باب ڇهون
جِھيڻو وائل
جنهن اکري نشان مٿان جزم ( ۡ) ڏني وڃي ٿي، ان بابت
عام طرح اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته اهو ’ساڪن‘
(ماٺو، چپ، بي آواز) آهي. ڇا اهو تصور درست چئي
سگھجي ٿو؟
’اَبۡ‘ اچاري ڏسو.
]اَ[
چوڻ مهل چپ
]اَ[
وائل اچارڻ واري بيهڪ تي هوندا ۽
]اَ[
چوندي ئي چپ پاڻ ۾ ملائي بند رکڻا پون ٿا ۽ سمجھيو
وڃي ٿو ته ’اَبۡ‘ چيو ويو.
’اَپۡ‘ اچاري ڏسو. ڇا ’اَبۡ‘ ۽ ’اَپۡ‘ جي وچ ۾ فرق
آهي؟
’اَڀۡ‘، ’اَڦۡ‘ ۽ ’اَٻۡ‘ اچاري ڏسو. ڇا ’اَبۡ‘،
’اَپۡ‘، ’اَڀۡ‘، ’اَڦۡ‘ ۽ ’اَٻۡ‘ جي وچ ۾ فرق آهي؟
جواب جيڪڏهن ”نه“ آهي، ته انهيءَ جواب ۾ ڪا به
عقلمندي موجود نه چئبي، ڇو ته
]ب[،
]پ[،
]ڀ[،
]ڦ[
۽
]ٻ[
جي وچ ۾ اصولي طرح فرق موجود آهي.
جواب جيڪڏهن ”ها “ آهي، ته
]ب[،
]پ[،
]ڀ[،
]ڦ[،
۽
]ٻ[
جي وچ ۾ فرق جو ڪارڻ ڇا آهي؟
چپ بند ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن هوا جي ڪجھ نه ڪجھ حصي
کي آزاد نه ڇڏبو ته ’اَبۡ‘، ’اَپۡ‘، ’اَڀۡ‘،
’اَڦۡ‘ ۽ ’اَٻۡ‘ جي وچ ۾ فرق ڪري سگھڻ ممڪن نه
رهندو. هيءَ ڳالهه ياد رکڻي آهي.
هاڻي ’اَچۡ‘، ’اَڇۡ‘، ’اَجۡ‘، ’اَجھ‘ ۽ ’اَڄۡ‘
اچاري ڏسو.
]اَ[
چوڻ کان پوءِ ڄڀ جو مهڙ سخت تارون سان ملي هوا جي
لنگھ کي بند ڪري ٿو ۽ چپ هڪ ٻئي کان وٿيرڪا رهن
ٿا. اهي ”لفظ“ اچاريندي هوا جو لنگھ بند ڪرڻ کان
پوءِ هوا جي ڪجھ نه ڪجھ حصي کي جيڪڏهن دڳ نه ملندو
ته نه رڳو انهن ”لفظن“ جي وچ ۾ فرق ڪري سگھڻ ممڪن
نه هوندو پر ڪو به ٻڌندڙ انهن ”ٻولن“ کي ’اَبۡ‘،
’اَپۡ‘، ’اَڀۡ‘، ’اَڦۡ‘ ۽ ’اَٻۡ‘ کان فرق رکندڙ
سڏي نه سگھندو.
ساڳيءَ طرح، هوا جي وهڪ کي رنڊڪ کان پوءِ ذرو به
دڳ نه ملندو ته ’اَڪۡ‘، ’اَکۡ‘، ’اَگۡ‘، ’اَگۡھ‘
جي وچ ۾ ۽ انهن ۽ مٿي/اڳ ڄاڻايل ”ٻولن“ کان فرق
ڪري سگھڻ ممڪن نه آهي.
’اَسۡ‘ ۽ ’اَشۡ‘ چئي ڏسو. اهي ”ٻول“ اچاريندي هوا
جي وهڪ کي رنڊڪ جيئن ته جزوي آهي تنهنڪري هوا جي
وهڪ کي چٽيءَ طرح محسوس ڪري سگھجي ٿو ۽ ٻڌندڙ
ٻڌندي ئي فرق ڪري سگھندو ته ’اَسۡ‘ چيو ويو يا
’اَشۡ‘.
