(ن)
115_ نادان دوست کان، دانا دشمن ڀلو:
هڪڙو گهوڙي سوار، واٽ وٺيو پئي ويو ته ڏٺائين ته
نانگ، هڪ سمهيل ماڻهوءَ جي وات ۾ گهڙي. هن چيو ته،
”مار! هي ويچارو ته مري ويندو“. تنهنڪري سمهيل کي
ئي چهبڪن سان وٺي ويو. سُمهيل، ننڊ مان اُٿي کڙو
ٿيو، پر چهبڪن جا وسڪارا لڳا اچن. پوءِ ته ويچارو
وٺي ڀڳو، پر سوار، پيڇو نه ڇڏيس، ۽ ڪُٽندو ويس،
تان جوڳ هڪڙي صوفن جي باغ ۾ وڃي پهتا. اتي جيڪي
هيٺ ڪريل ڪِنا صوف هئا، سي هن کي، زوريءَ وات ۾
وڌائين. جيتوڻيڪ هن، گهڻو ئي بَد شَد پئي ڳالهايو،
پر سوار، صوفن پٺيان صوف، ويس وات ۾ دُوسيندو!
پوءِ وري ويچاري کي چهبڪن سان وٺي آيو. آخر اُلٽي
ڪيائين، جنهن مان نانگ نڪتو. نانگ ڏسي، سوار جي
پيرن تي ڪري پيو ۽ کانئس پڇيائين ته، ”تو، مون کي
ننڊ مان ڇو نه اٿاريو، جڏهن نانگ وات ۾ گهڙي ويو
هو؟“ سوار چيس، ”جيڪڏهن ائين ڪريان ها ته نانگ جي
ڊپ کان، تنهنجو هِنيو ڦاٽي پوي ها، ڇاڪاڻ ته
اُلٽيءَ سان نانگ، ٻاهر نه ڪڍي سگهين ها“.
116_ نوانوي وارو ڌڪو:
مايا ميڙڻ جي فِڪر ۾، ڪنجوسائيءَ تي سندرو ٻڌي
بيهڻ.
هڪڙي لکاپتي سيٺ جي گهر جي لڳ، هڪڙي درزيءَ جو گهر
هوندو هو. سيٺ جي گهر ۾ روزانو دال ۽ سائي ڀاڄي
تيار ٿيندي هئي، مگر ان مزدور درزيءَ جي گهر ۾،
روزانو گوشت مَڇيون هوندا هئا!
هڪڙي ڏينهن، سيٺ جي زال، پنهنجي مڙس وٽ، شڪايت پيش
ڪئي ته، ”اسان کي ڌڻيءَ سڀ ڪجهه ڏنو آهي، تنهن
هوندي به اسان کي چڱو کاڌو، ڪڏهن به نصيب ڪونهي!
هوڏانهن هن درزيءَ (مزدور) جي گهر ۾، روزانو گوشت
مڇي تيار!“ سيٺ چيس ته، ”درزي ۽ سندس زال،
نَوانَوي وارو ڌڪو، ڪو نه کائي ڏٺو آهي، پوءِ ڇو
نه مزا ماڻيندا؟“ زال پڇيس ته، ”نَوانَوي جو ڌِڪو
ڇا آهي؟“ سيٺ جواب ڏنس ته، ”هڪڙي ڳوٿري کڻي، ان ۾
نوانوي رپيا وجهي، ڪنهن نموني سان وڃي، سندس گهر
رکي اچ ۽ پوءِ ڏس ته ان مان ڪهڙو ٿو لقاءُ ٿئي!“
سيٺ جي زال، مڙس جي چوڻ موجب، نَوانَوي رپيا
ڳوٿريءَ ۾ وجهي، مالڪ جي اک وٺي، سندن هنڌ ۾،
وهاڻي هيٺان، رکي آئي. درزيءَ جي زال، رات جو هنڌ
پٿارڻ وقت، ڳوٿري ڏسي، چاهه مان کڻي، اچي مڙس جي
آڏو رکي، چيائينس ته، ”لاشڪ، اسان جون دعائون،
الله سائين قبول ڪيون آهن، جو هيءَ رپين سان ڀريل
ڳوٿري گهر ويٺي، ڏياري اٿس!“ درزيءَ ڳوٿري کولي
رپيا ڳڻيا، ته نوانوي ٿيا.
زال، اها
ڳوٿري، واپس وٺي چيس ته، ”آخر تون به پوڙهو
ٿيندين. سياڻن چيو آهي ته،”اهو ڪي ڪجي، جو مِينهَن
وسندي ڪم اچي. پاڻ وٽ آهي ته سڀ ڪنهن وٽ آهي.
