سيڪشن: ادب

ڪتاب: مولويءَ احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيسن

باب:

صفحو:3 

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس تام جو اڀياس

(A Study of Antanaclasis in Molvi Ahmed Mallah’s Poetry)

·       اڀياس جو پس منظر

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۽ عَروضي شاعريءَ جي امتزاج جو شاعر جاچڻو هوندو ته مولوي احمد ملاح کان وڌيڪ سگهارو نالو ڪو ٻيو نه ملندو. مولوي احمد ملاح جو قرآن پاڪ وارو منظوم ترجمو ته هڪ اهڙي سوکڙي آهي، جنھن مولوي صاحب کي جياري ڇڏيو آهي، نه ته اسان وٽ ڪيئي اهڙا گوهر گم ٿي وڃن ٿا، جن جو قدر مُئي کان پوءِ به نه ٿو رهي.

مولوي احمد، لاڙ جي هڪ پوئتي پيل ڳوٺ ’ڪنڊي‘ جو ۽ هڪ مسڪين لڏي جو ماڻهو هيو، ان سبب ان جي پويان ڪا گادي قائم ٿي نه سگهي. جيڪڏهن پٽَ سَٽ تي پنھنجو پاڻ کي بيھاري وڃي ها، ته پويان گادي به جڙي وڃي ها ۽ موجوده سياسي گهرجن آهر سرڪاري طور تي ڪنھن وڏي تعليمي اداري ۾ سندس نالي سان چيئر به بڻجي وڃي ها، سندس ڪيل ڪم تي علمي يا ادبي ڪم به ٿئي ها. وري به جس هجي بدين جي ساڃھه وند ماڻهن (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محمد سومار شيخ ۽ پروفيسر عبدالله ملاح) کي جن ذاتي ڪوششن سان ان جي نالي هڪ لائبريري قائم ڪرائي آهي.

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مولوي احمد ملاح جي ڪيل ڪم تي جنھن انداز سان ڪم ٿيڻ کپندو هيو، سو نه ٿي سگهيو آهي. وري به سلام آهي پروفيسر ضرار رستماڻيءَ کي، جنھن پنھنجي زندگيءَ جا سونھري ڏينھن مولوي صاحب جي ڪم کي سھيڙڻ ۽ ان جي تصحيح  يا تدوين کي ارپي ڇڏيا آهن. صاحب موصوف تحقيقي انداز ۾ ’ڪليات احمد‘ کي سھيڙيو آهي ۽ تصحيح جي خيال کان ان جا چند جلد به شايع ڪرائي چڪو آهي، جنھن مان اندازو ٿئي ٿو ته کيس جتي به لفظن جو مغالطو يا راءِ ملي ٿي، سا ڇنڊڇاڻ بعد نوٽ ڪري، ٻيھر جلد ڇپرائي وٺي ٿو. ان کان سواءِ مولوي احمد جي ’نورالقرآن‘ جي تصحيح وارو ڪم پڻ ڪري چڪو آهي. هن کان اڳ ’نورالقرآن‘ جو پھريون دفعو شايع ڪرائڻ جو شرف ارباب الھه جڙيي کي حاصل رهيو آهي.

مون ناچيز، جڏهن مولوي احمد جي عَروضي شاعريءَ جي انتھائي مختصر مطالعي بعد صنايع بدايع جي لحاظ کان سندس لفظي ترڪيبن، قافين، رديفن، تجنيسن ۽ صنعتن جو استعمال ۽ بيھڪ ڏٺي ته حيراني ان سبب ٿي، جو اهڙي بيھڪ  ڪنھن ٻئي شاعر وٽ نه ٿي ملي. مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس حرفيءَ‘ جو استعمال گهڻو ٿو ملي، جنھن سبب کيس ’تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. تجنيس حرفي گهڻين تجنيسن جي ماءُ آهي، جنھن سبب ان جي ڪُک مان ٻيون تجنيسون به جنم وٺن ٿيون، جيئن: تجنيس تام، تجنيس ناقص، تجنيس مذيل، تجنيس مرڪب، تجنيس قلب وغيره. هتي صرف تجنيس تام جي دائري هيٺ مولوي صاحب جي عَروضي شاعريءَ جو اڀياس مقصود آهي. ڏٺو ويو آهي ته تجنيس تام جي لغوي معنى ۾ اختلاف ۽ ان جي دائري جِي وضاحت ۾ اتفاق ملي ٿو.

·       تجنيس تام جي دائري بابت عالمن جا رايا

مرزا قليچ بيگ لکيو آهي: ”تام جي معنى تمام يا ڪامل، يعني پورو. جڏهن ٻه يا زياده لفظ اهڙا ڪم اچن، جي لکڻ يا پڙهڻ ۾ بلڪل هڪجھڙا هجن، مگر معنى ۾ مختلف هجن، جيئن شاهه جي رسالي ۾ ’جتن‘ جو لفظ هيٺئين بيت ۾ ڪم آيل آهي:

’جتن‘ ڪج ’جتن‘ جو، آيا ڪي ايندا،

وٺي پنھون پاڻ سين، وٽان تو ويندا،

دم نه دميندا، سڌا ويندا ساڻيھه ڏي.“

(قليچ، 2016: 88)

مرزا قليچ واري ساڳي ڳالهه، بغير ڪنھن تحقيق يا ڇنڊڇاڻ جي ڊاڪٽر ام قلثوم شاهه پنھنجي تحقيقي مقالي ’شاه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيھه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو‘ ۾ ڏني آهي، هوءَ مٿئين ساڳئي بيت جي وضاحت هن ريت ڪري ٿي: ”مثال ۾ درج ڪيل شاه سائينءَ جي بيت ۾ لفظ ’جتن‘ ٻن مختلف معنائن ۾ ڪم آيو، جڏهن ته ان جو اچار ۽ صورتخطي بلڪل هڪجھڙا آهن. پھريون ’جتن‘ معنى ’ڪوشش، حيلو، اپاءُ، خبرداري، پاڻ پتوڙڻ، تدبير‘ وغيره. (ج.س.ل. جلد ٻيو ص 896) ۽ ٻيو ’جتن‘، جت ذات جي ماڻهن لاءِ چيو ويو آهي.“ (قلثوم، 2004: 22)

مرزا صاحب جي ڏنل ساڳي وصف جا هڪ ٻه لفظ ڦيرائي ظفر عباسيءَ لکيو آهي : ”تام جي معنى تمام يا ڪامل آهي، يعني مڪمل يا پورو. جڏهن ڪنھن عبارت يا شعر ۾ ٻه يا وڌيڪ لفظ اهڙا ڪم اچن، جيڪي صورتخطي ۽ تلفظ (لکڻ يا پڙهڻ) ۾ بلڪل هڪجھڙا هجن، مگر معنى ۾ مختلف هجن. مثال:

·       ’جتن‘ ڪج ’جتن‘ جو، آيا ڪي ايندا. (شاه)

·       ’وَرَ‘ ۾ ڪونهي ’وَرُ‘ ڏيرن ’وَرُ‘ وڏو ڪيو. (شاه/ سر ديسي)

ور = مڙس/ پنھل. ور = ڦير. ڏنگائي- ور- وڪڙ- وراڪو.

