سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 13

صفحو :20

 

·     سُوائيو ج سوائيا: ذ. ]سن. س  =چڱي + وارتا = وائي[. وڻندڙ گفتگو ڪندڙ... خوش آواز...

·     سَوايو: اسم خاص. (سوايو = وڌيڪ) نالو ماڻهوءَ جو.

·     ڪُوارڻ: مصدر. ]سن. ڪُ = خراب + وات = هوا. پرا. ڪُ = خراب + وائار[. ڪوار ڪرڻ - هِجو ڪرڻ - گلا ڪرڻ... رسوا ڪرڻ - نِندا ڪرڻ... بهتان رکڻ...

·     ڪُواءُ (ت): ذ. (ڪ = خراب + واءُ = هوا) زماني جي گردش. انياءُ - ظلم...

·     ڪُوائِي .. ڪوائيون: ث. ]سن. ڪُو + وائي=  خراب ڳالهه[ خراب وائي - بڇڙو سوڻ...

·     ٻِوايو ج ٻه وايا: ذ. صفت. ٻن ٻولين وارو - دُوايو. ٻن طرفن کان لڳندڙ واءُ.

·     ٽِوايو ج ٽِوايا: ذ. صفت. ٽن وايُن وارو - ٽن ٻولين وارو. ٽن معنائن وارو.

-      دُوائي ج دوائي: ... ٻن زبانن وارو - ڪُوڙو.         (ج س ل)

انگريزي لفظ ’Vowel‘ بدران سنڌي ۾ ’وائل‘ ڇو مقرر ڪيو ويو آهي، اهو سمجھڻ لاءِ اڃا ٻه ٽي ٻول ٻيا به ذهن ۾ ويهارڻا پوندا.

·     وائُلَ ج وائلون: ث. (سن. وايـُ = واءُ)... هذر - هذيان - سرسام...

·     وائلَڻُ: مصدر... هوا لڳڻ... پڌرو ٿيڻ...

·     وائُلجَڻ: ... واءُ جي جھٽڪي ۾ اچڻ... وڦلجڻ... گجڻ - رڙڻ... سرسام جي اثر هيٺ اچڻ.

-      وائلجي وڃڻ : ڳالهه پڌري ٿي پوڻ...                      (ج س ل)

/وائل/ = واء لۡ (واء سان واسطيدار، جنس ناڌر، ڳڻپ ٻڙي)

وائلُ = واء+ لُ (واء سان واسطيدار، جنس مذڪر، ڳڻپ هڪ)

وائلَ = واء+ لَ (واء سان واسطيدار، جنس مذڪر، ڳڻپ گھڻا)

سنڌي ٻوليءَ جي مزاح موجب مٿين ٻولن ۾ ’ء‘ اوس متحرڪ ٿيندو پر ان کي هلڪي کان هلڪو رکڻ گھرجي.

ليکڪ ’وائل‘ کي ’Vowel‘ جي متبادل طور ڪم آڻڻ گھري ٿو ۽ پڪ رکي ٿو ته ’Vowel‘ جو اصلي ۽ حقيقي بنياد ’واء‘ آهي. ’واء‘ جن سنڌي ٻولن ۾ ڌاتو طور ڪم اچي ٿو انهن مان ڪجھ جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. هتي ’Vowel‘ بيان ڪجي ٿو، جيئن اهو ڪجھ انڊو-يورپي ٻولين ۾ ڪم اچي ٿو.

·                   Vowel /vow'əl/ n.

A speech-sound produced by the unimpeded passage of the breath (modified by the vocal cords into voice) through the mouth. [Fr. voyelle - L. vocālis - vōx, vocis, voice]

·      وائل /واء لۡ/ اسم

هڪ ڳالهه-آواز جيڪو وات مان (واڪل ڏورين وسيلي واڪي ۾ بدلائي) ساھ جِي اڻ-رنڊيَل وهڪ وسيلي اپايو وڃي ٿو. ]فرينچ وائِل/وائيل لاطيني واڪلِس - واڪۡس، واڪِس، واڪو[

Voice لفظ ۾ ’c‘ جو آواز ’س‘ پر مٿي جيڪي به لفظ آيا آهن انهن ۾ اها ’ڪ‘ جو آواز ڏئي ٿي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکي جيڪڏهن voice جو آواز اچاربو ته ’وائڪۡ‘ ٿيندو. voice جن به ٻولن سان ناتيداري رکي ٿو انهن سڀني ۾ ان جو آواز ’ڪ‘ ٿئي ٿو ۽ ’واڪ‘ چٽو ٿي اچي ٿو. اچو ته انهيءَ ’واڪ‘، ’وائڪ‘ يا وائِس (voice) کي ڪجھ ٻين لفظن ۾ ڳوليون.