بلڪل ساڳئي نموني ’اَبۡ‘، ’اَپۡ‘ ۽ اهڙا مٿي ڏنل
سمورا ”ٻول“ اچارڻ مهل فرق رڳو تڏهن ئي محسوس ڪري
سگھبو جڏهن هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ٿيندي ئي ڪجھ نه
ڪجھ دڳ ملي.
ڇا ڦوڪل سازن جي سمورن هوا خارج ڪندڙ سوراخن کي
بند رکي ڪنهن به قسم جو ڪو به آواز اپائي سگھجي
ٿو؟
جتي به هوا جو دڳ بند هوندو اتي ڪنهن به قسم جو ڪو
به آواز اپجي نه سگھندو. آواز جي اپت لاءِ هوا جي
وهڪ کي دڳ ملڻ ضروري آهي.
هوا جي وهڪ کي جڏهن دڳ ملندو تڏهن وات جي کوپي ۾
ڳالڪ عضون جي ڪا نه ڪا بيهڪ هوندي؛ ۽ اها بيهڪ
اهڙي هوندي جنهن ۾ هوا جي لنگھ کي سوڙهه سنگھوڙ
ڀلي هجي پر رنڊڪ نه هجي.
۽ چڱيءَ طرح ڄاڻجي ٿو ته هوا جي وهڪ کي جڏهن وات
جي کوپي ۾ رنڊڪ ناهي (سوڙهه سنگھوڙ ڀلي هجي) تڏهن
اپجندڙ آواز ’وائل‘ سڏجي ٿو.
جڏهن
]پَ[،
]بَ[،
]تَ[
وغيره چئجي ٿو تڏهن رنڊڪ ڪندي ئي هوا کي لنگھ ڏيڻ
مهل وات جي کوپي ۾ ڳالڪ آرکڻن جي بيهڪ
]اَ[
جھڙي ٿئي ٿي.
]پا[،
]با[،
]تا[
وغيره چوڻ مهل رنڊڪ کان پوءِ اها بيهڪ
]آ[
جھڙي هوندي آهي.
هر ڄاتل وائل آواز جي راڙ (loudness)
جي سطح ٿئي ٿي.
]اَ[،
]اِ[
۽
]اُ[
۾ فرق ڪري سگھڻ لاءِ ممڪن ننڍي ۾ ننڍي هڪ سطح اوس
ٿئي ٿي. جڏهن ’اَبۡ‘، ’اَڪۡ‘ وغيره اچارجي ٿو تڏهن
]اَ[
چوڻ کان پوءِ رنڊڪ ڪندي ئي هوا کي جيڪو دڳ ملي ٿو،
ان جي ڪري پيدا ٿيندڙ راڙ جي سطح
]اَ[،
]اِ[
۽
]اُ[
کي محسوس ڪرڻ واري راڙ جي سطح کان گھٽ آهي، ايتري
گھٽ جو اهو ممڪن آهي ته
]اَ[،
]اِ[
۽
]اُ[
جھڙو فرق محسوس نه ٿو ٿئي.
(1)
]پُ[
۽ ’پُٽۡ‘ جي آوازن ۾ فرق آهي. ’پُٽۡ‘ ۾
]ٽۡ[
جو هڪ هلڪو آواز موجود آهي.
(2)
’پُٽۡ‘ ۽ ’پُٽَ‘ جي آوازن ۾ فرق موجود آهي.
]ٽۡ[
۽
]ٽَ[
جي آوازن ۾ فرق سبب ئي ان کي محسوس ڪيو وڃي ٿو.
(3)
’پَٽۡ‘ ۽ ’پَٽِ‘ جي آوازن ۾ فرق آهي.
]ٽۡ[
۽
]ٽِ[
جي آوازن ۾ فرق سبب ان کي محسوس ڪيو وڃي ٿو.
