ’سَليم‘ (فعيل) ساڳئي مادي ’سلم‘ جا آهن.

ٿو لِکان هيءُ حال هِيڻو، هاشمي حضرت طرف،

شاهه شافعَ، ڪَر شفاعت، آهه شاهي تو شَرف،

مِيرَ، ميرايُن سندو، آهيان مڃيندڙ مُعترف،

هڙ هٿان هاري ويُم، هاڻي حياء ڪڇندي حرف،

ٻيا به ڪَئين مون گوڙ گوندر، يا رسول الله رسيج.

(ڪليات 1: 147)

’شافع‘ (فاعل) ۽ ’شفاعت‘ (فعالت) ساڳئي مادي ’شفع‘ مان جڙيل آهن.

’شِين‘ شاهي شرف شاهن، شھنشاهه چارئي شهيد،

شُڪر تي شَرقين، شَوڪتدار شاڪر چار يار. 

(ڪليات 1: 282)

’شُڪر‘ (فعل) ۽ ’شاڪر‘ (فاعل) ساڳئي مادي ’شڪر‘ مان جڙيل آهن.

عِلم عالَم ۾ گهڻو، عالِم گهڻا عالَم اندر،

پر سچائيءَ جو سبق، سردار سروَرَ، تنهنجي هٿ.

(ڪليات 2: 149)

’عِلم‘ (فعل) ۽ ’عالِم‘ (فاعل) ساڳئي مادي ’علم‘ مان جڙيل آهن.

حَرف تان هِڪڙو نه ڪنھن کان، تنھن وَڃي تَعليم ڪيو،

ٿيو پَڙهڻ ڌاران پِرين، مَنجهه عِلم وارن جي عَلام.

’عِلم‘ (فعل) ۽ ’عَلام‘ ساڳئي مادي ’علم‘ مان جڙيل آهن.

مَوج يا محراب اَبرو، اِنڊلٺ يا عِيد چنڊ،

يا قتل لئي ڪا ڪري، قاتل ڪٽاري پوش پوش.

(ڪليات 2: 305)

’قتل‘ (فَعۡلُ) ۽ ’قاتل‘ (فاعل) ساڳئي مادي (قتل) مان جڙيل لفظ آهن.

قَلب ۾ قُرب ڪان ماريو قَريب،

ڦَٽي ڪَيس ڦوڙاءِ فاني فدا.

(ڪليات 2: 46)

’قُرب‘ (فُعل)، قَريب (فَعِيل) ساڳئي مادي مان جڙيل ڪم آندل آهن.

عشق ’احمدَ‘ عمر ساري، نت رُئاڙيم رت ڦُڙا،

مُحب ۽ محبت گڏيم، ميثاق کان مغرور ٻئي.

(ڪليات 2: 583)

’مُحبّ‘ (مُفعِل) ۽ ’محبت‘ (مُفعل) ساڳئي مادي ’حبّ‘ مان جڙيل آهن.

مٺا مَحبوبَ، محبت کي، نه مُحبن سان مَٽي وڃجي،

جشن جوڙي ڪجي جاني، نه جهٽ پٽ جيءُ جهٽي وڃجي.

(ڪليات 2: 523)

’محبوب، محبت ۽ محب‘ هڪ ئي مادي/ ڌاتو/ بنياد ’حبّ‘ (حبب) مان ورتل آهي. ڄاڻايل ٽنهي لفظن کي ڏسي، چئبو ته هن شعر ۾ تجنيس، اشتقاق- مشتَق ڪم آندي وئي آهي.

اي مٺا محبوبَ، محبت، منهنجي تنهنجي پاڻ ۾،

مَر سِڪي سڀ لوڪ، صحبت منهنجي تنهنجي پاڻ ۾.

(ڪليات 2: 353)

’محبوب‘ (مفعول) ۽ ’محبت‘ (مُفعل) ساڳئي مادي ’حبّ‘ مان جڙيل آهن.

مليا معشوق ۽ عاشق، عبث آهي ادا، ثالث،

لھي وڃ چنڊ چوڏهينءَ جا، نه گهرجي سج سدا ثالث.

(ڪليات 2: 169)

’معشوق‘ (مفعول) ۽ ’عاشق‘ (فاعل) ساڳئي مادي (عشق) مان جڙيل لفظ آهن.

هر نظر تو ڏانھن، مَنظور نظرَ، مَن منتظر،

ساهه ساري، سَير تو لئي مون سَويرا سورڙيا.

(ڪليات 2: 96)

’منظور‘ (مفعول)، ’نظر‘ (فَعَل)، ’منتظر‘ (مُفتعِل) ساڳئي مادي  (نظر) مان جڙيل لفظ آهن.

’في‘ فتح ۽ فاتحه لڳ، فتح ڏي فتّاحَ تون،

ڏي فَلڪ جيڏي فَلڪ، يا فالقُ الاصباحَ تون،

مُلڪ ساري جي رَکين، مالڪ مٺا، مِفتاح تون،

ڦُوڪ آزاديءَ جو آگا، اَگهن ۾ ارواح تون،

ڪڍ غلاميءَ مان غني غُفرانَ هندستان کي.

(ڪليات 1: 278)

’فتح‘ (فعل)، فاتحه ’فاعله‘، فتّاح (فعّال)، مِفتاح (مِفعال) ساڳئي مادي ’فتح‘ مان جڙيل لفظ آهن.

تون نظر ۾ نازنين، تون نازڪن ۾ بي نظير،

حسن تنهنجي کان هجن، حُورُون حيران سڀ.

(ڪليات 2: 115)

’نظر‘ (فَعل) ۽ ’نظير‘ (فعيل) ساڳئي مادي (نظر) مان ورتل آهن.

·       تجنيس اشتقاق (مُشتَق) جي دائري ۾ سنڌي لفظ

عام طور اهو ئي تصور ڪيو ويندو آهي ته جڏهن اصطلاح (Term) اشتقاق ورتو ويندو ته ان جو اطلاق صرف عربي لفظن سان ٿيندو! پر ائين ناهي. سنڌي ٻوليءَ جي جيڪڏهن هڪ مصدر کڻبي ته ان مان کوڙ ساٿرا لفظ ڦٽي نڪرن ٿا. فرض ڪريو ته ’ڏي‘ امر ۽ ’ڏيڻ‘ مصدر مان رڳو زمان حال، واحد متڪلم جي لاڳاپي واري فارميٽ جا لفظ ’ڏيان، ڏيانءِ، ڏيانوَ، ڏيانس، ڏيانن‘ ڪافي ٿي وڃن ٿا. ’ڳاڙهو- ڳاڙهاڻ- ڳاڙهسِرو- ڳاڙهپ وغيره‘ پڻ ساڳئي مادي وارا لفظ آهن. ان لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ئي ڌاتو/ مادي مان جڙيل ٻيا لفظ هڪ ئي سٽر ۾ ڪم آڻبا ته ان اهڙي حرفت آهر لفظن کي ’مُشتَق‘ واري دائري ۾ سمجهي ’تجنيس اشتقاق- مشتَق‘ ۾ شامل ڪري سگهبو.

مِل مِٺا، ڪھڙي به مُل تي، جيئن ملين تيئن مِل مٺا،

سِرُ، ڪِ گهَر، گوهر، ڪ گُل تي، جيئن ملين تيئن مِل مٺا.

(ڪليات 2: 36)

مٿئين شعر ۾ ’مِلُ‘ (امر) ۽ مِلين (زمان مضارع) ساڳئي امر جا مُشتَق آهن.

