سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 3

صفحو :4

 

·     سنڌ (هند) جي ماڻهن کي اسان نجوم ۽ حسابن ۾ گھڻو اڳتي ڏٺو. انهن جو هڪ خاص سنڌي (هندي) خط آهي... (الانا (1969) 17، جاحظ جي حوالي سان. 864ع/ لڳ ڀڳ 250 هجري)

ان سنڌي الف-ب جي صورتخطي ڪيئن هئي، تنهن بابت ليکڪ کي ڄاڻ نه آهي. سنڌي ٻولي جا لفظ لکڻ لاءِ گرمکي، خواجڪي، ديوناگري، خداوادي، شڪارپوري، ساکرو (سکر واري)، ٺٽائي، لاڙائي، ونگائي، راجائي، ميمڻڪي، سيوهاڻي وغيره لَپيون پڻ ڪم اينديون هيون. مخدوم ابوالحسن جي جوڙيل لپي بابت به سڀني کي ڄاڻ آهي. اڄوڪو مروج سنڌي رسم الخط عربي-فارسي تان ورتل ۽ ڪجھ اکرن ۾ واڌارا ڪري ٺاهيل آهي.

جيئن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد، اوسر ۽ تبديلين بابت هڪ مونجھارو موجود آهي تيئن آڳاٽي سنڌي لکيت بابت به ڪا پڪي پختي، طيءِ ٿيل راءِ موجود ناهي.

·                   ڊاڪٽر ڪريمر (Crammer) آمريڪا ۾ سُميريالاجي (Sumeriology) جو وڏو ماهر ۽ ڄاڻو سمجھيو وڃي ٿو. هن سمير جي تختين وارين لکيتن کي پڙهي، اهو نظريو پيش ڪيو آهي ته سميري تمدن جا انسان، جنهن ’دلمون‘ ملڪ جي ساراهه مان ڍاپن ئي نه ٿا ۽ بار بار ان کي ديوتائن جو ملڪ چون ٿا، سو لاشڪ موهن جي دڙي وارو ملڪ هو. (سراج ]1964[ 23-24)

سراج صاحب جن جي راءِ موجب ”سنڌو تهذيب سميري تهذيب جو سرچشمو هئي.“ (ص 25)

