سيڪشن: ادب

ڪتاب: مولويءَ احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيسن

باب:

صفحو:2 

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس حرفيءَ جو تحقيقي جائزو

(A study of Alliteration in Molvi Ahmed Mallah’s poetry)

·       اڀياس جو پس منظر

صنايع بدايع جي روشنيءَ ۾ مولوي احمد ملاح جي شاعري، جيڪڏهن تجنيسن ۽ صنعتن جي حرفتن سان جاچي ويندي ته ان اندر ڪيئي ڪاريگريون نوان رستا ڪڍي بيھن ٿيون. عام طور مولوي صاحب کي، سندس شاعريءَ جي نسبت،  تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه ڪوٺيو ويندو آهي؛ ان ڪارڻ ته سندس پوري شاعريءَ جي سٽر سٽر ۾ تجنيس حرفيءَ جو سگهارو يا ڪمزور مثال ضرور ملندو. يعني اها علت سندس شاعريءَ جي مزاج ۾ شامل رهي آهي.

مون ادنى کي مولوي صاحب تي حال سارو ڪم ڪرڻ جو اتساهه اسسٽنٽ پروفيسر ضرار رستماڻيءَ کان حاصل رهيو. صاحب موصوف، مولوي صاحب جي شاعريءَ جو اهڙو ته حافظ آهي، جو ڪوبه لفظ کڻندا آهيون ته مولوي صاحب جو  شعر ٻڌائي وٺندو آهي. سندس اڪثر ڪچھريءَ ۾ مولوي صاحب جا ضرب المثال شعر ضرور شامل هوندا آهن. کانئس مولوي صاحب جا اهڙا شعر ٻڌي واقعي لڳندو آهي ته مولوي صاحب، تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه آهي. لفظن ۽ ترڪيبن جو اهڙو استعمال سندس شاعريءَ ۾ ٻين تجنيسن کان سرس آهي. تجنيس حرفيءَ مان مراد ڪنھن شعر يا شعري سٽر جو هر لفظ ساڳئي حرف/ اکر سان شروع ٿيندو هجي.

ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه پنھنجي ٿيسز ۾ تجنيس حرفيءَ ۽ خطيءَ کي ساڳي صنعت ڄاڻائيندي لکي ٿي: ”تجنيس حرفي يا خطي: جيڪڏهن ڪنھن جملي يا مصرع ۾ ساڳئي حرف سان شروع ٿيندڙ لفظن جو استعمال ٿئي ته اهڙي لفظي تڪرار واري صنعت، تجنيس حرفي يا خطي سڏبي. شاه لطيف جي ڪلام ۾ هن صنعت جو تمام گهڻو استعمال ٿيو آهي. هن جي ڪري شعر جي ترنم ۾ به واڌارو ٿئي ٿو. شاه سائينءَ جي سر ڪلياڻ جو پھريون بيت آهي:

اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي،

قادر پنھنجي قدرت سين، قائم آهي قديم،

والي واحد وحده‘، رازق رب رحيم،

سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،

ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جھان جي.

هت پنجن ئي مصرعن ۾ جدا جدا اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظن جو مڪرر استعمال ٿيو. پھرين مصرع ۾ ’الف‘ ۽ ’ع‘ (ساڳئي آواز جو)، ٻي مصرع ۾ ’ق‘ جو، ٽين مصرع ۾ ’و‘ ۽ ’ر‘ جو، چوٿين ۾ ’س‘ ۽ ’ح‘ جو ۽ پنجين مصرع ۾ ’ڪ‘ ۽ ’ج‘ سان شروع ٿيندڙ لفظن جو تڪراري استعمال ٿيو.“ (ڪلثوم، 2004: 22-23)

ڊاڪٽر صاحبه صنعت حرفيءَ جي وضاحت مناسب ڪئي آهي، البت ’حرفي ۽ خطي‘ کي ساڳي صنعت ڪوٺيو آهي، جن جي پاڻ ۾ ڪابه ويجهڙائپ ناهي. ’تجنيس حرفي ۽ خطيءَ‘ جي دائرن ۾ ’تجنيس تام ۽ ناقص‘ کان به وڌيڪ وڇوٽي آهي.

حالانڪ تجنيس حرفي اهڙي حرفت آهي، جيڪا ٻين تجنيسن جي ماءُ پڻ تصور ڪري سگهجي ٿي، جيئن: تام، ناقص، مطرف وغيره ۽ اهڙيون تجنيسون جن جا لفظ ڀيٽ جي بنياد تي پھريون اکر ساڳيو رکنديون هجن. تجنيس خطي به ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز تصور ڪري سگهجي ٿو، سو به ان صورت ۾ جڏهن پھريون اکر ساڳيو هجي، جيئن: ’ڪات ۽ ڪاٺ‘؛ ليڪن جڏهن پھريون اکر ئي تبديل ٿي وڃي ته ان صورت ۾ ’تجنيس خطيءَ‘ کي تجنيس حرفيءَ جو جوڙ نه ٿو تصور ڪري سگهجي. فرض ڪريو ته ’تجنيس خطي‘ جي نسبت ڪن به ٻن لفظن جا پھريان اکر تبديل هجن ۽ اکر جو گهر ساڳيو هجي،  ته ان کي آواز جي بنياد تي تجنيس حرفيءَ جو جوڙ نه ٿو تصور ڪري سگهجي، جيئن: تخت ۽ بخت.

ظفر عباسي ’تجنيس حرفيِ‘ جي دائري  بابت لکي ٿو : ”اها تجنيس جنھن ۾ ڪيترا لفظ اهڙا  هجن جن جو پھريون حرف ساڳيو هجي، اهڙي تجنيس حرفيءَ کي ’سر حرفي‘ به چيو ويندو آهي. مثال:

’ساهڙ سا سھڻي، سائر پڻ سوئي،

آهه نجوئي، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي.

...