(4)
’پُٽۡ‘ ۽ ’پُٽُ‘ جي آوازن ۾ فرق آهي.
]ٽۡ[
۽
]ٽُ[
جي آوازن ۾ فرق سبب ان کي محسوس ڪيو وڃي ٿو.
(5)
]ٽَ[،
]ٽِ[
۽
]ٽُ[
جي حالت ۾ راڙ جي سطح
]ٽۡ[
جي حالت ۾ راڙ جي سطح کان مٿڀري آهي.
(6)
’پُٽۡ‘ ۾
]ٽۡ[
جي راڙ جي سطح ’پُٽَ‘، ’پَٽِ‘ ۽ ’پُٽُ‘ ۾
]ٽَ[،
]ٽِ[
۽
]ٽُ[
جي راڙ جي سطح کان گھٽ آهي پر ان جو هڪ وجود آهي
جنهنڪري ئي ’پُٽۡ‘ ۽
]پُ[
جي وچ ۾ فرق ٿئي ٿو.
(7)
]ٽۡ[
جو اهو هلڪو آواز وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ کي
رنڊڪ ٿيندي ئي هوا جي ڪجھ مقدار کي آزادي ملڻ جي
نتيجي ۾ وجود وٺي ٿو ۽ ان مهل ڳالڪ عضون جي بيهڪ
اهڙي آهي جيڪا ڪو وائل آواز اپائڻ مهل يعني بنا
رنڊڪ ٿئي ٿي.
(8)
]ٽَ[،
]ٽِ[
۽
]ٽُ[
چوڻ يا
]اَ[،
]اِ[
۽
]اُ[
چوڻ مهل راڙ جي سطح ڪجھ مٿڀري آهي جڏهن ته
]ٽۡ[
چوڻ مهل ان راڙ جي سطح هيٺ ڀري آهي.
انهيءَ هلڪي آواز جو ڪارڻ ڇا آهي؟
”هڪ جھـيڻو وائـل“ انهــيءَ سـوال جو جواب آهـي.
ان جـو تحريري نشان (
ł
) مقرر ڪجي ٿو.
جيئن
]آ[،
]او[،
]اي[
۽
]اِي[
چوڻ مهل راڙ جي سطح ۽ مدو
]اَ[،
]اُ[
۽
]اِ[
چوڻ مهل راڙ جي سطح ۽ مدي کان وڌيڪ آهي تيئن
]اَ[،
]اِ[
۽
]اُ[
چوڻ مهل راڙ جي سطح ۽ مدو
ł
]
[
چوڻ مهل راڙ جي سطح ۽ مدي کان وڌيڪ آهي.
]آ[،
]اي[،
]او[،
]اِي[
۽ اهڙا ٻيا ’ڊگھا‘ (long)
وائل آواز سڏجن ٿا.
]اَ[،
]اِ[
۽
]اُ[
’ننڍا‘ (short)
وائل آواز سڏجن ٿا.
]
ł
[
کي ’جھيڻو‘ وائل آواز سڏڻ ۽ سمجھڻ گھرجي.
·
اهي مصمت آواز يعني وينجن
}وائڄڻ{،
مصوت آوازن يعني سُرن
}وائلن{
جي سهاري کان سواءِ گھڻو ڪري اچاري نه سگھبا آهن،
پنهنجي مٿي اِهي گُنگا يا ماٺ ۾ آهن. (جتوئي
]1983[
45)
هيءَ ڳالهه پاڻ ئي پنهنجي تضاد کي ظاهر ڪري ٿي.