وير ڪنھن وريامَ، آڻي، مون کي نِيو ان منجهه نِڪُونج،

جت جھازن مان جهٽيو، ٿا نِين باگو بحر جا.

(ڪليات 2: 41)

مٿئين شعر ۾ ’نِيو‘ (زمان ماضي) ۽ نِين (زمان حال- جمع جي حالت ۾) ساڳئي مصدر ’نيڻ‘ جا مُشتَق آهن.

انتھائي اختصار کان ڪم وٺندي، مولوي صاحب جا ٻه غزل ڏجن ٿا، جنھن ۾ هڪ ئي امر جا ’ٽي لفظ‘ مُشتَق ملن ٿا.

گهور گهورُون جي به گهورين، گهوريو گهوريندو وَت،

ڦور ڦُل جيڪي به ڦورين، ڦوريو ڦوريندو وَت.

مرحبا، محبوب آيو، هر محلي محفلون،

اور جو احوال اورين، اوريو اوريندو وَت.

ڪوهه ديسيون دُور ڳولين، دوست دلبر دل اندر،

ڏور سمجهيو ڏيھه ڏورين، ڏوريو ڏوريندو وَت.

ڪنھن به مهڻي تي، نه مَن مُهڻو مَٽي مُنهڙو مُدام،

ڀَل ڀتر بدخواههَ، ڀورين ڀوريو ڀوريندو وَت.

برهه خود بَروو بَڻايس، بت بچائي ڇا ڪريان،

مَر ڪُلهن تان ماس ڪورين، ڪوريو ڪوريندو وَت.

هٿ حياتيءَ تان کنيو مون، حسن ڏسندي هوش گم،

تون تراريون، تير تورين، توريو توريندو وَت.

تنهنجو توسان آهه، تنهن هوندي به تون، تو کان پَري،

جيءُ جهڄڻ جهوريءَ ۾ جهورين، جهوريو جهوريندو وَت.

ڄاڻ وَهراڙو وهاڻيان، اڳ وَڪوڙي واٽ تي،

چست چانگي چور، چورين، چوريو چوريندو وَت.

دير جيئن جيئن خَير تيئن، ’احمد‘ اوَس ايندا عجيب،

وَر سويرا سَير سورين، سوريو سوريندو وَت.

(ڪليات 2: 144)

مٿئين غزل جي بندن ۾ ’گهورين، گهوريو ۽ گهوريندو‘ ساڳئي امُر: ’گهورِ‘ ۽ مصدر ’گهورڻ‘ مان، ’ڦورين، ڦوريو ۽ ڦوريندو‘ ساڳئي امر: ’ڦورِ‘ ۽ مصدر ’ڦورِڻ‘ مان،’اورِين، اورِيو ۽ اورِيندو‘ مصدر ’اورڻ‘ مان، ’ڏورين، ڏوريو ۽ ڏوريندو‘ ساڳئي امر: ’ڏورِ‘ ۽ مصدر ’ڏورڻ‘ مان، ’ڀورين، ڀوريو ۽ ڀوريندو‘ ساڳئي امر: ’ڀورِ‘  ۽ مصدر ’ڀورڻ‘ مان، ’ڪورين، ڪوريو ۽ ڪوريندو‘ ساڳئي امر: ’ڪورِ‘ ۽ مصدر ’ڪورڻ‘ مان، ’تورين، توريو ۽ توريندو‘ ساڳئي امر: ’تورِ‘ ۽ مصدر ’تورڻ‘ مان، ’جهورين، جهوريو ۽ جهوريندو‘ ساڳئي امر: ’جهورِ‘ ۽ مصدر ’جهورڻ‘ مان، ’چورين، چوريو ۽ چوريندو‘ ساڳئي امر: ’چورِ‘ ۽ مصدر ’چورڻ‘ مان، ’سورين، سوريو ۽ سوريندو‘ ساڳئي امر: ’سورِ‘ ۽ مصدر ’سورڻ‘ مان آهي. ڄاڻايل لفظن جو جيڪڏهن اشتقاق ڪبو ته انهن لفظن جو ڌاتو/ بنياد ’امر‘ يا ’مصدر‘ بيھندي. امر يا مصدر مان جڙيل ٻين لفظن جي صورتن کي مُشتَق سڏبو آهي.

ڄاڻايل لفظن: ’گهورين، گهوريو ۽ گهوريندو‘ جو ڇيد هن انداز ۾ ڪري سگهجي ٿو:

·       گهورين: گهورِ (امر) اِ > اِينْ (زمان حال- ضمير حاضر واحد جي، ضميري فعل واري پڇاڙي) = گهورينْ.

·       گهوريو: گهورِ (امر) اِ >  اِ + يو = ماريو (زمان ماضي- ضمير حاضر واحد جي [۽ پڻ ضمير غائب واحد مذڪر/ مؤنث] ضميري فعل واري پڇاڙي) = گهوريو.

·       گهورِيندو: گهورِ (امر) اِ > اِيند + او (زمان مستقبل/ مضارع- ضمير حاضر واحد مذڪر [۽ پڻ ضمير غائب واحد مذڪر] جي پڇاڙي) = گهورِيندو.

ساڳئي انداز ۽ ڪارب ۾ هڪ ٻيو غزل پڻ اچي ٿو:

مورَ، مُورت ۾ ٿو مارين، ماريو ماريندو وَت،

ڊيل جيئن وِک ڍولَ، ڍارين، ڍاريو ڍاريندو وَت.

مورَ، مُرڪڻ مان نه ٿيو، مَرهم مَرض منهنجي جو مُور،

بلڪ ٻُرڪيو لوڻ ٻارين، ٻاريو ٻاريندو وَت.

تنهنجو هٿ ٺاري هنئين کي، هٿ هٽائين ڇو حبيبَ،

هَڻ ته ٺَپ دلٺارَ ٺارين، ٺاريو ٺاريندو وت.

چنڊ چوڏهين، سج ڏسڻ سين، سج لٿي تائين به سج،

دوستَ، تون دم ڌار ڌارين، ڌاريو ڌاريندو وَت.

تو مٿان تُنڪا ملن، تن منهنجي تَن ۾ تُن ڪيا،

تو نه چئين گهايل ٿو گهارين، گهاريو گهاريندو وَت.

چيلهه چابُڪ، نرم نازڪ، لوڏ لَک جي لاڏلا،

وار جيئن هَر وار وارين، واريو واريندو وَت.

دوست چيو ديدار ملندئي، دير دُوريءَ بعد دَم،

شرط سارڻ جو ٿو سارين، ساريو ساريندو وَت.

پنج يا پنجاهه ڪوهن، پرت کي پورا ٻه پير،

پرهه سنئون پيغام پارين، پاريو پاريندو وَت.

آب ’احمد‘ جي اکين ۾، اڄ ڏسي آکيو عجيب،

هِير تي هيرا ٿو هارين، هاريو هاريندو وت.