·     ... سنڌو سان واسطيدار لڳ ڀڳ 40 ڪتبا (inscriptions، نوشته) ويجھي اوڀر (Near East) مان لڌل آهن. انهن مان ڪي سنڌو تهذيب جي کولَ (discovery) کان به گھڻو اڳ لڌيون ويون هيون جيڪي عوام جي ڄاڻ لاءِ پهريون ڀيرو سَر جاهۡن مارشل (Marshall) ’اِلسٽريٽيڊ لنڊن نيوز‘ ۾، 20-سيپٽمبر 1924ع، ڇپايون... هڪ هفتو پوءِ ’السٽريٽيڊ لنڊن نيوز‘ اي.ايڇ. سائيس (A.H. Sayce) جو هڪ مختصر خط ڇپيو جنهن سنڌو مهرن ۽ ٺڪر جي ٿانون کي سوسا (susa) مان لڌل آڳل-ايلمائيٽ (Proto-Elamite) تختين ۽ ٻين پڪل ٿانون (ceramics) سان ڀيٽيو هو ۽ دليل ڏنا ته اهي عملي طرح هڪجهڙيون هيون. ان کان هڪ هفتو پوءِ ساڳئي جرنل ۾ سي.جي. گاد (C.J. Gadd) ۽ سڊني سمٿ (Smith) جو مضمون (paper) شايع ٿيو، جنهن موجب انهن سنڌو ۽ ميسوپوٽاميائي سڀيتائن جي وچ ۾ ڪيترين ئي شين جون ڀيٽون (comparisons) ڪيون ۽ انهن کي ان بنياد تي }ٻنهي سڀيتائن جي وچ ۾{ ويجھي ناتيداريءَ جي شاهديءَ طور قبول ڪيو. وڌ ۾ وڌ ڪو هڪ ورهه پوءِ ايل.اي. واڊيل (L.A. Waddell) جو 146 صفحن وارو ڪتاب ”دي انڊو-سميرين سِيلز ڊِيسِفَرڊ“ (حل ڪيل سنڌو-سميري مهرون) شايع ٿيو، جنهن جو هڪ ننڍو عنوان ”سنڌو ماٿر جي سميرين کي فونيشين (Phoenician)، بَرات (Barats)، گوٿ (Goths) ۽ مشهور ويدي آرين (Vedic Aryan) طور کوجڻ“ ٻڌائي ٿو. }اصطلاح ”انڊو-سميرين“ سنڌو ۽ سمير جي وچ ۾ گھاٽا ناتا ڏسندي مارشل ڪم آندو هو ۽ پوءِ ان ۾ ڪي ڪمزوريون ڏسي پاڻ ئي ترڪ ڪيو هو{... گذريل ڏهاڪن ۾ هوري هوري چِٽو ٿيندو آيو آهي ته سنڌو سڀيتا پاڻ سان ويجھي ناتيداري ۽ مقامي طرح ٿورو فرق رکندڙ اوائلي سنڌو راهپن (Early Indus Cultures) جي ڪنهن هڪ شاخ جو ڦوهه جواني (جوڀن) کي رسڻ جي نتيجي ۾ اسري آهي. اوائلي سنڌو راهپون لڳ ڀڳ ان ساڳي ئي ايراضيءَ ۾، ٽي هزار کان اڍائي هزار ورهه ق م تائين ڦُلاربيون رهيون. اهي اوائلي وِچـپَهڻي (Mesolithic) ۽ نَوپَهڻي (Neolithic) روايتن (traditions) مان ڏکڻ ترڪمانستان (Turkmenistan) ۾ ٻنگارپهڻي راهپن جي اوڀرائين پاسي واڌ/پکڙجڻ کي ظاهر ڪن ٿيون جيڪي اولهائين ايران ۽ ميسوپوٽاميا جي ڀيٽ ۾ خودمختار هيون توڙي جو ان پاسي کان به اثر ورتائون. ڦلارجندڙ ترڪماني سڀيتا جي واڌو آباديءَ هوري هوري اوڀر پاسي جياسڪي اُر (Geoskyur) واري نخلستان، سيستان (Seistan)، ڏکڻ اوڀرائين افغانستان، اترئين بلوچستان ۽ سنڌو ماٿري ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو. ڀِـڙاڄاڻِي شاهديون (Archaeological parallels) ۽ ريڊيو-ڪاربان چڪاس کان پوءِ سڌاريل سَن چوٿين هزارين ق م جي پڄاڻي ۽ ٽئين هزارين ق م جي ابتدا وارن ورهن دوران مضبوط راهپي (Cultural) ۽ معاشي (Economic) لاڳاپن کي پڌرو ڪن ٿا... 3 هزار کان اڍائي هزار ق م دوران صورتحال تبديل ٿي وئي، وسيع سنڌو علائقو راهپي طرح ترڪمانستان کان ڌار ٿي ويو ۽ ان جا راهپي لاڳاپا ڏکڻ-اولهه ۽ ميسوپوٽاميا ڏانهن لڙي ويا... سنڌو لکيت جيڪڏهن ڪنهن ٻيءَ لکيت سان ناتو رکي ٿي ته اها هر طرح آڳل-ايلمائيٽ ئي آهي جيڪا اوڀر ۾ ويندي تيپ يحى (Tape Yahya) سان ڳنڍيل آهي جنهن سان اوائلي سنڌو راهپون لاڳاپي ۾ هيون جيئن موهن دڙي ۾ درآمد ڪيل صابڻ-پٿر (Steatite) مان ٺهيل صراحيون (vases) ڏيکارن ٿيون. پر ائين ٿو ڀانئجي ته سنڌو لکيت، جيستائين حقيقي تصويري خاڪن جو تعلق آهي، گھڻي ڀاڱي خودمختار تخليق آهي.

(آسڪو پرپولا، ”رِيسينٽ ڊيوِلپمينٽس اِن دي اسٽڊي آف انڊس اسڪرپٽ“، ’سنڌ ٿرو سينچريز‘، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، 1981ع)

سنڌو لکيت جيڪڏهن هڪ خودمختار لکت آهي ته پوءِ سراج صاحب جن جي راءِ هڪ سگھاري دليل جي حمايت ماڻي وٺي ٿي. سراج صاحب جن جي پرک ٻڌائي ٿي ته سنڌو لکيت ۾ ڪي تصويري خاڪا اهڙا آهن جيڪي هڪ سڄي لفظ جي نمائندگي ڪن ٿا، جيئن ’ڪوٽ‘ جو تصويري نشان آهي ۽ ڪي خاڪا هڪ پد جي به نمائندگي ڪن ٿا (پوءِ اهو پد ٻه-اکرو هجي يا هڪ-اکرو) ته هڪ وائڄڻ آواز يا اکر جي به. انهيءَ تحرير ۾ البت ڪنهن وائل آواز جو اکري نشان نشانبر ڪيل ناهي جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اها پنهنجيءَ اوسر جي ان سطح تي هئي جنهن تي مٿي ڄاڻايل ٽڪرن ۾ سميري ۽ مصري لکيتون هيون.

