سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پهاڪن جي پاڙ

باب: --

صفحو :9

)ع )

 

98_  عقل ريءَ عذاب، گهڻو پسندينءَ جِندڙي:

عقل کان سواءِ انسان عذاب ٿو پسي.

هڪڙي شهر ۾، هڪڙو سادي سمجهه وارو ماڻهو رهندو هو، جنهن کي سڀ ماڻهو، مَت جو مُوڙهو، ڳنڍ جو ڳوڙهو ڪري، چيڙائيندا هئا. هڪڙي ڏينهن، روزگار جي تلاش ۾، ٻئي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. واٽ ۾ ڪو مظلوم چوندو ويو ته ”ڪو غريب هڏ نه ڦاسي!“ پوءِ هيءُ به رستي ۾ چوندو ٿي آيو: ”هڏُ مَ ڦاسي“. پر ”ڪو غريب“ چوڻ وسري ويس. واٽ تي ماري ملي ويس، جو شڪار ڪرڻ پئي ويو. انهيءَ جڏهن هن جي واتان: ”هَڏ مَ ڦاسي!، ”هَڏ مَ ڦاسي!“ اُچاريندو ٻڌو، تڏهن کيس اهڙي ته ڪاوڙ لڳي، جو ڏاڍي مار ڏنائينس، ڇاڪاڻ ته ماريءَ سمجهيو ته، هي نڀاڳو، مون کي پٽيندو ٿو رهي ته جيئن منهنجي ڄار ۾، هڪ به پکي نه ڦاسي. هن غريب، ماريءَ کان پڇيو ته، ”ٻيلي، مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو مون کي ايترو ماريو اٿئي؟“ ماريءَ جواب ڏنو ته، ”نڀاڳا، آءٌ شڪار لاءِ وڃي رهيو آهيان ۽ تون مون کي پٽيندو ٿو اچين ته: ”هڪ به نه ڦاسي!“ تڏهن انهيءَ چيس ته، ”ڀلا، ٻڌاءِ ته آءٌ ڇا ٿو چوان؟“ ماريءَ چيس ته، ”چئو ته، ”شال، پهرين ئي ڏهه ڦاسن“، ”شال پهرين ئي، دفعي ڏهه ڦاسن!“ اڃا ٿورو اڳتي وڌيو ته سامهون ڏهه چور، ايندا نظر آيس. چورن سندس واتان، اهڙا منحوس لفظ ٻڌي، اچي مٿس ڪاوڙيا، مار ڏنائون جو سمجهيائون ته اسان کي پٽيندو ٿو اچي! هن غريب پڇين ته، ”ٻيلي، مون، اوهان جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جو ماريو ٿا؟“ چورن چيو ته ”اسين نڪتا آهيون چوري ڪرڻ ۽ تون اسان کي پٽين ٿو ته: ڏهه ئي ڦاسن! پوءِ موچڙا ڪيئن نه کائيندين؟ تڏهن پڇيائين ته، ”ڀلا، ٻيلي مون کي سمجهايو ته آءٌ ڇا چوندو وڃان؟“ چورن سـمجهايـس ته ”هـڪـڙو ڇڏي، ٻيو آڻيو،