·                   واڪَبل /واڪَ بل/       .  /vo'kə-bl/ vocable

اهو جيڪو واڪي سان آوازيو وڃي ٿو (that which is sounded by voice). هڪ ٻول (word، لفظ) يا ٻول جو آواز (sound) جيڪو ان لائق هجي جو اورجي سگھجي (capable of being uttered). ]لاطيني vocābulum (واڪَبُلَم) ۽ vōcālis (ووڪَلِس) vōx (واڪۡس)، vōcis (ووڪِس) voice (وائِس)[

vocation (vō-kā'shən، ووڪيشن): هڪ قسم جو سڏ. واڪَپَ.3

vocal (ووڪَل، واڪل)  واڪي وارو، واڪو ڪرڻ وارو، واڪَل.4

 


voice (vois، وائِس)  جيئري هستيءَ، خاص ڪري ماڻهوءَ جو ٻوليندي/ڳالهائيندي يا ڳائيندي پنهنجن واڪل آرکڻن (organs، عضون) وسيلي اپايل آواز. ]اينگلو-فرينچ voiz (وائز voice (واڪو)، (فرينچ voix)   لاطيني vōx (واڪس)[

 

viol (vīəl، وائيل): وائِلن سڏجندڙ سازن جي وڏڙن مان ڪو به هڪ ساز.

viola (vi-o'la، واء اول): وائِلن کان ڪجھ وڏو هڪ قسم جو ساز.

violin (vī-ə-lin'، وائِــلِــن): چئن تارُن وارو موسيقيءَ جو هڪ ساز.

آخري ٽنهي ٻولن جو بنيادي، اصلي ٻول ڪهڙو آهي، اها لاطيني، انگريزي ۽ فرينچ ٽنهي ٻولين جي پارکن کي سُڌ پئجي نه سگھي آهي.

مٿي، voice جي هم معنى ۽ هم آواز طور اينگو-فرينچ voiz (وائز) ۽ فرينچ voix (وائِگۡزۡ؟) تي ڌيان ڏجي ٿو ته عربيءَ جو ’واعظ‘ ذهن ۾ اڀري اچي ٿو ۽ ’واڪل‘ وري ’وڪل‘ (جنهن مان ’وڪيل‘ نڪتل آهي) چٽو ٿي اچي ٿو. خوشقسمتيءَ سان انهن ٻنهي ٻولن جي معنى ۽ مفهوم ’واء‘ ۽ ’واڪ‘ سان ملندڙ جلندڙ آهي پر هتي وري هڪ نئون در کلي ٿو، ته ڇا اهي اصل ۾ عربيءَ جا ٻول آهن يا ان به ڪنهن ٻي ٻوليءَ کان ورتا هئا؟

اهي ٻول جيڪي عربيءَ جي ڄاتل چوڏهن ئي صورتن ۾ ڦري سگھن انهن جو ڌاتو عربي سمجھيو ويندو آهي ۽ ’وعظ‘ توڙي ’وڪل‘ ٻنهي جو ڦيرو چوڏهن ئي صورتن ۾ ٿئي ٿو. پوءِ، ڇا ’واء‘ ۽ ’واڪ‘ ٻول عربيءَ کان سنڌي، سنسڪرت ۽ يورپي ٻولين ۾ ويو آهي يا عربيءَ خود عبرانيءَ کان ورتو، جنهن ۾ اهو تڏهن داخل ٿيو جڏهن سنڌ ۽ سمير جا واپاري ناتا اوج تي هئا؟ انهيءَ پسمنظر ۾ ’وعدو‘ ٻول کي به ڏسڻ گھرجي.