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

    هوندا سي حيات، جيئڻان اڳي جي جئا....“

(ظفر، 2007: 409)

ظفر عباسيءَ تجنيس حرفيءَ کي ’خطي‘ سان ڪونه گڏايو آهي، ليڪن ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه بغير ڪنھن حوالي ۽ تحقيق جي ’تجنيس حرفي ۽ خطي‘ کي ساڳي صنعت ڪري پيش ڪيو آهي. هڪ ’تحقيقي مقالي‘ ۾ ’تجنيس حرفي ۽ خطي‘ جي ساڳئي هجڻ واري ڳالهه سبب مونجهارو آڏو آيو آهي.

·       مسئلي جا سوال

s ڇا تجنيس حرفي ۽ خطي، ساڳي تجنيس جو نالو آهي؟

s ڇا حرف ۽ خط لفظن جي بنيادي معنائن ۾ ڪا ويجهڙائپ آهي؟

s ڇا مولوي احمد جي شاعريءَ ۾ تجنيس حرفيءَ جو مقدار جهجهو آهي، جو کيس تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه ڪوٺيو وڃي ٿو؟

·       اڀياس جو عمل

ڄاڻايل سوالن جي روشنيءَ ۾ تجنيس حرفي ۽ خطيءَ جي بنيادن کي، لغتن جي روشنيءَ ۾ لغوي ۽ سماجي معنى ۾ پرکجي ٿو:

·       عالمن ۽ لغتن جي روشنيءَ ۾ ’حرف ۽ خط‘ جو اڀياس

·       پروفيسر ڀيرومل موجب: ”حرف جي بنيادي معنى آهي ’ڪنارو‘ يا ’پاسو‘. اهو پاسو پاسي سان (حرف حرف سان) ملائجي ٿو ته لفظ ٺھن ٿا.“ (ڀيرومل، 1985: 16)

·       مرزا قليچ بيگ موجب: ”حرف جي لفظي معنى آهي ڪنارو يا طرف يعني لفظ جو تمام ننڍو حصو يا ڪنڊ. انهن کي ڪيترن ئي قسمن ۽ صورتن ۾ ورهايئون ۽ انهن مان جدا جدا ڪم ڪڍيائون.“  (قليچ، 2006: 69) 

فيروز اللغات (عربي- اردو) موجب لفظ ’حرف‘ جي هيٺين معنى مراد حاصل ٿي آهي:

ü   حَرف (حَرَفَ = هن هٽائي ڇڏيو- هن منھن موڙي ڇڏيو) هٽائڻ،- منھن موڙڻ.

ü   حَرَّفَ = (ڪتاب يا ڳالهه) بدلائڻ- قلم جو قط پاسيرو ڪٽڻ- جهڪائڻ- ڪنارو ٺاهڻ.

ü   حَرف ج حِرَف = ڪنارو، انتھا، حاشيو.

ü   حَرف ج حُروف = آئيويٽا جو هڪ حرف- وياڪرڻ ۾ اٺن لفظن مان ٽن قسمن لاءِ ڪم ايندڙ.

·       فيروز اللغات (عربي- اردو) موجب لفظ ’خط‘ جي هيٺين معنى مراد حاصل ٿي آهي:

ü   خَطَّ = هن ليڪ ڪڍي، هن لکيو. لکڻي، لکيل صورت وغيره.

خط لفظ لکڻ جي معنى ۾ ڪم ايندڙ لفظ آهي. سنڌيءَ ۾ ڪم ايندڙ لفظ ’صورتخطي‘ مان مراد به ’لکت جي مقرر صورت‘ آهي، جيڪا يڪسان طور مقرر ڪئي ويندي آهي.

تجنيس خطيءَ مان مراد اهڙا ٻه يا وڌيڪ لفظ جيڪي ڀيٽ جي حالت ۾ ساڳي صورت رکندا هجن؛ بيشڪ، انهن جي وچ ۾ ٽٻڪن جو فرق ٿي سگهي ٿو، جيئن: عرض ۽ غرض. ڄاڻايل لفظن جي لکت واري صورت ساڳي آهي، ليڪن ٽٻڪن ۾ فرق آهي. ان اهڙي حالت کي ’تجنيس خطيءَ‘ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.

تجنيس حرفيءَ بابت ظفر عباسي ۽ ڊاڪٽر ام ڪلثوم جو دائرو مناسب آهي، البت ڊاڪٽر صاحبه جو خطيءَ بابت خيال جعلي آهي. سنڌي توڻي ٻين عربي رسم الخط ۾ لکجندڙ ٻولين وٽ ’حرفي ۽ خطي ساڳي تجنيس‘ هجڻ وارو اهڙو خام خيال نه ٿو ملي.

مرزا قليچ بيگ تجنيس خطيءَ بابت واضح ڪري ٿو : ”تجنيس خط: هن کي ’تصحيف‘ ۽ ’مشابه‘ به چوندا آهن. هن ۾ رڳو لفظ اهڙا ڪم ٿا اچن، جن جي صورت ۾ يعني لکڻ ۾ هڪجھڙا آهن، رڳو لفظن ۾ يعني پڙهڻ ۾ مختلف آهن.

رات ’تاريڪ‘، راهه ٿي ’باريڪ‘،

مور ’ناتين‘ کي نه هو ’تاتين‘،

’دشت ۾ ’دست‘ ان جو ڪونه وٺي،

هن کي ’تاڙين‘ پر نه ٿا ’تارين‘.

 

’عيادت‘ شڪل ۾ آهي ’عبادت‘،

مگر اٺ ڀيرا ان کان ٿي زيادت.

(قليچ، 2016: 99)

ظفر عباسيءَ پڻ ساڳي عبارت اتاري ۽ مثال به ساڳيا چونڊي ڏنا آهن. (ظفر، 415: 2007) يعني ’تاريڪ- باريڪ‘ ۽ ’عيادت- عبادت‘ جي لکڻ جي نسبت اکر جا گهر ساڳيا آهن، ليڪن ٽٻڪن ۾ فرق آهي. ڄاڻايل مثالن ۾ ٻيون مثال: ’عيادت- عبادت‘ تجنيس خطيءَ جو آهي، ليڪن پھرئين اکر/ آواز جي نسبت ان کي ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز به تصور ڪري سگهجي ٿو؛ ليڪن تجنيس خطيءَ جي پھرئين مثال: ’تاريڪ- باريڪ‘ کي پھرئين اکر/ آواز جي تبديليءَ سبب ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز نه ٿو تصور ڪري سگهجي.