وائڄڻ جيڪڏهن ’گُونگو‘ يا ’ماٺ‘ آهي ته ’آواز‘
ڪيئن ۽ ڇو سڏي سگھبو؟ جيڪو ’آواز‘ آهي اهو ’ماٺ‘
ڪيئن ۽ ڇو چئي سگھبو؟ هجي ’آواز‘ ۽ سڏجي ’ماٺ! ان
جو مطلب اهو ٿيندو ته ’رنڊڪ‘ کي ’آواز‘ سڏيو پيو
وڃي! ڇا اهو ممڪن آهي ته سکڻي رنڊڪ ڪنهن آواز کي
جنم ڏئي سگھي؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪنهن ڦوڪل ساز
جا سمورا سوراخ بند رکي ڪو آواز اپائي سگھجي؟ جي
”نه“، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هوا جي وهڪ کي
ڳالڪ عضون جي مدد سان پوري طرح بند رکي ڪنهن آواز
کي جنم ڏئي سگھجي!؟ وائڄڻ ’رنڊڪ‘ جو نالو ناهي، پر
رنڊڪ ڪندي ئي ان سان گڏ ۽ هڪدم هوا جي ڪجھ نه ڪجھ
مقدار کي آجو ڪرڻ وسيلي اپايل آواز جو نالو آهي.
·
“Consonants always sound with something and can
not sound alone. The vowels are also called
`sonants`, because they can sound without the
support of anything else.”
}”وائڄڻ
سدائين ڪنهن شيءِ جي مدد سان ئي آواز ڏيندا آهن ۽
اڪيلي سر آوازي نه سگھبا آهن. وائلن کي ’ساڏيا‘
(سَڏ وارا) پڻ سڏيو وڃي ٿو ڇو ته اهي ڪنهن ٻيءَ
شيءِ جي مدد کان سواءِ ئي آوازي سگھبا آهن.“{
(الانا (1967) 43. بارٽل مالمبرگ جو حوالو)
ڪو به وائڄڻ جيڪڏهن وائل کان سواءِ آوازي نه ٿو
سگھجي ته ان جو مطلب هي ٿيو ته وائڄڻ هڪ وائلدار
آواز آهي، اهو محض رنڊڪ جو نالو ناهي پر رنڊڪ ڪندي
ئي آجي ڪيل هوا جي وهڪ رکندڙ آواز آهي.
جيئن وائل آواز جي هڪ خصوصيت بنا رنڊڪ هجڻ آهي
تيئن وائڄڻ آواز جي هڪ خصوصيت رنڊڪدار هجڻ آهي.
هوا جي وهڪ ٻنهي قسمن جي آوازن لاءِ لازمي آهي.
هوا جي اها وهڪ جنهن وسيلي
]آ[،
]اَ[
وغيره جھڙو چٽو يا رتل وائڄڻ آواز نه اپجي سگھي پر
راڙ جي سطح ۽ مدي جي حوالي سان انهن کان به گھٽ
هجي، ان کي ’جھيڻو وائل‘ سڏجي ٿو.
ساڪن
’ساڪن‘ معنى ’ماٺو‘، ’خاموش‘، ’چُپ‘، ’سُڪونَ
وارو‘، ’بنا تحرڪ‘ (اهو جنهن تي تحرڪ/چرپر نه
هجي). انگريزي ۾ اهو ساڳيو مفهوم ظاهر ڪندڙ
لفظ/اصطلاح آهي ’vowel
less‘
يعني ’بنا وائل‘. مٿي، جن آوازن کي جھيڻو وائل
رکندڙ ثابت ڪيو ويو آهي انهن کي عام طرح ’ساڪن‘،
’بنا
تحرڪ‘ يا ’بنا وائل‘ سڏيو ويندو آهي ۽ عربي، سنڌي
الفابيٽ ۾ انهن کي تحرير ۾ ’جزم‘ جو نشان ڏئي ظاهر
ڪيو ويندو آهي.
سنڌي جي ڪن ڄاڻُن جڏهن وائل جي تحريري نشان تي به
’جزم‘ آندي تڏهن ان جي تنقيد ڪندي الانا صاحب (]1969[
80) لکيو:
·
سنڌي ڪتابن ۾ صاف سُرن جي تحريري صورت ۾ به ’جزم‘
جو استعمال درست نه آهي. مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته
’جزم‘، جنهن کي ’سُڪونُ‘ به چئبو آهي، ان جو ڪم
آهي ڪن ساڪن وينجن آوازن کي تحريري صورت ۾ ڏيکارڻ.