(ڪليات 2: 139)

مٿئين غزل جي بندن ۾ ’مارين، ماريو ۽ ماريندو‘ ساڳئي امُر: ’مارِ‘ ۽ مصدر ’مارڻ‘ مان، ’ڍارين، ڍاريو ڍاريندو‘ ساڳئي امر: ’ڍارِ‘ ۽ مصدر ’ڍارڻ‘ مان،’ٻارين، ٻاريو ۽ ٻاريندو‘ امر: ’ٻارِ‘، مصدر ’ٻارڻ‘ مان، ’ٺارين، ٺاريو ٺاريندو‘ ساڳئي امر: ’ڍارِ‘ ۽ مصدر ’ڍارڻ‘ مان، ’ڌار، ڌارين، ڌاريو ۽ ڌاريندو‘ ساڳئي امر: ’ڍارِ‘  ۽ مصدر ’ڍارڻ‘ مان، ’گهارين، گهاريو ۽ گهاريندو‘ ساڳئي امر: ’گهارِ‘ ۽ مصدر ’گهارڻ‘ مان، ’وارين، واريو ۽ واريندو‘ ساڳئي امر: ’وارِ‘ ۽ مصدر ’وارڻ‘ مان، ’سارين، ساريو ۽ ساريندو‘ ساڳئي امر: ’سارِ‘ ۽ مصدر ’سارڻ‘ مان، ’پارين، پاريو ۽ پاريندو‘ ساڳئي امر: ’پارِ‘ ۽ مصدر ’پارڻ‘ مان، ’هارين، هاريو ۽ هاريندو‘ ساڳئي امر: ’هارِ‘ ۽ مصدر ’هارڻ‘ مان آهي. ڄاڻايل لفظن جو جيڪڏهن اشتقاق ڪبو ته انهن لفظن جو بنياد ’امر‘ يا ’مصدر‘ بيھندي. اهڙا لفظ جيڪي هڪ مصدر مان جڙندا هجن تن کي مُشتَق سڏبو.

ڄاڻايل لفظن: ’مارين، ماريو ۽ ماريندو‘ جو ڇيد هن انداز ۾ ڪري سگهجي ٿو:

مارين: مارِ (امر) اِ > اِينْ (زمان حال- ضمير حاضر واحد جي، ضميري فعل واري پڇاڙي) = مارينْ.

ماريو: مارِ (امر) اِ >  اِ + يو = ماريو (زمان ماضي- ضمير حاضر واحد جي [۽ پڻ ضمير غائب واحد مذڪر/ مؤنث] ضميري فعل واري پڇاڙي) = ماريو.

مارِيندو: مارِ (امر) اِ > اِيند + او (زمان مستقبل/ مضارع- ضمير حاضر واحد مذڪر [۽ پڻ ضمير غائب واحد مذڪر] جي پڇاڙي) = مارِيندو.

 

·       حاصل مطلب/ نتيجو

هتي مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ اهڙن مُشتَق لفظن جو اڀياس ڪيو ويو، جيڪي هڪ ئي شعر ۾ ڪم آندا ويا آهن. ’مُشتَق‘ لفظن کي اشتقاق واري دائري ۾ آڻڻ بعد ان حرفت کي ’تجنيس اشتقاق‘ چئبو. اصولي طور ڪنھن شعر ۾، ڀيٽ جي صورت ۾، ساڳي جنس وارا لفظ ڪم آندا ويا هجن ته ان کي ’تجنيس‘ واري اصطلاح ۾ آڻبو.

·       ’تجنيس‘ جي حرفت جو تعلق همجنس ’لفظن جي گهاڙيٽي‘ سان هوندو آهي، جڏهن ته صنعت جو تعلق لفظن جي معنى سان هوندو آهي. ان سبب ڄاڻايل اڀياس موجب هن حرفت کي ’صنعت اشتقاق‘ بجاءِ ’تجنيس اشتقاق/ مشتق‘ ۾ سمجهڻ گهرجي.

·       درسي لحاظ کان اشتقاق جا ٽي نمونا ٿين ٿا: مرڪب، مرتب ۽ ڌاتو/ بنياد. هتي صرف ڌاتو/ بنياد ورتل يا بنياد مان ورتل واري نموني کي ’تجنيس مشتق‘ تصور ڪيو ويو آهي.

·       اشتقاق مان مراد ڪنھن لفظ کي ٽوڙي بنياد/ ڌاتو/ اصل معلوم ڪرڻ هوندو آهي. ڪنھن شعر يا شعر جي سٽر ۾ ساڳئي بنياد مان جڙيل مُشتَق لفظ ڪم آندل هوندا ته ان کي ’تجنيس مشتق‘ ۾ شامل ڪيو ويندو.

·       مولوي احمد ملاح جيئن ته عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين جو ماهر هيو، ان سبب هن جي شاعريءَ ۾ مختلف ٻولين جا لفظ مختلف وزنن/ صيغن ۾ ملن ٿا. هتي سندس شاعري مان ’تجنيس اشتقاق- مشتق‘ جي حوالي سان صرف ’عربي ۽ سنڌي‘ مُشتَق لفظن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. مُشتَق لفظن جي حوالي سان عربي لفظن کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي.

 

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس اشتقاق- مرتب جو جائزو

(The Study of Etymological Complex Homogeneity in Molvi Ahmed’s Poetry)

 

·       جائزي جو بيان

علم عَروض جي دائري ۾ جيڪڏهن مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ کي صنايع بدايع جي اک سان ڏسجي ته اهو ڪم ايڏو آسان ناهي، جيترو سمجهيو وڃي ٿو. ڪي شعر ته اهڙا به اٿس جتي هڪ ئي شعر ۾ ٻه اڍائي تجنيسون ڪم آڻي ٿو وڃي. اهڙي حالت ۾ ان شعر مان مخصوص تجنيس کي نمايان ڪرڻ، سواءِ مٿاڪٽ جي ممڪن ناهي، مثال طور:

ڪَر کڻان ڪَر، جي لھين ڪَر، تنھنجي ڪَرمن جي ڪَري،

تنھنجون ڳالهيون ڳوٺ ڳايان، تنھنجا ڳُڻ ڳُڻ ڳائيان.

(ڪليات 2: 402)

? تجنيس تام موجب: ’ڪَر = ڪنڌ- ڪَر = جيڪر- ڪَر = سُڌ سار‘ ٽي دفعا ساڳي صورت ۾ ڪم آيو آهي.

? تجنيس مذيل: ’ڪَر- ڪري- ڪرمَن‘ ساڳئي لفظ جي آخر ۾ اضافي سان ٻيا لفظ ڪم آيا.

? تجنيس حرفي: ’ڪَر، ڪَر، ڪَر، ڪرمن، ڪري، ڳالهيون ڳوٺ ڳايان، ڳڻ ڳڻ ڳائيان‘ ساڳئي حرف سان شروع ٿيندڙ لفظ ڪم آيا.

? مڪرر قافيو:  هن غزل ۾ ’ڳُڻ ڳُڻ‘ جيان ٻيا به مڪرر قافيا آندا اٿس.

ڄاڻائڻ مان مراد ته مولوي صاحب جي سڄي شاعري اهڙين فني خوبين سان ڀريل آهي، ان ڪارڻ سندس شاعريءَ تي تمام نفاست سان ڪم ڪرڻو پوي ٿو، ٻي صورت ۾ ڪنھن به غلطيءَ جي امڪان کي رد ڪري نه ٿو سگهجي.

تجنيس جو اصطلاح تڏهن ڪم آندو ويندو آهي، جڏهن ڪنھن شعر ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ همجنس لفظ هجن. اهي همجنس ڪھڙي نوعيت يا قسم جا هجڻ گهرجن، ان لاءِ پھريائين دائرو جوڙيو ويندو آهي، بعد ۾ ان پيراميٽر تحت لفظن جو استعمال ڏيکاريو ويندو آهي. هتي مولوي صاحب جي شاعريءَ کي نظر ۾ رکندي، ’تجنيس مرتب‘ جو تشريحي اصطلاح جوڙيو ويو آهي؛ حالانڪ، ’تجنيس مرتب‘ جو حوالو ڪٿان به ملي نه سگهيو آهي.

