(خ)
77_ خانَن جي خاني، مانيءَ مان معلوم:
ميزبان جي بيٺلائپ يا آسودگي، سندس مانيءَ
مان ئي معلوم ٿيندي آهي.
چون ٿا ته خان خانان بيرم خان (جيڪو اڪبر
بادشاهه جو استاد ۽ سنڀاليندڙ هو)، ڏاڍو مهمان
نواز هو. هر مهمان کي، مانيءَ ۾ مُهرون به گڏائي
ڏيندو هو. انهيءَ ڪري هر مهمان جي واتان، اها ئي
وائي نڪرندي هئي ته ”جڏهن سَچو پَچو خان (خان
خانانا) آهي، تڏهن ته مهمانن کي مانيءَ سان مُهرون
به ڏئي ٿو.“ پوءِ هر زبان تي اهو مثال هوندو هو
ته، ”خانان جي خاني، مانيءَ مان معلوم“، جنهن تان
هينئر مروج ٿي ويو آهي: خانن جي خاني، مانيءَ مان
معلوم.
(د)
78_ درازِ رِيش، خِضر يا اِبليس:
هڪڙي پڙهيل، هڪ ڏينهن ڪنهن ڪتاب ۾ ڏٺو ته: ڊگهي
ڏاڙهي، بيوقوفيءَ جي علامت آهي. دل ۾ چيائين ته
ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو. ڏاڙهي جو عقلن سان ڪهڙو
تعلق! منهنجي ڏاڙهي ڪيڏي نه وڏي آهي. پر مون کي ته
ڪنهن به بيوقوف نه سڏيو آهي. پَڪَ ئي پَڪ، لکندڙ
ئي بيوقوف آهي. پر وري خيال آيس ته، ان چوڻيءَ کي،
آزمائي ته ڏسجي. جيڪڏهن مان پنهنجي ڏاڙهيءَ جو.
چپو کن گهٽايان ته، ڪهڙو هَرج! سو، ڇا ڪيائين، جو
قينچيءَ جي ڳولا ۾ لڳي ويو، پر لهي نه سگهي پوءِ،
هن چيو ته، ”قينچي نه ملي ته ڪو به فڪر ڪونهي،
هيءَ بتي به ساڳيو قينچيءَ جهڙو ڪم ڏيندي.“ پوءِ
کاڏيءَ کان، ڏاڙهيءَ کي زور سان مُٺ وڌائين ۽ ٻئي
هٿ سان، مُٺ کان هيٺ بچيل ڏاڙهيءَ کي کڻي باهه
ڏنائين. باهه ته جلد ئي مچي ويئي، سندس هٿ کي لڳي
۽ دانهن ڪري، وسائڻ جي خيال کان، هيڏي هوڏي ڀڳو،
پر باهه اچي مُنهن کي ورتس. هڻي لهسي وڌائينس.
جڏهن اسپتال مان موٽيو، تڏهن اچي ساڳيو ڪتاب جو
صفحو کوليائين ۽ حاشيه تي لکيائين: مون خود ان
چوڻيءَ کي آزمايو آهي، اها بلڪل سچي آهي.
79_ دلو راءَ جي نگري:
دلوراءَ،
ڀنڀوراءَ
۽ ڇُٽو، آمر جا پٽ هئا.
دلوراءَ جي نگري (شهر) ڪيئن ناس ٿي، تنهن
لاءِ، هيوز، تحفته الڪرام جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:
”چون ٿا ته الور جي خاتمي بعد، دلوراءُ، برهمڻ
آباد ۾ رهڻ لڳو. کيس ڇُٽو امراني، پٽ آمر، نالي
ڀاءُ هو. ننڍي هوندي ئي خدا تعاليٰ کيس، اسلام جي
رحمتن ڏانهن مائل ڪيو، تنهنڪري شهر ڇڏي، وڃي قرآن
شريف حفظ ڪيائين ۽ اسلام جا ارڪان ۽ عقائد سکيو.