ڀلا اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگھي ته سُــرَ به خاموش
يعني غير متحرڪ هجن؟
جيئن ’وائل‘ هڪ آواز آهي تيئن ’وائڄڻ‘ به هڪ آواز
آهي. هتي اهو سوال ڇو نه پڇجي ته ”ڀلا اهو ڪيئن
ممڪن آهي ته ’آواز‘ (sounds)
به خاموش هجن؟“
هجي ’آواز‘ ۽ سڏجي ’ساڪن‘!
خاموشيءَ، ماٺ، سُڪونَ، ناتحرڪيءَ جو مطلب ئي اهو
آهي ته ڪو به آواز، ڪا به آوازي چرپر موجود ناهي.
جڏهن آواز ئي موجود ناهي ته پوءِ ’وائل‘ ۽ ’وائڄڻ‘
هجڻ جو سوال ئي بيڪار ٿيو پوي. پر جي وائل ساڪن نه
ٿو ٿي سگھي ته پوءِ وائڄڻ به ساڪن نه ٿو ٿي سگھي،
ڇو ته اهو ’وائڄڻ‘/ ’ڪانۡسونَــنۡٽۡ‘/’وينجن‘ ٿيو
ئي تڏهن آهي جڏهن ان ۾ آواز موجود هجي. ڪنهن به
ٻول ۾ ڪو هڪ به وائڄڻ اهڙو ٿي نه ٿو سگھي جنهن
جو ڪو به آواز نه هجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته
سمورا وائڄڻ هر ٻول ۾ هڪ جھڙي زور/راڙ سان نه ٿا
اچاريا وڃن. ڪن کي اچارڻ مهل زور وڌيڪ لڳي ٿو ۽ ڪن
کي اچارڻ مهل زور گھٽ لـڳي ٿو.
/Script/
(’سۡڪۡرِپۡٽۡ‘، جنهن کي سنڌي ۾ عام طرح ’اسڪرپٽ‘
اچاريو ويندو آهي) جي تحريري نشانن ۾ وائل جي
نشاندهي ڪندڙ رڳو هڪ اکر ’i‘
(آء) آهي جنهن جو سڌو واسطو ’r‘
(آر) سان آهي ۽ باقي اکر بنا وائل آهن. پر ڇا ان
ٻول ۾ ’s‘
(ايس)، ’c‘
(سِي)، ’t‘
(ٽِي) ۽ ’p‘
(پِي) جو ڪو به آواز نه آهي؟
اڪثر انگريزي ٻولن جو جمع واسطيدار ٻول جي آخر ۾ ’s‘
(ايس) آڻي ٺاهيو وڃي ٿو، جيئن
drivers
(ڊرائيورس)،
tailors
(ٽيلرس)،
sailors
(سيلرس) وغيره.
مروج انگريزي اچار ۾ ’ڊرائيور‘، ’ٽيلر‘ ۽ ’سيلر‘
جھڙن ٻولن جو آخري آواز
[r]
(]ر[)
جو آواز چِٽو نه ڪيو ويندو آهي، يا ايئن چئجي ته
ايترو هلڪو ڪيو ويندو آهي جو ان جو محض احساس ئي
ٿي سگھندو آهي پر اهڙن ٻولن جي پويان ’s‘
اچِي جڏهن ٻول کي جمع ڪري ٿي تڏهن، نه رڳو ’s‘
پر ’r‘
جو آواز به ٻڌڻ ۾ اچڻ جوڳو ٿي پوندو آهي، توڙي جو
لکيت ۾ اهي ’بناوائل‘ ئي هوندا آهن.
جي بناوائل ساڪن، بي تحرڪ آهن ته انهن جو آواز
ڇو آهي؟
درحقيقت، مجموعي طرح، اوهين جڏهن پراڻي انگريزي (Old
English)
پڙهي رهيا هجو تڏهن اوهان کي اهو ياد رکڻو آهي ته
هر تحريري نشان جو اچار ڪرڻو آهي، جيئن
niht
(night)
۾
h
جو،
cnēo
(knee)
۾
c
جو،
singan
(to
sing)
۾
n
۽
g
ٻنهي جو،
cyssan
(to
kiss)
۾ ٻئي
s
آواز ۽ اهڙيءَ طرح وڌيڪ. (باربر
]1982[
132)
ان جو صاف ۽ چٽو مطلب هي ٿيو ته لکت ۾ جيڪي اکر
(ڪهڙي به آواز جا نمائندا قرار ڏنا وڃن) بناوائل
سڏجن ٿا، ٻول ۾ اهي سَو سيڪڙو بي آواز نه
آهن.
