سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پهاڪن جي پاڙ

باب: --

صفحو :2

پهاڪن جي پاڙ

عبدالڪريم سنديلو

(الف)

 

1_      اَڇي ڏاڙهي، اَٽو خراب

                سنڌ جا ٻه نواب، جي دَنگئي پَلئي هئا، تن مان هڪڙي، هڪ اڇي ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو مقرر ڪيو، جو ٻئي نواب جي دڳي مان ڳَرٽ گَرٽ ڇوڪرا برغلائي ايندو هو، جن کان ڍڳن ڍورن چارڻ ۽ ٻي خدمت چاڪريءَ جو ڪم ورتو ويندو هو. ٻَئي نواب، وري هڪ چالاڪ ڳڀرو ڇوڪرو پاڻ وٽ رکيو هو، جووري هُن نواب جي حد مان، اڇي ڏاڙهيءَ وارن کي ڏٽا سَٽا ڏيئي، کين مقرر سَراءِ ۾ آڻي ڪڍندو هو، جتي انهن کان چَڪي پيهڻ جو ڪم ورتو ويندو هو.

                هڪڙي ڏينهن پوڙهي ۽ ڇوڪري جو هڪ ٻئي سان پَلئه پيو. پوڙهي پَههُ پچايو ته، ”آءٌ، هن ڇوڪري کي هيٺاهيون مٿاهيون ڏيئي، پنهنجي حد ۾ وٺي وڃان“. ڇوڪري خيال ڪيو ته ”آءٌ، هن پوڙهي کي ساڻ وٺي وڃان“.

ٻئي پنهنجي پَهن گَهن ۾ مست ۽ مگن!

نيٺ جڏهن هڪ ٻئي جي ڊَهه بَڊَهه (روبرو) ٿيا، تڏهن ڇوڪرو ٽاڙهه ڏيئي، روئندو روئندو، چاچا سائين، چاچا سائين ڪندو، اچي پوڙهي جي پيرن تي پيو. روئي جو روئي پيو زارو زار! پوڙهي کي هن جي روئڻ تي رحم آيو، سو ڳراٽڙي پائي، پُڇيائينس ته، ”اَبا، روءُ نه، خبر ڪر ته روئين ڇو ٿو؟“ ڇوڪري ڏاڍو ڍَنگَ پيچ ۽ ڦَند سان ڇَندُ ڪري، چيو ته، ”چاچا سائين، بابو ويچارو راهه رباني وٺي ويو، اما ۽ ٽي ڀينرون ڇڏي ويون آهي، ڏوڪڙ پئسو، ۽ ٻَني ٻارو به آهي، پر سنڀالي ڪير؟ اما چيو ته، ”پُٽ، تنهنجو چاچو هتان رُسي هليو ويو آهي، اُن کي ڳولي ڦولهي اچ، ڏَس پَنڌَ ۽ پار پَتا، جيڪي ڏنا اٿس، سي سڀ چاچا، تو ۾ آهن، سو مهرباني ڪري هاڻي هَل، ۽ هلي سار سنڀال لَهه“. مطلب ته ڇوري، اهڙا ته حيلا هلايا، جو پوڙهو فريب ۾ ڦاسي ويو. ڇوڪري کي چيائين ته، ”پُٽ، ماٺ ڪر، روءُ رڙ نه. مون سڀ ڪاوڙ ڇڏي. هل ته هاڻي ئي هلون ٿا“. ڇوڪر اڳيان، پوڙهو پويان. جڏهن مقرر سراءِ جي ڀرسان آيا، تڏهن ڇوڪري، پوڙهي کي چيو، ”چاچا، تون هل، انهيءَ جاءِ ۾، ته آءٌ جهنگ جو خيال لاهيو ٿو اچان.“ پوڙهو خوشيءَ سان سراءِ ۾ گهڙيو، اُتي ته اڳيئي جوان انتظار ۾ ويٺا هئا، جن پوڙهي کي پهچندو ڏسي، جهلي چَڪَيءَ (جنڊ) تي ويهاري، ڪاسو اَنَ جو ڏيئي، چيائونس ته، ”پيههُ اَنُ، نه ته سِرِ جو خير نه ٿيندءِ“. اتي پوڙهي سمجهيو ته، ”مار، ڇوڪرو راند هڻي ويو!“

ڀلا، هڪ پيرسن، ٻيو جنڊ ڳرو ۽ اَن گهڻو، ويچارو سو ڪري به ڪري ڇا! جي تڪڙو ٿو هلائي ته اَنُ ڏارو پيو ٿئي، جي هوريان ته اَٽو نه پيو نِبري، اچي ويو سورن ۾! مٿانئس بيٺل ماڻهو، ٿورو ۽ ڏڏريل اَٽو ڏسي، کيس چون ته، ”پوڙها، هي ڇا ٿو ڪري؟ اَڇي ڏاڙهي ۽ اٽو خراب!“

مطلب: جڏهن ڪو ڪم، ڪنهن جي لياقت مطابق ڪيل نه ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.

 2_      آءٌ به ويندي پيڪي، مون به لهندي سِڪ:

                ڪنهن ڪنوار کي ساهرن ۾ گهڻو سک هوندو هو ته به پيڪن جي پيئي پچار ڪندي هئي چي، منهنجا لَک لهن پيڪا، قرب جا ڪوڏيا پيڪا! هڪ دفعي جڏهن پيڪي (پيءُ جي گهر) آئي، تڏهن ڪنهن ڳالهه تان، سندس ڀاڄائيءَ کيس کڻي ڏنو. آخر نتيجو اهو نڪتو، جو ڀاڄائنس، هن ويچاريءَ کي روئاري ڪڍيو، پوءِ ته کيس پيڪن جي سڪ به لهي ويئي.