·       گهرين همدم جي ڪو، هڪ ’دم‘ نه هن ’دم‘،

هنيئي جي ’دم‘، ته پوءِ ملندئي نه همدم. (مرزا قليچ)

ترتيبوار: دم = پل- دم = پساه- دم = ٻٽاڪ

·       مٽي ٿي زر ٿئي، اڪسير سان قناعت جي،

سمهين جي ’پٽ‘ تي، ته ٿي پئي سو بستر ’پٽ‘ جو. (قليچ بيگ)

ترتيبوار: پٽ = زمين – پٽ = ريشم.“ (ظفر، 2007: 410)

دراصل، مرزا قليچ بيگ واري ساڳي وصف ۽ ان جا هڪ ٻه مثال بغير ڇنڊڇاڻ جي پيش ڪيا ويا آهن.

تجنيس تام جي وصف ۽ مثال ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ هيٺين ريت ڄاڻايل آهي:

·       تجنيسَ تامَ: ث. فقري يا مصرع ۾ ساڳيءَ صورتخطيءَ ۽ ساڳئي اچار وارن لفظن جي استعمال جي صنعت (انهن لفظن جي معنى ڀلي کڻي مختلف هجي ’وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو‘ شاهه) (بلوچ، 1981: 591)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل لغت ۾ لفظ جو بنياد ڄاڻايل ڪونهي، جڏهن ته وصف بلڪل واضح آهي. البت، جيڪو مثال ڏنل آهي، ان ۾ ’ور‘ لفظ ٽي ڀيرا ڪم آندل آهي، جن جي اعراب ۾ فرق آهي: ’وَرَ‘، ’وَرُ‘ ۽ ’وَرُ‘. پھرئين لفظ (وَرَ = مڙس) جي آخر ۾ ’زبر‘ آيل آهي، جڏهن ته وچئين ۽ آخري (وَرُ = ڏِنگ- جٺ) لفظن جي آخر ۾ ’پيش‘ ڪم آندل آهي. آخري ٻه لفظ سماجي معنى نسبت پاڻ ۾ ويجها آهن. البت اڳيون لفظ ’مڙس‘ جي معنى ۾ مختلف معنى جو مثال بيشڪ آهي. مسئلو سامهون اهو ٿو اچي ته انهن لفظن جي صورتخطي، زيرن- زبرن جي خيال کان الڳ آهي. ان سبب ان کي ’تجنيس تام‘ جو مثال نه، بلڪ ’تجنيس ناقص‘ جو مثال چئي سگهجي ٿو.

مرزا قليچ ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي ڄاڻايل وصفن ڏسڻ بعد ٽي اهم ڳالهيون سامهون اچن ٿيون:

?  تام جي معنى، جيڪا مرزا قليچ بيگ ڏني آهي، سا ان جي مراد سان ٺھڪاءَ ۾ نه ٿي اچي. جيڪڏهن تام جي معنى ’مڪمل‘  واري ورتي وڃي ته پوءِ لفظن جي هڪجھڙائيءَ جي مراد هٿرادو لڳي ٿي.

?  جيڪڏهن لفظن جي هڪجھڙائيءَ واري مراد وٺجي ٿي ته مرزا صاحب توڻي بلوچ صاحب جي ڄاڻايل لطيف سائينءَ جي بيتن جِي سٽرن جا مثال ناقص آهن، ڇاڪاڻ ته لفظن جي شڪل ته بيشڪ ساڳي آهي، ليڪن نحوي لحاظ کان انهن جي زيرن زبرن ۾ فرق اچي ٿو.

?  ظفر عباسيءَ پاران ڄاڻايل مرزا قليچ بيگ جي شعرن وارن مثالن ۾ بيشڪ زير زبر جو فرق نه ٿو رهي، ان ڪارڻ هڪجھڙائيءَ واري ميزان ۾ بيشڪ پورا لھن ٿا.

·       مسئلي جا سوال

تجنيس تام مان مراد، ڀيٽ جي صورت ۾، اهڙا لفظ ڪم آندل هجن، جن جي صورتخطي هوبھو ساڳي هجي ۽ معنائون مختلف هجن. ان خيال هيٺ هيٺيان اهم سوال اڀرن ٿا:

s جيڪڏهن ’تام‘ لفظ جي معنى ’ڪامل/ پورو‘ وٺجي ته ڇا لفظ جي ساڳيائپ واري مراد ان اصطلاح مان حاصل رهي ٿي؟

s جيڪڏهن ساڳي صورتخطيءَ وارن لفظن جي اعراب ۾ فرق هجي ته ڇا ان کي ’تجنيس تام‘ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو؟

s ڇا تجنيس تام جا امڪاني قسم ٿي سگهن ٿا؟

·       مسئلي جي روشنيءَ ۾ ’تجنيس تام‘ جو اڀياس

ٻوليءَ جي اصولن موجب لفظ جي لغوي معنى ۽ سماجي/ اصطلاحي معنى ۾ هڪ قسم جو تعلق ضرور هوندو آهي. ان لحاظ کان ’تجنيس تام‘ جو تعلق ’مڪمل يا پوري‘ سان نه ٿو جڙي. معاملي کي وڌيڪ جاچڻ لاءِ مختلف لغتن مان ’تام‘ لفظ جي معنى ۽ مراد ڏسجي ٿي:

·       فرهنگ آصفيه: تَامَّ- ع- صفت- پُورا-   تمام-  کامل- کُل  (دهلوي، 578: 2002)

·       نور اللغات: تام- ( ع- عربی میں بتشدید سوم تھا)   صفت- پُورا-   تمام-  کُل-   کامل (نور، 1004: 2002)

بيشڪ ’تام‘ جي معنى ’تمام ۽ مڪمل‘ جي آهي، ليڪن جيڪو لفظ ’تجنيس تام‘ ۾ ڪم اچي ٿو، ان جي معنى ’تمام يا مڪمل‘ جي ڪونهي، بلڪ ’ڪنھن سان جاڙو ڄمڻ‘ جي آهي. ’تامّ‘ معنى ’مڪمل‘ جو مادو ’تَمَّ‘ آهي، جڏهن ته تجنيس سان سلهاڙيل لفظ ’تام‘ جو مادو ’تَامَ‘ آهي. فيروز اللغات عربي- اردو (ص: 56) جي مدد سان ’تجنيس تام‘ جو اشتقاق هيٺين ريت بيھارجي ٿو:

·       تجنيس تام: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + تام (تَاَمَ = هو جاڙو ڄائو- هن تاڃي توڙي پيٽي ٻنهي ۾ سوٽي اُڻيو) ڪنھن سان جاڙو ڄمڻ- ڪپڙي جي ٻنهي کَڻَن ۾ هڪجھڙو اڻڻ] علم صنايع بدايع موجب، ڀيٽ جي صورت ۾، ڪنھن شعر ۾ معنوي فرق سان ساڳين جاڙن لفظن جو استعمال. ٻه يا ٻن کان وڌيڪ معنوي فرق رکندڙ اهڙا لفظ ڪم آڻڻ، جيڪي صورتخطيءَ جي لحاظ کان پاڻ ۾ هوبھو جاڙا ۽ هڪجھڙا هجن، جيئن مولوي صاحب جو شعر آهي:

وات پاڻي ٿيو ڏِسي، اڄ وارَ وريل منھن مٿان،

وارَ جيئن ويجهو ٿئين، تان وارِ جيئن هَر وارَ هُج.