اتان ذهن وري ٻئي ٻول آواز ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو چيو ٿو وڃي، ته فارسيءَ جو ٻول آهي. فارسي، ٻولين جي انڊو-آرين گھراڻي سان تعلق رکي ٿي.

سنڌي ۽ سنسڪرت جي ڪيترن ئي ٻولن ۾ /آ-/ هڪ اڳجوڙ آهي ۽ مختلف ٻولن ۾ مختلف معنائون ڏئي ٿو. ڪجھ ٻولن ۾ ان جي معنى ’چوڌاري‘، ’هر پاسي‘، ’جت ڪٿ‘ پڻ آهي جيئن آبوٿي، آٻوٿي، آروگي، آٻوسڻ، آٻُوهڻ، آڀاسن، آتارڻ، آگرنٿ، آڪاش، آگمڻ، آگھارڻ وغيره.

·     آواز ج آوازَ: ذ. ]ف[ شيُن جي پاڻ ۾ لڳڻ جو پڙلاءُ... ڳالهاءُ... سڏ...

·     وڪيلُ ج وڪيلَ: ذ. ]ع[ اهو جنهن تي توڪل رکجي... ٻئي جي پاران ڳالهائيندڙ...

·     واعظُ ج واعظَ: ذ. ]ع. وعظ = هن نصيحت ڪئي[ وعظ ڪرڻ وارو... پرچارڪ...

·     وعدو ج وعدا: ذ. ]ع[ انجام - اقرار - پرن - ٻول - قول...      (ج س ل)

}’ٻول‘ ۽ ’قول‘ ۾ به لاڳاپو ڏسڻ گھرجي.{

سنسڪرت جا هم معنى ٻول آهن ’وايُ‘ ۽ ’واڪۡيَه‘ ۽ پراڪرت جو ٻول آهي ’وايا‘. ڏٺو وڃي ته ’واء‘ انهن ۾ چٽو بيٺل نظر اچي ٿو. سنڌي ۾ ’وايو‘ ۽ ’وائيو‘ پڻ ’هوا/واءُ‘ توڙي ’ڳالهه/ چوَڻ/ اورڻ‘ جو مفهوم سمايو ويٺا آهن، پر ليکڪ جي نظر ۾ هڪ ٻول آهي ’وات‘.

·     واتُ ج واتَ: ذ. ]سن. ود = ڳالهائڻ[ ڳالهائڻ جو عضوو - ذهن - مُک - مُنهن. ٻوٿ. گفتگو - ڳالهائڻ...              (ج س ل)

/وات/ = /واء تۡ/

/واتُ/ = /واء تُ/ (جنس مذڪر، عدد واحد)

/واتَ/ = /واء تَ/ (جنس مذڪر، عدد جمع)

چائت، واهَت، چاهت، آهت وغيره ۽ اُڻت، ڳڻت، وَڻت وغيره جھڙن ٻولن ۾ /-اِت/ ۽ /-اَت/ جھڙن پٺجوڙن کي ذهن ۾ رکي /وات/ ٻول جي اڏپ تي ڌيان ڏيڻ ۽ سوچڻ گھرجي.

’وائڻ‘ جي معنى آهي آواز ڏيڻ، هوڪو ڏيڻ.

’وائڻو‘ معنى ’جيڪو آواز ڪڍي‘، ’وائڻ وارو‘، ’وائڻ جو‘ وغيره اهو فرد جيڪو ’آواز (هوڪو) ڪرڻ/ ڪڍڻ/ ڏيڻ‘ جو ڪم ڪري.

·     واڻي ج واڻيون: ث. ]سن. واڻي[ ٻاڻي - ڀومي. ٻولي - وچن - زبان - ڪٿا - لپي - ڳالهه ٻولهه - شعر - بيت. غيب جو آواز. هدايت...

·     واڻيو ج واڻيا: ذ. ]سن وڻج = واپاري[ واپاري هندو... دڪاندار - واپاري - سوداگر... (واڻياڻي ج واڻياڻيون).

·     واياڻي ج واياڻيون: ث. ]سن. بڻج[ هندواڻي - واڃاڻي.     (ج س ل)

ڇا اهو سمجھڻ غلط ٿيندو ته وائي، واڻي، (ٻاڻي)، وائڻ، وائڻو، وائڻيو، واڻيو، وايو جو بنياد ’واء‘ آهي، نه ڪي واڻي، وڻج يا بڻج.