مطلب: جڏهن ڪنهن کي، جنهن ڳالهه جو اجايو شوق کڻي، تڏهن ائين چئبو آهي، انهيءَ خيال  سان آخر پڇتائيندين.

3_      آيا مير، ڀڳا پِير:                            

جڏهن ڏاڍا اچن، تڏهن هيڻا بيهي نه سگهن.

سنڌ ۾ ”ڪلهوڙن“ جي صاحبي 1701ع کان 1782ع تائين هلي. ڪلهوڙن کي ”ميان“ ۽ ”پِير“ به ڪري سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته کين ڪيترائي مريد هئا. اڃا تائين پير ميان شاهل محمد عباسي (تعلقه قنبر _ ضلع قنبر- شهدادڪوٽ) ۽ پير ميان الياس عباسي (تعلقه ڏوڪري _ ضلع لاڙڪاڻه) جي مقبرن تي سوين سائل ڍَرندا رهن ٿا، ۽ پنهنجون باسون باسيندا رهن ٿا.

جڏهن ”ڪلهوڙن“ جي حڪومت ڪمزور ٿي، تڏهن ئي ”مير“ حاڪم ٿيا ۽ ”پير“ (ڪلهوڙا)   ڀڄي ، ميدان ڇڏي ويا.

سرڳواسي ڀيرو مل، فئلن صاحب جي ڪتاب جو حوالو ڏيندي، هن طرح بنياد ڏئي ٿو:

”امروه جي شهر ۾ ميرانجي نالي هڪ شخص وٽ جادوءَ جو ڏِيو هو، جنهن جي وسيلي، هن ڪيترائي ڪرامت جهڙا ڪم ڪيا، جنهنڪري هڪ وڏو پِير ڪري ليکيندا هئس. هاڻ هو اتي جي ڪن ماڻهن ۾ اچي واسو ڪندو آهي. امروه ۾ ٻيا به ڪي پير جهڙوڪ: زين خان، ننهي ميان ماڻهن ۾ واسو ڪن ٿا، پر چون ته ”جڏهن مير (مرانجي) اچي، تڏهن ٻيا پير ڀڄيو وڃن جو هو کانئن وڌيڪ ڪلا وارو هو.

 4 _     اَبو گسي، ڌيءُ وسي:

                هندن ۾ رواج آهي ته ڌيءُ کي جهجهو ڏاج ڏين. جنهن سيٺئي، ڌيءُ کي ايترو ته ڏاج ڏنو، جو پاڙي وارن کي ڏندين آڱريون اچي ويون، تنهن تي ڪنهن پاڙن ائين چيو:

مطلبِ اَبي جي کٽي، اَدي کپائي.

ڪمائي هڪڙو ته کائي ٻيو.

 5_      اُتم کيتي، وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار:

مطلب آهي ته کيتيءَ کي اول نمبر، واپار کي ٻئي نمبر، نوڪريءَ کي ٽئين نمبر ۽ پنڻ کي چوٿين نمبر يعني بيڪاريءَ ۾ شمار ڪيو ويو آهي.

چون ٿا ته هڪڙي زميندار کي ڪا پٿر جي پَٽِي هٿ اچي ويئي، جنهن تي ڪا عبارت نقش ٿيل هئي. آزمائش خاطر، انهيءَ زميندار، تمام گهڻي زمين آباد ڪئي، مگر پاڻ ڪڏهن به پوک جي نظرداري ڪانه ڪيائين، اٽلو عيش عشرت ۾ وقت گذارڻ لڳو. اهو به نه ڏٺائين ته پوک کي ڀاڻ آهي يا نه، پورو پاڻي مليس ٿو يا نه.

نتيجو اهو نڪتو، جو هو وڏي نقصان هيٺ‎ ويو. اهو حال ڏسي، غصي وچان، پٿر کي کڻي، زور سان زمين تي سٽيائين (جو سمجهيائين ته پٿر کي کيتيءَ وارا لفظ غلط لکيل آهن). اڃا ان جي پوئين پاسي، جو هن اڳ ۾ ڏٺو ئي ڪونه هو. هيٺان لفظ لکيل نظر آيس:

”کيتِي سِر سيِتي“

اهي لفظ پڙهي، اهو زميندار ڏاڍو ڦِڪو ٿيو ۽ پنهنجي عيش عشرت کان هڪدم باز آيو ۽ چوڻ لڳو ته ”ڏوهه منهنجو آهي ۽ نه هن پٿر لکڻ واري جو!“

 6_      اَٽو چي، گهوٻاٽو:

هڪ جو، ٻيو مطلب وٺڻ.

                ڪنهن سائل، هڪ در تي اچي، سَين هنئي. گهر جي مالڪ نوڪر کي چيو ته ”فقير کي اٽو ڏي.“ نوڪر اٽو اکر ٻُڌو ئي ڪونه. هن سمجهيو ته شايد هو چوي ٿو ته ”فقير کي گهوٻاٽو ڏي“. سو گهوٻاٽو کڻي، فقير ڏي ويو. فقير ڀانيو ته گهوٻاٽو (لٺ) کڻي، شايد مون کي مارڻ ٿو اچي، تنهنڪري ويچاري رکيو پيرن تي زور! مالڪ ويٺي سارو لقاءُ ڏٺو. بي اختيار زبان مان نڪري ويس: اٽو، چي گهوٻاٽو.

 7_      اُٺ ڪڍن سسئي!