جڏهن موٽي آئي، تڏهن سندس دوستن، عزيزن، کيس
شاديءَ لاءِ ستوهه ڀريو، مگر هي پِڙ ڪڍي بيٺو،
تنهن تي ڪنهن طعني طور چيس ته: ”ڀَل ته هي، تُرڪ
(مسلمان)، ڪعبي ڏي وڃي ۽ فلاڻي ناليري عرب جي ڌيءُ سان شادي ڪري. خوش قسمتيءَ سان، هن حج تي وڃڻ جو پڪو ارادو
ڪيو. ان وقت سندس ڀاءُ جوان هو. جڏهن هو، منزل
مقصود تي آيو، تڏهن هن، هڪ عورت کي، دڪان تي قرآن
شريف جي تلاوت ۾ مشغول ڏٺو. هي بيهي ٻڌڻ لڳو.
تلاوت ڪندڙ (عورت) پڇيس، ”تون ڇو بيٺو آهين؟“
چيائين ته، ”قرآن ٻڌڻ
لاءِ، جيڪڏهن تون مهرباني ڪري مون کي مختلف قرئتون
سيکاريندينءَ ته مان تنهنجو ٻانهو ٿي رهندس“. عورت
جواب ڏنس ته منهنجي استاد فلاڻي جيڏيءَ آهي،
جيڪڏهن تون پنهنجو ويس بدلائي، زناني پوشاڪ
پهريندين ته مان توکي ان وٽ وٺي هلنديس.“ هن ائين
ڪيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾، ڪنواري عورت اڳيان پهچي ويو.
اُها قاري عورت ڪمالات کانسواءِ علم نجوم ۾ پڻ
ماهر هئي. هڪ دفعي ان عورت (جنهن ڇُٽي امراني کي
بيبي استاد وٽ، قرئت سکڻ لاءِ ويهاريو هو)، بيبي
استاد کان پنهنجي ڌيءُ
جي طالع بابت پڇيو. بيبي استاد کيس باقاعدي جواب
ڏنو، پوءِ ڇُٽي بيبي استاد کي چيو ته، ”جڏهن توکي
ٻين جي حال جو پتو پئجي سگهي ٿو، تڏهن تون پنهنجي
بنسبت ضرور ڄاڻندي هوندينءَ؟“ عورت وراڻيو ته،
”اُهو چڱيءَ طرح ياد ڪيل اٿم. تو هاڻي خود پنهنجي
بخت ۾ نهاريو آهي.“ عورت وڌيڪ چيو ته ”منهنجي
سڱابندي، سنڌ جي هڪڙي رهاڪوءَ سان ٿيڻي آهي“ ڇُٽي
پڇيس ته، ”ڪڏهن؟“ عورت جواب ڏنو ته، ”جلدئي“ ڇُٽي
سلسله ڪلام جاري رکندي پڇيس ته، ”اهو ماڻهو ڪٿي
آهي؟“ عورت حساب ڪري ٻڌايس ته، ”تون ئي اهو ماڻهو
آهين.“ جڏهن ان طرح ڇُٽي جي قسمت جو پردو کوليو
ويو، تڏهن قاري نينگر چيس ته ؟هاڻ هليو وڃ ۽ هن
ويس ۾ وري نه اچج! اهي لَٽا لاهي ڇڏ ۽ جهڙو آهين،
تهڙو طاهر ٿي ۽ منهنجي ٻانهن گهُر، ڇاڪاڻ ته مانهن
تنهنجي قسمت ۾ لکيل آهيان.“ پوءِ پنهنجي مائٽن
(پيءُ، ماءُ) کي احوال ٻڌائي، ڇُٽي امرانيءَ جي
وني بني.“
ڇُٽو (ڪجهه وقت کان پوءِ، پنهنجي حسين زال فاطمه
کي پاڻ سان گڏ سنڌ وٺي آيو. جڏهن هي دلوراءَ جي
شهر وٽ پهتو، تڏهن ظالم بادشاهه، هيءَ رسم ٺاهي
ڇڏي هئي ته، نيون شادي شده عورتون پهرئين دفعي هن
ڏي اينديون وڃن. ڇُٽو پنهنجي ڀاءُ وٽ ويو ۽ کيس
اهڙي بدنام ڪندڙ عمل کان باز اچڻ لاءِ سمجهايائين،
مگر سڀ دليل رائگان ويا. آخرڪار هڪ ڏينهن، جڏهن
ڇُٽو پنهنجي گهر ۾ موجود نه هو، تڏهن دلوراءَ سندس
گهر هليو ويو. هن فاطمه جي حسن جي گهڻي تعريف ٻڌي
هئي، جنهنڪري کيس ڏسڻ جي تمنا ٿي. اها خبر، فاطمه
جي مڙس کي تيزيءَ سان پئجي ويئي، جو هو پنهنجي
ڀاءُ جي نيت کان، لَڪ ڇَپ ۾، جاچڻ لاءِ موٽي آيو.