تجنيس مرتب، دراصل ’اشتقاق‘ جو هڪ جز آهي. اشتقاق جو دائرو وسيع رهي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاح/ Term ’اشتقاق‘ ۾ لفظن جا ٽي گروهه شامل سمجهيا ويندا آهن: مرڪب لفظ، مرتب لفظ ۽ مشتق لفظ.

·       مرڪب لفظ عربي: سيد الشھداء = (سيد = سردار + شھداء = فعلاء جي وزن تي جمع- گواهي ڏيندڙَ) شھيدن جو سردار- الله جي راهه ۾ قتل ٿيندڙن جو امير- حق جي گواهي ڏيندڙن جو پيشوا.

مرڪب لفظ سنڌي: اڳڪٿي = (اڳ = پھرين- منڍ + ڪٿڻ = اندازو ڪرڻ- ويچار ڪرڻ) ايندڙ واقعي جي خبر- پيشنگوئي.

·       مرتب لفظ عربي: بسم الله = (بِ = حرف جر- سان + اسم = نالو + الله = ڌڻي تعالى) الله جي نالي سان.

مرتب لفظ سنڌي: سُڪار = (سُ = سٺو + ڪار/ ڪال = ڪم- وقت) روزگاري- خوشحالي- آبادي.

·       مشتَق لفظ عربي: مُنصِف = مُفعِل- اسم فاعل (نَصَفَ = هن اڌو اڌ ڪيو) برابر ڪندڙ- عدل ڪندڙ.

·       مشتَق لفظ سنڌي: لکندڙ = اسم فاعل (لِکُ = لکڻ جو امر) لکڻ جو ڪم ڪندڙ.

اهو اشتقاق جو خاڪو درسي آهي، جيڪو اسڪولن ۽ ڪاليج جي (نائين ۽ ٻارهين) درجن ۾ پڙهايو ويندو آهي. انهن ٽنهي قسمن (مرڪب، مرتب ۽ مشتق) کي جڏهن صنايع بدايع ۾ ڏٺو ويندو آهي ته ’تجنيس مرڪب‘ الڳ سان هڪ تجنيس موجود آهي، جنھن جا پيراميٽر پڻ مقرر ٿيل آهن. ’تجنيس مشتق‘ پڻ ’صنعت اشتقاق‘ جي نالي سان ’لفظ جي ڌاتو لاءِ‘ عام آهي. جڏهن ته ’مرتب لفظ‘ سان ڪٿي تجنيس جو اشارو نه ٿو ملي، البت ان کي، هڪ شعر ۾ ڪم آندل همجنس لفظن جي حوالي سان، الڳ تجنيس جو نالو ڏئي سگهجي ٿو.

مرتب لفظ، جامع سنڌي لغات موجب: ”مُرَتَّبُ: صفت. (ع. رَتَبَ = درجي وار رکيو) ترتيب ۾ رکيل- درست ڪيل- ترتيب ڏنل- سنواريل- ٺھيل- ٺھيل- ڍنگ سان لڳايل- قريني سان ٺاهيل- باقاعده- درست- تيار. تاليف ڪيل- گڏ ڪيل (ڪنھن ڪتاب ۾ ڪي مضمون وغيره). (بلوچ، 1988: 2633)

·       مرتب (Complex) جو دائرو

دراصل، ’مرتَّب‘ جو اصطلاح ٻوليءَ جو هڪ ايڪو آهي، جنھن هيٺ ٻن لفظن/ جملن کي ملائي استعمال ڪيو ويندو آهي. انهيءَ ملايل حالت ۾ هڪ جزو/ حصو ’پروَس‘ (Dependent) ۽ ٻيو ’آزاد‘ (Independent) هوندو آهي. مٿي ڏنل مثال موجب ’سَ = ساڻ‘ آهي، ليڪن ’سَ‘ جو پروَس جزو، ٻوليءَ ۾ الڳ سان، ’ساڻ‘ جي معنى ۾، ڪم نه ٿو آندو وڃي، بلڪ ٻئي ڪنھن معنادار لفظ سان ملي، ’ساڻ‘ جي معنى ڏيندو. جڏهن ته ٻن معنادار آزاد لفظن جي جوڙ کي ’مرڪب لفظ‘ ڪوٺيو ويندو آهي، جيئن: اڳڪٿي، صورتخطي، اڄڪلهه وغيره.

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي مرتب لفظ جي وضاحت ڪئي آهي: ”مرتَّب لفظ (Complex word) اهو آهي، جنھن ۾ هڪدم ويجهن جزن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ جزو پَروس روپ آهي.“ (جيٽلي، 1990: 25- 42)

ڊاڪٽر غلام علي الانا ان بابت لکي ٿو: ”اهو لفظ جنھن سان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پَروَس صورتون شامل ڪيل هجن، اهڙي لفظ کي ’مرتب لفظ‘ (Complex word) چئبو آهي. مثال طور: سُپت، واڄٽ، پُٽيتو، کٽمٺڙو، اڻھوند، اڄاڻ، اڻڄاڻپ، ڏُتڙ، سُچيتائي ۽ ڪپتيو وغيره. (الانا، 2010: 242)

عربي لغتن جي مدد سان ’تجنيس مرتب‘ جو اشتقاق هن ريت رکجي ٿو:

?    تجنيس مُرتَّب: [تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + مُرتَّب- مُفَعَّل- اسم مفعول (رَتَبَ = هو ثابت قدم رهيو، هو قابو رهيو، هو سڌو رهيو) سڌو بيٺل- قابو ڪيل] صنايع بدايع موجب ڪنھن شعر يا بيان ۾ اهڙو گڏيل لفظ جنھن جو هڪ جزو پروَس صرفيو (Morpheme) هجي، ٻيو الڳ سان معنادار مستعمل لفظ هجي.  يعني لفظ جو هڪ جزو الڳ سان معنى نه رکي، ليڪن ٻئي جز سان ملي معنى جوڙيندو هجي، جيئن: سَوير. ڄاڻايل لفظ ٻن جزن جو مرتب آهي، ’سَ  = ساڻ + وير = وقت‘ وقت ساڻ- وقت تي- مناسب وقت.

اهڙي پروس جزي سان لفظ ته مفرد صورت ۾ ملي ويندا، ليڪن انهن مان ڪنھن شعر ۾ هڪ لفظ جي هجڻ سبب، تجنيس مرتب ۾ شامل نه ڪري سگهبو، جيئن:

جڏهن محبوبَ، ڪَر موڙين، تڏهن ڇاتيءَ مٿان ڇوڙين،

ڪڍان هڪ ڪانَ، ٻيو ٻوڙين، بدن بيڪار هڪ ڌڪ سان.

(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 378)

مٿئين شعر ۾ ’بيڪار‘ لفظ ٻن جزن (بي = سواءِ + ڪار/ ڪال = ڪم- وقت) جو جوڙ آهي. شعر ۾ لفظ هڪ ئي آهي، ان جو همجنس ’ڪار‘ موجود ڪونهي، جنھن سان ڀيٽ ڏئي سگهجي، ان ڪارڻ هڪ لفظ جي هجڻ سبب ان کي تجنيس مرتب ۾ شامل نه ڪبو. دراصل، تجنيس جو اصطلاح تڏهن ڪم آڻي سگهجي ٿو، جڏهن ساڳي سٽر يا شعر ۾ ڀيٽ جي صورت ۾ ’لفظ‘ ۽ ’مرتب لفظ‘ ڪم آندو ويو هجي، جيئن مولوي صاحب چئي ٿو :

موتيا گل خواه موتي، ملهه چوڻ مون لاءِ موت،

مُلُ ڪٿان آڻيان، اَمُلَ تي، جيئن مِلين تيئن مِلُ مٺا.