                جڏهن پنهونءَ جا ڀائر، رات جو چوريءَ، سسئي جي پاسي مان پنهون ڪڍي، ڪيچ روانا ٿيا، تڏهن سسئي ويچاريءَ صبح سان ڪاريءَ وارا ڪک ڏٺا. ڀنڀور کي باهه ڏيئي، اڪيلي سر، پيرين پيادي، ڏونگر ڏورڻ لڳي. هڪ پنڌ اڻانگو، ٻيو مسافري لنبي، ته به ويچاري پنڌ سٽيندي پئي ويئي، پر ڪٿي ڀنڀور، ڪٿي ڪيچ! ڪنهن، سسئيءَ جي اهڙي حالت کي ڏسي ائين چيو:

                مطلب آهي ته: پٿر ۽ پوٺي، رڻ ۽ راڻي، جهَر ۽ جهنگ، دَڙي ۽ دَنگ کي پار ڪرڻ لاءِ اُٺ کپن. پيرين پيادو ڪيترو هلبو. اُٺ ئي سسئي کي ڪيچ پهچائي سگهندا، ڇاڪاڻ ته پنهونءَ کي اُٺ تي کڻي ويا هئا.

مطلب: جڏهن ڪو ڏکيو پنڌ هوندو آهي، يا ڏکيو مسئلو درپيش ايندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.

 8_      اُٺ نه پڄي ، هڻي ٻورن لتون

هڪ جي باهه، ٻئي مان ڪڍڻ.

                جَتَ، اُٺن تي مال لَڏيو، پاڻ ٻورن مٿان چڙهيو پيا وڃن. اُٺن کي تيز هلڻ لاءِ خوب لتون پيا هڻن، پر لتون ته اُٺن تائين پهچن ئي نه پيون، تنهنڪري اُٺن جي تيزيءَ ۾ خير ڪو فرق پئي آيو. وري زور سان لتون پيا هڻن، ته به اُٺن تائين نه پيون پهچن، ۽ ٻورن کي پيون لڳن. تڏهن ڪنهن ڏسي ائين چيو.

9_      اَپڻا مال هي، روسُون ڀي، کاسُون ڀي:

پنهنجي ڪيل ڳالهه، کِلي به قبولبي ۽ روئي به.

                جَت، بصر سان ماني پيا کائين. بصرن جي بانس ۽ ڪَڙاڻ کان سندن اکين مان پاڻي پيو وهي. ڪنهن چيوته ”رو به پيا ته کائو به پيا!“ کِلي چيائون ته ”اپڻا مال هي، روسون ڀي، کاسون ڀي.“

 

10_  اَپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوَئي:

پنهنجي سنهنجي آهي، پرائيءَ ۾ اک، پنهنجيءَ ۾ هٿ.

پنهنجو ٻوٽو ٻارڻ کپي.

                ڪن موالين، ڀنگ پئي پيتي ته ڪنهن واٽهڙوءَ سوال تي لَپ گهُرين. پيالي پِي، چيائين ته، ”هيءَ چُڪِي ته نه لڳي (نشو ته ڪو نه ٿيو!) تنهن تي هڪ مواليءَ چيو ته، ”اَپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوَئي“.

  11_ اَڌ کي ڇڏي، جو سڄيءَ پٺيان ڊُڪي،

            تنهن کي سڄي ته نه ملي، پر اڌ ڪاڻ سِڪي:

نفعي جي لالچ ۾، نقصان سهڻ.

                هڪڙو ڪتو ڪاسائيءَ جي دڪان تان، گوشت جو ٽڪرو کڻي ڀڳو. ڪتو، ڀرسان وهندڙ واهه ۾ گهڙي ترڻ لڳو. جڏهن وچ تي آيو، تڏهن پاڻيءَ ۾ پنهنجو پاڇو ڏسي، ڀانيائين ته ٻيو ڪتو آهي، جو گوشت جو ٽڪرو وات ۾ کنيو ٿو وڃي. هن کي خيال ٿيو ته اهو ٽڪرو به هن کان ڦريان، سو جهڙو وات ڦاڙي، ڪتي تي گُرڻ شروع ڪيائين، تهڙو پنهنجي وات وارو گوشت جو ٽڪرو، پاڻيءَ ۾ ڪِري پيس، تنهن تي ڪنهن عاقل ائين چيو.

                ڪنهن وري هيئن ٻڌايو:

اڌ کي ڇڏي، جو سڄيءَ لاءِ ڏوئي،[1]

سو اڌ تي وڃائي، پر سڄيءَ لاءِ روئي.

 

12_  اَڌ رات ئي کڏ ۾:

                ڪنهن ٺيڪيدار دايَن کي کڏ کوٽڻ لاءِ ڏني. جڏهن داين ٿورو ڪم ڪيو، تڏهن اندازو لڳايائون ته هن ڪم ۾ ڪَس لڳندي، تنهنڪري ڏينهن جو پرائو ڪم، ۽ رات جو ٺيڪي وارو ڪم ڪندا رهيا. ڏينهن جو ٺيڪيدار پڇين ته ”ڪيترو ڪم ڪيو اٿو؟“ هُو چون ته: ”سائين اڌ رات ڪم ڪندا آهيون“. ٺيڪيدار هنن جو معمولي ڪم ڏسي، سڙي ويندو هو، ۽ کين چوندو هو ته ”اوهان جي اڌ رات ئي کڏ ۾.“

                مطلب: جڏهن ماڻهو، دل سان ڪم نه ڪندو آهي، پر اجائي سجائي پيو هام هڻندو آهي، تڏهن ائين چئبوآهي.

 13_  اَڍائي گهرن جو خير:

سڀ جو خير، سڄي جهان جو خير.

                قديم زماني ۾، ڀارت وَرش ۾ اڍائي گهر ليکيندا هئا: گهر برهمڻ جو، گهر کَتريءَ جو ۽ اڌ گهر وَيشَ جو، اڇوت کي گهٽ ذات سمجهي، ڏانهس ته مورڳو نهارڻ به پاپ سمجهندا هئا.