(ڪليات 2: 179)

ڏنل مثال ۾ ’وار‘ لفظ ’چار‘ دفعا آيل آهي، ليڪن لفظ جي آخري اعراب نسبت، تجنيس تام جي تُريءَ ۾ صرف ’ٻه‘ تُرن ٿا.

1.      وارَ (آخري زبر سان) زُلف

2.     وارَ (آخري زبر سان) زُلف (ساڳيو)

3.     وارِ (آخري زير سان) بند ڪرڻ- روڪڻ- پلڻ- ڍڪڻ- سنڀالڻ- ياد ڪرڻ

4.     وارَ (آخري زبر سان) ڀيرا- دفعا

پھريان ٻه لفظ ساڳي معنى ۾ ڪم آيل آهن، جڏهن ته آخري لفظ، ساڳين اعرابن نسبت، مختلف معنى سان ڪم آيل آهي، جنھن سبب پھريون ۽ آخري لفظ ’تجنيس تام‘ جو مثال آهي. جڏهن ته ٽيون نمبر لفظ آخري اعراب جي نسبت ’تام‘ ۾ شامل نه ٿيندو، بلڪ ’ناقص‘ ۾ شامل ڪيو ويندو.

مولوي صاحب جو هڪ ٻيو شعر ان نسبت پيش آهي :

واٽ وَر وَر، وَر ڪنان، وَر وَر وَريتيون وَر چوَن،

وَر لنگهي وَر ڳول وَر، وَر وَر نه ڏيندي وات وَت.

(ڪليات 2: 119)

هن شعر ۾ يارهن دفعا ’وَر‘ لفظ ڪم آندل آهي، ليڪن آخري زير زبر جي نسبت انهن سڀن کي ’تجنيس تام‘ جو مثال نه سمجهبو.

·       تبصرو

لغت جي روشنيءَ ۾ جڏهن لفظ ’تام‘ جي لغوي معنى ڏسجي ٿي ته ان جي مراد (سماجي معنى) به واضح بيھي ٿي، مثال طور:

·       پھرِين لغوي معنى: جاڙو ڄمڻ (شڪل ۾ هوبھو هڪجھڙا، ليڪن حيثيت ۾ الڳ ٿلڳ)

سماجي معنى: اهڙا هڪجھڙا لفظ ڪم آڻڻ جن جي شڪل ۾ فرق نه هجي، ليڪن معنى مختلف هجين.

·       ٻين لغوي معنى: تاڃي پيٽي سوٽي اڻڻ (تاڃي پيٽي اڻت بعد، ڊيگهه ۽ ويڪر ڏسڻ سواءَ، کڻَنِ جي اها خبر ڪونه پوندي آهي ته تاڃيءَ وارو پاسو ڪھڙو ۽ پيٽي وارو پاسو ڪھڙو! يعني ٻنهي کڻَنِ جي شڪل ساڳي هوندي آهي، ليڪن رخ الڳ ٿيندا آهن.)

سماجي معنى: اهڙا شڪل شباهت ۾ ساڳيا لفظ، جن جي مراد الڳ هجي.

لفظ ’تام‘ جي لغوي معنى ۽ لفظن جي ساڳيائپ کي ڏسي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته شاعريءَ جي هن دائري ۾ صرف اهي ئي لفظ اچي سگهن ٿا، جيڪي زيرن زبرن تائين ساڳيا هجن، ليڪن معنى مختلف هجي. جيڪڏهن زيرن زبرن جو فرق ٿي پيو ته ان کي ’تجنيس ناقص‘ چيو وڃي ٿو.

·       تجنيس تام جا قسم

شيخ محمد ابراهيم خليل، تجنيس تام جا ٻه قسم ڄاڻايا آهن: تجنيس مستوفي ۽ تجنيس مماثل. مستوفي: لفظن جي جنس جدا هوندي، اسم، صفت، فعل، حرف وغيره. مماثل: جنھن ۾ لفظ ساڳئي نوع جا هوندا آهن، پر معنى ٻي، اسم هجن، صفت هجن يا فعل هجن.“ (خليل، 1983: 53)

اها ساڳي ڳالهه ٻين ڪتابن مان به حاصل ٿي سگهي آهي. ((Pybus, 1924: 93، (مزمل، 2005: 77)

à تجنيس تام مماثل

تجنيس تام مماثل ان کي ٿو چئجي، جن جا مثال وياڪرڻ/ گرامر جي خيال کان برابر ۽ ساڳئي وياڪرڻي اٺن لفظن مان هجي، جيئن:

جڏهن کان اک لڳي توسان تڏهن کان اک لڳي ناهي،

جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو، تڏهن کان چاق ئي ناهي.

(مدهوش)

مٿئين مثال ۾ ’اک لڳڻ‘ ٻه الڳ اصطلاح آهن، جن جون معنائون الڳ آهن: 1. اک لڳڻ = محبت ٿيڻ، 2. اک لڳڻ = ننڊ جو جهُٽڪو اچڻ. ٻئي صورتون، وياڪرڻ جي لحاظ کان ’فعل‘ آهن، جنھن سبب ان کي ’تجنيس تام مماثل‘ جو مثال سڏبو.

à تجنيس تام مستوفي

تجنيس تام مستوفي ان کي ٿو چئجي، جن جا مثال مڪمل ليڪن وياڪرڻ/ گرامر جي خيال کان مختلف وياڪرڻي اٺڻ لفظن مان هجي، جيئن:

آرسي ’احمد‘ مَ ٿي، پَر آرسيءَ ۾ ڏس عمل،

ڳجهه پَڌر پوندا جتي، پڇندا نه اُت پٽ کان پِدر.

(ڪليات 2: 250)

مٿئين شعر ۾ ’آرسي‘ لفظ، مختلف معنائن سان، ٻه دفعا ڪم آيو آهي. وياڪرڻ جي لحاظ کان پھريون: آرسي = سست- ڪاهل، ’صفت‘ ۽ ٻيون: آرسي = درسني- آئينو، ’اسم‘ جي صورت ۾ ڪم آيو آهي، جنھن سبب ان کي ’تجنيس تام مستوفي‘ جو مثال سڏبو.