(ڪليات 2: 36)

مٿئين شعر ۾ ’مُلُ/ مُلهه‘ ۽ ’اَمُل/ اَمُلهه‘ جا لفظ، ساڳي سٽر ۾ ڪم آندل آهن. ’اَمُل‘ مرتب لفظ آهي، جيڪو پروس اڳياڙيءَ ’اَ...‘ سان، ترتيب ۾ آيو آهي. اَملُ/ املهه: (اَ = نه + مُلُ/ مُلُهه = بھا- قيمت- قدر- مول) جنھن جو ڪو ملهه ئي نه هجي- بي بھا. هڪ ئي شعر جي ساڳي سٽر/ شعر ۾ ڪم آيل ’مل ۽ امل‘ لفظن سبب ان کي تجنيس مرتب جو مثال سڏبو.

·       ’تجنيس مرتب‘ ۾ اڳياڙيءَ (Prefix) وچياڙي (Infix) ۽ پڇاڙيءَ (Suffix) جو تصور

تجنيس مرتب مان مراد ڪنھن شعر يا بند ۾ اهڙا همجنس لفظ ڪم آڻڻ آهي، جنھن ۾ هڪ لفظ: ’مفرد‘ هجي ٻيو: ’مرتب‘. مرتب  لفظ جا ٻه جز ٿين ٿا، هڪ: آزاد، ٻيو: پروَس. پروَس جزن جا ٻه نمونا ٿين ٿا: هڪ: لفظ جي اڳياڙي (Prefix)، ٻيو: لفظ جي پڇاڙي (Suffix) ، جيئن:

×   اڳياڙي (Prefix):

دشمن سان دوستي، پَر دوست دشمن اڄ لڳي،

با وفا سان بي وفائي، بي وفا بلڪل پسند.

(ڪليات 2: 217)

مٿئين شعر ۾ ’با وفا ۽ بي وفا‘ لفظن جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ سڏبي. با وفا (با = سان + وفا = نڀاءُ ڪرڻ- پورو ڪرڻ) ۽ بي وفا (بي = سواءِ + وفا = نڀاءُ).

×   وچياڙي (Infix) :

سؤ لَکين سھڻا ڏٺم، پَر سونھن تنھنجي سَرس سَرس،

در منجهان درسن پسڻ سان، دربدر هر دَرس دَرس.

(ڪليات 2: 286)

مٿئين شعر ۾ ’در ۽ دربدر‘، ’تجنيس مرتب‘ جو مثال سڏبو. دربدر (در = دروازو + بَ = سان- حرف جر + در = دروازو) هڪ دروازي کان ٻئي دروازي تائين- رولڙو- پريشاني.

×   پڇاڙي  (Suffix):

جسم منھنجي تي جَل جَلڙو، ڀٽن ڀر ڀات ڀَل ڀَلڙو،

ولهارن پاس وَل وَلڙو، ٻڌم آلاپ اويان او.

(ڪليات 2: 484)

مٿئين شعر ۾ ’جل- جلڙو‘، ’ڀَل- ڀلڙو‘ ۽ ’وَل- وَلڙو‘، ’تجنيس مرتب‘ جو مثال سڏبا. جلڙو- ڀلڙو- وَلڙو (جل- ڀل- ول + ڙو = اسم تصغير جي پڇاڙي)

هتي مولوي صاحب جي شاعريءَ مان، تجنيس مرتب جي حوالي سان، ’پڇاڙين‘۽ ’وچياڙين‘ کي ڇڏي ڪري صرف ’اڳياڙين‘ تي مرڪوز رهجي ٿو.

·       مولوي احمد جي شاعريءَ ۾ تجنيس مرتّب جو جائزو

? ’اَ = نه- سواءِ‘ اڳياڙيءَ سان

مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ اهڙا چند مثال خيال خاطر رکجن ٿا:

مُنھن ڏيکاري مِھر سان، ماري وڌُئي مشتاق کي،

تو ڌَرم ۽ دان ڪِيو، پَر آههِ اَڌرم هر طرح.

(ڪليات 2: 206)

مٿئين شعر ۾ ’ڌرم ۽ اَڌرم‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن. ’اَڌرم: (اَ = نه- کان سواءِ  + ڌرم = مذهب- سٺو سلوڪ- ڪرم) ڏاڍ- ظلم- بي ديني- بي اصولي.‘

آهه موڪل ماهرن کي، جيترا منجهه لوڪ لَک،

لَک مِلي ڪو ڪَک بيھارن، جيئن بيھاريا اُڀ اَلک...

(ڪليات 1: 57)

مٿئين بند جي ٻن سٽرن وارن قافين ۾ ’لَک ۽ اَلک‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن. ’اَلک (اَ = نه + لَک = ظاهر) جيڪو ظاهر نه هجي- باطن ۽ ’لَک = ظاهر‘.

الله الله ڪَر اَوير سَوير، ڇڏ ٻيون گرنديون، ڦرنديون ڦير،

ڀلن جا وٺ ڀلا، تون ڀير، سچ ته سُونھان جن اهڙا شير،

وهه واهه، تن جي سوڀ سڀاڳ، دنيا درگذر جو ماڳ،

ساٿ سنڀُوڙو، جانبَ، جاڳ.

(ڪليات 1: 380)

مٿئين شعر ۾ ’اَوير ۽ سَوير‘ لفظ تجنيس مرتب جو مثال آهن. ’اوير (اَ = نه + ويرَ = وقت) وقت نه هجڻ- دير هجڻ؛ سَوير (سَ = ساڻ + وير = وقت) وقت ساڻ- درست وقت تي.

آهن سَھنج اَهنج سان، ڀيڙا برقرار،

آهن سھنج اهنج گڏ، اي سچي سماچار...

(نور القرآن- منظوم ترجمو، مولوي احمد ملاح)

سورة انشرح: آية 5- 6 جي منظوم ترجمي جي پھرين سٽر ۾ ’سھنج ۽ اهنج‘ مرتب لفظ آهن. سَھنج (سَ = ساڻ + هنج = جهولي- سُک) سؤلائي- سُک ۽ اَهنج (اَ = نه- سواءِ) ڏکيو- ڏک، ساڳي سٽر ۾ ٻئي لفظ ڪم آڻڻ واري حرفت ’تجنيس مرتب‘ ۾ ڳڻي ويندي.

?    ’اُ/ اد = مٿي- وڌيڪ‘ اڳياڙيءَ سان

سڄڻ، توکان سوا سَنڌ سَنڌ، سَٽ سَٽ سُور جا سَٽڪا،

ڦَٽي ڦوڙاءِ ڦوڙي دل، اُڦٽ ڦَٽ، ڦَٽ مٿي ڦَٽڪا.