هڪڙو ڇڏي ٻيو آڻيو!“ هو بي سمجهه، ”هڪڙو ڇڏي، ٻيو آڻيو!“ چوندو رستي سان وڃي رهيو هو ته اڳيان ڪن ماڻهن کي لاش سان ويندو ڏٺائين. انهن لاش وارن، جڏهن سندس اهي لفظ ٻڌا، تڏهن هو مٿس ڏاڍو ڪاوڙجي پيا، جو سمجهيائون ته، هيءُ اسان کي پٽي رهيو آهي ته اڃا ٻيو ڪو مَريوَ!“ تنهنڪري خوب مار ڏنائونس. هن غريب، انهن کان پڇيو ته ”مون ڪهڙو قصور ڪيو آهي، جو اوهين مون کي، ايترو ماري رهيا آهيو؟“ انهن جواب ڏنس ته، ”تون اسان کي پِٽي رهيو آهي ته هڪڙو ڇڏي ٻيو لاش آڻيو، پوءِ به وري چوين ٿو ته مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي!“ آخر، انهن لاش وارن کان به پڇيائين ته، ”ڀلا مان ڇا چوان؟“ هُنن جواب ڏنس ته، ”تون چئو ته: اهڙي شال، ڪنهن سان نه ٿئي، اهڙي شال، ڪنهن سان نه ٿئي“. ويچارو وِسوڙَل، ”اهڙي شال ڪنهن سان نه ٿئي“، چوندو، وڃي رهيو هو ته سامهون ڄڃ اچي رهي هئي. انهن به هن جي واتان: ”اهڙي شال، ڪنهن سان نه ٿئي“ جهڙا لفظ ٻڌي، کيس مارڪُٽ ڪري، سمجهايائونس ته، ”تون چوندو وڃ ته: اهڙي شال، سڀ سان ٿئي“. هو اهي لفظ چوندو، هڪڙي ڳوٺ ۾، اچي پهتو. ڳوٺ ۾ هڪڙي ڪنڀر جي گهر کي باهه لڳل هئي. جڏهن ان وٽان لانگهائو ٿيو ۽ ڪنڀر، سندس واتان: ”اهڙي شال، سڀ سان ٿئي“، جهڙا لفظ ٻڌا، تڏهن کيس، ڏاڍو غصو آيو. کڻي سونٽو، اچي ورتائين ۽ خوب مرمت ڪيائينس. پوءِ ته ڪنڀر چريو ڄاڻي اهڙي ڪار ڪيس، جو ٻانهن کان ڇڪي کڻي پنهنجي در تي نوڪر رکيائينس. باهه لڳڻ واري حادثي ۾، زال سڙي ويئي هيس، تنهن ڪري رڌڻ پچائڻ جو ۽ گهَرو ڪم ڪار کانئس وٺڻ شروع ڪيائين.

هڪڙي ڏينهن ڪنڀر چيس ته، فلاڻي ماڻهوءَ جاءِ ڊهرائي آهي، جا وري نئين ٺهرائيندو، تون وڃي، ان جي ڀتين جي چيڪي مٽي جي گڏهي ڀري اچي ته ٿانوَ ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪريون. هو گڏهي ڪاهي، اُتي ويو ۽ هڪڙو گنب ڀت جو ڪيرائي وڏن وزن وارو حصو، ڪن ماڻهن جي مدد سان، گڏهي تي جهڙو رکيائين، ته گهڻي بار پوڻ سبب، گڏهي ڪرڻ سان مري ويئي. هيءُ بيوقوف، لڳو هن کي لڪڻ هڻڻ ته من اُٿي. جڏهن گڏهي ڪانه اٿي، تڏهن ڪنڀر کي وڃي ٻڌايائين ته ”گڏهي ضد ڪيو آهي ۽ اهي سمهي پيئي آهي، اُٿي ئي نٿي، سو آءٌ ڪيئن ڪاهي اچانس؟ پنهنجي کي پاڻ هلي ڪاهي اچ“. اڃا ڪنڀر اچي ڏسي ته گڏهي مئي پيئي آهي. هن کي ڦٺ لعنت ڪري، گهر وٺي آيو ۽ کيس چيائين ته، ”مان، شهر مان ٿورو ڪم لاهي اچان، تون منهنجي بيمار ماءُ کي، تيسين پکو هڻ“. ڪنڀر پٺي ڏني مس ته هن پوڙهيءَ کي، اهڙا ٻه _ ڍار پکا هنيا، جو هوءَ ويچاري، راهه رباني وٺي ويئي. جڏهن ڪنڀر آيو، تڏهن ماءُ کي مئل ڏسي، چيائينس ته، ”تو امان کي ڇا ڪيو؟“ چيائين ته، ”تنهنجي چوڻ موجب، هن کي پکا هڻڻ شروع ڪيم. اڃا ٻه _ چار پکا، مس هنيم ته ننڊ اچي ويس. هينئر ڪهڙي نه مٺڙي ننڊ ۾ سمهي پيئي آهي“. پوءِ اچي ورتائينس موچڙن سان. هڻي اڌ مئو ڪري وڌائينس.