آواز ڏئي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ڪو وڙ، وکر يا نگ وڪڻڻ جو ڪم ڪندڙ ماڻهو ’واڻيو‘ سڏجي ٿو. (هتي قديم سماج کي ذهن ۾ رکڻ لازمي آهي، دڪانداري ۽ ڌرم ۽ انهن جي حوالي سان ’واڻيو‘ جي وضاحت ’واپاري هندو‘ وسيلي ڪرڻ غلط آهي).

’واڻٿ‘ معنيٰ ’سوداگر، واپاري، مال وڪڻندڙ‘.

پري پري تائين (پار وڃي) وائڻ ۽ وڙ وڪڻڻ آهي ’واپار‘.

·     واوَٺُ ج واوٺَ: ذ. خبر لهندڙ - سڌ لهندڙ - سماچار رکندڙ...

·     وائنٺ ج وائنٺيون: ث. خبر - سڌ - سماچار...

·     وائٺڻ: مصدر. کوجڻ - پڇڻ - ڏورڻ - جاچڻ...

 - وائٺُ ج وائٺَ: ذ. گپ شپ - يٽ شَٽ - هوَر - لٻاڙ - ڊاڙ - خبرچار...

·     وائٽڻ: مصدر. کوجڻ- پڇڻ- ڏورڻ- جاچڻ...

-      وائٽُ ج وائٽَ (ل): ث. جاچ - خبر - کوج - پُڇا... (ج س ل)

’وَٺ‘ (وٺڻ وارو) کي ڌار ڪرڻ کان پوءِ اسان وٽ ’واوٺ‘ جو ’وا‘ جيڪو پوءِ آيل لفظن کي ڏسي پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته ’واء‘ آهي.

ٻولن جي اچار ڏانهن بي ڌياني، ٻولن جو گھڻي عرصي کان تحريري صورت ۾ نه اچڻ، رسم الخط جي ڪمزوري، صورتخطيءَ جون غلطيون، ٻولن ۾ هوري هوري ۽ لاڳيتو ٿيندڙ ڦيرڦار ۽ انهن سڀني لقائن جو گذريل ڊگھي عرصي کان موجود هجڻ اهي ڪارڻ آهن جن جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي ٻول پنهنجي حقيقي صورت لڪائي يا وڃائي ويٺا آهن.

’وائورِي‘، ’وائوڙيا‘ ۽ ’وائون‘ نالي ٽي ذاتيون سنڌ ۾ رهندڙ آهن. (ج س ل)

·     وائِــرُ ج وائــرَ (ڪ): ذ. موڳو - بي سمجھ - بي وقوف...

·     وائــڙو ج وائڙا: ذ. موڳو - منجھيل - موڙهل...             (ج س ل)

’واويلا‘ معنى ’هاءِ - افسوس... دانهون - رڙيون... (ج س ل) جيڪو عربي ۾ ’واليلا‘ جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. ’واءِ واءِ ڪرڻ‘ جو مطلب آهي ’ڀَنڊي مچائڻ، خواري ڪرڻ‘ ۽ ’واھ واھ ڪرڻ‘ جو مطلب آهي ’ساراھ ڪرڻ، همت ٻڌائڻ‘.

’واعظ‘ ۽ وائس (voice) سان هم آهنگ ٻول آهي ’واسڻ‘.

·     واسڻ: ... ٻڪريءَ جي رڙ - دانهن - ٻيڪار. (ڪ).        (ج س ل)

ليکڪ جي نظر ۾ هي ٻول /واء س + اَڻ/ آهي.

’ڏسڻ وائسڻ‘ ۾ اهو ’وائس‘ پنهنجي معنى ’ٻُڌڻ، سُڻڻ‘ ڏيکاري ٿو. /واء سُڻ/ جي معنى ٿيندي ’ڳالهه ٻُڌ، چوڻ ٻُڌ‘ ۽ ’سُڻڻ‘ جو ڌاتو /سُڻ-/ حقيقت ۾ /سُئه/ آهي جنهن کي سراج صاحب جن ’سُـ‘ به لکيو آهي (]1964[ 53) پر اهو ٻول /سُئُه/ ناهي، /سُئُه/ امر واحد آهي. اهو /سُئَه/ به ناهي، /سُئَه/ اسم آهي ۽ ان جي معنى ٿيندي ’ٻُڌَ‘. (’ٻُڌي‘، ’سُئي‘ اسم هجڻ سان گڏوگڏ واسطيدار فعلن جي ماضي وارو صيغو به آهن).