/horse/
۾ ’s‘
هڪ وائل ’e‘
رکي ٿو تنهنڪري رتل (Sustained)
يا برقرار رهي سگھندڙ وائڄڻ سمجھيو وڃي ٿو. /house/
۾ ’s‘
پڻ هڪ رتل وائڄڻ آهي جڏهن ته /Scripts/
۽ /Schools/
جھڙن ٻولن ۾ هر ’s‘
بظاهر بناوائل آهي، پر ڇا ڪو به چئي سگھندو ته
انهن ٻولن ۾ هر ’s‘
جو ڪو به آواز ناهي؟
/horse/
۽
/house/
جي
[s]
جيان /Schools
۽ /Scripts/
۾
[s]
به هڪ آواز رکي ٿي، کڻي کڻي اهو چئي سگھجي ٿو ته
ان جي راڙ جي سطح /horse/
۽ /house/
۾
[s]
جي سطح کان گھٽ آهي. اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي
ته ٻول ۾ جيڪو آواز آهي تحرير ۾ ان کي بي آواز،
بناوائل، بي تحرڪ، ماٺو يا ساڪن سڏيو وڃي!
/Schools/
۽ /Scripts/
جھڙن ٻولن ۾
[s]
جو اهو هلڪو آواز هڪ جھيڻي وائل جي ڪري آهي جيڪو
]س[
اچاريندي هوا جي وهڪ کي رنڊڪ سان گڏ دڳ ڏيڻ سبب
وجود ۾ آيو آهي.
انگريزي لکيت ۾ اهو جھيڻو وائل آواز ظاهر ڪري سگھڻ
لاءِ اڃا ڪو به تحريري نشان وجود ۾ نه آيو آهي.
عربي، سنڌي لکيت ۾ ’جزم‘ جي نشان کي جھيڻي وائل جو
نمائندو سمجھڻ گھرجي. ليکڪُ ان هلڪي آواز، جھيڻي
وائل کي واياڄاڻي (phonetic)
صورتخطيءَ ۾ ظاهر ڪرڻ لاءِ
[
ł
]
ڪم آڻي ٿو.
ٻوليءَ ۽ ٻول ۾ آواز کي جاچبوآهي، لکت کي نه.
هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته ڳالڻ/ڳالهائڻ، ٻولي ٻولڻ جو
عمل اڳ ۾ شروع ٿيل آهي.
ماڻهو لکين ورهين کان ٻولي ڳالهائيندو پيو اچي.
ٻوليءَ جا ٻول آوازن کان سواءِ جڙي نه ٿا سگھن.
جڏهن ته لکيت جھڙوڪر ڪالهوڪو عمل آهي. ٻولي گھٽ ۾
گھٽ 6-لک ورهن کان ڳالهائي پئي وڃي، جڏهن ته لکيت
جي ڄمار وڌ ۾ وڌ 7-هزار ورهه مس ٿيندي.
لکيت جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ماڻهوءَ ٻوليءَ جي
ٻولن کي درست نموني اهڃاڻڻ جو جتن پئي ڪيو آهي.
تحريري شڪل پٽاندر ٻول نه ٿا رٿجن، ٻول موجب
تحريري صورت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.
آڳاٽين لکيتن ۾ وائل آوازن لاءِ جيڪڏهن الڳ تحريري
نشان موجود نه هئا ته ان جو مطلب قطعي اهو ناهي ته
انهن ٻولن ۾ وائل آواز ئي اڻ-موجود هئا. لکيت
سرشتو هوري هوري سڌريو آهي. ماڻهوءَ جي سمجھ ۽ پرک
۽ پروڙ جي قوت جيئن جيئن وڌي ۽ سڌري آهي تيئن تيئن
ٻين هزارين ڪمن سان گڏ لکيت سرشتي کي به سڌارڻ ۽
سنوارڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.