مٿين مثالن بعد اچرج وٺي ٿي ته جڏهن ’تجنيس حرفي ۽ خطي‘ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ته پوءِ ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه پاران ’تحقيقي مقالي‘ ۾ اصطلاح (Terms) جي پيراميٽر بابت اهڙي گمراهه ڪندڙ ڳالهه ڪيئن ڪئي وئي!

مبادا انگريزي اصطلاح Alliteration مان اهڙو خيال جڙيو هجيس ته ’تجنيس حرفي ۽ خطي‘ ڳالهه ساڳي آهي. اهو تڏهن ٿو چئجي ته جڏهن ’تجنيس خطي‘ جو انگريزي ترجمي لاءِ گوگل سرچ انجن ڪم آڻجي ٿي ته Alliteration سان ’سه حرفي ۽ تجنيس خطي‘ جو ترجمو ملي ٿو، ليڪن وضاحت ۾ ساڳي انگريزي ’ايليٽريشن‘ جا مثال آهن، جيڪي خطيءَ جي دائري سان بنھه نه ٿا ٺھڪن.

·       تجنيس حرفيءَ جو اشتقاق

واضح هئڻ گهرجي ته ’تجنيس حرفي ۽ خطي‘ ٻه الڳ ۽ وٿي رکندڙ اصطلاح آهن. تجنيس حرفيءَ جو اشتقاق هيٺين ريت رکجي ٿو:

تجنيس حرفي: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ- جنسي ترتيب ڏيڻ + حرفي (اکري) ] صنايع بدايع موجب ڪنھن شعر جو هر لفظ ساڳئي حرف/ اکر سان ڪم آڻڻ، جيئن:

دولتون، دانائيون، دنيا، دوائون، دان، دين،

در مٿان دادار ڏئي ٿو، هر مھل جيڪي مَڱو.

(ڄاڻايل ’حمد‘ جي هڪ شعر ۾ مولوي صاحب مٿين سٽر ۾ هر لفظ ’د‘ سان شروع ٿيندڙ ڪم آندو آهي، جڏهن ته هيٺين سٽر ۾ به ٻه لفظ ڪم آڻي ويو آهي. اهڙي انداز سان تجنيس حرفيءَ واري حرفت سان سندس پورو ’حمد‘ چيل آهي.)

·       تجنيس حرفيءَ جو دائرو

علمي حوالي سان ته اهو خيال بيھي ٿو ته جڏهن تجنيس حرفي سڏجي ٿي ته ان مان مراد حرف/ اکر آهي. يعني جيڪڏهن ڪنھن سٽر ۾ ’ص‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ ڪم آڻڻا هجن ته ان صورت ۾ ’س‘ جو اکر، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ص‘ جو هم آواز آهي، استعمال ڪرڻ سان شعر جو عيب ظاهر ٿيندو. مولوي صاحب جتي تجنيس حرفي ڪم آڻي ٿو ته ساڳئي آواز (ا- ع، ت- ط، خ- ک، ث- س- ص وغيره) وارن اکرن کي ڪم نه ٿو آڻي، بلڪ ’خ‘ جو آواز آهي ته ’خ‘ سان ايندڙ لفظ ئي ڪم آڻي ٿو ۽ ’ک‘ جي استعمال کان پاسو ڪري ٿو:

’خي‘ خليفا خاص ٿيا، خيرُ الوَرى جا خير خواه،

خوش لقا، خوش خُلق، خوش گفتار، خوشتر چار يار.

 (ڪليات 1: 281)

آءُ اَجها، اوجر اکين جا، لاهِه اوجهر اوجهرا،

ڏِس اِجهو تو ري اُجهن پيا، مَنجهه اَجهورن اوجهه اوجهه.

(ڪليات 2: 191)

وَس ٿيئِي، واسِي وَريا، واسيا وَليَن، وَڻ ٽِڻ، وَلھار،

ٻُوهه ٻَھڪن، ٽُوهه ٽاريون، واهه قُدرت رب ڪريم.

(ڪليات 2: 359)

مٺا محبوب، مِل مينون، ملڻ ڪَڻ مين ته هان مَردا،

پري پيڪر، نه پردي ڪَر،نھين پَريان دي پَر پردا.

(ڪليات 2: 29)

 ٿيوان قربان قدمان تون، ڪڏانھن جاني قدم ڏيندا،

بنا دلدار دي ديدار، هي دلگير دم ڏيندا.

(ڪليات 2: 30)

ڪَٽاريَن سان ڪَٽڪ چاڙهي، ڪجن سِر نفس جي ڪاهون،

وٺي دِيميون ٻيا دشمن، دوناليَن سان دسيا ته به ڇا.

(ڪليات 2: 42)

اَسان ڪُن ۾ ڪَلر ڪاري، ڪَندا پيا  هِت  ڪَڪر ڪارُون،

ڀَريو ٿَر بَر مَٿي باران، بارو بار پيا ايندا.

(ڪليات 2: 44)

·       غزل ۾ تجنيس حرفي

مولوي صاحب تجنيس حرفيءَ جي حرفت تي ايتري ته گرفت رکندو هيو، جو سندس هر قسم جي نظم يا غزل جي ڪنھن نه ڪنھن سٽر ۾ حرفيءَ جا ٿورا ٿڪا مثال لازمي هوندا. سندس ٻه غزل خيال خاطر پيش ڪجي ٿو، جنھن جي سٽر سٽر ۾ حرفيءَ واري حرفت ضرور هوندي:

تار تَند تَن مَن ۾ تُون تُون، تُون ته تُون تُون، تُون لڳي،

لال لالڻ ساڻ لُون لُون، لُون ته لُون لُون، لُون لڳي.

دم دَريچي مان بيھي، ديدار دلبر جو ڪيَم،

تان هَڪل هر پار هُون هُون، هُون ته هُون هُون، هُون لڳي.

مون چيَس چُمني کَپي، اي نُر نيڻن، نُون ري،

تان اڳيان انڪار اُون اُون، اُون ته اُون اُون، اُون لڳي.