·       ’تجنيس تام مماثل ۽ مستوفي‘ جي روشنيءَ ۾ مولوي احمد جي شاعريءَ جو جائزو

مولوي احمد وٽ لفظن جي وڏي جادوگري ۽ بازيگري آهي، هتي سندس شاعريءَ ۾ ’تجنيس تام مماثل‘ ۽ ’تجنيس تام مستوفي‘ جي حوالي سان چند غزلن جي شعرن، قافين، رديفن ۽ نظم جي بندن جو جائزو پيش ڪجي ٿو:

?  تجنيس تام مماثل

حمد ’احمدَ‘ ڪر احد جو، عَھدَ جنھن سان عھدَ کان،

هيءَ مِٽي تائين مِٽي، بازُو به ٿي بُل بُل وڃن.

(ڪليات 2: 406)

مٿئين شعر جي ٻنهي سٽرن ۾ ’عھدَ‘ ۽ ’مِٽي‘ ٻه الڳ مثال آهن:

?  هڪ: 1. عھدَ  = واعدا- وچن (اسم ذات)، 2. عھدَ = عالم ارواح وارو ميثاق (اسم ذات)

?  ٻيو: 1. مِٽي = رشتيداري (اسم ذات)، 2. مِٽي = قبر (اسم عام)

سِر هَڻن تان سِر نمايان، سِر ڏنم تان سِر چيَئون،

ڏس ته محبن پيش منھنجو، مانُ مُل ڪھڙو نه هو.

(ڪليات2: 490)

?  1. سِر (هڻڻ) = اشارو (ڪرڻ)- (اسم ذات)، 2. سِر = مٿو (اسم عام)، 3. سِرُ (امر) سرڻ- رڙهڻ- اڳتي ٿيڻ (فعل)

نظم مان تجنيس تام مماثل جي چونڊ:

وسَ ويئي ۽ وسَ چُڪا، وسري وسيلا سڀ ويا،

هٿ کنياسون، هٿ نه کڻ تون، هاڻ حيلا سڀ ويا،

ڪي ڪِٿي ۽ ڪي ڪٿي، ڪاهي قبيلا سڀ ويا،

بَس تو بارِي هيڪڙي تي بار، مولا، مينھن وساءِ.

(ڪليات 1: 505)

?  1. وسَ = وسڻ جي مند (اسم ذات)، 2. وَسَ = حيلا- قدرت (اسم ذات)

جتي شھر شاهي، رهيا شير اُت،

وهيا ٿي وڏا واهه ڪنھن وير اُت،

وَڳي ڀيرَ جِت ٿي، ڀَڳي ڀيرَ اُت،

نه پَٽ ۾ پراڻو پَسون پير اُت،

ڇڏيو خاڪ کائي مِڙيَن جو مَٿو،

اڃا خاڪ جو پيٽ ڀَرجي نه ٿو.

(ڪليات 1: 386)

?  1. ڀيرَ = نغارو (اسم عام)، 2. ڀيرَ = (اصطلاح جو جز: ڀيرو ڀڃڻ) سُڃ (اسم ذات)

شامَ منھنجو شامَ سين مَس، صبح تنھنجو شام تو،

سَٺ سَتر گذري پٺيان، رهندو وڃي رَبَ نام تو،

جام جامان تو ڍڪايا، جامَ پيتم جامَ تو،

صبح توڻي شام آئون ، شامتن کان شام تو،

شام تون جهَل، شامتون پَل، شاه شاهوڪار تُون،

تون نه ڏيندين، ڪير ڏيندو، ڏيھه جو ڏاتار تُون.

(ڪليات 1: 163)

’تجنيس تام‘ جي لحاظ کان ڄاڻايل مسدس ۾ ٻه مثال موجود آهن: هڪ: شامَ، ٻيو: جامَ.

·       هڪ: 1. شامَ = وجود (اسم ذات)، 2. 3. ۽ 4. شامَ = سانجهيءَ گهڙي (ظرف)، 5. ۽ 6. شامَ = سام- پناهه (اسم ذات)

·       ٻيو: 1. جامَ = گهڻا- ڪافي، 2. جامَ = پيالا- مشروب

تجنيس تام مماثل جي حوالي سان مولوي صاحب جي ’ٽيھه اکريءَ‘ ۾ به ’شام‘ جو لفظ مختلف معنائن سان ڪم آندل آهي:

’طوئي‘ طلسم طائفا، سرڪس سئنيما صبح شامَ،

شامَ شھرن ۾ گهمن، شوقين جھڙا شاهه شامَ،

شامَ جي خود شاهه تان، وجهندا صبح يا شامَ، شامَ،

ڪير آهي جو اجلَ کان، پوءِ جهَلي تا شامَ، شامَ،

پيءُ نه ماءُ، سھرو نه سَس، الله بس، باقي هوَس.

(ڪليات 1: 246)

?  1. 2. 5. 7. شامَ = سانجهيءَ گهڙي (ظرف)، 3. ۽ 4. شامَ = مُلڪ جو نالو (اسم خاص)، 6. مڙهه جي چادر (اسم عام)، 8. شامَ = شامت/ عذاب (اسم ذات)

·       تجنيس تام مستوفي

درد تنھنجي دوستَ دل ۾، دَست اندازي ڪئي،

دَمُ اٿم ڪو دَمُ اڃا، تو دمُ نه دمسازي ڪئي.

(ڪليات 2: 589)

مٿئين شعر ۾ ٽي دفعا ’دَمُ‘ ڪم آندل آهي:

?  1. دَمُ: ساهه- پساهه- ڦوڪ- حياتي (اسم ذات)، 2. دَمُ: گهڙي- ساعت (صفت)، 3. دَمُ: ٽٻڪو- ذرڙو (صفت)

گهَڙِي ۽ گهيڙ ڌاران، هن گهَڙي گرداب ۾ گهڙندس،

پکيئڙا، پار پھچائج، پَھي پيغام سانبارا.

(ڪليات 2: 48)

?  1. گهَڙي = دلِي- مَٽڪي- ننڍو دِلو (اسم عام)، 2. گهَڙي = پلڪ- ساعت- وقت (ظرف)

ويرَ ۾ ڪنھن وَر وڃايو، پڻ وياءَ ڪن کان ويا،

ڪنھن جي ضايع زال، ڏسندي ڏِيل ڏڪيو ٿا وڃن.

(ڪليات 1: 502)

?  1. وياءَ = ڄم- اولاد- نسل (اسم ذات)، 2. ويا = وڃڻ جو ماضي (فعل)

مٿئين شعر ۾ ’وياءَ‘ ۽ ’ويا‘ حقيقت ۾ ’صنعت  مذيل‘ جو مثال چئي سگهجي ٿو، ليڪن هتي ’تجنيس تام‘ جي صورت ۾ آندو ويو آهي. جيئن ته مولوي صاحب ’لاڙي لھجي‘ جو ماڻهو هيو، ان سبب سندس ٻوليءَ ۾ ’آخري آواز متحرڪ‘ جو استعمال گهٽ آهي. ان سبب ان مثال کي صورتخطيءَ کان هٽي ڪري ’آوازن‘ جي بنياد تي ’تجنيس تام‘ جو مثال چئي سگهجي ٿو.