/سُئه/ جي آواز ۾ ]سُ[ چوندي جيڪا آوازي لهر مٿي چڙهي ٿي اها چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي پر هلڪي لاٿ کائي ختم ٿئي ٿي.

’واسَڻ‘ جي ڌاتو /واء س/ ۽ ’وائسَڻ‘ جي ڌاتو /وائسُئه/ = (واء سُئه) جي ٺيڪ وچ تي آواز سان ملندڙ `voice` جو ٻول آهي.

هتي اهو ٻڌائڻ موضوع کان ٻاهر نه ٿيندو ته پراڻي-انگريزي (Old-English) ۾ لڳ ڀڳ سمورن فعلن جِي ”اسم مصدر“ واري صورت موجود هئي. سنڌي ۾ ڌاتو سان ملائجي ٿي /-اَڻ/ يا /-اِڻ/ ۽ پراڻي انگريزي ۾ مليل هوندي هئي /an-/5. انگريزي ۾ ’ڻ‘ لاءِ جيئن ته ڌار اکر/حرف موجود ناهي تنهنڪري ’n‘ (’ن‘) ملائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي نه هو.

’واڪ‘ واري اڪيلي صورت انگريزي توڙي ٻين يورپي ٻولين ۾ نه ٿي ملي، اهو ٻولvocable ، vocation، vocal،vocabulary  ۽ اهڙن ئي ٻين گھڻن ٻولن ۾ نظر اچي ٿو.

·     واڪِي: ث. ]سن. وَچۡ = ڳالهائڻ[ جملو - فقرو.

·     واڪَڻ: مصدر. ]سن. واڪۡيَه[ ڳالهائڻ - واڪا ڪرڻ...

(واڪيو - واڪيندو - واڪيل)

·     واڪ ج واڪَ: ذ. سڏڻ - پڪارڻ - واڪو ڪرڻ - ٻول - رڙ... آواز - هوڪو...                                          (ج س ل)

اهڙا ٻيا به ڪيترائي ٻول آهن جن جو ڌاتو /واء/ ڏيکارجي ٿو ۽ معنى توڙي مفهوم ۾ پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪري ٿو.

·     واڀَـڻ (ڪ): مصدر. ڪا ڳالهه کولڻ - ڦاٽ ڦاڙڻ... ڳجھيون ڳالهيون ظاهر ڪرڻ...

·     واڦَـڻ: مصدر. ڊاڙ هڻڻ - ٻٽاڪ هڻڻ... وڦلڻ...

·     واءِ ج وايون:

·     واءُ ج واءَ:

-   واءُ ڪڍڻ:

-   وائينديون وايون:

-   واءُ نڪرڻ:

-   واءُ ورڻ:

·    


وانگِي: نياپو پهچائيندڙ - سنيهو ڏيندڙ - خابرو...

 

·     واڳُورجڻ: مصدر. وڙهڻ - وات پوڻ - جھيڙو ڪرڻ.

(واڳوريو - واڳوريندو - واڳوريل).

}واڳورڻ: وڙهڻ - جھيڙو ڪرڻ - وات پوڻ. (واڳوريو - واڳوريندو - واڳوريل){

·     واکاڻڻ: ... ساراهڻ - وڏائي ڳائڻ...

·     واکاڻِ ج واکاڻون: ... ساراھ...                               (ج س ل)

وائِل (voile) هڪ قسم جو سنهو ۽ هوادار ڪپڙو آهي. اهو ٻول ان شيءِ لاءِ ڪم آڻجي ٿو جيڪا سنهي ۽ اڌ-شفاف هجي. اهو ٻول فرينچ ٻوليءَ جي `veil` تان ورتل آهي.