مون ڪي جيئريون جاڳنديون، جَلنديون جبل پاسي ڏٺيون،

منجهه ڇَپر ڇُونڇاٽ ڇُون ڇُون، ڇُون ته ڇُون ڇُون، ڇُون لڳي.

دوست، تنھنجا ديد دلڙيون، ٿا جري وانگر جهَٽين،

چوٽ سان چوڌار چُون چُون، چُون ته چُون چُون، چُون لڳي.

روح منھنجو روز راڻا، راڄ تنھنجي ۾ رَهي،

ڀَونر جيئن منجهه باغ ڀُون ڀُون، ڀُون ته ڀُون ڀُون، ڀُون لڳي.

قَلب ’احمد‘ ڪينرو ٿيو، قرب اَهنجي ۾ قريبَ،

روز رُڻ رُڻ راڳ رُون رُون، رون ته رُون رُون، رُون لڳي.

(ڪليات 2: 564)

’روز رُڻ رڻُ راڳ رُون رُون...‘ تجنيس حرفي کان علاوه قافيي وارو لفظ ڇهه دفعا ڪم آڻي، لفظن ۾ عجيب ڪيفيتون ۽ ترنم سمايو اٿس. اهڙا لفظ جن کي شايد لغت ۾ به جاءِ نه ملي سگهي، ليڪن مولوي صاحب تجنيس حرفيءَ جي دائري ۾ اهڙن لفظن کان قافيي جو ڪم وٺي، ٻوليءَ جي لفظن کي تحفظ ڏنو آهي.

سڄڻَ، توکان سوا سَنڌ سَنڌ، سَٽ سَٽ سُور جا سَٽڪا،

ڦَٽي ڦوڙاءِ ڦوڙي دل، اُڦٽ ڦَٽ، ڦَٽ مٿي ڦَٽڪا.

بچائي بت بچايان ڪيئن، بچي شل، باز بحريءَ کان،

جُري جيئن جيءُ جهٽي جهٽ پٽ، اکيون جهٽ جهٽ هڻن جهَٽڪا.

ڌَڙا ڌَڙ ڌار سِر ڌَڙ کان، دوناليون دُور ڌَڪ ڌَڪ ۾،

سِسيون پَٽجو ڪِرن پَٽ تي، نِپٽ پَٽ جا به پَٽ پٽڪا.

مِٺا، منھن مھر مان ڏيکار، وُٺڙا مينھن موهر تي،

چَرن چالون چِلڙ چيھا، ڇَلا ڇَل بوند ڏي ڇَٽڪا.

ڌڪارين دوست، ڇو دم دم، قدم تي دَم سندم پڄندم،

لَتن ۾ لاش هيءُ لاشڪ، وڻئي لَٽ، لوڙهه يا لَٽڪا.

سدا منھنجون صدائون ڪنھن سَڌر سُلطان جي دَر تي،

ڀَلين ڀَٽڪي ڀٽن ۾ ڀَٽ، ڀلا لاهن ڀَٽن ڀَٽڪا.

سڄڻ هو سج لٿي اچڻو، لٿو سج، ٻيو به سج اڀريو،

اڃا ’احمد‘ نه اوڏيءَ ۾، الا ڪھڙي پيَن اٽڪا.

(ڪليات 2: 65)

مٿئين غزل جي سٽر سٽر ۾ ’تجنيس حرفيءَ‘ جا نمونا ملن ٿا، جيئن: پھرِين سٽر ۾ ’س‘ جو استعمال: سڄڻَ، توکان سوا سَنڌ سَنڌ، سَٽ سَٽ سُور جا سَٽڪا ۽ ٻين سٽر ۾ ’ڦ‘ جو استعمال: ڦَٽي ڦوڙاءِ ڦوڙي دل، اُڦٽ ڦَٽ، ڦَٽ مٿي ڦَٽڪا، وغيره.

·       نظم ۾ تجنيس حرفيءَ جو مثال

حِشمتي هوشيار حاڪِم، حِڪمتي حاذِق حَڪيم،

هِت ڇَڏي هَستيون هَوَس، حَيران سَڀ ويا خاڪ ٿي.

مُورتون مرجان موتي، موڪ ماڙيَن سِر مَڙهيون،

مھل ڪا محلن ۾ هُئا مِھمان، سَڀ ويا خاڪ ٿي.

مَئي پياڪُو مَست ٿيو نِت مَجلسون لايون مُدام،

مِڙ اڃا موٽيا مَنجهان مَيخان، سَڀ ويا خاڪ ٿي.

سَرزمين سَرداد سَر، سَروَر سَراسر شقرفراز،

سُنھن ڀَريا ساهُو سَٻر، سُلطان سَڀ ويا خاڪ ٿي.

ساز سونا نِت سَنڀاريو، سِر سَمندن ٿيا سَوار،

سي سَٽي سُڃ ۾ سَڀئي، سَروان سَڀ ويا خاڪ ٿي.

سونُ سانڍيو سيڄ سِر، سُک ٿيو سُتا ساري ڄمار،

سي ڇَڏي سَودا سَلف سامان، سَڀ ويا خاڪ ٿي.

سانگ سُڃ رُڃ سُور سامهان، ويا سَفر سُورهه سُڄاڻ،

سَربسر ساري سَڏيا سُبحان، سَڀ ويا خاڪ ٿي.

(ڪليات 1: 392- 393)

مولوي صاحب جي هڪ نظم ’سڀ ويا خاڪ ٿي‘ جو ڪجهه حصو خيال خاطر پيش آهي، جنھن ۾ پڻ ’تجنيس حرفيءَ‘ جي نسبت سٽرون ڪم آندل آهن، جيئن آخر ۾ ’س‘ جو جهجهو استعمال ڪيل آهي: سانگ سُڃ رُڃ سُور سامهان، ويا سَفر سُورهه سُڄاڻ، سَربسر ساري سَڏيا سُبحان، سَڀ ويا خاڪ ٿي.

·       حمديه ڪلام ۾ تجنيس حرفي

سندس هڪ حمديه ڪلام ۾ به تجنيس حرفيءَ جي حرفت به زبردنگ آهي، جنھن جا چند شعر رکجن ٿا:

عقل، عبرت، عاقبت ۽ عَفو، عزت، عافيت،

اُو اڙين آڌار ڏئي ٿو، هر مھل جيڪي مَڱو.