آسڪوپرپولا ۽ سندس ساٿي، روسي عالم يورِف نوروزوف (Yurijv Knorozov) ۽ سندس ساٿي ۽ ڪيترائي ٻيا عالم سنڌو لکيت کي دراوڙي ٻولي جي حوالي سان پرکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايم ايڇ پنهور صاحب جن جو خيال آهي ته آڳاٽي سنڌي ٻولي ۾ دراوڙي اثر رڳو 20-سيڪڙو مس هوندو ۽ باقي 80-سيڪڙو ڏکڻ ايران سان واسطو رکي ٿو، جيڪي سامي نه هئا پر سُوسا جا ايلمائيٽ هئا. (ڏسو سندن ٻه مضمون ”سنڌ جون ٻوليون“ ۽ ”سنڌ جي ٻولي“)

هينري هيراس (Henry Heras) سنڌو لکيت کي دراوڙي سمجھي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن سنڌو مهرن ۾ هر خاڪي کي هڪ لفظ جو اهڃاڻ ٿي سمجھيو ڇو ته سندس خيال موجب، ٻين سببن سان گڏ هڪ سبب هي به هو ته ٽئين هزارين ق م جي سمورن ڄاتل لکت سرشتن جو نمونو اهو آهي جنهن کي ٻولَ-پدائتو (Logo-syllabic) سڏجي ٿو، ٻئين هزارين ق م ۾ گھڻي ڀاڱي پدائتو (syllabic) آهي ۽ آخري هزارين ق م ۾ الفابيٽ وارو آهي. هن پڌرو ڪيو ته موهن دڙي مان لڌل مهرن تي پيل نشان پدن سان ٺهڪي نه ٿا اچن ۽ اهي وائڄڻ آواز جا نشان هجن، ان جو امڪان اڃا به گھٽ آهي تنهنڪري اهي هڪ مڪمل ٻول/لفظ کي پيش ڪن ٿا. (ڏسو آسڪو پرپولا وارو مضمون)

مسٽر هنٽر (Hunter) مسٽر لئنگڊن جي پوئواري ڪندي (جنهن بروهڪي لکت کي سنڌو لکيت جي پوئيَر سڏيو هو) ڪجھ نشانن کي وائل جو اهڃاڻ سمجھيو هو. پر ڪي عالم انهيءَ خيال جا به آهن ته سنڌو مهرن تي وائيا (phonemes، صوتيا) نقش ٿيل آهن (حوالو ساڳيو). اهڙيءَ طرح سنڌو لکيت کي پڙهڻ جي معاملي ۾ ڪيترائي مونجھارا ڪَر کڻي بيهن ٿا: مختلف نشانن کي ڪو عالم ٻول/لفظ جو نمائندو ٿو سمجھي ته ڪو پد يا وائيي (phoneme) جو ۽ ڪجھ نشانن کي وائل جو اهڃاڻ سڏيو وڃي ٿو.

پنجويهن ورهن جي پورهيي ۽ ڪمپيوٽر ۽ ٻين جديد وسيلن جي واهر کان پوءِ ڪن عالمن سنڌو مهرن تي گھڻي کان گھڻي نظر ايندڙ نشان    کي ”مڇي“، دراوڙي ۾ = مِن (min) پڙهيو آهي ۽ ان کي هڪ وک اڳتي قرار ڏيندي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. هي ليکڪ حيرت ظاهر ڪرڻ جي حيثيت ۾ ناهي، البت ايترو اوس چوڻ گھري ٿو ته ان ساڳي ئي نشان کي سراج صاحب جن، 1964ع ۾، جيڪڏهن ”مڇي“ پڙهيو ۽ ”م + حرف علت“ جو نمائندو سڏيو ته ڇو اها ڳالهه قبول ڪرڻ بدران کين تنقيد جو نه پر ٽوڪ جو نشان بنايو ويو؟