ظالم (ڀاءُ) جي ناپاڪ مقصد کي سهي ڪندي، پنهنجي
لڪڻ واريءَ جاءِ کان ڌوڪيندو، پنهنجي نوجوان
پاڪدامن گهر واريءَ کي، سندس تنگ ڪندڙ چنبي کان
نجات ڏياري ۽ فوراَ َ شهر ڇڏي هليو ويو. هڪ آواز
ٿيو، جنهن چيو ته، ”هي شهر عنقريب، بادشاهه جي
ظلمن سبب زمين دوز ٿيندو. جنهن کي به هي اطلاع ملي
ته ڀَل پنهنجو پاڻ بچائي.“ ڪن ٿورن ان تي عمل ڪيو
۽ خبردار رهيا. پهرين رات هڪ پوڙهي عورت، جنهن ائٽ
تي سُٽ پئي ڪتيو، جي برڪت سان، ٻيءَ رات هڪ گهاڻي
پيڙيندڙ يعني چاڪيءَ جي محابي آفت ٽري ويئي ۽
ٽينءَ رات سڄو ئي شهر زمين دور ٿي ويو. فقط هڪ
منارو، عبارت خاطر وڃي بچيو!“
مرحوم محمد صديق جي قلمي نسخي ۾ لکيل آهي:
”هڪ ڏينهن اوچتو، راءُ ڇُٽي جي گهر لنگهي ويو. ڇُٽي جي زال
عربياڻي منهن ڍڪي، اندر هلي ويئي. جڏهن ڇُٽو گهر
آيو، تڏهن زال ڳالهه ڪيس، جنهنڪري ٻئي زال مرد، ٽي
راتيون دربار خدائي ۾ متوجه ٿيا ۽ زاريون ڪيائون.
ڇِپ پيئي يعني واري اُٺي ۽ زمين ڌُٻي، (جنهن کان)
شهر غرق ٿيو.“
ڇُٽو امراني، پوءِ سيوهڻ ۾ اچي رهيو، جنهن کي سيوهڻ وارا ڇُٽو
امراني چوندا آهن.
مٿس چڱو گنبذ اڏايل آهي. اڱڻ توڙي ڀتين تي ڪاشيءَ
جون سِرون لڳل آهن. اولاهين ڀِت تي هي ڪتبو لڳل
آهي.
بدورِ شهنشاهه شاههِ جهان،
خديو خرمند صاحبقران،
چون خلدِ برين روضه شاهه چهته،
بنا ڪرد نواب ديندار خان،
ز سالِ بَنايَش طلب داشتند،
”بهشتي بروئي زمين“ شد عيان.
(سياڻي حاڪم، صاحبقران شهنشاهه جهان جي وقت ۾ نوان ديندار خان،
ڇٽي درويش جو بهشت جهڙو مقبرو تيار ڪرايو. ان جي
ٺهڻ جي سال بابت، گهر ڪيائون (ته جواب آيو) هڪڙو
بهشت، زمين جي مٿاڇري تي ظاهر ٿيو آهي.)
مرحوم محمد صديق پيرزادي جي قلمي نسخي مان، هيءَ روايت پڻ ملي
ٿي.