دولتون، دانائيون، دنيا، دوائون، دان، دِين،

دَر مٿان دادار ڏئي ٿو، هر مھل جيڪي مَڱو.

مِھر، مددُون ۽ معافيون، ماڳ، ماڙيون، مِلڪ، مال،

نعمتون نروار ڏئي ٿو، هر مھل جيڪي مڱو.

خيريت خيرات خوش طبعي خوشي خوشبوءِ خير،

امن ۽ آڌار ڏئي ٿو، هر مھل جيڪي مَڱو.

زور، زَر، زينت، زمينون، زال، زن، زيور، زريون،

شان شاهوڪار ڏئي ٿو، هر مھل جيڪي مَڱو.

پَٽ، پَٽوريون، کير، پُٽ، پوکون، پَليون، پاڻي، پَلر،

پاڻ پالڻھار ڏئي ٿو، هر مھل جيڪي مڱو.

ٻار، ٻارا، ٻج، ٻَنيون، سُڌ ٻُڌ، ٻُڌڻ، ٻاجهون ٻيون،

گل چمن، گلزار ڏئي ٿو، هر مھل جيڪي مڱو.

(ڪليات 1: 84- 85)

·       ٽيھه اکريءَ ۾ تجنيس حرفي

ٽيھه اکري ته صنف ئي اهڙي آهي، جنھن جو هرهڪ بند ترتيبوار مخصوص حرف/ اکر سان شروع ٿيندو آهي. تمام گهٽ اهڙا شاعر هوندا، جن ڪنھن به حرف سان شروع ٿيندڙ بند جون سڀ سٽرون ساڳئي حرف جي دائري ۾ رهي ڪري ’تجنيس حرفيءَ‘ جو خيال رکيو هجي. فرض ڪريو ته ٽيھه اکريءَ جو بند، حرف ’الف‘ سان آهي، ته پوري بند جا لفظ ساڳئي حرف سان شروع ٿيندڙ ڪم آندا ويا هوندا، جيئن:

’الف‘ اَڪمل اولياءَ، اَخيار اطھر چار يار،

اول و آخر اَجها، آڌار انور چار يار.

’بي‘ بشيرن کي بشارت بھشت جي بيشڪ جُڙي،

بَر بحر ۾ بخش ڪن، بِسيار بھتر چار يار.

’تي‘ تجلا تخت تي، ڪن تاج پايو تاجدار،

ترت تاريندم تُرها، تھدل تونگر چار يار.

’ثي‘ ثنا ثقلين ڪن، ثابت ثوابن لئي سندن،

ثاني اثنَين سڻ ثنا، سڀ وار صابر چار يار.

’جيم‘ جانب يار جاني، جيءَ جَڙيا، جيَ جا جيارَ،

جنتُ الماوى سندا، جنسار جوهر چار يار.

’حي‘ حڪومتدار حاڪم، حڪمتي حاذق حڪيم،

حشر ڏينهن حامي، حمايتدار حاضر چار يار.

’خي‘ خليفا خاص ٿيا، خيرُ الوَرى جا خير خواه،

خوش لقا، خوش خُلق، خوش گفتار، خوشتر چار يار.

’دال‘ دلبند دلپسند، دلدار دلبر دلقرار،

دين جا، دارين جا، دادار داور چار يار.

’ذال‘ ذاهن ذوق مان ڪن، زُهد ڪارڻ ذوالجلال،

ذڪر ذاتيءَ جا زَرين، زردار ذاڪر چار يار.

’ري‘ رَسيلا رحم وارا، رحمتي راحم رَحيم،

راهه ۾ ڪن رهبري، رَهوار رهبر چار يار.

’زي‘ زياده زور، زوراڻا زماني روءِ زَمين،

زرهه پاتل زيب، زينتدار زيور چار يار.

’سين‘ سالم با سلامت، سَلم جا ساقي سَليم،

سرفراز و سر زمين، سردار سرور چار يار.

’شين‘ شاهي شرف شاهن، شھنشاهه چارئي شھيد،

شڪر تي شَرقين، شوڪتدار شاڪر چار يار.

’صاد‘ صوفي صافتر، صاحڀ صفائيءَ جا صدقي،

صدق صادق ويا ڪندي، صدبار صادر چار يار.

’ضاد‘ ضامن پيا ضعيفن جي ضرورت ۾ زمان،

ضد مڙئي ضايع ضدان ڪن، ضاد ذر ذر چار يار.

’طوئي‘ طريقت کي رسن، طالب خدا تن جي طُفيل،

طلب ۾ طواف گڏ، طيار طاهر چار يار.

’ظوئي‘ ظلم جي پاڙ پٽيون، ظالمن کي ضبط ڪيَئون،

ظلمتون نيو زيب ڪن، ذيشان ظاهر چار يار.

’عين‘ عالي جاهه، عالي شاهه، عالي بارگاهه،

عالمن ۾ ڪن عطر، اُٻڪار عنبر چار يار.

’غين‘ غازي منجهه غَزا، غالب گهڻو، غلبي ڌڻي،

غور سان غمناڪ جا، ڪن غار گوندر چار يار.

’في‘ فنا في الله فائق، فيض بخشيندڙ فياض،

فَلڪ تي في الحال، فرماندار فاخر چار يار.

’قاف‘ قادر قرب مان، قرآن ۾ ڪوڏائيا،

قدر تن قدرت ٻُجهي، قھار قاهر چار يار.

’ڪاف‘ ڪافر ڪُل ڪنبايئون، ڪوٽ ڪفراني ڪريا،

ڪرم ڪن ڪرمي، ڪرامتدار ڪوثر چار يار.

’لام‘ لله لڳ چڙهيا، لطفئون لڙائيءَ تي لطيف،

لاهيَئون لَينون ڪريو، للڪار لشڪر چار يار.

’ميم‘ مانجهي مرد، مَرڪيا محمد مصطفى،

مھڙ مڙني مھربان، مھندار مھتر چار يار.

’نون‘ نوراني نبيءَ جي، نور مان پُر نور ٿيا،

ناموَر نعرو هڻي، نروار ٿيا نَر چار يار.