ليکڪ جو خيال آهي ته `vowel` ۽ ’وائل‘ ساڳيو وکر آهن، ’وائل‘ اصولي طرح سنڌي ٻول واري بناوت رکي ٿو، ’واء‘ ان جو ڌاتو آهي ۽ ’واء‘ ڌاتو رکندڙ اهڙا ڏهاڪين ٻيا ٻول به سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن جن جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي.

سنڌي ڪتابن ۾ ’vowel‘ جي بدران اڄ ڪلهه ’سُر‘ لفظ ڪم اچي ٿو/آندو وڃي ٿو جيڪو ڪن ڄاتل حقيقتن جي بنياد تي ’وائل‘ جي ڀيٽ ۾ گھٽ ٺهڪندڙ آهي. ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب ۾ ’وائل‘ ئي ڪم آندو آهي.

○○○

 

وائڄَڻ (Consonant)

/وائڄڻ/ = /واء + ڄَڻۡ/

ڄڻ = ڄڻيو/ڄڻيل

con- + sonant = consonant

هن لفظ ۾ `con-` هڪ اڳجوڙ آهي، ان جو حقيقي ٻول `com-` آهي ۽ ’co-‘، ’col-‘ ۽ ’cor-‘ جي صورت ۾ به ڪم ايندو آهي. ان جي معنى آهي (1) گڏ (together)، ساڻ (with) ۽ (2) ساڳي/ساڳيو (similar)، ڪنهن ٻول جي مفهوم کي زور وٺائڻ، ان ۾ شدت پيدا ڪرڻ لاءِ پڻ اڳجوڙ طور ڪم اچي ٿو.

sonant (sōn'ənt، سونَنٽ) جي معنى آهي ساڏڪ (سڏ ڪندڙ) يا راڙڪ (رڙ ڪندڙ) يا واڪيَل (voiced). پديو (syllabic).

جيئن قدرت (nature) اسان کي گل ٻوٽا، وڻ ٻيلا، جبل، نديون ۽ لکين قسمن جا ساهوارا اپائي ڏنا آهن ۽ اڄ کين پنهنجي عقل ۽ علم آهر وڌيڪ سنواريون، ترتيب هيٺ آڻيون ۽ نت نون قسمن جون وڻڪون (varieties) اپايون ٿا ماڻهو پنهنجي ماحول ۾ انهن گلن ٻوٽن ۽ وڻن کي باغ جي شڪل ڏئي ٿو، ٻنيءَ مان فصل اپائي ٿو، بند ٻڌي، جايون جوڙي ۽ هزارين قسمن جا وکر ٺـاهي ٿـو وغيره. قدرتي تبديلـين هيٺ ڪجھ جانارن6 وٽ آواز اپائـڻ جي قوت به موجود ٿئي ٿي. جانارن جا سمورا آواز پنهنجيءَ اصولي بناوت ۾ ’وائل‘ آواز آهن ۽ گھڻي ڀاڱي ’گُھڻا‘ ٿين ٿا. آواز اپائي سگھندڙ ڪو به جانار ڪنهن به قسم جو وائڄڻ آواز اپائي/اچاري نه ٿو سگھي، بلڪل ايئن جيئن ڪو به هوا تي وڄندڙ ساز (يا ڪو به ساز) ڪنهن به قسم جو وائڄڻ نه ٿو اپائي سگھي. ساز جو آواز ٻڌي جيڪي آواز ڪو ماڻهو اچاري ٿو (يا سمجھي ٿو ته ساز ”اچاريا“) اهي سندس ذهن ۾ اڳواٽ موجود هوندا آهن. ڄاتل ۽ ڳاتل راڳ يا شاعري کي ساز وسيلي ٻڌي چئي سگھجي ٿو ته هن ساز مان هاڻي هيءَ راڳ يا شاعري ڳاتي پئي وڃي. اهڙا گانا، شاعري، راڳ يا نثر جيڪو اڳ ٻُڌل ۽ ڄاتل نه هجي ۽ ساز وسيلي اپايو وڃي ته ڪو به ساز ٻڌندڙ ماڻهو اهو ڄاڻي نه سگھندو ته ساز ڇا پيو ”چئي“. ساز جو آواز پنهنجيءَ بناوت ۾ ’وائل‘ آهي. اهڙيءَ طرح آواز اپائي سگھندڙ جانار جو آواز به پنهنجيءَ اصولي بناوت ۾ ’وائل‘ آهي. توڙي جو ڪجھ ٻول رڳو وائل آوازن تي ٻڌل آهن، جيئن اي، آءُ، آءِ (eye, I)، آئو وغيره پر اهڙن چند ٻولن کان سواءِ باقي سمورا انساني ٻول وائڄڻ آوازن جي مدد ۽ سهڪار سان ٺهيل آهن. وائڄڻ آواز، رڳو انسان ئي آهي جيڪو انساني سماج ۾ اپائي سگھي ٿو، ۽ اهو به هڪ حد تائين گھربل مشق کان پوءِ. ٻئي پاسي ڪو به وائڄڻ آواز بناوائل جي اپائي نه ٿو سگھجي. اهو ايئن آهي جيئن قدرت اوهان کي گل ڏئي ۽ اوهين پورهيو ڪري انهن کي باغ جي صورت ڏيو ۽ نيون جنسون اپايو. انساني پورهيو ۽ سماج ۽ ڳالڪ آرکڻَ خالق آهن وائڄڻ آوازن جا، ڪو به وائڄڻ آواز انساني سماج کان ٻاهر موجود ناهي، وائڄڻ آواز انساني سماج جي اپت ۽ ايجاد آهي.