هينئر اتي وڌيڪ ترسي نه سگهيو. ڪنڀر جي گهر کان ٻاهر نڪري، پنڌ کي وڄايائين. سج لٿي مهل، هڪ ڳوٺ ۾ پهتو، جتي هڪ مائيءَ پڇيس ته ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ چيائين ته، ”ڳنڍ جو ڳوڙهو، مت جو موڙهو“. مائيءَ ڏٺو ته ويچارو ڪو سادو ماڻهو آهي، تنهن ڪري سندس منٿ تي، کيس رات رهڻ ڏنائين، اڃا ٻه پهر مس گذريا ته دروازو کڙڪيو. مائي دروازو لاهي ڏسي، ته چار ماڻهو بيٺا آهن، جن مائيءَ کي چيو ته، ”اسان کي هت رات رهڻ ڏي ته توکي صبح سان ڍَئي ڇڏينداسين. مائيءَ لالچ تي هنن کي ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾ ٽِڪايو. اُهي چارئي، ڪنهن شاهوڪار جو مال کڻي آيا هئا. جڏهن ورهائڻ ويٺا، تڏهن حصن تي نه ٺهيا ۽ پاڻ ۾ وڙهندي وڙهندي مري ويا. مائي صبح سان ڏسي ته چارئي خون ٿيا پيا آهن. مائي ويچاري سـُڪي ويئي ته متان خون سندس گردن ۾ پوي. هينئر ته، ”ڳنڍ جو ڳوڙهو، مت جو موڙهو“ به مائيءَ کان موڪلائڻ لڳو. مائيءَ چيس ته، ”ابا، اڄوڪي رات ٽڪ ته سڀاڻي گهر لاءِ، توکي ڪي سوکڙيون پاکڙيون ڏينديس“. هو ويچارو ٽڪي پيو. مائيءَ ڇا ڪيو جو چارئي لاش، چئن کٽن تي ڌار ڌار ٻڌي رکيا. هن کي چيائين ته ”مون وٽ هڪڙو الله لوڪ هو، جنهن جي آءٌ گهڻي وقت کان خدمت ڪندي ايندي هيس، پر ويچارو رات مري ويو. هن کي درياهه ۾ اڇلي اچ. هو لاش کڻي اڇلي ويو. وري مائيءَ چيس ته، اهو لاش موٽي آيو آهي، تنهن ڪري وري اڇلي اچينس.“ هو ڏسي ته مار! وري ساڳئي کٿي وارو پيو آهي. سو يڪدم لاش کي کڻي وري اڇلي آيو.

قصو ڪوتاهه، مائيءَ چارئي لاش درياهه داخل ڪرايا. جڏهن چوٿون لاش اڇلي موٽيو، تڏهن درياهه جي ڪناري تي هڪڙي ساڌو فقير کي تپشا ڪندي ڏٺائين. هن سمجهيو ته، ”لاش وري نڪري آيو آهي“. سو ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهي، ڇڪي درياهه داخل ڪيائينس. پوءِ اچي مائيءَ سان اها ڳالهه ڪيائين ته: تنهنجي ڳالهه سچي هئي، لاش برابر ڪناري تي نڪري آيو هو، پر مون کيس گهِلي درياهه ۾ اڇليو. مائيءَ دل ۾ چيو ته ”مار! هن ڪنهن جيئري ويچاري کي ماري درياهه داخل ڪيو آهي!“

صبح تي مائيءَ کان سوکڙيون پاکڙيون وٺي، درياهه جو ڪنارو ڏيو گهر پئي آيو ته پيريءَ (پيراڍو، پيرو کڻندڙ)، هن کي اچي پڪڙيو ته، ”فلاڻي ماڻهوءَ کي تو ماري درياهه ۾ اُڇليو آهي ۽ تنهنجو پيرو پڌرو بيٺو آهي“. پوءِ کيس پڪڙي بادشاهه وٽ وٺي آيا. جڏهن کانئس پڇا ٿي، تڏهن چيائين ته، ”سائين، برابر مون هن کي درياهه ۾ داخل ڪيو، موٽيو پيو اچي ۽ مون کي هر گهڙيءَ پنڌ پيو ڪرائي“. بادشاهه، اهڙي بي عقليءَ جي ڳالهه ٻڌي، هن کي ڦاسي ڏني.