لِڪي لوڪ مان لالَ مرجان ويا،

لَڌم تنھنجي لَب لالَ ۾ لالُ اڌُ.

(ڪليات 2: 221)

?  1. لالَ = جواهر جو قسم (اسم)، 2. لالَ = ڳاڙها (صفت)

ان شعر ۾ ’لالُ‘ لفظ آخري پيش سبب ’تجنيس ناقص‘ ۾ به ويندو. هڪ ٻيو اهڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

جتي گهوٽ گهوڙن تي، گهوڙا اُتي،

جتي لال هئا، لال ڳوڙها اُتي،

جتي وصل وايون وڇوڙا اُتي،

اَمن هنڌ ارمان هڪ منٽ ۾.

(ڪليات 1: 498)

مٿئين نظم جي هڪ بند واري مثال ۾ پڻ ’لالَ‘ لفظ مختلف معنائن ۾ ڪم آيو آهي، جنھن سبب تجنيس تام مستوفيءَ ۾ شامل ڪبو.

مَڻ کپن ٿا ماڻڪيَن کي، ماسَ جا هَر ماسَ ۾،

ماس منھنجو ويو ڳري، مس هيڪ ماسي ۾ هجان.

(ڪليات 2: 367)

?  1. ماسَ = گوشت- جسم (اسم)، 2. ماسَ = مھينو (ظرف)

بنيادي طور ٻئي لفظ آخري پيش سان ئي آهن، ليڪن سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق انهن بعد ’حرف جر‘ اچڻ سببان لفظ ۾ ’آخري زبر‘ ڪم آڻي متحرڪ ڪيو ويندو آهي.

چاڪ مان ناچاڪ بُت، چاڪُون بنا دِل چاڪ چاڪ،

لال لُڙڪن ساڻ لوئي، بُوند بيھي ڪنھن نه ڀَت.

(ڪليات 2: 121)

?  1. چاڪ = چاق چڱو ڀلو (صفت)، 2. چاڪ چاڪ = زخم زخم (اسم ذات)

آرسي ’احمد‘ مَ ٿي، پَر آرسيءَ ۾ ڏس عمل،

ڳجهه پَڌر پوندا جتي، پڇندا نه اُت پٽ کان پِدر.

(ڪليات 2: 250)

?  1. آرسي = سست- ڪاهل (صفت)، 2. آرسي = درسني- آئينو (اسم عام)

سِر ڏيان تان سِر وڃي ٿو، سِر ڌَريان تان سِر سَڃين،

ڪانه سُئي هن شھر ۾، شاباس شابا مون اچي.

(ڪليات 2: 543)

?  1. سِرُ = راز- ڳجهه (اسم ذات)، 2. سِرُ = مٿو (اسم عام)

حسن تي حيران حُورُون، هَنج جو سِر هنج ۾،

خود پريَن ڪيا پير پاهُون، هڪ سڄڻَ تو ساڻ سَڱ.

(ڪليات 2: 331)

?  1. هنجَ = هنج/ هنس پکي (اسم)، 2. هَنج = جهولي- گود- آغوش (ظرف)

مٿئين شعر جھڙا چند ٻيا مثال، جنھن ۾ هنجَ جو لفظ ’جهولي‘ ۽ ’هنس پکيءَ‘ جي معنائن ۾ ڪم آيل آهي:

هنجَ ۾ هاريان هَنجون، مَنَ هنجَ، هِيرن تي هِرين،

پاڻ ڳالهائين ته ڳوڙها، سِر ڳلن ڳاڙيندو وَت.

(ڪليات 2: 141)

هنجَ منھنجي ۾ نه هَي هَي، هنجَ جھڙي ڳِچ هجي،

هيج مان پوءِ هِي هنجون، هر روز هارڻ ئي مباح.

(ڪليات 2: 201)

هيج آهم، هنج ڳچيءَ جي هنجَ ۾ هردم هجان،

گلبدن گس تان تڙيينَم، گڏ گذاريان ڪنھن طرح.

(ڪليات 2: 207)

هار جيئن هاريان هنجون، ڪنھن هنجَ ڳچيءَ لئي هنجَ ۾،

دوست دلبر کي ڏٺي اڄ، ڏينھن ٿيا اوڻيھه، وسُ.

(ڪليات 2: 293)

اڄ وڏي وَڏپڻ ۾ وِنجهلان، ننڍپڻ ساري نڀاڳ،

اَي ستر وارا، ستر تي، دل سُتل ٿئي مَس سجاڳ،

عمر ۾ اول ۽ آخر، آفتون آهن اَجهاڳ،

تارِ ويروتار، سامهين تارِ تون هڪ، ٻيو نه ڪير.

(ڪليات 1: 68)

?  1. تارِ = اونهو- عميق (صفت)... 2. تارِ = اُڪارِ (امري صورت ۾) فعل

جو اڳيان مولي محابو، نِئي محمد مير جو،

تنھن سفر سُھکو ڪري، سائين سلامت سِير جو،

مون وسيلو آهه ورتو، وِير ۾ تنھن وِير جو،

ڇا ڪندو تحقيق هاڻي، تار تِک طوفانڙو،

تون احد الله اڪبر، آئون احمد ٻانهڙو،

ٻانهڙي تي ٻاجهه ڪر، در تان مَ ڌِڪ درٻانڙو.

(ڪليات 1: 188)

?  1. وِيرَ = سمنڊ جي لھر- سمنڊ جي پاڻيءَ جو چاڙهه (اسم) 2. ويرَ = بھادر- سورمو- سورهيه- داناءُ (صفت)

’نون‘ نِت نت دؤر نئون، نئون عُمر ناهي، اَرٽ نئون،

ڳَڀ ڳيھڻ ۾، پوءِ ڳڀرو، پوءِ ڳاڙهو ڳَرٽ نئون،

پوءِ ڪَرڙوَڍ، پوءِ ڪُراڙو، پوءِ ڪنڌ تي ڪَرٽ نئون،

سرس ته به سٺ سال، تنھن ۾ دَم صحت، دم سَرٽ نئون،

گم پَروڪا گاهه، گل ڦل، ٻير ٻاجهر ٻَرٽ نئون،

هيڪڙي جي هارَ، ٻئي کي هارَ، سمجهي ڇا سگهان.

(ڪليات 1: 233)

?  1. هارَ = شڪست- ڀاڄ (اسم ذات)، 2. هارَ = مالها- ڪنٺو- ڪنڍي (اسم عام)

مولوي صاحب جا اهي ته ٿيا، ’تجنيس تام‘ جا مثال، جيڪي شعرن جي ڪنھن به هنڌ ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه قافيي ۽ رديف ۾ به ’تجنيس تام‘ واري حرفت ڪم آندي اٿس.

