ٻاڌيو-3
اجايو اُڀرندڙ وائڄڻ
]هه[
’هه‘ ڪڏهن واڪيدار ٿي ۽ ڪڏهن ”هُونگار“ جي صورت ۾
اڀري ايندڙ اهڙو وائڄڻ آهي جنهن کي لکت، آواز ۽
ٻول ۾ سولائيءَ سان پڪڙي سگهجي ٿو.
]هه[
کي عام طرح گسڪيدار، اوسرڳ، (ڪٿي، ڪنهن ٻول ۾
’گهٽڀُڻو‘، ته ڪٿي ’گهڻڀُڻو‘)، نڙگهٽ وارو آواز
سمجهيو وڃي ٿو. (ڏسو ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘
]1983[
70-71)
هوا سيني مان جڏهن ڪجهه زور سان خارج ٿئي ٿي تڏهن
’هه‘ جهڙي بي آواز گونجار يا هونگار ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
اتي ’هه‘ هڪ آواز نه سڏي سگهبو، آواز تڏهن ٿيندو
جڏهن واڪل ڏوريون ڪجهه نه ڪجهه ڦڙڪن.
آواز آهن (بَ)، (ٻَ)، (تَ)، (نَ) ۽ (چَ) ۽ انهن کي
لکون ٿا به، ٻه، ته، نه ۽ ڇهه.
ٻولُ، اصولي طرح، ’ڇاسِي‘، لکون ۽ چئون ’ڇهاسي‘!
لاڙ ۾ جيڪو ’مارُو‘ ۽ ’ماڙُو‘ آهي، سري ۾ اهو
’ماڻُو‘ آهي ۽ وچولي ۾ ’ماڻهو‘. چئبو ته انهن ٻولن
۾ ’رُو‘، ’ڙُو‘، ’ڻُو‘ ۽ ’ڻُهو‘ هڪ ٻئي جا ساٽوايا
آهن.
’مَلُ‘ ۽ ’مَلُهه‘ ۽ ’مُلُ‘ ۽ ’مُلُهه‘ جي معنائن
۾ ڪو به فرق ناهي. انهن ٻولن ۾ ’لُ‘ ۽ ’لُهه‘ کي
هڪ ٻئي جو ساٽوايو سمجهڻو پوندو.
’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ’ٻولَ‘، ’ٻولِ‘، ’ٻولڻ‘،
’ٻولائڻ‘ ۽ ’ٻولي‘ جهڙا لفظ موجود آهن پر ’ٻولهه’
ڪونهي، جڏهن ته پنجن ئي جُلدن ۾ شايد ئي ڪنهن هنڌ
’ڳالهه‘ سان گڏ ’ٻولِ‘ ڪم آندو ويو هجي، جتي به
آهي ’ٻولهه‘ آهي.
’ڳالهه ٻولهه‘ ۾ اها ’ٻولهه‘ ڇا آهي؟
جيئن ’ٻولهه‘ ۾ ’هه‘ ناجائز طرح وڌي آهي تيئن، ڪٿي
ايئن ته ناهي، ته ’ڳالهه‘ م به ’هه‘ ناجائز طرح
وڌي هجي (ويجهڙ ۾ نه، گهڻو اڳ)؟
·
ڳَلِـهۡـرُ ج ڳلهرَ (ت): ذ. صفت. ٿلهن ڳلن
وارو - مِٽِرُ - مِٽُولڙو. (ج س ل)
/ڳَل/ سان /ار/ ملي /ڳلر/ ٺاهي ٿو ۽ اتي /ار/+/اُ/
وري مذڪر واحد کي جنم ڏئي ٿو يعني ’ڳلن وارو‘.
’ڳل‘ ڌاتو رکندڙ ٻيا ڪيترائي لفظ ’جامع سنڌي لغات‘
۾ موجود آهن، انهن ۾ ’هه‘ موجود ناهي، پوءِ ’ڳلهر‘
۾ ڇو موجود آهي؟
’ڳلر‘ ۽ ’ڳلهر‘ ۾ ’لِ‘ ۽ ’لِهه‘ ساٽوايو آهن.