”راجا دلوراءَ جي ڀيڻ جي ڌيءُ جي شادي ٿي. انهيءَ ڀيٺ اچي، راجا کي
ايلاز آزيون ڪيون، ته ڀيڻ جي عزت رکي پر راجا نه
مڃيو. چيائين ته، ”انجام بادشاهي نه ڀڃندس. هم
بستر نه ٿيندس، بلڪ محلات ۾ انهيءَ وقت ايندس.“
ڀيڻ پڇيس ته، ”ائين به ساڳي بدنامي ٿيندي، اصل نه
اچ.“ راجا نه مڃيو. آخر نااميد ٿي موٽي پٽيندي
ويئي ته، منهئون ٿرڙا، شل ڇِپ پوندءِ، بنياد ئي
ناس ٿيندءِ.“
”ڌڻيءَ جي قدرت سان، جنهن وقت شادي ٿي، انهيءَ
وقت، راجا پنهنجي محلات مان نڪري، شاديءَ واري
محلات ڏي روانو ٿيو. اوچتو آسمان ۾ غبار پيدا ٿيو،
ڳاڙهي واري وسڻ لڳي، جنهن ۾ سڄو شهر غرق ٿي ويو.“
هي واقعو ڪهڙي دور سان تعلق ٿو رکي، تنهن لاءِ
هيوز لکي ٿو:
”جيڪڏهن سيد علي مڪي، ان وقت ڇُٽي سان گڏ بغداد
مان سنه 102ع ۾ سنڌ ۾ آيو ته پوءِ شهر جي تباهي،
هنن ٻنهي جي سنڌ ۾ وارد ٿيڻ بعد فوراً
ئي سمجهڻ گهرجي.“
هيوز جي لکت کي، پيرزادي جي نسخي مان وزن ملي ٿو:
”سيد علي مکي در سنه 400هه حکومت بني عباس در ملڪ
سنده نزديک جبل لک آري پسگردائي سيوستان تشريف
فرما شد. بمع دو پسر و يک برادر زاده ...........
در آن جائي سکونت کرد. درآن ملک حکومت راجه
دلورائي بود.“
(سيد علي مڪي 400ع ۾ بني عباس جي حڪومت ۾ سنڌ ملڪ جي لڪي جبلن
جي ويجهو، پنهنجي ٻن پٽن ۽ هڪ ڀائٽيي سان سيوهڻ ۾
تشريف فرما ٿيو.... انهيءَ جاءِ تي رهائش اختيار
ڪيائين، جتي دلوراءِ جي حڪومت هئي....)
80- دلي دُور اَ ست:
مطلب حاصل ڪرڻ ۾ اڃا دير آهي. چون ٿا ته شهنشاهه جھانگير، هڪڙو
تمام تيز رفتار قاصد، ڪنهن خاص ضروري ڪم لاءِ،
ملڪه نورجهان ڏانهن، لاهور کان دهلي روانو ڪيو،
اُهو قاصد، اهڙو ته تيز رفتار هو ، جو اُن جهڙا
ڪي ٿورا ماڻهو پيدا ٿيا هوندا. هُن، بادشاهه کي
چيو ته، ”آءٌ هڪ ڏينهن ۾ دهليءَ پهچي ويندس ۽ ٻئي
ڏينهن واپس، سائين جن وٽ پهچي ويندس“ هلندو هلندو
جڏهن اچي دهليءَ کي ويجهو پهتو، تڏهن رستي تان
ايندڙ، هڪ پوڙهيءَ کان پڇيائين ته، هِتان دهلي
ڪيترو پري آهي؟“ پوڙهيءَ چيس ته، ” خدا نه ڪري
دهلي دور“ مگر قاصد، انهيءَ جو مطلب سمجهيو ته اڃا
دهلي پري آهي . انهيءَ ڪري ُاتي ئي دل شڪستو ٿي
مري ويو. بادشاهه کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن ڏاڍو
ارمان ٿيس ۽ سندس تيز رفتاريءَ جو قدر ڪندي، سندس
قبر تي، عاليشان عمارت اڏايائين، جا دهليءَ کان
ڏهن ميلن جي پنڌ تي، اڄ تائين موجود آهي ۽ ”پيلڪ“
جي مقبره جي نا لي سان مشهور آهي. انهيءَ عمارت جي
ٺهڻ جو سال 1133هه مطابق 1720ع آهي .