                عربن ۾ وري گهر مسلمانن جو، گهر اهل ڪتاب (يهودين ۽ عيسائين جو)، ۽ اڌ گهر ٻئي مذهب وارن جو شمار ڪيو ويندو هو.

                يارهين صدي عيسويءَ ۾ جيئن ڀارت جو نالو نه رهيو، ۽ اسلامي حڪومت سبب سڀ هند واسي ٿي ويا، تڏهن پنگتي ورهاست ڦِري، وري به اڍائي گهر سڏجڻ ۾ آيا. اهي هئا: گهر هندو، گهر مسلمان، ۽ اڌ گهر اڇوت. سنڌ تي به اهو ساڳيو اثر رهيو، جنهن موجب گهر ”هندو“ گهر ”مسلمان“ ۽ باقي اڌ گهر ”ٻاليشاهيءَ“ جو ڳڻجڻ ۾ آيو، ۽ اڄ  تائين سنڌ ۾ اهي ئي اڍائي گهر شمار ڪيا ويندا آهن.

                ماڻهو عام طرح دعا گهرڻ وقت، الله تعاليٰ جي حضور ۾ عرض ڪندا آهن ته: خدا يا! اڍائن گهرن جو خير گذارج، ۽ انهن جي صدقي اسان جو به!“

 14_  الله ڏيوَئِي، ميان ڏيوَئِي، صحبت نه ڏيوَئِي.

انڪار ٿيڻ، نابري وارڻ.

                چون ٿا ته ڪلهوڙن جي وقت ۾، حڪومت طرفان، چانڊوڪي پرڳڻي جي ڪنهن حصي جو صحبت خان ڪاردار (مختيارڪار) هو. صحبت خان ايتري قدر ته بخيل ( ڪنجوس) هو، جو ڪنهن کي به ماني ٽِڪيءَ جي صلاح نه ڪندو هو، ۽ نه وري ڪا خيرات ئي ڪندو هو.

                هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ فقير ، صحبت خان کان خيرات گهرڻ ويو. صحبت خان بيهڻ ئي نه ڏنس. فقير ڇا ڪيو جو وقت جي ميان صاحب (ڪلهوڙي حاڪم) ڏانهن خيرات لاءِ ويو. ميان صاحب، فقير کي خيرات ڏيئي راضي ڪيو. فقير عرض ڪيو ته ”سائين! اوهان جي خيرات اَگهي، پر صحبت خان ڏي به ٻه اکر لکي ڏيو ته اهو به مون مسڪين ٻچڙيوال جي مدد ڪري.“ ميان صاحب، فقير کي، صحبت خان ڏانهن خط لکي ڏنو. جڏهن صحبت خان اهو خط پڙهيو، تڏهن به خيرات ڏيڻ کان پِڙُ ڪڍي بيٺو، چي: الله ڏيوَئِي، ميان ڏيوَئِي، صحبت نه ڏيوَئِي“. يعني الله توکي ڏئي، ميان (ڪلهوڙو حاڪم) توکي ڏئي، پر صحبت نه ڏيندءِ.

 15_  اَگهه پئي بازار ته بُٺِي به جوار:

                چون ٿا ته ميرن جي وقت ۾، هڪ دفعي جڏهن ڏُڪر پيو، تڏهن اَن تمام گهڻو مهانگو ٿي ويو. اگهه ايتري قدر ته چوٽ چڙي ويا، جو سونَ برابر به اَن نٿي مليو.

                هڪ ڪُڙميءَ وٽ گُندي، بُٺيءَ (مڪئي) جي ڀريل هئي. ڪنهن پاڙي واري چيس ته، ”ادا، ڪهڙي اگهه ڏيندين؟“ چيائين، ”هيتري ڪم هيتري مڻ“. پاڙيسريءَ چيس ته، ”ادا، اهو اگهه ته جوئر جو به ڪنهن ڪڏهن نه ورتو آهي، تون وري نئينءَ مان پنهنجا اگهه ويٺو ٺاهين؟“ تنهن تي مڪئيءَ جي مالڪ ائين چيو.

                مطلب: جڏهن ڪنهن شئي جي قلت هوندي آهي، ۽ کپت وڌيڪ هوندي آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.

 16_  انڌو هاٿي، لشڪر جو زيان:

                سڪندر اعظم، عيسوي سن کان 327 ورهه اڳ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پر تنهن کان اڳ، پنجاب جي راجا پورس سان لڙيو. هن جي بهادري ڏسي، خوش ٿي، کيس پنجاب ملڪ واپس ڪيائين.

            سڪندر جو لشڪر، گهوڙن تي هو، پر راجا پورس جي لشڪر جو ڪجهه حصو هاٿين تي هو. جڏهن سڪندر جي  لشڪر جا تير پورس جي هاٿين کي لڳا، تڏهن ڪي انڌا ٿيا، ڪي زخميا ۽ ڪي مڇرجي ڇتا ٿيا.

                ”پورس جا هاٿي، هزار ڪوششون ڪرڻ سان به غنيم جي طرف اصلي نٿي وڌيا، بلڪ اُلٽي پيرن، پنهنجي فوج کي چيڀاٽيندا وٺي ڀڳا.“ [2]

اهڙي حالت کي ڏسي، ڪنهن ائين چيو.

مطلب: جڏهن ڪنهن شئي مان اهو ڪارج نه سَري، جو پهريائين سُرندو هجي، ۽ ان مان وري ساڳي ڪارج سرڻ جي ڪوشش ڪجي ته فائدي بجاءِ نقصان ٿيندو.