’وائڄڻ‘ اصطلاح ان ڪري رٿيو ويو آهي جو اهو ’واء‘ (آواز)، ’وائل‘ کان سواءِ اپائي نه ٿو سگھجي، ان جو ڄڻيو/ڄڻيل آهي.

 

حوالا ۽ وضاحتون:

1. ’جامع سنڌي لغات‘ (ج س ل) ۾ تمام گھڻن ٻولن جي صورتخطي، ڄاڻيل ڌاتو، ڏنل معنى وغيره بحث جوڳا آهن. هي ليکڪ جيڪي به حوالا ڪم آڻي ٿو، اتي سندس مقصد ڪنهن مخصوص ٻول جو مفهوم پڌرو ڪرڻ آهي.

2. الانا صاحب جن جي ٻن ڪتابن ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ ۽ ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ۾ سنڌي ۽ دراوڙي، رگويدي، جپسي ۽ عربي جون وچورون ڏنل آهن. سراج صاحب جن کي ’سُو ‘ }سُئه-{ ڌاتو ڪيترن ئي هند-يورپي ٻولين ۾ نظر اچي ٿو (]1964[ 66) ۽ هڪ نوجوان ايس ڪي چانڊيو صاحب انگريزي ۽ سنڌي ۾ هڪ جھڙن لفظن کي کوجي رهيو آهي (”هلال پاڪستان“، 11-آگسٽ 1994)

3. ’واڪپ‘ ٻول ايئن آهي جيئن ڏاهپ، ٻانهپ وغيره. سنڌي ٻول جو پٺجوڙ ’-اپ‘ انگريزي جي ’-شن‘ پٺجوڙ (وارن ڪيترن ئي ٻولن) سان هم معنى آهي.

4. ’واڪل‘ ٻول ائين آهي جيئن سنڌي جا ٿاڌل، واڌل وغيره آهن.

5. تفصيل لاءِ ڏسو سِي ايل باربر جو ڪتاب ’دي اسٽوري آف لَئنگيج‘ جنهن ۾ ملندڙ اهڙن ٻولن مان ڪجھ هي آهن:

Witan (to know), singan (to sing), pyffan (to puff), giefan (to give), cyssan (to kiss), cēlan (to cool), cēosan (to choose), cidan (to quarrel), bapian (to bathe), seegan (to say), pancian (to thank), dāelan (to divide), gyldan (to glide), fedan (to feed)…

6. ’جانار‘ ۽ ’جانور‘ توڙي جو هم معنى ٻول آهن پر ليکڪ ’جانار‘ کي، ننڍي کان ننڍي جيتامڙي کان ويندي وڏي کان وڏي جانور تائين، لاءِ مخصوص ڪري ٿو ۽ ’جانور‘ کي رڳو وڏن جانورن لاءِ مخصوص رکڻ گھري ٿو جيئن عام واهپي ۾ به آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com