·     موهن جي دڙي ۾ جتي ڪٿي انهن }مُهن نالي قبيلي وارن{ جي نياتي نشاني (totem)     ملي ٿي. اهو ئي قبيلو هزارين سالن کان اڄ تائين سنڌ ۾ رهندو اچي. ان ساڳئي قبيلي کي شاھ }لطيف ڀٽائي{ ’مُهاين‘ جو قبيلو سڏيو آهي. ان قبيلي جون شاخون يا ذاتيون ”مي“، ”مهاڻا“ وغيره اوهان کي سنڌ ۾ اڃا تائين ملندا. اڄ تائين ٺٽي، ماڃر، دادو وغيره طرف ويٺل غريب  مهاڻن جي ڪن ذاتين وٽ، اوهان کي اها نياتي نشاني    ٺڪر جي ٿانون ۽ ويندي ٻيڙين جي پاسن تي کوٽيل ۽ اڪريل ملندي. (سراج ]1964[ 119-120)

·          ان کان پوءِ گھڻي استعمال ٿيل نشاني آهي. ان جي شڪل مڇيءَ جھڙي آهي، شايد    ان وقت به ان ئي نالي سان سڏبي هئي... منهنجي خيال ۾ ان جو ملهه ”م+ حرف علت“ آهي. (سراج ]1964[ 138)

سراج صاحب جن ان کي دراوڙي نه، سنڌي ٻولي سمجھي پڙهيو آهي.

حقيقت ڇا آهي، ان تي اڃا پردو پيل آهي. سراج صاحب جن سان ۽ سڀني عالمن سان ڪنهن به ڳالهه تي اختلاف ڪري سگھجي ٿو مثبت اختلاف ئي حقيقتن کي کولڻ ۾ واهرو ٿيندو. ممڪن آهي ته پرپولا ۽ نوروزوف واريون ٽِيمون (teams) به غلط ثابت ٿين پر هڪ مثبت امڪان رکي سگھجي ٿو ته اهي ۽ اهڙيون ڪوششون ئي اڳتي هلي سچائيءَ کي پڌرو ڪنديون.

سنڌو لکيت جي حوالي سان مٿي جيتريون به ڳالهيون آيون آهن، اهي سڀ امڪاني/مفروضا آهن. بهرحال، سمورا عالم جھڙوڪر متفق آهن ته جيستائين موهن دڙي جو هيٺيون تهه نه ٿو کوٽجي، ووڙجي ۽ چڪاسجي، تيستائين سنڌو سڀيتا توڙي سنڌو لکيت جي مڪمل ۽ درست پرک ڄڻڪ ناممڪن آهي.

·     بهرحال، هن تحرير جو صحيح حل ان وقت ٿي سگھي ٿو، جڏهن ميسوپوٽاميا يا سنڌو ماٿري جي وڌيڪ کوٽائيءَ مان ڪو اهڙو ڪَتبو يا مهر هٿ اچي وڃي، جنهن ۾ انهن ٻنهي زبانن ۾ اڪريل ڪتبا دريافت ٿي سگھن، ۽ اهڙيءَ طرح ميسوپوٽاميا جي زبان جي مدد سان سنڌو ماٿري جو رسم الخط پڙهي سگھجي ڇاڪاڻ ته ميسوپوٽاميا جي زبان پڙهجي چڪي آهي. (صديقي ]1980[ 174)

تحرير جي اوسر بابت مٿي آيل سموري ذڪر ۾ هڪ ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته لکت ۾ ڪيترن ئي وائل آوازن جا نشان تمام گھڻو پوءِ ٺهيا ۽ مقرر ٿيا آهن. اڄ اسان وٽ ڪي ٻوليون اهڙيون به آهن جن جي لفظن ۾ وائل نشان الڳ اچي ٿو (پر اهو ڪنهن هڪ مقرر وائل آواز لاءِ ڪم نه ٿو اچي، مختلف وائل آوازن جي نشاندهيءَ لاءِ ڪم اچي ٿو) جيئن انگريزي ۾ آهي ۽ ڪن ٻولين جي لفظن ۾ اڃا سوڌو گھڻا وائل نشان الڳ ناهن. عربي ۾ ا، و ۽ ي سان گڏ تحرڪ جا نشان اهو ئي ڪردار ادا ڪن ٿا جيڪو، مثال طور انگريزي ۾ a، e، i، o ۽ u ڪن ٿا پر عربي ۾ ا، و ۽ ي کي حروف علت، زير، زبر ۽ پيش کي حرڪت جون نشانيون، جزم کي ساڪن جي نشاني، شد کي تشديد جي نشاني ۽ لفظ جي آخر ۾ ايندڙ حرڪت جي نشاني کي اعراب سڏيو وڃي ٿو. عربي ۾ مصوَت (وائل) جا ڪي مقرر نشان ايئن ئي موجود ناهن جيئن مصمت (وائڄڻ) جا آهن. سنڌي جي رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ اڪثر لفظن تي تحرڪ جون نشانيون ڏنل نه هونديون آهن.