’واؤ‘ ولايت جي، ولاتن جا ولي والي ٿيا،

وڻ لڳا وهه واهه ڪرڻ، وينجهار واهر چار يار.

’هي‘ همه همراهه هئا، همدم هميشہ هم رڪاب،

هاشميءَ سان هوشوَر، هسوار هَر هَر چار يار.

’لام‘ لالن لال ڪيا، لايئون نه لالائي لڱن،

لطف جون لھرون هڻن، لک وار لک سِر چار يار.

’الف‘ احمد تي اچي، احسان ڪن اصحاب شال،

عيد اکڙيون ڪن پسي، اسرار اظھر چار يار.

’يي‘ يَڪي سِر ساڻ يارا، ياوري ياري ڪجا،

ياد ڪلمو مون ڏجا، يا يار ياورَ، چار يار.

(ڪليات احمد 1: 280- 284)

(مٿين ٽيھه اکريءَ ۾ ’لام‘ جو ٻه دفعا اچڻ مان مراد: پھريون لام اکر وارو ۽ ٻيو لام ڪينچي (لا) آهي، جنھن ۾ ’لام ۽  الف‘ گڏي اکر/ حرف جي صورت ۾ پڙهايو ويندو هو. جڏهن ته آخري ’الف‘ همزي جي جڳھه تي ڄاڻايل آهي.

·       آئيويٽا جي اکرن سان تجنيس حرفيءَ جي سٽرن/ شعرن جا چند مثال

×   ا (الف):

نه اُٺ اوڏا، نه اوٺيئڙا، پيا منجهه آهُڙن آها،

ڪيَم لَڙ لال لُڙڪن سان، لَڙي ليڙا ٿيا لاها.

(ڪليات 2: 80)

×   ب (بي):

بَحر ۾، بَر ۾ ڀَلي يا باغ يا بازار ۾،

دوستَ، ڳوليم ديسيون، پَر دل لڌم دلدار وَٽ.

 (ڪليات 2: 156)

×   ٻ (ٻي):

مَھند مون سان هيتري مُدت هُئين مُکڙيءَ مثال،

ٻاجهه سين ٻارهين مھيني، ٻاٻيھا، ٻوليو اٿئي.

(ڪليات 2: 586)

×   ڀ (ڀي):

ڀِت ڀَڳي، ڪنھن ڀَت وڻي ڀَت، سِر ڀَٽڻ، ڀَٽ يا ڀَٽي،

جهوپڙي جوڙيَئون ڪکائين، مھر ڪر مھراڻ جهَل.

(ڪليات 1: 510)

×   ت (تي):

تارا تُفنگ تير تَبر تِر تِروکڙيون،

ڇوڙين ٿو بي گناهه تي بَم بَم نوان نوان.

(ڪليات 2: 390)

×   ٿ (ٿي):

ٿَڌا ٿاڪ ٿَر جا، جتي ٿين ٿوڪ،

رهيا راڄ، راڄا، رَهي ڪانه روڪ.

(ڪليات 2: 289)

×   ٺ (ٺي):

سڄڻَ، اڄ سوڳ لاٿم، تنھنجو سوڳند،

ٺلهين ٺِڪرين به ٺاهيو ڇا ٺَھان ها.

(ڪليات 2: 80)

×   ٽ (ٽي):

منھن ڏسڻ جي مَھل ٿي، مھمانَ، معافي مھر سان،

ٽيون ٽياڪر ري ٽُڪر، ٽاني تي ٽارڻ ئي مُباح.

 (ڪليات 2: 201)

×   ث (ثي):

ثي، ثنا سبحان جي، جنھن جي ثنا ثابت ثواب،

جنس جوڙي جنس ري، هر جنس جوڙو لاجواب.

(ڪليات 1: 236)

×   پ (پي):

پاپ هي پاپڙ، پُلاهون، پاپڙين پايان نه ڪجهه،

گوشت گوشي رک، اسان جو گاهه تي گذران گَت.

(ڪليات 2 : 121)

×   ج (جيم):

جَنگ جُنگن کي ڪندي، جَڳ ۾ ڏسان ٿو جاڳ سان،

نازڪن جا نيڻ ڪُھندي، نيم خوابيءَ ۾ ڏٺم.

(ڪليات 2: 344)

×   ڄ (ڄي):

هت کَٽون ڀا، هت کٽونبا، کير کيريون ٻيريون،

ڄامَ، ڄاريون ڄَم اٿم، ڄايَس نه تنھنجي ڄار ڪَر.

(ڪليات 2: 260)

×   جهه (جهي):

جهُڙ جهِميو، جهوري لٿي، جهانگيَن وسايون جهوپڙيون،

پَڊ پَروڪا، کِير پاريون، واههَ، قدرت رب ڪريم.

(ڪليات 2: 359)

×   ڃ (ڃي): سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ڄاڻايل آواز/ اکر اڳيان ڪونه ٿو اچي، ان ڪارڻ مولوي صاحب جي شعرن مان ’ڃ‘ جي استعمال وارن لفظن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي.

مري ٿيا مُڃ، منجهه سُڃ، رُڃ ۽ اُڃ،

سَمر جن سان نه سَمر و زاد هو ڪو.

(ڪليات 2: 487)

×   چ (چي):

چَنگ چؤنري چوريو، ويون چڙهي چوٽيءَ مٿي،

هو گهُمن ڀِٽ تي ڀَٽاريون، واههَ، قدرت رب ڪريم.

(ڪليات 2: 360)

×   ڇ (ڇي):

ڇَٽ ڇَٽيھه لَکڻي جِي جن ۾، سي ڇَٽيءَ کان ڇَٽ ڌڻي،

جن ڇڏيو اولو سندس، سي اول جيئن اوليندو وَت.

(ڪليات 2: 142)

×   ح (حي):

حسن ڌاران حُب رکڻ، حبدار جي حب لاءِ داغ،

حسن جي آهي ته آهي عشق البت بَرصواب.

 (ڪليات 2: 103)

×   خ (خي):

خط خال مون خيال ۾، خالي پڙهين تون خط،

تون خود خطا، نه ٻئي جي خطا تي خطيب اچ.