·       قافيي ۾ تجنيس تام مستوفيءَ جو استعمال

مولوي احمد جي شاعري، تجنيس ۽ صنعتن جي حوالي سان ايتري ته شاهوڪار رهي آهي، جو مخصوص تجنيسن ۽ صنعتن تي پورا جا پورا به غزل ملن ٿا. سندس غزلن ۾ قافيا به ’تجنيس تام‘ جا ملن ٿا. لغوي لحاظ کان ’قافيي‘ جي معنى (قَفَا/ قَفو‘  = هن پيروي ڪئي) پٺيان هلڻ جي آهي.  هتي مولوي صاحب جو ’تام قافيو‘، ڏجي ٿو، جنھن جي مراد ’قافيي جي ساڳيائپ‘ آهي.

گهُمڻ گلزار ۾ آيس، ته مَن، جهوري لھي جهَٽ پَٽ،

ته ساڳي بيقراري باغ ۾، جھڙي اندر جهَٽ پَٽ.

سدا سِڪ ساه کي ساڙي، ڳلن سِر لُڙڪ سج لاڙي،

پَکو اڏيم پريَن پاڙي، چوَن پاڙان پَکو جهَٽ پَٽ.

ڇڏيان صحبت سپيريان ڪيئن، هِنيون هِيرن سان هيريان ڪيئن،

نه نِبري نينھن نبيريان ڪيئن، لڳم ڪو لوهه جو جهَٽ پَٽ.

جُهلڻ جهاٻا جُهمڪ جُهوڙل، توسان ڳالهيون گهڻيون ڳوڙهل،

محبت آهه پَٽ مُوڙهيل، سڄڻ سمجهي به ڪيئن جهَٽ پَٽ.

مَ ويھه محبوب، منھن موڙي، وري جس کَٽُ جشن جوڙي،

اندر ۾ ويھه اکيون کوڙي، جتان جاني، وڻئي جَهٽ پَٽ.

وَڄن تَن مَن طَبل تيرا، جبل ڏسيو جَلن جيرا،

پرين، تنھنجا پَسي پيرا، سڃاتم پوءِ صحي جَهٽ پَٽ.

ڪيا سڄڻن سَنجهي سَعيا، پِرهه سان پير گهر پايا،

اڱڻ موڙي اڱڻ آيا، اٿي ’احمد‘ اکيون جَهٽ پَٽ.

(ڪليات 2: 150)

مٿئين غزل ۾ اٺ دفعا ’جهٽ پٽ‘ جا قافيا، ’تام‘ جي صورت/ ساڳي صورت ۾ رکيا ويا آهن، جن جي معنى مختلف آهي:

?  1. جهٽ پٽ = اک ڇنڀ ۾، 2. جهٽ پٽ = پٽ پٽان- بيچيني، 3. جهٽ پٽ = جلدي اکيڙ (امر جي صورت ۾)، 4. جهٽ پٽ = لوهي پٽر، 5. جهٽ پٽ = موڙهيل پٽ/ ريشم، 6. جهٽ پٽ = جهٽڻ ۽ پٽڻ جو امر، 7. جهٽ پٽ = ميدان- زمين، 8. جهٽ پٽ = ٿورو وقت پٽڻ جو امر.

?  قافيي ۾ ’تجنيس تام مستوفي، مع مرڪب‘:

نه در منجهه ڇڏين دوست، ته به در نه پُور،

ڪريان پل پَري کان پَسِي مانَ پُور.

نه جَلوي سوا جوت جاني، ڪٿي،

نه خلوت سوا خَير، منجهه خيرپُور.

ڪڙي تنھنجي ڪاڪل ڪيو قلب قيد،

ڪڙي ۾ ڪڙو جيئن ڪُنڍي مينھن پُور.

سُتيءَ کي ڏيئي ويا سُتي سڪ سندي،

برهه باهه ٻاري، پرهه ساڻ پُور.

پنھل وٽ پکي يا وڃان واءُ ٿي،

نئون نينھن جو نئي، پوي روز پُور.

ڪندا ڪاهه کي ڪوهه، سؤ ڪوهه ڪوهه؟

رکي پرت پُوري پريَن پار پُور.

مرڻ مھل مون کي ملاقات ڏج،

ڏيئي ڏَڪ مٿان پاڻ واريج پُور.

ٻُجهي پنھنجو ٻانھون ٻَھون ٻاجهه ڪَر،

نه تون پيءُ ڪنھن جو، نڪي پٽ نه پُور.

اڀو اُڀ ڪَپيءَ ڏانھن ’احمد‘ اچي،

ڏيارينس ٻاجهئون ڪو ٻيڙيءَ جو پُور.

(ڪليات 2: 264)

هن غزل ۾ 10 دفعا ساڳيو لفظ، ساڳي شڪل سان ڪم آندو ويو آهي، ليڪن انهن لفظن جي معنى مراد الڳ بيھي ٿي. مفروق: پُور ۽ مقرون: خيرپُور، جنھن سبب ان کي تجنيس مرڪب جو مثال به چئي سگهجي ٿو. ان سبب مٿيئن غزل کي ’تجنيس تام مع مرڪب‘ جو مثال چئي سگهجي ٿو.

?  1. پُور = پورڻ جو امر، 2. پُور = ڍؤ، 3. شھر خيرپور، 4. پُور = مينھن جي سڱ جو پُور، 5. پُور = چوٽِي، 6. پُور = خيال، 7. پُور = وڃ، هل- امر، 8. پُور = مٽيءَ جو لپو، 9. پُور = نسل، 10. پُور = گهمرو.

?  قافيي ۾ تجنيس تام مستوفي، مع مرڪب و مرتب

پنڌ پريَن جو پَراهون، پَر پکيئڙا، کول پَر،

پَرڀريڙو پنڌ، پَر پيغام پھچي ڪنھن به پَر.

ٻي نشانيءَ جو نه شاني، ڏج نشاني نينھن جي،

اِن پَتي تي پھچ پانڌي، پَر ڪري، پَت ڪيئن نه پَر.

تَن پياسي، مَن پياسي، پِڪ پياسيءَ کي پيارِ،

پُر هجي پِر ساڻ دل، پَر پرڀرو شل، هوءِ پَر.

رَڏ ڪُڏائي رُس مَ راڻا، رَس ته ڪريون رَس رهاڻ،

پَرچ، پرچيءَ ساڻ پَر ۾، موڪليم پيغام پَر.

نور نيڻ جا، وهن نيڻن منجهان نت نار نِير،

ناهه توکي هن طرف، تِر جيترو ڪو تَرس پَر.

نيڻ واهي نَھر جيئن، جنھن ڏي ٿئي نينھن مان نھار،

روڄ هوندس راڄ ۾، راڄا هجي يا راڄ-پَر.