/لِ/ ۽ /لِکۡ/ جي آوازن ۾ فرق آهي.
/لِکۡ/ ۽ /لِکُ/ جي آوازن ۾ فرق آهي.
/لِکُ/ ۽ /لِکَ/ ۽ /لَکُ/ جي آوازن ۾ پڻ فرق موجود
آهي.
هڪ جھڙن تحريري نشانن ۾ آواز جي فرق کي نروار ڪرڻ
لاءِ حرڪت جون نشانيون وجود ۾ آيون. /ڪَنو/،
/ڪُنو/ ۽ /ڪِنو/ ۾ فرق ڪرڻ لاءِ زبر، پيش ۽ زير ڪم
آنديون ويون پر هڪ پاسي /کُ، کَ ۽ کِ/ ۽ ٻئي پاسي
/کۡ/ جي وچ ۾ جيڪو آواز جو فرق هو ان کي ڪيئن
نروار ڪجي؟ ائين به نه هو ته /کۡ/ جو ڪو آواز ئي
نه هجي، جي آواز نه هجي ها ته /لِ/ ۽ /لِکۡ/ جي وچ
۾ فرق يا /لِکۡ/ ۽ لِکُ/ جي وچ م فرق نه هجي ها.
/کۡ/ جو جيئن ته هڪ آواز هو ۽ /کُ، کَ ۽ کِ/ جي
ڀيٽ ۾ هلڪو هو تنهنڪري اهو فرق ڏيکارڻ لاءِ ’جزم‘
جو نشان ٺاهيو ويو ۽ حرڪت جي نشانين وارن آوازن جي
ڀيٽ ۾ ڄڻڪ ماٺو، ساڪن پئي محسوس ٿيو. عربي ۾ ’جزم‘
جو نشان ’ساڪن‘ سڏجڻ باوجود عملاً هڪ وائل آهي.
انگريزي لکت ۾ اهڙو مناسب وائل نشان ظاهر ڪرڻ
بدران، مروج لکيت کي ڏسي چيو ويو ته وائڄڻ بناوائل
به ٿي سگھي ٿو.
سڌي ۽ صاف ڳالهه آهي ته جنهن وائڄڻ کي لکيت ۾
ساڪن، بي تحرڪ، ماٺو يا بناوائل سڏيو وڃي ٿو، ٻول
۾ اهو درحقيقت سَو سيڪڙو ’ساڪن‘ يا بناوائل نه
آهي. ان جو هڪ آواز آهي.
ڪن اڪابرن جھيڻي ۽ ننڍي وائل، جزميل اکر جي آواز ۽
حرڪتيل اکر جي آواز ۾ فرق کي محسوس ته ڪيو ۽ جھيڻي
وائل واري اکري نشان کي ’جزم‘ وسيلي ظاهر به ڪيو
پر ان کي هلڪو متحرڪ سڏڻ ۽ سمجھڻ بدران ساڪن سڏيو
۽ سمجھيو.
لکيت ۾ وائل آواز لاءِ الڳ تحريري نشان جي ايجاد
لڳ ڀڳ اڍائي هزار ورهه پراڻي آهي پر ’جزم‘ جي
ايجاد ڏيڍ هزار ورهه اڳ موجود نه هئي.
ليکڪ جزم کي هلڪي تحرڪ ۽ جھيڻي وائل جو اهڃاڻ
سمجھي ڪم آڻي ٿو.