(ڪليات 2: 195)

×   د (دالُ):

دوستَ، اڌ دولت جو لَت، دولت سموري دو لَتون،

تنگ تنگيءَ کان نه ٿي تون، تنگدستي ڏينھن ڏيڍ.

(ڪليات 2: 240)

×   ڌ (ڌي):

ڌَڙا ڌَڙ ڌار سِر ڌَڙ کان، دوناليون دُور ڌَڪ ڌَڪ ۾،

سِسيون پٽجو ڪرن پٽ تي، نَپٽ پَٽ جا به پَٽ پَٽڪا.

(ڪليات 2: 65)

×   ڏ (ڏي):

وَر سگهو سهڻا پرين، ناهيان سَگهو توکان سوا،

ڏُک ڀريو، ڏٻرو، ڏُهاري، پيَل ڏيھه کان ڏور ڏَڏ.

(ڪليات 2: 229)

×   ڊ (ڊي):

اَچڻ جو آسرو ’احمد‘ هُجي ها،

اٿم ڊوهي ته ڊيھي تان ڊَهان ها.

(ڪليات 2: 88)

×   ڍ (ڍي):

انسانيت انسان تي احسان عجب آهه،

جو ڍور بَني ڍول مان، چئو ڍِڪ ته ڍِڪايئين.

(ڪليات 2: 448)

×   ذ (ذالُ):

’ذال‘ ذاهن ذوق مان ڪن، زهد ڪارڻ ذوالجلال،

ذڪر ذاتيءَ جا زَرين، زردار ذاڪر چار يار.

(ڪليات 2: 281)

×   ر (ري):

روح منھنجو روز راڻا، راڄ تنھنجي ۾ رَهي،

ڀؤنر جيئن منجهه باغ ڀُون ڀُون، ڀُون ته ڀُون ڀُون، ڀُون لڳي.

 (ڪليات 2: 564)

×   ڙ (ڙي):

ادا، ’احمد‘ مَ ڪر آڪڙ، ڦِري پئي مُلڪ ۾ ماڪڙ،

رهي لانڍي نڪا لاڪڙ، نه ماڙي چِٽ، نه چاڙي ڪا.

(ڪليات 2: 66)

×   ز (زي):

زور زَر زينت زَمينون، زال زَن زيور زَريون،

شان شاهوڪار ڏي ٿو، هر مھل جيڪي مڱو.

(ڪليات 2: 85)

×   س (سينُ):

سَر زمين سَردار، سَر سَرور، سراسر سرفراز،

سونھن ڀريا، ساهو، سَٻر سلطان سڀ خاڪ ٿي.

(ڪليات 2: 392)

×   ش (شينُ):

’شين‘ شاهي شرف شاهن، شھنشاهه چارئي شھيد،

شُڪر تي شَرقين، شوڪتدار شاڪر چار يار.

(ڪليات 2: 282)

×   ص (صوادُ):

’صواد‘ صوفي صافتر، صاحب صفائيءَ جا صَفي،

صدق صادق ويا ڪندي، صدبار صادر چار يار.

(ڪليات 2: 282)

×   ض (ضوادُ):

’ضواد‘ ضامن پيا ضعيفن جي ضرورت ۾ زمان،

ضد مڙئي ضايع ضدان ڪن، ضواد ذر ذر چار يار.

(ڪليات 2: 282)

×   ط (طوئي):

’طوئي‘ طريقت کي رسن، طالب خدا تن جي طفيل،

طلب ۾ طواف گڏ، طيار طاهر چار يار.

(ڪليات 2: 282)

×   ظ (ظوئي):

’ظوئي‘ ظاهر هر ذري مان، هر ظُھوري مان ضرور،

رنگ ڏيندڙ نيڪ روشن، رنگ ڀُوري مان ضرور.

(ڪليات 2: 231)

×   ع (عينُ):

عقل عبرت عاقبت ۽ عفو عزت عافيت،

اُو اَڙين آڌار ڏئي ٿو، هر مھل جيڪي مڱو.

(ڪليات 1: 84)

×   غ (غينُ):

ٿيو غَرق غم ۾ غريبو غُراب،

ترن پيا مٿي موج  مھراڻ مَڙهه.

(ڪليات 2: 504)

×   ف (في):

فھم فھمائش فضيلت فيض ۽ فضل و فڪر،

علم ۽ اَذڪار ڏئي ٿو، هر مھل جيڪي مڱو.

(ڪليات 2: 84)

×   ڦ (ڦي):

ڦَٽ وڃن دل کي ڦٽيندا، فرق ڪھڙا منجهه فراق،

ساهه سَنڌيون، جسم سوڌا، سوز ساڙي ۾ رهيا.

(ڪليات 2: 102)

×   ق (قافُ):

قرب اٿئي قَلب ۾، قربان ٿي وڃ ڪينَ ڪَٻ،

نوڪ نيزي ناز جو، نيشان ٿي وڃ ڪين ڪَٻ.

(ڪليات 2: 113)

×   ڪ (ڪافُ):

ڪفر جيئن ڪاڪل اٿيا، ڪارُون ڪري ڪعبي ڪنان،

هاڻ ڪيئن محڪوم مون کان، مسلماني ٿي سگهي.

(ڪليات 2: 567)

×   ک (کي):

کاٽ کيٽا آئون نه ڄاڻان، کَٽ ڇڏڻ کوٽا خيال،

جاچ ري مون کي، جِيين جاني، جهَلائين بي سبب.

(ڪليات 2: 106)

×   گ (گافُ):

گلبدن گوشي ۾ مون سين، گڏ گذاري رات اڄ،

ورهه ورهين جا لٿا، ٿي وَصل واري رات اڄ.

(ڪليات 2: 181)

×   ڳ (ڳي):

تنھنجون ڳالهيون ڳائڻن ۾، ڳيت ڳائن ڳوٺ ڳوٺ،

رنگ لائن ٿيون رهاڻيون، راجپوتي بيت بيت.

(ڪليات 2: 146)

×   گهه (گهي):

گهيڙ تي گهوڙا، گهَڙيءَ ۾، گهُور اهڙو گهائيو،

ساهه سٽڪو اُڀ ستين تي، بُت به بُل بُل آس پاس.