(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 65)

مٿئين شعر ۾ ’اُڦٽ ۽ ڦَٽ‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن. اُڦَٽُ: (اُ/ اُد = مٿي- وڌيڪ + ڦَٽُ = زخم- چاڪُ) زخم کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ- اتي جو اتي زخمي ٿيڻ- هڪ ڌڪ سان ڪِرڻ.‘

?    ’آ = وڌيڪ- چوڌاري‘ اڳياڙيءَ سان

لُڙڪ لَڙهه لالڻَ، ڏسي، اوڏو نه ’احمد‘ کي اچين،

ويھه اکين ۾ آب پوندو آٺري، تون آ ٺري.

(ڪليات 2: 545)

مٿئين شعر ۾ ’آٺرِي ۽ ٺرِي‘ لفظن جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ سڏبو. آٺرِي (آ = وڌيڪ- چوڌاري- ابتڙ + ٺرڻ = ٿڌو ٿيڻ) ٿڌو ٿيڻ- سڪون ۾ اچڻ- ماٺ ٿيڻ.

?    ’اڻ = سواءِ‘ اڳياڙيءَ سان

اڄ سُڃاڻين ڪينَ سھڻا، سچ سَڀئي، صدقي وڃان،

اَڻ سُڃاڻو وٽ سُڃاڻو، اِيءَ چَلا ڪھڙي سبب.

(ڪليات 2: 104)

مٿئين شعر ۾ ’اڻ سڃاڻو ۽ سڃاڻو‘ تجنيس مرتب جا مثال آهن.

’ري‘ رهن ٿا رُوح ڪھڙي ماڳ، موئي کان پڄاڻ،

خاڪ خاڪي، رُح باقي، ايئن چون ٿا سڀ سُڄاڻ،

جو ڪري انڪار ان کان، سو عقل جو اڻ سُڄاڻ،

پَر پساهن جي پَسڻ کان، آهه نيڻن کي نقاب،

هَي، هتان جي ويا، نه آيو ڪنھن به جانيءَ کان جواب،

ڪوهه ڄاڻان ڪوٽ ۾، ڪيئن ٿيو هَميراڻو حساب.

(ڪليات 1: 253)

مٿئين شعر ۾ ’اڻ سڄاڻ ۽ سڄاڻ‘ تجنيس مرتب جا مثال آهن.

?    ’اَوَ = خراب- گهٽ‘ اڳياڙيءَ سان

اٿَئي ’احمد‘ هتي اَوسر، اُٿي ساڻيهه سامهون سَر،

ته هوءِ سانوڻ سدا تو سَر، بھاري بخش باريءَ جي.

(ڪليات 2: 538)

مٿئين شعر ۾ ’اَوسَر ۽ سَر‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن. اَوسَر: (اَوَ = خراب- گهَٽ + سَر = سُڪار) ڏُڪار.‘

?    ’پَر = پرايو‘ اڳياڙيءَ سان

وري يار منھنجي وسڻ جا ڪيا ويس،

وُٺو ۽ وسي پيو، وسي ديس پَرديس.

(ڪليات 2: 300)

مٿئين شعر ۾ ’ديس ۽ پرديس‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن. پرديس: (پَر = پَرايو + ديس = وطن) ڌاريو وطن.

?    ’ڏُ = خراب‘ اڳياڙيءَ سان

ڏُک وڌيو ڏولائو ٿيو، پيو ڏُڪارن تي ڏُڪار،

پئي پٽن ’پاڻي ڙي پاڻي‘ جي پُڪارن تي پُڪار،

سُڻ سٻاجها سائين، سڏڙا، ڪَر سُڪارن تي سُڪار،

ڪَر چڱو گولن سندو گذران، مولا، مينهن وساءِ.

(ڪليات احمد- ڀاڱو پھريون، اڻ ڇپيل واڌاري ۾ موجود)

مٿئين بند ۾ ’ڏڪار ۽ سُڪار‘ لفظَ، تجنيس مرتب جو مثال آهي. ڏڪار (ڏ = خراب + ڪار/ ڪال = ڪم- وقت) روزگار جي ڪمي. سُڪار (سُ = سٺو + ڪار/ ڪال = ڪم- وقت) خوشحالي- روزگار جي فراواني.

ڏاترَ، لاهين ڏُک، ڪي ساڻيھه سنڀران سُک،

ماڙيَن مارِي آهيان، ميڙين مارُو مُک.

(ڪليات 1: 307)

مٿئين شعر ۾ ’ڏُک ۽ سُک‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن. ڏُک: (ڏُ = خراب + کَن = کوٽڻ) اهنج- پيڙا- تنگي ۽ اَڌر: (اَ = نه- کان سواءِ + ڌر = ٽيڪ- آڌار) نڌڻڪو- بي واهه- لاوارث- ويچارو.

?    ’سَ = ساڻ‘ اڳياڙيءَ سان

ڪڍيا ڦوڙاءِ مون ڦرها، ڪٿي ڪاهي وڃان ڪرها،

سَري صحبت ته سڀ سَرها، نه ٿئي ’احمد‘ اَراهُون ڪو.

(ڪليات 2: 481)

مٿئين شعر ۾ ’سَرها ۽ اَراهُون/ ارهو‘ لفظن جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ سڏبو. سَرهو (سَ = ساڻ + رهڻ = گذارڻ- بسر ڪرڻ) خوش ۽ اَرهو (اَ = نه- سواءِ + رهڻ = گذارڻ) ناخوش.

سَڌر جو آههِ سڀڪو ۽ اَڌر جو،

نه ڪو غمٽار ۽ غمخوار وارث.

(ڪليات 2: 168)

مٿئين شعر ۾ ’سَڌر ۽ اَڌر‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن. سَڌر: (سَ = ساڻ + ڌر = ٽيڪ- آڌار) ڌڻڪو- خوشحال- راڄ ڀاڳ وارو ۽ اَڌر: (اَ = نه- کان سواءِ + ڌر = ٽيڪ- آڌار) نڌڻڪو- بي واهه- لاوارث- ويچارو.

ساهه سالن کان سِڪي ٿو، وَر سٻاجها ۽ سَٻوجههَ،

ياد ڪريو  يارَ، واهن آب اکين مان اَٻوجهه.

(ڪليات 2: 168)

مٿئين شعر ۾ ’سَٻاجهو، سَٻوجهه ۽ اَٻوجهه‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن. سَٻاجهو: (سَ = ساڻ + ٻاجهه = رحم- ديا) ٻاجهارو، سَٻوجهه (سَ = ساڻ + ٻوجهه = سمجهه- عقل- فھم) سمجهه وارو ۽ اَٻوجهه: (اَ = نه- کان سواءِ + ٻوجهه = سمجهه- عقل) بي سمجهه.

?    ’سُ = سٺو- چڱيءَ طرح‘ اڳياڙيءَ سان

ڏينھن سُکيو ڏينھن کان، ڏُکيو نه ڏينھن ڏيکار تون،

تون نه ڏيندين، ڪير ڏيندو، ڏيھه جو ڏاتار تون.

(ڪليات 1: 166)

مٿئين شعر ۾ ’سُکيو ۽ ڏُکيو‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن. سُکيو: (سُ = سٺو- چڱيءَ طرح + کَن - کوٽڻ) خوشحال- سَکَرُ- سولو (سنديلو: 1980) ۽ ڏُکيو: (ڏُ = خراب- گهٽ + ) نڌڻڪو- بي واهه- لاوارث- ويچارو.

سؤ شڪر الحمد لله، سال ٿيا  سالم سُڪار،

ڏينھڙا ڏولاءِ جا ويا، ڏُور ٿيا ڏيھه تان ڏُڪار،

مرحبا، آيو محمد، ويا مَري مُلحد مَڪار،

ٿيا شروع نوبت نغارا، اي ڀلا آئين ڀَلي.