ڪنهن بيٺل هن جون اهي ڪم عقليءَ جون ڳالهيون ٻڌي، چيو ته:

عقل ريءَ عذاب، گهڻو پسندينءَ جندڙي.

 

99_  عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو،

ٿر ته ڪين ٿيلهيندو:

عمر بادشاهه سومرو، مارئيءَ جي حسن جي هاڪ ٻڌي، مٿس اڻ ڏٺو عاشق ٿي پيو. پنڊ موهن لال ”لالا“، مارئيءَ جي باري ۾ لکي ٿو:[1]

پنڊت موهن لال ”لالا“ را برائي تحقيقات اين افسانه فرستاده بودم، يکي سواميءِ مندر تتکريه و ديگر راويان بر اين متفق بوده اند، پنڊ همين طور واضح مي کند ... ... ...

مارويان ماروا در خطه بود باش مي ڪرند. پدرانت از تتکران گجرات از گردش ايام در آنجا آمدند، گويند که ماروا در حسن و خوبي زرماده بوده و در تبسم اثر صيقل داشته که دلها را جلوه مي داد. يکي سر و قد بوده. به چستي و چابکي و يکي معصومي بوده و دوشيزگي و پاکيزگي. نظرش پاڪ و طبعش بي باڪ، ديدگان، بينندگان و جوبندگان بودند راز هائي حسن فطري را که در ان يک جسم گوا همچو مجمع الصنايع قدرت نمودار بوده. گرچ ملير بعد از باران يکي گلزار، زمين مي نمود، ولي اين کنن پوش دختر در آن گلزار، گلي يگانه مي بود. حسينانِ گجرات منسوب به گُجريان يکي ضرب المثل ”زم و جم“ بوده اند يعني دوشيزگيءِ شان بزرگي پاکيزگي مي دارد“.

(نگيران سنده _ ترجمه صفحه 37 باب اول)

پنڊت موهن لال ”لالا“کي هن افساني جي هٿ ڪرڻ لاءِ موڪليم ٺڪرن جي مندر ۾ جو هڪ سوامي ۽ ٻيا راوي، هن (هيٺين ڳالهه) تي متفق ٿيا آهن، پنڊت هن طرح واضح ڪري ٿو:

”مارئي وارا مارو ماڻهو، ملير واري ٽڪريءَ ۾، گذر سفر ڪندا هئا. سندس پيءٌ _ڏاڏا گجرات جا ٺڪر، زماني جي گردش ڪري، اتي آيا. چون ٿا ته مارئي پنهنجي حسن ۽ لڇڻن ۾ نج سون جي هئي ۽ مرڪ ۾ ته بجليءَ وارو اثر هوس، جو دلين کي مانجي اجاري ٿي ڇڏيائين. بدن، هڪ سڌي سنئين هاٺي ۽ عضوا حسين ۽ ملائم ڪاٺي، هڪ پاڪدامن هئي، پنهنجي ڪماريه جيوت ۽ پاڪ خيال سان، سندس نظر پاڪ ۽ طبع آزاد هئي، جن کيس ڏٺو پئي، تن منجهس قدرتي حسن جا راز پئي سوچيا، جي گويا سندس هڪڙي جسم ۾ چٽسالي جي گلدسته وانگي ظاهر هئا. توڙي ملير ملڪ، برسات بعد، هڪ جوءِ گلزار ٿي ڏٺو، پر هيءَ کٿيري ڪنوار، انهيءَ گلزار ۾ به هڪ لاثاني گل هئي. گجرات جون گُجريون هڪ”يم ۽ جم“ چوڻيءَ جي مثال ٿي رهيون آهن يعني سندس ڪماريه زندگي هميشه پاڪ دامن رهي آهي.“ 

اهڙي حسين ڇوڪريءَ کي، عمر بادشاهه ملير ڳوٺ (ضلعي ٿر پارڪر) مان زوريءَ کڻي آيو. جڏهن اهو واقعو، سڄي ٿر ۾ پکڙجي ويو. تڏهن ڪن چيو ته؛”مبادا، وري عمر ڪا ٻي ڏاڍائي ڪري.“ تنهن تي ڪنهن سياڻي چيو ته ”عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر ته ڪين ٿيلهيندو“ يعني کيس مارئي گهربي هئي، سا هن کي ملي، باقي ٿر وارن کي، لڏائي ته ڪونه ڪڍندو.