81_ دودو ڌُوڙ، چنيسر ڇائي:
ڀونگر سومري کي ٻه زالون هيون. پهرين زال لوهاريءَ مان، هڪ پٽ
چنيسر ۽ هڪ ڌيءُ ٻاگهل، ٻيءَ زال سومريءَ (ڏاڏي پوٽيءَ) مان، دودو هئس. دودو
ننڍو پٽ هئس. جڏهن ڀونگر مري ويو، تڏهن اميرن
امرائن، وڏي پٽ چنيسر کي پَڳَ ٻڌائي. چنيسر چيو
ته، ”امان کان پڇي اچان ته پوءِ پَڳَ ٻڌندس.“ مجلس
مان اٿي کڙو ٿيو. اميرن امرائن چيو ته، ”جيڪو اڄ
ماءُ کان موڪلائڻ ويو آهي، سو ڪيئن ملڪ هلائيندو،
تنهنڪري دودي کي پڳ ٻڌائي، تخت تي ويهاريائون ۽
چنيسر موٽي پشيمان ٿي، گهر وڃي ويٺو.
ڀيڻس ٻاگهل، رات ڏينهن طعنن سان تپائي ڏنس:
”اڳي هيوسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽِڙي ٿياسين ٽي،
چرخو چندن عاج جو، اما آڻي ڏي.“
انهن طعنن، چنيسر جي زندگي زهر ڪري وڌي. آخر ڪو ٻيو حيلو وسيلو
نه ڏسي، دهليءَ جي حاڪم علاءُ الدين خلجيءَ ڏانهن
ويو. محمد صديق پيرزادو لکي ٿو:
”خلجيءَ کي عرض ڪيائين ته: هن چنيسر، ڀيڻ ٻاگهل جو سڱ توکي ڏيڻو
ڪيو آهي. مگر منهنجو ننڍو ڀاءُ دودو، اعتراض ٿو
وٺي..... بادشاهه سنڌ ڏي ايلچي موڪليو.جڏهن ايلچي،
ڪوٽ وِڳهه ۾ آيو ۽ سومرن کي خبر معلوم ٿي، تڏهن
سومرن، قاصد جا ٻئي ڪَنَ پَٽي ڪڍيا. قاصد موٽي،
دهليءَ ويو. قاصد چيو:
ٻن ٻاگهي ۽ ٻارَ ٻاگهيءَ جا ٻَن،
جو ويندو وڳهه ڳوٺ، پٽائي ايندو ڪَن.
بادشاهه علاءُ الدين، وڏو ڪٽڪ، سنڌ تي چاڙهي موڪليو، جتان به
لشڪر پئي لنگهيو، اتان جا ماڻهو، اهو ڳوٺ ڇڏي ٿي
ويا. علاءُ الدين جي هيڏي ساري ڪٽڪ کي ڏسي، عام
چوڻي ٿي ويئي:
ڪُتيءَ جو ڀونڪندي، پڇو نڪري پيو،
مَري ويئي، پر لشڪر نه کُٽو.
اُٻاوڙي ۽ اروڙ جون جنگيون کٽي، سکر پهتا
۽ چانڊڪا کانپوءِ، حيدرآباد مان ٿيندا، وڳهه ڪوٽ
پهتا. سخت جنگ لڳي. ميدان رت سان رڱجي ريٽو ٿي
ويو. گهڻا سومرا مري ويا. آخري دودي جا پٽ ۽ چنيسر
جا پٽ مارجي ويا. جڏهن چنيسر جو پٽ ننگر (جو دودي
جو نياڻو هو) مُئو ته سگهڙ چيو:
”هي ڀي شيرُ شهيد ٿيو، سُگهڙن ساران وَرُ“
اتي چنيسر به خوب وڙهيو، آخر قتل ٿي ويو.