 17_  انڌير نگري، چرٻٽ راجا،

ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا:

                جڏهن ڪو ظالم يا بي عقل حاڪم ٿيندو آهي، تڏهن ان جي حڪومت جو جلد ئي زوال اچي ويندو آهي، يا جڏهن ڪو حاڪم، رعيت جي حال کان غافل ۽ بي پرواهه رهندو آهي، تڏهن ان جي دور ۾ ظلم ۽ مصيبت حد کان وڌيڪ لنگهي ويندا آهن. اهڙي وقت لاءِ ائين چئبو آهي.

                ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙو گُرو، پنهنجي چيلي سان گڏ، تيرٿ ڪندي، هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جنهن جو نالو ”انڌير نگري“ هو. گروءَ، پنهنجي چيلي کي کاڌي پيتي جي شين خريد ڪرڻ لاءِ بازار ڏانهن موڪليو. چيلي وڃي ڏٺو ته مار! هتي ”ڀاڄي“ به ٽڪي سير ته ”کاڄا“ به ٽڪر سير! هن ڇا ڪيو، جو ٽڪي ۾ کاڄن جو سير خريد ڪري، پنهنجي گروءَ کي اچي، چيائين ته، ”گرو جي، هت ڏاڍو مزو آهي، هر هڪ شئي ٽڪي سير! ڏس، مان به ٽڪي ۾ کاڄن جو سير وٺي آيو آهيان، تنهنڪري ڪجهه وقت ته هِت رهي، موج ڪرڻ کپي. ڇڏيو تيرٿ ياترا جي پچر! ههڙا سُک ڪٿي نه ملندا.“

                گرو نهايت سياڻو هو، سو کيس چوڻ لڳو ته ”ڀائي، هن شهر جو نالو ئي ”انڌير نگري“ آهي. هِت رهڻ، خطري کان خالي نه آهي. هونءَ به ساڌن کي هڪ هنڌ ديرو دَمائڻ ٺيڪ نه آهي. چوندا آهن ته: ساڌو رَمندو ڀلو، پاڻي وَهندو ڀلو، مگر چيلو چوي ته ”آءٌ هرگز نه هلندس“. گروءَ گهڻو سمجهايس، پر چيلو پنهنجيءَ تي ئي بيٺو! آخر گرو لاچار ٿي هليو ويو.

                چيلو، اُتان جا گِههَ مَلِيدا کائي، دُنبو بڻجي پيو. هڪڙي دفعي، ڪنهن ڏُٻري ماڻهوءَ تي خون جو الزام ثابت ٿيو، تنهنڪري کيس ڦاسيءَ جي سزا ملي هئي. پر اتفاق اهڙو بڻيو، جو مجرم جي ڳچيءَ کان، ڦاسيءَ جي سِرڪَڻ (ڦندو) ويڪري هئي، جنهنڪري راجا حڪم ڪيو تهِ ”ڪو ٿلهو متارو ماڻهو آڻيو، جنهن کي هن جي بجاءِ ڦاسيءَ تي لَٽڪايو وڃي!“. ڳولا ڪندي، حلوائيءَ جي دُڪان تان، چيلي کي کاڄا خريد ڪندي، ڏٺو ويو، جنهن کي پڪڙي وٺي آيا.

                چيلي، اهڙو انڌير ڏسي، گهڻو پڇتايو ۽ گروءَ جاوَچَن ياد آيس. هوڏانهن گروءَ کي به اها کُڙڪ پئجي ويئي، سو هڪدم ڦاسيءَ جي تختي وٽ پهچي ويو. گروءَ ڦاسيءَ ڏيندڙن کي چيو ته، هُن وقت، ڦاسيءَ جو چڙهڻ جو حق منهنجو آهي، تنهنڪري ڦاسي، منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهو“. سپاهين پڇيس ته، ”ڇو؟“ گروءَ جواب ڏنو ته، ”هن شُڀ سميه ۾ جنهن کي ڦاسي ايندي، سو سِڌو سُرڳ ۾ ويندو، شاسترن ۾ به ائين لکيل آهي، سو گروءَ کان اڳ ۾، چيلي کي سرڳ ۾ وڃڻ جو ڪو حق ڪونهي.

                چيلو، گروءَ جي مام پروڙي ويو، رڙ ڪري چيائين ته ”نه، گرو جي نه، مان ئي ڦاسي کائيندس، ڇاڪاڻ ته سپاهين مون کي ئي پڪڙيو آهي ۽ نه اوهان کي!“

                گروءَ ، چيلي کي گهڻو سمجهايو ته ”ساڌن کان سواءِ، ٻيو ڪو به سرڳ جو حقدار ٿي نٿو سگهي.“ پر هنن جي ڳالهه ڪنهن به نه ٻڌي، اها راجا کي خبر ڏنائون.

                جڏهن راجا اها ڳالهه ٻڌي ته سرڳ هٿ ڪرڻ جو هي ئي شُڀ سميه آهي، تڏهن چيائين ته: ”بس مون کي ڦاسي ڏيو!“ آخر راجا کي ڦاسي آئي، پر ”شُڀ سميه“ سبب ٻيا به ڪيترائي سرڳ جا شائق، اتي ڦاسيءَ تي چڙهندا ويا! جڏهن گروءَ ڏٺو ته گهڻائي پاپي ناس ٿي ويا آهن، تڏهن چيائين ته ”هينئر اهو شُڀ سميه سَماپَت ٿي ويو آهي، تنهنڪري وڌيڪ ٻيو ڪو به ڦاسيءَ تي نه چڙهي.“

                پوءِ گروءَ، چيلي کي چيو ته: ”هن وقت هتان ڪُوچ ڪرڻ گهرجي، هاڻي تو ڏٺو ته هت ڪهڙو نه انڌير لڳو پيو آهي“.