 

( ڪ )

 

100_ڪُتي جو ڪارو ُمُنهن، رَٻَ اوتري جِي اوتري؛

هڪڙي رن زال، رٻ جو ڪنو رڌي، هيٺ لاهي رکيو. ٻاڦ نڪرڻ لاءِ، مٿان ڍڪڻ نه ڏنائين. ڀرسان ويٺل ڪتي ۾ ٻوٿ وجهي،کائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پريان مالڪ، زور سان هڪل ڏنيس، جنهن ڪري ڪتي، رٻ نه کاڌي ۽ جيئن تڪڙ ۾، ٻوٿ ٻاهر ڪڍيائين، تئين ڪتي جي پاسن کي لڳي ويس ۽ ٻوٿ ڪارو ٿي پيس. مالڪياڻيءَ کان کِل نڪري ويئي ۽ ائين چيائين.

مطلب: ٻچاپڙي ۽ چغل خور لاءِ، ائين چئبو آهي، جو ٻين کي وڙهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر جڏهن ڳالهه کُلي ظاهر ٿئي ٿي ته اُهي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿيو وڃن.

 

101_           ڪَننَ جي ڳالهين، مير بِجار مارايو:

ڪن جي سُس پُس يا لڪ ڇپ جي ڳالهين مان، خراب نتيجا نڪرن ٿا. جڏهن مير بجار خان، 1190هه مطابق 1777ع ۾، حج تان واپس وريو، تڏهن چار هزار بلوچ ۽ ٻي قوم کيس مجبور ڪيو ته ميان غلام نبيءَ سان جنگ ڪجي، ڇاڪاڻ ته هن، مير بجار خان جي پيءَ مير بهرام خان کي مارايو هو. آخر عمرڪوٽ ڀرسان جنگ لڳي، جنهن ۾، ميان غلام نبي مارجي ويو ۽ سندس لاش حيدرآباد آندو ويو.[2] مير بجار، سنڌ جي حڪومت پاڻ قبول نه ڪئي ۽ غلام نبي جي ڀاءُ، ميان عبدالنبي ڪلهوڙي کي حاڪم ڪيو.[3]

هينئر ميان عبدالنبي کي، مير بجار خان جو، هر وقت خوف رهندو هو ته مبادا وجهه وٺي کيس مارائي، ڇاڪاڻ ته مير بجار خان، وزير هو ۽ صحيح معنيٰ ۾ حڪومت جو چرخو ئي پاڻ هلائيندو هو ۽ ميان عبدالنبي نالي ماتر حاڪم هو. تنهن ڪري ميان صاحب کي اهائي آنڌ مانڌ هئي ته ڪنهن پرَ، مير بجار جو انت آڻجي. آخر جوڌپور جي مهاراجا بجيسنگ کي، عمر ڪوٽ ڏيڻ جو واعدو ڪري، مير بجار خان جي قتل ڪرائڻ تي آماده ڪيائين.

مهاراجا بجيسنگ، ٻه راٺوڙن هَر ناٿ سنگ ۽ موڪوم سنگ کي خط سان، ميان عبدا لنبي ڏي، جوڌپور مان، وڪيل بڻائي، خدا آباد روانو ڪيو.

مصنف تاريخ سنڌ لکي ٿو.[4]