(ڪليات 1: 127)

مٿئين شعر ۾ ’سُڪار ۽ ڏُڪار‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن. سُڪار: (سُ = سٺو- چڱيءَ طرح + ڪار/ ڪال = ڪم- وقت) خوشحالي ۽ ڏڪار: (ڏُ = خراب + ڪار/ ڪال = ڪم- وقت) تنگي- خراب وقت.

سدائين هُيون جي سُھاڳن ڀَريون،

ٿيون ڏينهن هڪ ۾ ڏُهاڳن ڀَريون،

بُکون هاڻ ڀوڳين ڀاڳن ڀَريون،

پريءَ رُوءِ پريشان هڪ منٽ ۾.

(ڪليات 1: 499)

مٿئين شعر ۾ ’سُھڳن ۽ ڏهاڳن‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن. سُھاڳ: (سُ = سٺو- چڱيءَ ريت + ڀاڳ = ڀاڱو- حصو- نصيب) سٺي قسمت- سٺو ڀاڳ ۽ ڏُهاڳ: (ڏُ = خراب + ڀاڳ = ڀاڱو- نصيب) خراب قسمت- ٽٽل ڀاڳ.

مرُون ماڻهن جي مارڻ لئي، کَڙا نت خُون ڪارڻ لئي،

ڪيَس ڇولي ڇپر راهي، سڄڻ ڄاڻي سڃاڻي اُت.

(ڪليات 2: 126)

سُھيا سُگهڙ سڃاڻان، ڄاڻُو وڏا به ڄاڻان،

پر وئي پسھه پڃاڻان، ٻولي نه ٻرڪ جهٽ پَٽ.

(ڪليات 1: 153)

مٿئين شعر ۾ ’سُڃاڻان- ڄاڻان‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن. سُڃاڻان: (سُ = سٺو- چڱيءَ طرح + جڃا = ڄاڻڻ) چڱيءَ طرح ڄاڻڻ- پڇاڻڻ. (’سڃاڻڻ‘ ۽ ’ڄاڻڻ‘ ساڳئي بنياد جا لفظ آهن)

?    ’ڪُ = واٽ‘ اڳياڙيءَ سان

منجهه دين نه ذرو زور، جان کُلِي واٽ ڪُواٽ کان،

پوءِ جو ڦري ڦيريال کان، مالڪ مڃي سو مور،

ته جنھن جو ڇڄڻ نه ڇيهه سين، سا پڪڙيائين ڏور،

سائين سڀ ڪنھن طور، سڻندڙ ۽ سڄاڻ گهڻو.

(نور القرآن- منظوم ترجمو، مولوي احمد ملاح)

مٿي ڄاڻايل سورة البقره: آية 256 جي منظوم ترجمي ۾ لفظ ’واٽ- ڪُواٽ‘ ۾ ڪُواٽ لفظ مرتب آهي. ڪُواٽ: (ڪ = خراب + واٽ = سڌو رستو- هدايت) خراب رستو- ونگي واٽ- گمراهي.

?    ’نه/ نر/ نس = نه- حرف نفي‘ اڳياڙيءَ سان

نه نيڪار جِي نوڪري ڪار ۾،

ڀَلن ساڻ ڀيڙو ته ڀاڙو لذيذ.

(ڪليات 2: 243)

مٿئين شعر ۾ ’نيڪار ۽ ڪار‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن. نيڪار: (نر = نه + ڪار / ڪال= ڪم- وقت) بيڪار- نڪمو.‘ ’نيڪار‘ لفظ مرتب آهي، ’ڪار‘ سان گڏ هجڻ سبب ان کي تجنيس مرتب ۾ ليکيو ويندو.

?    ’وِ = پري- جدا‘ اڳياڙيءَ سان

تون وِسارين مَر وِسارين، آئــون وساريان ڪنھن طرح،

تون نه سارين وَر نه سارين، آئون نه ساريان ڪنھن طرح.

(ڪليات 2: 207)

مٿئين شعر ۾ ’وسارين ۽ سارين‘ لفظن جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ ڪوٺبو. وسارڻ (وِ = پري- جدا-گهٽ + سارڻ = ياد ڪرڻ) ڀلائڻ- دل تان لاهڻ- ياد نه ڪرڻ.

’تجنيس مرتب‘ جي حوالي سان مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ ڪافي مثال هوندا، ڇاڪاڻ ته صاحب موصوف تجنيس حرفي ۽ هم قافيا لفظن استعمال ڪرڻ جو وڏو شائق هيو. ساڳين اڳياڙين سبب، هيءَ تجنيس به’هم قافين‘ جي ويجهو سمجهڻ گهرجي.

?    فارسي- عربي مرتب لفظ

?    ’بِ = سان- حرف جر‘ اڳياڙيءَ سان

احد کان ڪُل، به ’احمدَ‘، رُل، گهَڙي ٻيا گل، نه بلبلِ ڀُل،

ڪرم سان ڪُل، بچان بلڪل، بچان بلڪل اَهاهاها.

(ڪليات 2: 82)

مٿئين شعر ۾ ’ڪُل ۽ بلڪُل‘ لفظن جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ ڪوٺبو. بلڪل/ بِالڪُل (بِ= سان- حرف جر + ڪُل = سمورو- سراسر) بنهه سراسر.

?    ’با = سان‘ اڳياڙيءَ سان

دشمن سان دوستي، پَر دوست دشمن اڄ لڳي،

با وفا سان بي وفائي، بي وفا بلڪل پسند.

(ڪليات 2: 217)

مٿئين شعر ۾ ’با وفا ۽ بي وفا‘ لفظن جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ سڏبي. با وفا (با = سان + وفا = نڀاءُ ڪرڻ- پورو ڪرڻ) ۽ بي وفا (بي = سواءِ + وفا = نڀاءُ).

?    ’بَر = تي‘ اڳياڙيءَ سان

واههَ، ماڻا ماڻڪين جا، مانَ ماڻڪ ماڻيا،

برقراريءَ سان بدلجي، بي قراري پوش پوش.

(ڪليات 2: 305)

مٿئين شعر ۾ ’برقراري ۽ بي قراري‘ لفظن جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ سڏبي. برقراري (بر = تي + قرار = بيھڪ- قيام- فرحت) قائم- ثابت ۽ بي قراري (بي = سواءِ + فرحت- سڪون- ڌيرج) سڪون نه هجڻ.

ٿيَس هن علم مان آئون، اگهاڙي سِر ٿيڻ وارو،

       ٿيو مـــــون بخت بــــالا، يا بلا بَرسر ٿــــيــــڻ وارو.

(ڪليات 1: 359)

مٿئين شعر ۾ ’سر ۽ برسر‘ لفظن جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ سڏبي. برسَر (بر = تي- مٿان + سَر = مٿو)  مٿي  تي.

?    ’بي = سواءِ‘ اڳياڙيءَ سان

ڏي مزو مشتاق کي، جيڪي ملي معشوق کان،

آبرُو، بي آبرو، يا انب، اَنبوري به سوڀ.

(ڪليات 2: 117)

’آبرو ۽ بي آبرو‘ لفظن جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ ۾ڳڻبو. (بي = سواءِ + آبرو = عزت).

ناهه مون کي اختياري، آهيان بي اختيار،

مون کي ميڙڻ خواه مارڻ، مِڙ مُيَسر تنھنجي هٿ.