 18_  اَڻائي به ويئي، ٽاڻائي به ويئي،

            وري ڪپهه جي ڪپهه:

                                               ڪئي ڪمائي  چـَٽ.

                ڪنهن پوڙهي آفيميءَ کي رستي تي پيشاب ڪندي، ننڊ جي پنڪي اچي ويئي. ڪو شاهينگ، اُتان اچي، لانگهائو ٿيو، جو ڪپهه پڃائي، گهر تي ويو. هن آفيميءَ کي پنڪيءَ ۾ ڏسي، سندسپٽڪو لاهي، ڪپهه جو هڪڙو وڏو ٻُڙو رکيو، هليو ويو. جڏهن اک کليس، تڏهن مٿي تي هٿ هڻي، ٻڙو ڏسي، ائين چيائين.

 19_  اونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا:

جڏهن ڪو تور يا ماپ ۾ گهوٻي هڻندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.

                هڪڙي ماڻهوءَ، ڪنهن واپاريءَ کان، سستي اگهه تي اَن اُڌارو ورتو، ۽ کيس چيائين ته: ”منهنجو اَن لهي ته توکي اوترو ڏيندس.“

                جڏهن اَن ڏيڻ جو وقت آيو، تڏهن اَن جو اگهه چوٽ چڙهيل هو، تنهنڪري هن کي دل ۾ گدڙ جاڳيو! پر مقرر ڪيل نموني تي، اَن ڏيڻ لاءِ ٻڌل هو. ڇا ڪيائين جو اَن ڏيڻ مهل اونڌيون پاٽيون ۽ پاسيرا ٽويا ڪري اَن مَئڻ لڳو. اهو حال ڏسي، جنس واري وڃي قاضيءَ کي دانهن ڏني، جنهن گهرائي پڇيس. هن چيو ته، ”سائين ڏيڻ جو نمونو برابر اهو مقرر ٿيل آهي، پر اهو ٻولايل ڪونه هو ته اَن، ڪهڙيءَ طرح مَئي ڏبو؟ تنهنڪري اهو مون تي ڇڏيل آهي ته ڪهڙي به نموني مَئي ڏيان؟“

 ٻيون چوڻيون

1. چـَرٻٽ راجا، نڪا ساهمي، نڪو وَٽُ،

ڏئي به ٻـُڪ، وٺي به ٻـُڪ.

2. اونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا،

ته به وکري[3] سا ڄا  ،  ماڻهو ٺوها.[4]

 20_  اهو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي،

۽ پريت به رهجي اچي:

هڪڙي شهر ۾، بادشاهه جي پُٽ، وزير جي پُٽ، قاضيءَ جي پُٽ ۽ ڪوٽوال جي پُٽ جي پاڻ ۾ پريت هوندي هئي، ۽ چئني کي عام طرح ”چار يار“ ڪري سڏيندا هئا. هڪ دفي چارئي يار سفر ۾ نڪتا. کين رستي تي هڪ گهاٽي جهنگ ۾ رات پئجي ويئي. پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيائون ته، ”هڪڙو هڪڙو ڄڻو، واري تي پهرو ڏئي.“

پهريون پهر، بادشاهه جو پُٽ، پهرو ڏيڻ لڳو، ۽ ٻيا سمهي پيا، اڃا گهڙي کن مس گذري ته سندس نگاهه، هڪڙي نانگ تي وڃي بيٺي، جو چانڊوڪيءَ رات ۾ پنهنجي ”مَڻ“ ڪڍي ان سان راند ڪري رهيو هو. بادشاهه زادي کي ”مَڻ جي خاصيت جي خبر هئي، سو ڇا ڪيائين، جو مٽيءَ جو ٻڪ ڀري، کڻي نانگ جي اکين ڏي اڇلايائين، جنهنڪري هو انڌو ٿي پيو، ۽ شهزادي، اها مڻ کڻي، کيسي ۾ وڌي.

ٻئي پهر تي، وري وزير جو پُٽ پهري تي اُٿيو، ۽ چونڪي ڏيڻ لڳو. ٿوري وقت کان پوءِ، هن جي به نانگ تي نظر پيئي ۽ ان جي ”مَڻ“ هٿ ڪري، پنهنجو وقت گذاري پاڻ سمهي پيو ۽ قاضيءَ جو پُٽ پهري لاءِ اٿيو.

ٽئين پهر ۾، قاضيءَ جي پُٽ به پهرو ڏيئي، اهڙيءَ طرح هڪڙي ”مَڻ“ هٿ ڪئي ۽ ان کان پوءِ، ڪوٽوال جو پُٽ، پهري لاءِ اٿيو. انهيءَ به هڪڙي ”مَڻ“ ٻين دوستن وانگر هٿ ڪئي.

هر هڪ دوست کي، جيڪا ”مَڻ“ هٿ آئي هئي، سا در حقيقت ”لعل“ هئي. ڪوٽوال جو پُٽ، جنهن ٻين دوستن جيترو مال نه ڏٺو هو، نه وائٺو هو، تنهن دل ۾ خيال ڪيو ته ڏسان ته هنن وٽ به ڪا مون جهڙي قيمتي شيءِ آهي يا نه؟ تنهنڪري ٽنهي سمهيل دوستن جي سامان ۽ کيسن جي تلاشي وٺي، هر هڪ جي کيسي مان لعل ڪڍي،پنهنجي لعل سان گڏ، سُٿڻ جي ابداڻي ۾ لڪائي ڇڏيائين.