دودو، جنهن پهلوانيءَ سان علاءُ الدين جي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وڌو،
تنهن لاءِ سگهڙ چوي ٿو:
ديمين سان دودو لڙيو، گَجي جيئن گجميرُ،
بيهي رهيون رڻ ڀونءَ ۾، مرد مثل هي ميرُ.
نتيجو اهو نڪتو جو نه چنيسر کي حڪومت ملي ۽ نه دودي جي حڪومت
هلي. ڪيترا سومرا مارجي ويا. ڪنهن اهو واقعو ڏسي
ائين چيو.
82_ دُوڌ کان دوڌ، پانِي ڪا پانِي:
مٿرا (هندستان)شهر ۾، هڪ حلوائي رهندو هو، جو ڪڏهن
به خالص کير نه وڪڻندو هو ۽ نه وري مٺائي خالص
ٺاهيندو هو. هڪ دفعي، ان حلوائيءَ جي دڪانتان،
هڪڙي باندر، پئسن جي ڳوٿري (جنهن ۾ پئسا، آنا،
بيانيون پائليون وغيره هيون) کڻي واهه جي ڀر واري
وڏي وڻ جي چوٽيءَ تي وڃي ويٺو. ڳوٿريءَ مان پئسا
ڪڍي، هڪ پئسو پاڻيءَ ۾ ته هڪ پئسو هيٺ پيو اُڇلي.
اهڙيءَ طرح ڳوٿريءَ جي اڌ رقم، پاڻيءَ ۾
اُڇلايائين ۽ اڌ رقم هيٺ. حلوائي دانهون ڪوڪون ڪري
چوڻ لڳو ته: ”اڙي ظالم، اهو ڇا ٿو ڪرين؟“ ڏسندڙن
مان هڪ شخص چيو ته، ”دوڌ کان دوڌ اور پاني ڪا
پاني، الگ ڪر رها هي!“ يعني کير ۾ جيڪي پاڻيءَ
وجهڻ ڪري، توکي وڌيڪ پئسا مليا هئا، سي پاڻيءَ ۾
وجهي رهيو آهي.
مطلب: جڏهن عدل ۽ انصاف پوريءَ طرح ٿئي، تڏهن ائين چئبو يا
انهيءَ شخص جي باري ۾ ائين چئبو، جو عادل ۽ منصف
مزاج هجي.
(ڌ)
84_ ڌيءُ
پاڙي، اندر ساڙي، ڌيءُ
دور کائي چُور:
چون ٿا ته ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڌيءَ، پاڙي ۾ پرڻائي ته جيئن
اکين آڏو هجي. پهريائين ته گهوٽ ڪنوار، پاڻ ۾ کير
کنڊ هئا، پر پوءِ جيئن دستور آهي ته ٻه ٺڪر به پيا
ٺهڪن، تنهنڪري وانگر بعضي کَهُرا کپرا پوندا هئا.
هڪڙيءَ پاڙي واريءَ وڃي ڇوڪريءَ جي ماءُ کي ٻڌايو
ته ”تنهنجي ڌيءَ کي مڙسس ڏاڍو ماريو آهي.“ مطلب ته
ڳالهه هجي يا نه، ته به اُها، يا ڪا ٻي پاڙي واري،
شرير عورت، ڪنوار ماءُ جاڪن ڀريندي رهي. ويتر جڏهن
ڌيڻس پيڪي ويئي ۽ وَرَ جي نيڪي نه ڪيائين، تڏهن
اها حالت ڏسي، ماءُ جا آنڊا سڙڻ لڳا. اتي هڪڙيءَ
ويٺل مائيءَ چيو ته، ”ڌيءُ
پاڙي، اندر ساڙي، ڌيءُ
دور، کائي چُور“. (چُوري)
مطلب ته پاڙي جي ٿوري گهڻي ڳالهه ٻڌي به پيو، پيءُ _ ماءُ کي ڏک
ڏيندو، پر ڏور پنڌ سبب، جهڙي تهڙي ڳالهه ٻڌڻ ۾ ئي
ڪانه ايندي.
ديمين
=
لشڪر، گجمير
=
شينهن، رڻ ڀون
=
جنگي ميدان.
|