’مالهو‘، رازن جو هڪ وکر، درحقيقت ’مالو‘ (مَلڻ
وارو) آهي. ’مالا‘ ۽ ’مالها‘، ’مالِي‘ ۽ ’مالهي‘ ۽
’ملار‘ ۽ ’ملهار‘ ساڳيءَ ئي معنى کي ظاهر ڪن ٿا.
سنڌيءَ ۾ اهڙن ٻولن جي ججهي ڳڻپ موجود آهي جن ۾
’لُ‘ ۽ ’لُهه‘، ’لِ‘ ۽ ’لِهه‘، ’لَ‘ ۽ ’لَهه‘، ’م‘
۽ ’مهه‘، ’ن‘ ۽ ’نهه‘، ’ڙ‘ ۽ ’ڙهه‘ ڪنهن به قسم جو
معنوي فرق پيدا ڪندي نظر نه ٿا اچن. جيڪڏهن ڪي
اهڙا ٻول آهن جن ۾ هڪ ئي مخرج وارو اهڙو وسرڳ ۽
اوسرڳ آواز معنوي فرق پيدا ڪندي نظر اچي ٿو جيئن
’ڳاڙو‘ ۽ ’ڳاڙهو‘، ’ڳَڙُ‘ ۽ ’ڳَڙُهه‘، ’ڪَل‘ ۽
’ڪلهه‘ وغيره پر اهڙن ٻولن بابت، ڪجهه حد تائين
ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ۽ هڪ محتاط ڪاٿو آهي ته، ٻول ڪنهن
ٻيءَ ٻوليءَ مان اڌارو ورتل آهي يا معنى ڦيرائي
ويو آهي يا وري شعوري طرح ٻن هڪ جهڙن آوازن کي ڌار
ڌار مفهوم لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي.
·
ڳاڙهو ج ڳاڙها: ذ.
]پِرا.
گَهِيرَ. سن. گَهِره
=
گهاٽو[
... (ج س ل)
ڪتابَسڌ
1.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صوتيات،
ادبيات پبليڪيشن، حيدرآباد. 1967ع
2.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي،
سنڌي زبان پبليڪيشن، حيدرآباد. 1969ع
3.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ
بنياد، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد. 1974ع
4.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو. 1987ع
5.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي معلم، سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو.
6.
بروهي، داد محمد، ڊاڪٽر: سبي جي ٻولي، سنڌي
ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد. 1992ع
7.
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
تاريخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄام شورو. 1990ع
8.
Bordy: 1981
(ليکڪ جي ڪتاب جو نالو معلوم ٿي
ناهي سگهيو)
9.
بيگ، مرزا قليچ، شمس العلماء: سنڌي وياڪرڻ
(چئن ڀاڱن جو گڏيل ڇاپو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام
شورو. 1992ع
10.
ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي
ڪارج، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو. 1978ع
11.
پريم، هدايت، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جا محقق،
سنڌ تحقيقي بورڊ، حيدرآباد. 1994ع
12.
جتوئي، علي نواز حاجن خان: علم لسان ۽ سنڌي
زبان، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو. 1983ع
13.
رچنداڻي، ليلا رام ڏيونداس: سنڌي ٻولي،
احمد آباد، ڀارت. 1989ع
14.
سراج: سنڌي ٻولي، عظيم پبليڪيشن، حيدرآباد.
1964ع
15.
سنديلو، عبدالڪريم ڊاڪٽر: تحقيق لغات سنڌي،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو. 1980ع
16.
Sindh Through Centuries,
Oxford University Press, 1981
17.
C.L. Barber: The Story of Language, Pan
Books London and Sydney. 1982
18.
شيخ، محمد فاضل، پروفيسر: ماٿيلي-اٻاوڙي جي
ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،
حيدرآباد. 1992ع
19.
شيخ، واحد بخش: سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو. 1986ع
20.
صديقي، محمد ادريس: سنڌو ماٿر جي سڀيتا،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو. 1980ع
-
آڪسفورڊ ڊڪشنري، چيمبرس ڊڪشنري، جامع سنڌي لغات
(پنج جلد)
-
ٽماهي مهراڻ
1-2/1994ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو (ڊاڪٽر غلام
علي الانا جو مضمون ”ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي
ٻولي مقالي جو لسانياتي اڀياس“)
|