”هو پٽ تي ويٺو آهي.“

هن جملي ۾ ظاهري وائل نشان رڳو ’آ‘ آهي، جنهن کي 1970ع تائين ’حرف علت‘ سڏيو ويندو هو، باقي ڪنهن به اکر تي نه ته ڪا تحرڪ جي نشاني آهي ۽ نه ئي اڪيلو الڳ وائل نشان. ان هوندي به هر سنڌي پڙهندڙ ماڻهو ان جملي کي ”هُو پَٽَ تي ويٺو آهي“ ئي پڙهندو، ڪنهن ٻئي نموني سان نه، ڇو ته هو ان طرز تحرير کان چڱيءَ طرح واقف آهي. ڪو شڪ ناهي ته سمير ۽ بابل توڙي مصر وارا پنهنجي ”بنا-وائل-نشان“ لکت کي بلڪل ائين ئي پڙهندا هوندا جيئن هيءَ لکڻي پڙهي وڃي پئي.

نمبر 2 ڳالهه. ڪجھ ٻولين ۾ توڙي جو وائل نشان الڳ آهن پر اهي پنهنجي ٻولي جي سمورن وائل آوازن کي صحيح نموني ادا نه ٿا ڪري سگھن. عام طرح سمجھيو وڃي ٿو ته انگريزي ۾ 12 يَڪسُرا وائل (Monophthong vowels) ۽ 8 ٻِسُرا وائل (Diphthong vowels) موجود آهن (بابر ]1982[ 5 ۽ 7) پر انهن سڀني آوازن کي سڏجندڙ پنج وائل اکرن (a، e، i، o، u) ۽ ڪڏهن ’واءِ‘ (y) ۽ ’ڊبليو‘ (w) جي مدد وٺي ظاهر ڪيو وڃي ٿو جنهنڪري انگريزي ٻولي پڙهندي ڪنهن هڪ ئي وائل نشان جو آواز مختلف ٻولن ۾ مختلف ٿي وڃي ٿو، جيئن هيٺ ڏنل انگريزي لفظن ۾ a (اي) جو آواز آهي:

1. Aback   /ə-bak'/   Astir /ə-stûr'/

2. Abbess /ab'es/             Ask /ask/ يا /äsk/

3. After    /äftər/    Arch /arch/

4. Aleatory /ā'li-ə-tər-i/     Angel /ān'jl/

5. Albeit  /öl-bē'it/          All /öl/

6. Shabble /shab'l/   Shall /shal/ يا /shəl/

7. Shade /shād/       Shale /shāl/

8. Shaft /shäft/       Sharp /shärp/

مٿي ڏنل لفظن جا وايوڄاڻي (phonetic، صوتياتي) نشان (اکر) جيڪي // ۾ ڏنل آهن، ’چئمبر'س ڊڪشنري‘ تان ورتل آهن.

اهڙي ئي قسم جا ڪيترائي مثال انگريزي جي هر هڪ وائل نشان جي حوالي سان پيش ڪري سگھجن ٿا.

سنڌي ٻولي ۾ ’ا‘ ۽ ’ء‘ جو ڪو به فرق ناهي. سنڌي وائل آوازن کي اَ، اِ، اُ، او، اَو، اُو، اي، اَي، اِي ۽ آ جي صورت ۾ لکيو وڃي ٿو ۽ انهن جو نشان ’ا‘ ڪن لفظن ۾ ’ء‘ جي صورت ۾ اچي ٿو ته ڪن لفظن ۾ محض حرڪت جي نشان طور، ۽ ڪن لفظن ۾ اها نشاني ڏئي سگھجي ئي نه ٿي.

لکت جي حوالي سان ليکڪ انهيءَ خيال جو آهي ته

1.   هر وائل آواز جو تحريري نشان ڌار ڌار نموني جو ۽ هڪ-اکرو هجڻ گھرجي يعني وائل آواز جيڪڏهن وِيهه آهن ته انهن جا اکر به ويهه هجڻ گھرجن،

2.  هر وائڄڻ ذات لاءِ ڌار ڌار هڪ-اکرو تحريري نشان هجڻ گھرجي، ۽

3.  هر وائڄڻ آواز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هر هڪ وائڄڻ ذات جي اکري نشان سان گھربل وائل آواز جو نشان اهڙي نموني ڳنڍيل هجي جو ان جي اکري بناوت به هڪ-اکري هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com