آس ’احمد‘ جِي ته شل، آسڻ اچن يا آس پاس،

ڏي اچڻ جو آسرو، تو ۾ اٿم آسيون اَ-پَر.

(ڪليات 2: 255)

مٿئين غزل ۾ ’پَر‘ جو لفظ ساڳي صورت ۾ مختلف معنائن سان ڪم آندو ويو آهي، جن جي اکيڙ هن ريت بيھارجي ٿي: 1. پَر = کنڀ، 2. پَر = نموني/ انداز، 3. پَر = نڀائڻ جو امر، 4. پَر = پرايو/ ڌاريو، 5. پَر = موڪلڻ وارو، 6. پَر = ليڪن، 7. پَر = راڄپر جي پڇاڙي/ رعيت (مرڪب لفظ)، 8. پَر = پرو پتو- اَپر = اڻکٽ (مرتب لفظ). هن غزل ۾ ’پَر‘ جو لفظ مفروق صورت ۾ ڇهه دفعا ڪم آيو آهي، جڏهن ته ٻه لفظ (راڄپر ۽ اَپر) مقرون صورت ۾ ڪم آيا آهن. مفروق ’پَر‘ سان مقرون ’راڄپر‘ سبب ان کي ’تجنيس مرڪب‘ ۽ مقرون ’اَپر‘ سبب ’تجنيس مرتب- اشتقاق‘ جا مثال چئي سگهجن ٿا. (مستوفي)

مولوي صاحب جي ذاتي ٻولي لاڙي هئي، ان سبب ممڪن آهي ته مٿين لفظن جي آخري ڇوٽي سُر آواز (زير، زبر ۽ پيش) ۾ فرق به ٿئي. حقيقت ۾ لفظن جي زير زبر واري فرق هجڻ سبب ان تجنيس جي حيثيت مٽجي ’تجنيس ناقص‘ ٿي وڃي ٿي، ليڪن پوءِ به چند لفظ ساڳيائپ جو روپ رکن ٿا.

هي غزل خيال خاطر رکيو ويا آهن، جنھن جي قافين ۾ تجنيس تام جا مثال آهن. اهڙا سندس شاعريءَ جي بندن ۾ کوڙا سارا مثال ڏسڻ ۾ ايندا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مولوي صاحب جي شاعريءَ تي صنايع بدايع جي خيال کان الڳ سان ڪم ٿيڻ گهرجي ۽ هڪ ڊيٽا جوڙي وڃي ته جيئن ان ۾ سمايل گوهر عام اڳيان نمايان ٿين.

?  رديف ۾ تجنيس تام مستوفي جو استعمال

مولوي صاحب جو هڪ غزل سامهون آڻجي ٿو، جنھن جو رديف، تام جي صورت ۾ آهي ۽ ان رديف ۾ ’تجنيس مرڪب‘ جو استعال به موجود آهي. اهڙي صورت ۾ ’رديف تام مع مرڪب‘ جو اصطلاح ڪم آڻجي ٿو:

مطلع:

مينھن وسڻ جي مند آئي، مينھن مارن پار ڪر.

کيل هُن کُڻ تي کنوڻ جا، ايءُ ته پاسو پارڪر.

پھريون بند:

ڇَم ڇَم ٽمِي، جهُڙ ڦُڙ جهمِي، آگم گهمِي ڪئي مينھن جِي،

هو وسي وچ ۾ وَلهارن، پڻ جهَلِي هن ڪار ڪَر.

ٻيون بند:

اڳ تَرايَن تانگهه ناهي، ڪَئي وري تاڙي تنوار،

ڪَر رَکيو ڪَر تي ڪڪر، ڏئي ڪينَ ڪارونڀار ڪَر.

ٽيون بند:

ڇڏ ته مارن سان مِلان، مارينِ ماڙيون ميرَ، مون،

ڪيئن قيامت ڏينھن کڻندين، اِي ڪندي ڪم ڪار ڪَر.

چوٿون بند:

جهوليون جيڏيَن سين چُونڊيَم، ڪالهه پيرُون پاند ۾،

اڄ لهي هَي هَي، نه هِت ڪو، هيڪڙو هيڪار ڪَر.

پنجون بند:

هت کَٽون ڀا، هُت کٽونبا، کِير، کيريون، ٻيريون،

ڄامَ، ڄاريون ڄم اٿم، ڄايس نه تنھنجي ڄار ڪَر.

ڇهون بند:

آئون عاجز آهيان، ’احمدَ‘ ڪريان آهون اَسُر،

آسرو الله ۾، تون مَر عمرَ، انڪار ڪر.

(ڪليات 2: 260)

مولوي صاحب جي مٿئين غزل ۾ ’پار، پار(ڪر)، ڪار، ڪارونڀار، ڪم ڪار، هيڪار، ڄار، انڪار‘ قافيا آهن، جڏهن ته ’ڪَر‘ جو رديف ڪم آندو آهي، جيڪي سڀ جو سڀ مختلف معنائن جي بنياد تي ’تجنيس تام‘ جا مثال آهن. ان کان علاوه مطلع ۾ ’پار ڪر‘ (مفروق) ۽ ’پارڪر‘ (مقرون) تجنيس مرڪب جو مثال آهي. هيٺ مولوي صاحب جي ’رديف تام‘ (ڪَر) جي وضاحت مختلف معنائن سان ڄاڻائجي ٿي:

?  مطلع: مصرع اول: ڪَر = جھڙوڪر/ ڄڻ ته، مصرع ثاني = پارڪر : ٿر جو علائقو

o     مراد: وه واه، مينھن وسڻ جي موسم آئي آهي ۽ اهو مينھن ڄڻ ته مارن جي پاسي پيو ٿو وسي.  هائو، ان ڪنڊ تي جيڪا کنوڻ کنوي پئي،اهو ته پاسو پارڪر جو آهي.

?  پھريون بند: ڪر/ ڪس/ پاسو

o     مراد: مينھن وسي پيو، جهڙ ٽمي پيو، مينھن وسائڻ لاءِ ڪڪر گڏ ٿيا آهن، هو ولهارن جي وچ ۾ وسي پيو ۽ اُن هِن پاسي به اچي ڪس/ پاسو جهليوآهي.

?  ٻيون بند:  ڪَر = انت/ دنگ (باقي مصرع ۾ اڳين لفظن ’ڪر‘ جي معنى ڪنڌ آهي)

o     مراد: ترايُون اڳيئي ڀريون پيون آهن ۽ انهن کي تانگهه ئي ناهي، ۽ هيڏاهن وري تاڙي مينھن لاءِ تنوار ڪئي آهي. ڪڪر ڪنڌ تي ڪنڌ رکيو اچن پيا. وه واه، هن مينھن پنھنجو مانڊاڻ اهڙو ته گهاٽو جوڙيو آهي، جو انت/ دنگ/ پتو ئي نه ٿو ڏئي.