” ٻن راٺوڙن سان، ٻيا به ڪَي ما ڻهو هئا. اهي ڪيترائي ڀيرا، ميان صاحب ۽ مير بجار سان، الڳ الڳ مليا هڪ دفعي، انهي مير کي عرض ڪيو ته اسانجي مهاراجا کان اجهو هينئر خط آيو آهي، ان ۾ اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن، جي اوهان کي اڪيلائيءَ ۾ ئي ٻڌائي سگهبيون. خط ۾ لکيل آهي ته: ميان عبدالنبي، اوهان جي خلاف ڪيترائي خط، مهاراجا کي لکيا آهن. مهاراجا جو خط، هنديءَ ۾ آهي. جيئن ته اوهان مان ڪو به هندي ڪونه ڄاڻندو آهي، تنهنڪري اجازت ملي ته اسان خلاصگيءَ ۾ خط پيش ڪريون. مير صاحب سڀني کي ٻاهر ڪڍيو ۽ فقط هڪ ملازم اِيسَر کي پاڻ وٽ رکيائين...... هڪ وڪيل، مير جي ڀرسان اچي، خط پڙهڻ لڳو. پڙهندي پڙهندي، دوکيبازي دل ۾ رکي چيائين ته، ”هي لفظ منهنجي سمجهه ۾ نٿا اچن“. ائين چئي، جهٽ ٻِئي کي گهرائي ورتائين. اهڙيءَ طرح انهن ٻنهي، مير کي خط پڙهڻ ۾ رڌل رکي، اوچتو ئي اوچتو مٿس تلوارن جا وار شروع ڪري ڏنا. جيتوڻيڪ مير صاحب زخمي ٿي چڪو هو، ته به اڪيلي سِر، ٻنهي قاتلن کي ماري وڌائين.“

هڪ روايت مطابق ته: مير بجار خان کاٻيءَ اک کان ڪاڻو هو ۽ ان ئي طرف کان مٿس پهريون وار ٿيو.

منشي ٻالچند، مير بجار خان جي شهادت جو سال، هن طرح ڏئي ٿو:

مَحفلِ شهدا جلوه کرد مير بجار.

1114هه

”لُبِ تاريخ وارو، شهادت جو سال (1194هه)، هيٺئين بيت مان ڪڍي ٿو:

از سر افسوس گفتا هاتفم،

مير شد از جمدر هندو شهيد.

 

102_           ڪوڏي حرام ٿي بُجڪو حَلال:

هڪڙي ماڻهوءَ گهٽيءَ مان، هڪڙي ڪوڏي ۽ هڪ بُجڪو لڌا. گهر اچي ڏٺائين ته بُجڪي ۾ هيرا جواهر پيا آهن. ايڏو مال ڏسي، دل هِرکيس ته جيڪر اهو مال ڦٻايان، پر وِويڪ جا وَڍَ لڳس. چي، ”اهو ڪُڌو ڪم ٺيڪ نه آهي“. انهيءَ ٻُڏان تَران ۾، ٻه _ ٽي ڏينهن پئجي ويس. آخر انهيءَ فيصلي تي پهتو ته ساڳي گهٽيءَ ۾ بيهي، وڏي واڪي چئجي ته هيءُ بجڪو ۽ هيءَ ڪوڏي ڪنهن جي آهي؟ جيڪو مالڪ هوندو، سو پاڻيهي ظاهر ٿيندو.

هڪڙي ڏينهن گهٽيءَ ۾ بيهي، وڏي آواز چوڻ لڳو، ”ڪنهن وڃائي آهي هيءَ ڪوڏي؟ (۽ هوريان چوڻ لڳو) ۽ هيءُ بُجڪو“ ٽي ڀيرا آواز ڏنائين، پر مالڪ ڪو به ڪونه جاڳيو. ڀلا، ڪوڏيءَ جهڙي خسيس شيءِ لاءِ ڪير اچي! جيڪا ماليات هئي، سا هئي بُجڪي ۾. ان جو نالو وڏي آواز ٻڌايائين ڪونه ٿي. هن کي مڙيوئي مال پنهنجي لاءِ ”ڪوڏي حرام ۽ بُجڪي کي حلال“ سمجهي، گهر ۾ رکڻو هو، سو ائين ڦٻايائين.

 

 ( گ )

 

103_           گاهي ولي، گاهي ڀوت:

نواب ولي محمد خان لغاري، ميرن جي طرفان چانڊڪا پرڳڻي (جنهن کي هينئر لاڙڪاڻو ضلعو چون ٿا) جو مختيارڪار هو.[5] ان وقت چانڊڪا ۾، بدامني گهڻي ڦهليل هئي، جنهنڪري نواب صاحب جهڙي ڪَرڙي حاڪم جي اشد ضرورت هئي. جيڪي قاعدا قانون، چانڊڪا پرڳڻي سان لاڳو هئا، تن کي جيڪو اورانگهيندو هو، تن کي سخت وٺندو هو. انتظام جي حق ۾، خود بلوچن تان به نه ٽرندو هو.