شهزادي، وزير زادي ۽ قاضيءَ جي پُٽ، پنهنجي پنهنجي لعل جي چوريءَ جو احوال، هڪ ٻئي کان به لڪائي ڇڏيو، مگر افسوس ٽنهي کي هو.

 انهيءَ جهنگ مان لنگهڻ کان پوءِ وڏو شهر نظر  آين، جنهن جو بادشاهه نهايت انصاف پسند هو. هي سڀ بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ آيا ۽ بادشاهه وٽ، انهن لفظن ۾ فرياد داخل ڪيائون ته لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي. بادشاهه  اها ڳالهه ٻڌي ويچار هيٺ اچي ويو. گهڻوئي خيال ڪيائين، مگر ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيس. درٻار مان آئي، محلات ۾ ويو. نه ڪنهن سان ڳالهايائين نه ٻولهايائين، وڃي پلنگ تي پاسيرو ٿي پئجي رهيو. شهزادي، جا سندس وڏور     نياڻي هئي، تنهن سندس اهو حال ڏسي، سمجهي ورتو ته: ”بابا، اڄ ڪنهن وڏي مونجهه ۾ آهي.“ اهو خيال ڪري، پيءُ وٽ آئي ۽ پڇيائينس ته: ”بابا سائين، ٻيو ته  خير آهي؟ اڄ ايتريقدر، ڪهڙي ڳالهه جو ويچار آهي؟“ بادشاهه کيس ٻڌايو ته ”اڄ مون وٽ فيصلو آهي ته: لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي. انهيءَ مونجهه منجهائي وڌو آهي. شهزاديءَ چيس ته ”اهو فيصلو سولو آهي، منهنجي حوالي ڪريو ته آءٌ پاڻيهي فيصلو ڪنديس.

ٻئي ڏينهن تي، بادشاهه چارئي ماڻهو (شهزادو، وزير زادو، قاضيءَ جو پُٽ ۽ ڪوٽوال جو پُٽ) شهزاديءَ ڏي موڪليا. شهزاديءَ چين ته، ”آءٌ، اوهان جو فيصلو ڪنديس، مگر شرط اهو آهي ته اوهين اٺ ڏينهن مون وٽ ماني کائو. يعني: اوهان مان، روزانو هڪڙو، مون وٽ اچي، پنهنجي ماني کائيندو،پوءِ پنهنجي ٽن دوستن جي ماني کڻي پيو ويندو. هنن قبول ڪيو.

پهرئين ڏينهن شهزادو، ماني کائڻ ويو. شهزاديءَ کيس ماني نه کارائي، مگر جنهن کٽ تي، هو ماني کائي رهيو هو،تنهن تي هڪڙو لعل به رکيائين، مگر شهزادي، ان ڏي نهاريو به ڪونه، ڇاڪاڻ ته هن، انهيءَ کان به وڌيڪ قيمتي لعلون، پنهنجي گهر ۾ ڏسي ڇڏيون هيون. هو پاڻ ماني کائي، شراب پي ٽنهي دوستن جي ماني کڻي هليو ويو. اهڙيءَ طرح ٻئي ڏينهن وزير زادو ويو. شهزاديءَ، ان جي کٽ تي به ٻه لعل رکيا، مگر وزير زادي، اک کڻي، انهن ڏانهن نهاريو به ڪونه. ٽئين ڏينهن، وري قاضيءَ جي پُٽ جو وارو آيو، جنهن جي اڳيان شهزاديءَ ٽي لعل رکيا. مگر هن انهن ڏي ڪو به توجهه ڪونه ڪيو. چوٿين ڏينهن، ڪوٽوال جي پُٽ جو وارو آيو. شهزاديءَ، ان جي اڳيان به لعلون رکيون، ڪوٽوال جو  پُٽ، جنهن ڪڏهن به اهڙو اڇو ۽ اعليٰ شراب نه پيتو هو، سو هتي پيئڻ سان مدهوش ٿي ويو ۽ لڳو بَڪ شَڪ ڪرڻ. شهزاديءَ کي چوڻ لڳو ته: ”شهزادي صاحبه! تو وٽ رڳا ٽي لعل آهن، مگر مون جهڙي غريب وٽ، انهن کان به گهڻو بهتر ۽ وڌيڪ قيمتي چار لعل آهن؟ ائين چئي، انهيءَ مدهوشيءَ جي حالت ۾، اهي پنهنجي سٿڻ جي ابداڻي مان ڪڍي، شهزاديءَ جي آڏو رکيائين. شهزاديءَ اهي چارئي لعل، پاڻ وٽ رکي ڇڏيا ۽ دل ۾ ڏاڍي خوش ٿي، جو چور لڌائين.

پنجين ڏينهن واري تي، وري بادشاهه زادو آيو. ان کي ماني کارائي، خوش ڪري، انهن چئن لعلن مان، هڪڙو لعل ڏيئي چيس ته: ”کڻ پنهنجو لعل ۽ سڃاڻ ته اهو اٿيئي يا ڪو ٻيو؟“ هن جواب ڏنو ته، ”هائو اهو منهنجو لعل آهي. اهڙي طرح واري وٽيءَ سان، سڀني کي پنهنجو پنهنجو لعل ملي ويو ۽ ڪنهن کي به خبر ڪانه پيئي، ته اهي ڪنهن وٽان نڪتا. اهڙي طرح لعل به لڌائون ۽ پريت به رهجي آين.

مطلب: جيڪڏهن ڪو معاملو درپيش اچي ته ان کي اهڙي نموني نبيرجي، جو معاملو به ٺهي وڃي ۽ محبت به نه وڃي.

21_  اُهو سون ئي گهوريو، جو ڪـَن ڇني:

اهو ڪم ئي گهوريو، جنهن مان فائدي بدران نقصان يا خرابي ٿئي.