?  ٽيون بند: ڪَر = ڪنڌ

o     مراد: اي سومرا بادشاه، مون کي ڇڏ ته پنھنجن مارن سان وڃي مِلان. هي تنھنجون ماڙيون مون کي مارين ٿيون. اهڙيون ويڌنون مون سان ڪري قيامت ڏينھن ڪھڙو ڪنڌ کڻندين!

?  چوٿون بند: ڪَر= سار سنڀار

o     مراد: اڃا ڪالهه ئي مون سرتين سان گڏ پاند ۾ پيرون چونڊيا هئا، پر اڄ اهو حال آهي جو انهن مان ڪوبه منھنجي سارَ لھڻ وارو ڪونهي.

?  پنجون بند: ڪَر = لاءِ

o     مراد: اي ادا، هت کٽون ۽ پلنگ آهن، پر اسان وٽ ٿر جا ڏٿ، کٽونبا، کيريون، ٻيريون ۽ کيرَ آهن. اي ڄام، مان ته ڄارُن جي وڻن ۾ ڄائي هئم، تنھنجي ڄار ۾ ڦاسڻ لاءِ ته ڪونه ڄائي هيم.

?  ڇهون بند: ڪَر =  ڪرڻ جو امر

o     مراد: مان هڪ لاچار آهيان، اسر ويلي آهُون ۽ دانھُون پئي ڪريان. اي عمر، منھنجي آس الله ۾ آهي، تون ڀلي مون کي آجو ڪرڻ کان انڪار ڪندو رهه.

مولوي صاحب جو ان قسم جو غزل جنھن ۾ رديف يعني ساڳيو لفظ، مختلف معنائون پيو ڏئي، ان سبب ان کي ’تام‘ جي حرفت ۾ ئي شمار ڪبو. ان کان علاوه ’پار- ڪر ۽ پارڪر‘ مفروق ۽ مقرون سبب ’مرڪب‘ جو مثال ڪوٺبو. جيئن ته صنايع بدايع ۾ اهڙو ڪو پيراميٽر ڪونهي، ان سبب ان قسم جي غزل ۾ سمايل حرفت لاءِ تشريحي اصطلاح ’رديف تام- مع مرڪب‘ ڪم آندو آهي.

?  حاصل مطلب

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس تام‘ جو جائزو ورتو ويو. ’تجنيس تام‘ جي لغوي معنى ۾ اختلاف رهيو آهي، ليڪن ان جي دائري ۾ ڪو اختلاف سامهون ڪونه آيو آهي. البت، چند ليکڪن ’تجنيس تام‘ نسبت جيڪي مثال ڏنا آهن، تن تي سنڌي ٻوليءَ جي مزاج آهر اختلاف رکي سگهجي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جي لھجن نسبت، لاڙي لھجي ۾ آخري ڇوٽن سُر آوازن (Short vowels) ۾ بي حسي عام آهي. هيٺ چند نڪتن ۾ حاصل مطلب پيش ڪجي ٿو:

×   ’تام‘ لفظ جي لغوي معنى ’جاڙو ڄمڻ‘ ۽ ’تاڃي پيٽي ٻنهي ۾ سوٽي اُڻڻ‘ آهي، جنھن جي اصطلاحي/ سماجي معنى بيھندي ’شڪل و صورت ۾ هڪجھڙو هجڻ‘.

×   مختلف ليکڪن وٽ يا لغتن ۾ جيڪا معنى ڏني وئي آهي، سا ڄاڻايل تجنيس سان ٺھڪاءَ ۾ نه ٿي اچي، بلڪ ڄاڻايل ’ڪامل يا پوري‘ جي معنى جو بنياد ڪنھن ٻئي لفظ مان آهي.

×   تجنيس ۾ لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ رکيا ويندا آهن، ’تجنيس تام‘ ۾ اهڙا ٻه يا وڌيڪ ڪم آندل ساڳي صورتخطيءَ وارا لفظ، جن جون معنائون مختلف بيھن.

×   ’تجنيس تام‘ پٽاندر هوبھو ساڳيا لفظ ’زيرن- زبرن‘ سوڌو ڪم آندا ويندا آهن، جيڪڏهن زيرن زبرن، يا آخري سُر آواز (Vowel) ۾ به فرق ٿيندو ته ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ سمجهيو ويندو آهي.

×   تجنيس تام جا ٻه قسم ٻڌايا وڃن ٿا: مماثل ۽ مستوفي. تجنيس تام مماثل ان کي ٿو چئجي، جن جا مثال وياڪرڻ/ گرامر جي خيال کان ساڳئي وياڪرڻي اٺن لفظن مان هجي؛ جڏهن ته تجنيس تام مستوفي ان کي ٿو چئجي، جن جا مثال وياڪرڻ/ گرامر جي خيال کان مختلف وياڪرڻي اٺن لفظن مان هجن.

×   مولوي احمد ملاح ’تجنيس حرفيءَ‘ جو شھنشاهه سمجهيو ويندو آهي، ان ڪارڻ تجنيس حرفيءَ نسبت ڪافي ان جا مماثلت رکندڙ ’تجنيسون‘ نوٽ ڪيون ويون آهن. ’تجنيس تام‘ به تجنيس حرفيءَ جو هڪ جز آهي.

×   مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس تام‘ جو ڪافي استعمال ملي ٿو. سندس غزلن، نظمن ۽ ٽيھه اکريءَ کان علاوه مڪمل غزل به ملن ٿا، يعني مڪمل قافيا ۽ رديف به تجنيس تام ۾ شامل ٿين ٿا. قافين ۾ البت، مقرون ۽ مفروق قافين سبب ان کي ’تجنيس مرڪب‘ جو به مثال چئي سگهجي ٿو.

×   مولوي صاحب جي شاعريءَ مان تجيس تام جي حوالي سان جيڪي لفظ نوٽ ٿي سگهيا آهن، سي هي آهن: ’وارَ‘، ’عھدَ‘، ’دمُ‘، ’گهڙِي‘، ’ويا‘، ’لالَ‘، ’ماسَ‘، ’هنجَ‘، ’شامَ‘، ’جامَ‘، ’وِيرَ‘، ’وَسَ‘، ’ڀيرَ‘، ’تارِ‘ ۽ ’هارَ‘.

?  مڪمل قافين ۾ ’تجنيس تام‘ جي نسبت ’جهٽ پٽ‘، ’پُور‘ ۽ ’پَر‘ ڪم آندا اٿس، جڏهن ته رديف جي صورت ۾ ’ڪَر‘ لفظ ڪم آندو اٿس. (لفظ پُور ۾ آخري اعراب جو فرق رهي ٿو، پر جيئن ته آخري وينجن (Consonant) ساڪن ڪرڻ لاڙي لھجي جي مزاج ۾ شامل آهي، ان ڪارڻ ان غزل جي آخري اعراب نظر انداز ڪندي، ان پوري غزل کي تجنيس تام ۾ سمجهيو ويندو.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org