نواب صاحب، احڪام شريعت جو پورو پابند هو، جنهنڪري ڪي هن کي ”ولي“ به ڪري سڏيندا هئا.

هڪ سگهڙ چوي ٿو:

مِيرن توکي، مِيرُ ڪيو، مڳ ڪيرائي مِيرَ [6]

ريشم توسان رِيسُون ڪن، تون ولي، وَه وِيرَ،

ڀائرن سان ڀُوت ٿِئين، گهَگيرن سان گِير.

مٿين بيت ۾، سگهڙ، نواب صاحب کي ”ولي“ ۽ ڀُوت سڏيو آهي.

هيوز لکي ٿو:[7]

نواب صاحب، نهايت قابل، مگر سخت گير شخص هو، جنهن جي متعلق سنڌين جي اها چوڻي هئي ته: گاهي ولي، گاهي ڀُوت.[8]

(ڪڏهن ولي، ڪڏهن ڀوت)

نواب صاحب کي، ڪي، ”ولي“ سڏڻ لڳا ته ڪي ”ڀوت“. جنهنڪري ان وقت نواب صاحب لاءِ، عام چوڻي ٿي ويئي: ”گاهي ولي، گاهي ڀُوت“.

 

104_           گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي ٿُو کَٽا!

هڪ بُکايل گدڙ، وڃي انگورن جي باغ ۾ پهتو. انگورن جي ڇڳن کي، لڙڪندو ڏسي، وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳس. ويچاري کائڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيا، پر انگورن جي ڇُڳن تائين پهچي نه سگهيو. جڏهن انگورن تائين پهچڻ لاءِ ٽپا ڏيئي ڏيئي ٿڪجي پيو، تڏهن ماٺڙي ڪري بيهي رهيو. ٻيو هڪڙو گدڙ، جو پري کان اهو لقاءُ ڏسي رهيو هو، تنهن پڇيس ته، ”ادا ڇا خيال آهي؟“ ان کي جواب ڏنائين ته، ”انگور کَٽا آهن!“ تنهن تي ڪنهن بيٺل ائين چيو.[9]

مطلب: جڏهن ڪو، ڪنهن ڳالهه کي پڄي نه سگهندو آهي يا کانئس ڳالهه هٿان ڇڏائي ويندي آهي، تڏهن ان لاءِ، ائين چئبو آهي.

 

105_           گڏهه اُهوئي، آٿر ٻيا پيس ته ڀوَ ڪونهي:

آهي اُهوئي خسيس ۽ ڪبين جهڙو، پر جيڪڏهن لباس کڻي چڱو پهريائين ته انهيءَ ڪري ڪو معتبر ڪونه ٿي پيو.

ڳالهه ڪندا آهن ته بني عباس خليفن مان، خليفي هارون الرشيد جي حڪومت ۾، چورن ۽ ڌاڙيلن ملڪ ۾ انڌير مچائي ڏنو. خليفي جي حڪم موجب، جنهن جهنگ ۾ اُهي ڊاڪو پنهنجو ديرو دمايو ويٺا هئا، تنهن جي چوڌاري سرڪاري فوج گهجيرو ڪري ڪيترن ڊاڪن کي ماري ڇڏيو. انهن مان ڪي ڀڄي ويا ته ڪي وري گرفتار به ٿيا. انهن گرفتار ٿيلن ۾، ڌاڙيلن جي سردار جو نوجوان ۽ حسِين پٽ، يوسف نالي به خليفي وٽ گرفتار ٿي آيو. ٻين ڊاڪن کي ته ڦاسي ۽ عمر قيد جي سزا ملي چڪي، باقي رهيو يوسف، يوسف جي نوجواني ۽ حُسن جي سبب، خليفي کيس ڪيس ڏوهه ته معاف ڪيا، اُٽلو کيس پاڻ وٽ معزز اميرن جي صف ۾ مقرر ڪيائين. خليفي جي انهيءَ فيصلي تي، جعفر برمڪي وزيراعظم گهڻو اعتراض ورتو. خليفي کي چيائين ته، ”اوهين، هن کي نوجوان ۽ سهڻو ڏسي، مٿس مهربان آهيو، مگر گڏهه اُهوئي، يعني اهو ئي ڊاڪو، ڊاڪوءَ جو پٽ، اوهين کيس ڪهڙا به ٻيا لباس ڍڪايو، ته به گڏهه اُهوئي گڏهه! هِن مان، ڀلائيءَ جي ڪڏهن اميد نه رکجو.“ مگر خليفي نه مڃيو.

ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ، خليفي وٽان ڪيتري روڪڙ ۽ جواهرات چوري ڪري، راتو واهه ڀڄي ويو ۽ وزيراعظم جعفر برمڪيءَ جو قول سچو ثابت ٿيو ته؛ ”گڏهه اُهوئي، آٿر ٻيا پيس ته ڀو ڪونهي.“

_______


 

[1]  پنڊت موهن لال ”لالا“، ڳوٺ ڀوترن (لڳ سيوهڻ) جو ويٺل هو. ميان عطر خان ولد ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي درٻار جو خوش نويس هو. ميان عطر خان جي درٻار ۾ 27 خوش نويس هئا، ليڪن جاءِ صدارت پنڊت والاري هئي، جنهن ڪري کيس ”قرت العين“ (اکين جو ٺار) لقب مليل هو. ميان عطر خان، ”حڪمران سنڌ“، ”آئين اڪبري“ جي نموني تي، 12 جلدن ۾ (نگران سنده) يعني ”سنڌ جي حڪمرانن جي تاريخ“ مرتب ڪرائي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ سان گڏ، سنڌ جي ولين جو ذڪر پڻ ڪيل آهي. سنڌ جا قصا ڪهاڻيون به محققانه انداز ۾ آندل آهن. هن تاريخ ۾،پنڊت موهن لال ”لالا“ جو وڏو هٿ هو.

[2]  لَب تاريخ سنڌ _ خانبهادر خداداد خان، ص 135.

[3]  سنڌ جي مختصر تاريخ _ راءِ بهادر آلو مل ٽيڪمداس، ص 42.

[4]  تاريخ سنده _ جلد ششم(عهد ڪلهوڙو) حصه دوم. غلام رسول مهر“. ص 795_796.

غلام رسول ”مهر“ ص 795_ 796.

[5]  نواب ولي محمد خان ولد غلام محمد خان لغاري، تاجپور (ضلعو حيدرآباد) جو ويٺل هو. سندس وفات 1832ع ۾، لاڙڪاڻي شهر جي ”تجر باغ“ (جنهن کي هينئر ”جناح باغ“ چون ٿا) ۾ ٿي. کيس بطور امانت پوري، ايڪهين ڏينهن کانپوءِ، هتان کڻائي ويا. سندس قبر مٿان ”تجر“ ٺهرائي ويئي هئي، جا اڃا تائين قائم آهي. ”تجر باغ“ تي اهو نالو به، ان ”تجر“ تان ئي پيو آهي. ٽنڊو ولي محمد“ (حيدرآباد وارو) به سندس نالي ئي پٺيان سڏبو آهي.

[6]   مڳ = مُڳي، وڏائي. ريشم ڍڪيندڙ يعني بادشاهه، شاهوڪار، وڏا ماڻهو، وه = واه، تون ولي وه ويرِ = اي وير (بهادر) تون بيشڪ ”ولي“ آهين ۽ بادشاهه به توسان ريسون ٿا ڪن. گهگيرن = گهگهو (ڳاڙهو چولو) ڍڪيندڙن يعني ٻروچ، ڀائرن...... گير = ساڳيو گهگو ڍڪيندڙ يعني ٻَروچ

[7]  دي گئرٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ _ ص 483.

[8]  ڀائرن کي به ”ڀُوت“ وانگر سخت وٺي وڃين ٿو.

[9]  * (1) ”آکي“ دراصل لفظ ”اَخ“ آهي. ”اَخ ٿـُو کـَٽا“.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org