(ڪليات 2: 277)

×   ڱ (ڱي): سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ڄاڻايل آواز/ اکر اڳيان ڪونه ٿو اچي، ان ڪارڻ مولوي صاحب جي شعرن مان ’ڱ‘ جي استعمال وارن لفظن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي.

وڃي رات رت سان، رَتولن رَڱڻ ۾،

ڪنديَس عيد ’احمد‘ اباڻي اڱڻ ۾،

معافي مڱڻ ۾، اٿم جاٽ جوٽي.

(ڪليات 1: 303)

×   ل (لامُ):

لنئون لڪايم لوڪ کان، لالڻَ، نه لڪيا لُڙڪ لال،

پرهه جو پاڻي اکين جي، ڪئي پريشاني پڌر.

(ڪليات 2: 250)

×   م (ميمُ):

مورتون مرجان موتي، موڪ ماڙين سِر مڙهيون،

مھل ڪا محلن ۾ هئا مھمان، سڀ ويا خاڪ ٿي.

(ڪليات 1: 391)

×   ن (نونُ):

ناز نازڪ جي اڳيان، گل نازبو نازيب سڀ،

ننگ نرگس ۾ نگاهون، هڪ سڄڻَ، تو ساڻ سَڱ.

(ڪليات 2: 331)

×   ڻ (ڻي): سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ڄاڻايل آواز/ اکر اڳيان ڪونه ٿو اچي، ان ڪارڻ مولوي صاحب جي شعرن مان ’ڱ‘ جي استعمال وارن لفظن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي.

ڪڻ ڏسان يا وڻ ڏسان، ڇا ڌَڻ ڏسان، ڇا رنگ پار،

ڪا ڪڪي، ڪاري، ڪُنڍي، گوشي، گُجر، چؤنرِي، ڪِ چال...

(ڪليات 1: 58)

×   و (واؤ):

واٽ وَر وَر، وَر ڪنان، وَر وَر وَريتيون وَر چوَن،

وَر لنگهي وَر ڳول وَر، وَر وَر نه ڏيندي وات وَت.

(ڪليات 2: 119)

×   هه (هي):

هَڪل هونگار هاڙهي ڏانھن، هٿيڪو هت ٻُڌم هاڻي،

هزارين هٿ کنيَم هَي هَي، وڃن پيا هُو، نه ڪن ها ها.

(ڪليات 2: 80)

×   ء (همزو، دراصل الف جي متحرڪ صورت ۾ ڪم ايندو آهي ۽ صورتخطيءَ جي نسبت ٻه الڳ اسم ليکيا ويندا آهن. هتي صرف همزي جي استعمال کي نظر ۾ رکي شعر ڏنو وڃي ٿو.)

هِيئن هُجان يا هُونئن هجان، پر جيئن هجان تِيئن هت هجان،

تخت يا تختي مٿي، يا تنگ تربت بَرصواب.

(ڪليات 2: 103)

×   ي (يي):

’يي‘ يقيناً سوئي يَڪسر، يار ياور پڻ يَڪو،

ٻيا ڏِني تي ڏين، هو ڏي، ڏيھه کي ڏيڻو نه ڪو.

(ڪليات 1: 234)

ٽيھه اکرين ۾ ته مولوي صاحب جا مخصوص اکر/ آواز سان ڀلا مثال ملن ٿا، ليڪن مٿين سنڌي آئيويٽا جي اکرن/ حرفن نسبت مولوي صاحب جي غزلن يا نظمن جا شعر رکيا ويا آهن. تجنيس حرفيءَ جي نسبت اهڙي ڊيٽا ڪنھن به شاعر جي شاعريءَ مان حاصل نه ٿي ٿئي.

مطلب ته مولوي احمد ملاح تجنيس حرفيءَ جو جراح ڪاريگر رهيو آهي. جنھن به نظم يا غزل کي ڏسبو ته ڪٿان نه ڪٿان ’تجنيس حرفيءَ‘ جي جڙاوت ضرور ملندي. ان سبب علمي توڻي ادبي دنيا ۾ مولوي احمد ملاح کي ’تجنيس حرفيءَ‘ جو شھنشاهه ڪوٺيو ويندو آهي.

·       حاصل مطلب

تجنيس حرفيءَ جي دائري واري اڀياس بعد، جڏهن مولوي احمد ملاح جي شاعري ڏسجي ٿي ته ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته ’مولوي احمد ملاح تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه‘ آهي. اهڙي اڀياس بعد حاصل مطلب هيٺين نڪتن ۾ پيش ڪجي ٿو:

?  تجنيس جو تعلق لفظن جي استعمال سان هوندو آهي. لفظن جي ڀيٽ سان ئي تجنيس واري حرفت نوٽ ٿي سگهندي آهي.

?  تجنيس حرفي ۽ تجنيس خطي ٻه الڳ تجنيسون آهن،  انهن جي ڪاريگريءَ جا دائرا الڳ ٿين ٿا.

?  تجنيس حرفيءَ مان مراد ڪنھن شعر يا بيان جي سٽر ۾ اهڙا لفظ ڪم آڻڻ آهي، جيڪي ساڳئي حرف/ اکر سان شروع ٿيندا هجن، جيئن:

دولتون، دانائيون، دنيا، دوائون، دان، دين،

در مٿان دادار ڏئي ٿو، هر مھل جيڪي مَڱو.

?  مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس حرفي‘ جو استعمال جهجهو ملي ٿو. ٽيھه اکرين ۾ ته باضابطه حرفن جو خيال رکيو ويو آهي، ليڪن سندس غزلن يا نظمن ۾ پڻ ڄاڻايل ڪاريگري عام ملي ٿي.

?  سنڌي آئيويٽا جي نسبت 52 اکري سامهون رکي، مولوي صاحب جا شعر جاچيا ويا. ڏٺو اهو ويو ته تجنيس حرفيءَ جي نسبت ، سندس شعرن ۾ هر حرف ڪم آندل آهي.

?  مولوي صاحب جي شاعريءَ مان هڪ محدود ڊيٽا گڏ ڪرڻ بعد ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته ’مولوي احمد ملاح تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه‘ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org