ليکڪ جي نظر ۾ درحقيقت ساڪن ڇا آهي؟
/Straight/
۽ /night/
ٻولن جي تحريري صورت ۾ ’gh‘
اکرَ هڪ ڌيان لهن ٿا. پراڻي انگريزي جي ٻولن ۾
انهن کي هڪ آواز هو پر اڄوڪي انگريزي جي ٻولن ۾
انهن جو ڪو به آواز نه آهي. اڄوڪي انگريزي ۾ انهن
ٻولن جو اچار /Streit/
۽ /tīn/
آهي. انهن ٻولن ۾ ’gh‘
جو اڄ ڪو به آواز ناهي. تحرير ۾ انهن کي ’ساڪن‘
سڏي سگھجي ٿو. اڄوڪو ٻول /streit/
آهي تنهنڪري /straight/
کي هاڻي اتهاس ۽ ٻولاڄاڻ (Etymology)
جو وڙ سمجھڻ گھرجي.
’ڪم ڪرڻ‘
’ڪم ڪَرِ‘
’ڪم ڪيو‘ / ’ڪم ڪريو‘ (جمع امري صورت)
’ڪم ڪيُمِ‘، ’ڪم ڪري ڇڏيم‘
’ڪم ڪندم‘، ’ڪم ڪري ڇڏيندم‘
انهن جملن ۾ ’ڪَرڻ‘ تي ۽ ان جي مختلف صورتن تي
ڌيان ڏيو ۽ محسوس ڪريو ته
]ر[
جو آواز ڪٿي موجود آهي ۽ ڪٿي گم. هاڻي سوال اٿاريو
ته ڇو؟
خاص ڪري جمع امري صورتن تي ڌيان ڏيو. اڄوڪي سنڌ ۾
ٻئي صورتون موجود آهن. هڪ صورت ۾
]ر[
موجود آهي ۽ ٻيءَ ۾ نه. جنهن صورت ۾ اڻ-موجود آهي
انهيءَ ۾ درحقيقت ساڪن آهي، انهيءَ ٻول ۾
]ر[
جو ڪو به آواز ناهي تنهنڪري ڪيرايو ويو آهي.
/ڪَريندو/ ٻول اڄ اتهاس ۽ ٻولاڄاڻ جي حوالي آهي.
اڄوڪي سنڌيءَ ۾ /ڪَندو/ مروج آهي. سنڌيءَ جي اهڙن
ٻولن ۾
]ر[
جھڙي آواز کي ليکڪ ساڪن تصور ڪري ٿو ۽ درحقيقت
ساڪن ٿي ويل آواز سنڌي ٻولي ڪيرائي/ختم ڪري ڇڏيندي
آهي.
ٻول ۾ آوازن جي ڳڻپ
·
/ڪِنو/ ۾ هيٺيان آواز آهن:
]ڪِ[:
بي ڀڻو، اوسرڳ، نرم تارون وارو، ڌماڪيدار وينجن
]اِ[:
ڇوٽو، اڳيون، سوڙهو سُر
]ن[:
مهارن وارو نَڪئون وينجن
]او[:
پويون اڌ-سوڙهو سُر (جتوئي
]1983[
75-76)
ڇا /ڪِنو/ ۾ سچ پچ پورا چار آواز:
]ڪ[،
]اِ[،
]ن[
۽
]او[
شامل آهن؟
/ڏُچر/ ۽ /سُچر/ ٻولن ۾ /ڏُ-/ ۽ /سُ-/ باندي (bound)
صورتون آهن. انهن کي جيڪڏهن ساڳئي انداز ۾ بيان
ڪبو ته پوءِ چوڻو پوندو ته /ڏُ-/ جا ٻه آواز
─
]ڏ[
۽
]اُ[
۽ /سُ-/ جا ٻه آواز
]س[
۽
]اُ[
آهن. ڇا /ڏُ/ ۽ /سُ/ مان هر هڪ سچ پچ پورا ٻه آواز
رکي ٿو؟
/ڪِنو/ ۾ ’ڪ‘ کان
]اِ[
۽ ’ن‘ کان
]او[
ڌار رکڻ سبب ڇا ’ڪ‘ ۽ ’ن‘ وٽ سچ پچ ڪو آواز
بچيو آهي. /سُ/ ۽ /ڏُ/ کان
]اُ[
ڌار ڪرڻ کان پوءِ ڇا ’س‘ ۽ ’ڏ‘ جو پنهنجو ڪو
آواز آهي؟ |