                ايران ۾، نوشيروان کان به اڳ، ڪَنَ جو زيرو، ”سونو والو“ هوندو هو. ”روپو“ ۽ ”لوهو والو“ ڪنيز (ٻانهيءَ) جو هوندو هو، پوءِ ”سونن دُرن“ جو رواج نڪتو ۽ پوءِ نوشيروا ن جي ڏينهن ۾، ”موتين جي دُرن“ جو رواج پيو. انهيءَ وچ ۾ ترڪستان جي زالن ۾ ”مَروِاريد“ ۽ ”سونن جهومڪن“ جو رواج پيو. نوشيروان جي حرمَن، ”جهومڪن“ جي گهر ڪئي، تنهن تي نوشيروان فرمايو: ”يا دو گوش بايد، يا دو نيلم،“ يا ڪنن جو خير گهرو، يا (ڳرا) جهومڪ (دو نيلم) پايو. (لغت _ ملا همداني گورگاني) اڄ تائين ايران ۾ جهومڪن جو رواج نه پيو آهي.

نوشيروان جي فرموده جو ترجمو ٿيو: اهو سون ئي گهوري، جو ڪَن ڇِني.

22_  اهڙي جُٺ ڪيائينس،

            جهڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان:

جوڳي جٺ يا تعدي ڪر ڻ

هڪ دفعي ٻرڙو (مسلمانن جي هڪ ذات)، پنهنجي دوست جي گهر مهمان ٿي ويو. صبح سان، مهمان کي نيرن ڪرائي، گهر جا ڀاتي، رُونبي تي ويا. مهمان کي چيائون ته ”ٻارڙن جي سار سنڀال ڪج“.

اڃا اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته ٻارن روئڻ شروع ڪيو. ويچارو مهمان، گهڻو ئي ٻارن کي پرچائي، پر ٻار ماٺ ئي نه ڪن! جڏهن مهمان کان ڳالهه زور ٿي ويئي، تڏهن ٻارن کي گُنديءَ ۾ وجهي ڇڏيائين. جڏهن منجهند جو گهر جا ڀاتي رونبي تان موٽيا، تڏهن مهمان کان ٻارن جو پڇيائون. مهمان، گنديءَ جو ڏس ڏنن.

اهڙيءَ اَڻ سهائيندڙ حالت کي ڏسي، ڪنهن ائين چيو.

 23_  اُهي تُنيا ئي مري ويا، جيڪي گهيٽا ڏيندا هئا:

سخي مرد اُٿي ويا.

تنيا، جناب غوث بهاءُ الدين زڪريا ملتان (566_666هه) جا مريد آهن، جي پاڻ کي فقير گهر سڏائين ٿا.

”ملتان وارن بزرگن جا ڪيترائي خدا رسيده مريد سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن، جن مان ڪيترن تي ته زبردست ميلا به لڳندا آهن. جيسلمير جي هندو راجا جو نوجوان راجڪمار ، حضرت غوث بهاءُ الدين جي بيعت حاصل ڪري مسلمان ٿيو، جنهن کي روحاني فيض سان مالامال ڪري، پوءِ حڪم ڏنائين ته، ”سنڌ ۾ وڃي رهه ۽ روحانيت جي تبليغ ڪر.“ مخدوم عبدالله پراڻن هالن ۾ اچي رهيو ۽ وڏو فيض بخش بزرگ ٿي گذريو هو“.[5]

سنڌ ۾، غوث صاحب ۽ ان جي جانشينن جا ڪيترائي مقرر ڪيل خليفا هئا. جيئن: ڄام ڏاتار (مقبرو ڳوٺ کڏڙي تعلقي سنجهوري جي نزديڪ)، سخي داد واهي (درگاهه داد واهه جي ڪناري تي تعلقي نوشهري فيروز ۾)، خليفه ونهيون (مقبره نصرپور شهر ڀرسان)، درويش سينهڙو (مقبرو ٽنڊو الهيار ڀرسان)، مخدوم عبدالرحمان (ساماري شهر جي نزديڪ) وغيره.[6]

تنيا فقيرن مان به ڪي خليفا هوندا هئا، جي ڳوٺ ڳوٺ مان، مريدن کان گهيٽو وٺي،پيرين پيادو، مرشد سائين حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني جي درگاهه شريف تي وپندا هئا. خليفن سان گڏ، هزارين ماڻهو به شامل هوندا هئا. محترم الله بخش تنيي فقير جي روايت موجب 1920ع کان خليفن، پيرين پيادو گهيٽن ڏيڻ جو رواج بند ڪيو. هينئر ته سنڌ مان پيرين پيادو ڪو به ڪونه وڃي، جنهن کي درگاهه شريف جي زيارت جو شوق ٿئي، سو ريل تي چڙهي، اتي نذرانو ڏيئي اچي.

هينئر جيئن ته هر ڪو پنهنجيءَ ۾ پورو آهي، تنهنڪري اهڙو ڪو به تنيو ڪونه آهي، جو پيرين پيادو گهيٽو ڏيئي اچي، تنين جي اهڙي حالت کي ڏسي، ڪنهن ائين چيو.

____________

 


[1] ڏوئي = ڳولي.

[2]  تاريخ سنڌ صفحه 63_ مولوي نور محمد نظاماڻي.

[3]  وکري =  وکر وڪڻڻ وارا، واپار ساجا = خوش، آسودا.

[4]  ٺوهيا = سکڻا، خالي، سـُڃا، غريب.

[5]  تاريخ سنڌ ڀاڱو ٽيون صفحو 197_198 عبدالغني عبدالله.

[6] تاريخ سنڌ ڀاڱو ٽيون 200_201 عبدالغني عبدالله.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org