(ڪليات 2: 148)

’اختيار ۽ بي اختيار‘ (بي = سواءِ + اختيار = وس- زور- مرضي)، تجنيس مرتب آهي.

ڪوڀ واري قبر پڻ، ڪاري قيامت ڳالهه ڳچ،

سخت دم سڪرات جو، مَھندان ٻَرن ٿا مُور مَچ،

آئون پيادو، پنڌ گهڻو، بي پھچ کي پرورَ پھچ،

سونُ صافي مون سوديو، ڪُل ڪمايم ڪوڙ ڪَچ،

ڪم نه چانديءَ ساڻ چوکي، لطف مان لاهيان نه آس.

(ڪليات 1:  191)

’پھچ‘ ۽ ’بي پھچ‘ جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ جو مثال آهي. بي پھچ (بي = سواءِ + پھچڻ = رسڻ).

حال ڀايو، حال هن بي حال جو في الحال هيءُ،

دوست ڌاران ڌوڙ ۾ ڌڙ، دل ڪئي دلبند بند.

(ڪليات 2: 216)

’حال ۽ بي حال‘، بي حال (بي = سواءِ + حال = هلندڙ وقت- حالت- ڪيفيت) تجنيس مرتب آهي.

لڳي ريت، بي ريت پَر سان پريت،

ڀَلي ڏي نه مون تي بيانات نات.

(ڪليات 2: 118)

’ريت ۽ بي ريت‘، (بي = سواءِ + ريت = دستور- طور طريقو)، تجنيس مرتب آهي.

?    ش = اسم جي پڇاڙيءَ سان

’ضاد‘ ضد مان جي چوَن، الله اوهان جو عرش تي،

ڪيئن اوهان سان گڏ اهو، ڪيئن ڪم هلائي فرش تي،

ناهه پروَر سو پَري، جنھن جي پَلين پرورش تي،

ڪرم سان توکي ڪيائين، آب مان عزت ماب،

هَي، هتان جي ويا، نه آيو ڪنھن به جانيءَ کان جواب،

ڪوهه ڄاڻان ڪوٽ ۾، ڪيئن ٿيو هميراڻو حساب.

(ڪليات 1: 254)

’پرور ۽ پرورش‘ لفظن جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ سڏبي. پرورش (پروردن = پالڻ + ش = فعل کي اسم بڻائڻ جي پڇاڙي) پالنا- تربيت.

?    عن = کان (حرف جر)

مُڙين ٿو نه مارڻ کان منھنجا پرين،

بھادر ٿي بيٺين ڪُھڻ تي قريب.

ڏينھان رات ڏيندي مرض سان مَٿا،

اچي پيَم اوڏو اَجل عَنقريب.

(ڪليات 2: 112)

’قريب ۽ عنقريب‘ انهن ٻن قافين جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ سڏبو. عنقريب (عَن = سان (حرف جر) + قريب = ويجهو) ويجهي سان.

?    ’لا = نه- حرف نفي‘ اڳياڙيءَ سان

اڄ قبوليا قوم ڪھڙا ڪم، ڪنھين ڪم جي بجاءِ،

مُلڪ ۾ لامذهبي، مذهب مُسلم جي بجاءِ.

(ڪليات 2: 509)

مٿئين شعر ۾ ’لامذهبي۽ مذهب‘ لفظن جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ سڏبي. لامذهبي (لا = نه- حرف نفي + مذهب = دين)  بي ديني.

?    ’نا = نه- حرف نفي‘ اڳياڙيءَ سان

چاڪ مان ناچاڪ بُت، چاڪون بنان دل چاڪ چاڪ،

لال لڙڪ ساڻ لوئي، بوند بيھي ڪنھن نه ڀَت.

(ڪليات 2: 121)

مٿئين شعر ۾ ’چاڪ ۽ ناچاڪ‘ لفظن جو استعمال ’تجنيس مرتب‘ ڪوٺبو. ناچاڪ (نا = نه- حرف نفي + چاڪ = چڱو ڀلو- تندرست)

?     ناڪ = ڀريل- وارو

رَس رهاڻيون ريلڙن ۾، ريس ڪن ٻيا رَهه گذر،

غم لٿا غمناڪ تان، غمزا هڻي غمخوار گڏ.

(ڪليات 2: 230)

’غم‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته ’غمناڪ‘ (غم = ڏک + ناڪ = ڀريل- وارو ) مرتب صورت ۾ آهي.

?    ’هم = ساڳيو‘ اڳياڙيءَ سان

دوست هَمدمَ، بيھه دَم دَم، دَم ڏيان تون پوءِ وڃ،

ڪَر ڪرم، قربان قدمن تان ٿيان تون پوءِ وڃ.

(ڪليات 2: 194)

مٿئين شعر ۾ ’همدم۽ دم‘، همدم (هم = ساڳيو + دم = ساهه)  ساڳيو ساهه، تجنيس مرتب آهي.

·       اختصار/ حاصل مطلب/ نتيجو

?    تجنيس جو اصطلاح تڏهن ڪم آندو ويندو آهي، جڏهن ڪنھن شعر يا بند ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه همجنس لفظ ڪم آندا ويا هجن. ان لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته ’تجنيس‘ جو لاڳاپو لفظن جي گهاڙيٽي سان آهي.

?    تجنيس مرتب، تجنيس اشتقاق جو هڪ جز آهي. اشتقاق ۾ ٽن قسمن جا لفظ: ’مرڪب لفظ‘، ’مرتب لفظ‘ ۽ ’مشتق لفظ‘ شامل هوندا آهن.

?    تجنيس مرتب جي لفظن ۾ به ٽن قسمن جي جزن کي جاچيو ويندو آهي: ’اڳياڙي‘، ’وچياڙي‘ ۽ ’پڇاڙي‘. هتي صرف ’اڳياڙين‘ کي مرڪوز رکيو ويو آهي.

?    ’تجنيس مرتب‘ ٻن اهڙن همجنس لفظن لاءِ ڪم آڻبو، جن مان هڪ ’مفرد‘ ۽ ٻيو ’مرتب‘ لفظ ڪم آندو ويو هجي. ياد رهي ته ’مرتب‘ مان مراد اهڙو لفظ ڪم آڻڻ آهي، جنھن جي ٻن جزن ۾ هڪ: آزاد جزو ۽ ٻيو: پروس جزو ڪم آندو ويو هجي.

?    ’تجنيس مرتب‘ جي دائري ۾ مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جي پرک ڪئي وئي آهي. مولوي ملاح پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ۽ عربي- فارسي اڳياڙين جو ڪافي استعمال ڪيو آهي. هتي سندس شاعريءَ مان اهڙن شعرن/ بندن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جن ۾ ’مفرد‘ ۽ ’مرتب‘ لفظن جو گڏيل استعمال ٿيل آهي، جيئن:

1.

مُنھن ڏيکاري مِھر سان، ماري وڌُئي مشتاق کي،

 

تو ڌَرم ۽ دان ڪِيو، پَر آههِ اَڌرم هر طرح.

2.

لُڙڪ لَڙهه لالڻَ، ڏسي، اوڏو نه ’احمد‘ کي اچين،

 

ويھه اکين ۾ آب پوندو آٺري، تون آ ٺري.

3.

سَڌر جو آههِ سڀڪو ۽ اَڌر جو،

 

نه ڪو غمٽار ۽ غمخوار وارث.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org