تنهنڪري هينئر کان قناعت ڪري، ڪجهه نه ڪجهه
بچائيندا رهون“ درزيءَ چيس ته، ”ننگ آهي، ننگيءَ
تي! جنهن ساهه ڏنو آهي، سو گراهه به ڏيندو. ڇو
ويٺا ڪنجوسائي ڪريون!“ مگر زال چيس ته، ”اسان کي
داتا ڏياريا آهن نَوانَوي رپيا، جن ۾ رڳو هڪڙو
رپيو وجهبو ته ٿيندو پورو سو، پوءِ سو مان ٻه، ٻِن
مان چار ڪري، آخر، اسين به پاڙي واري، سيٺ جهڙا
ٿِي پونداسين.“
انهيءَ ڏينهن کان وٺي، انهن به دال ۽ سائي ڀاڄي
کائڻ شروع ڪئي ۽ گوشت مڇيءَ جو نالو ئي وساري
ڇڏيائون! هوڏانهن مخفي طرح، سيٺ جي زال به، سندن
خبر چار لهندي هئي. هڪڙي ڏينهن، سيٺ کي چيائين ته،
”اوهان، هنن غريبن تي، اهڙو ڪو جادُو ڦوڪيو آهي،
جو ويچارن کان چڱو کاڌو کائڻ ئي وسري ويو آهي!“
سيٺ جواب ڏنس ته، ”مون هنن کي نوانوي جو ڌڪو ڏنو
اهي، جنهن جهڙو به ٻيو ڪو جادو!“.
117_ نيڪيءَ جو بدلو برائيءَ ۾:
هڪڙو گهوڙي سوار، جهنگ مان پئي ويو ته دانهون
ڪوڪون ٻڌڻ ۾ آيس. ان طرف وڃي ڏسي، ته هڪڙي وڻ کي
باهه لڳل آهي، جنهن جي ڏار تي هڪڙو نانگ ويٺو آهي،
جو باهه جي ڄَرَ کان دل ڦُٽُيون دانهون پيو ڪري،
گهوڙي سوار کي رحم آيو، هَني مان خرزين ڪڍي، لُڪڻ
جي ڇيڙي ۾ وجهي، نانگ جي ويجهو ڪيائين ته، نانگ
هڪدم ٽپو ڏيئي، خرزين ۾ گهڙي ويو. گهوڙي سوار،
نانگ کي، خرزين مان ٻاهر ڪڍي، چيو ته، ”جيڏانهن جو
آهين، تيڏانهن هليو وڃ“. نانگ هڪل ڪري چيس ته،
”گهر ڪنهن جا پڇين؟ توکي ۽ تنهنجي گهوڙي کي، اجهو
ٿو پورو ڪريان! توکي خبر ناهي ته مان، انسان جو
دشمن آهيان ۽ تو وري دشمن سان ڀلائي ڪئي آهي!“
گهوڙي سوار چيس ته ”جيڪڏهن اهو ثابت ڪري
ڏيکاريندين ته نيڪيءَ جو بدلو، برائيءَ ۾ آهي ته
پوءِ توکي سڀ ڪجهه مباح آهي“. اڃا انهيءَ رَدَ
ڪَدَ ۾ هئا ته اتان مينهن لانگهائو ٿي، جنهن کان
نانگ پڇيو ته، ”چڱائيءَ جو بدلو ڇا آهي؟“ مينهن
وراڻيو ته، ”برائي، مان جڏهن ڦر ۽ کير ڏيندي هيس،
تڏهن مالڪ خوش هو، پر جڏهن پوڙهي ٿيس، تڏهن مون
واري نيڪي، کانئس وسري ويئي ۽ هينئر ڪاسائيءَ جي
حوالي ڪيو اٿس. ڇا، اهو نيڪيءَ جو بدلو، بُرائيءَ
۾ نه آهي؟“ نانگ ڪَرَ کڻي، خوشيءَ وچان، سوار کي
چيو ته، ”ٻڌاءِ!“ سوار چيس ته، ”ڪا ٻي ثابتي به
ڏي“. پوءِ نانگ، ڀرسان بيٺل وڻ کان پڇيو ته،
”نيڪيءَ جو بدلو ڇا ۾ آهي؟“ وڻ وراڻيو ته،
”برائيءَ ۾. جڏهن قافلن وارا اچن، تڏهن منهنجي
ڇانوَ ۾ آسائش ڪن ۽ جڏهن وڃن، تڏهن منهنجون ٽاريون
ڪپي، اُٺن کي به کارائين ۽ ٿُلهين ٽارين مان،
لَٺيون ۽ داسا ٺاهين. ڇا، اهو نيڪيءَ جو بدلو،
برائيءَ ۾ نه آهي؟“ نانگ سوار کي دَڙٻاٽي چيو ته،
”هينئر سر تان اَهو کڻين ٿو يا ٻي ڪا ثابتي
گهرجيئي؟“ سوار چيو ته، ”مذهبي قانون مطابق ٻن جي
شاهدي جائز نه آهي، بلڪ ٽيون شاهد لازمي آهي“.
پوءِ نانگ، لومڙ کان پڇيو، جنهن سمورو لقاءُ، بيٺي
ڏٺو. لومڙ چيس ته، ”ائين برابر آهي ته نيڪيءَ جو
بدلو بُرائيءَ ۾ آهي، پر ڪم از ڪم، مون کي حقيقت
کان، آگاهه ته ڪريون“ سوار، سارو قصو ڪري ٻڌايس.
لومڙ، نانگ کان پڇيو ته، ”سوار، جو ڪجهه چيو، سو
ٺيڪ آهي؟“ نانگ چيو ته، ”ها ها، سورنهن آنا سچ
آهي، هيءَ اها خرزين آهي، جنهن مان مون کي ٻاهر
ڪڍيو هئائين.“ لومڙ چيو ته، ”اها ڳالهه، مون کي ته
وِسهَڻَ ۾ ئي نٿي اچي، ته تو جهڙو، هيڏو سارو،
پربت جيڏو، ههڙيءَ ننڍڙيءَ خرزين ۾، ماپي ويندو!“
نانگ چيو ته، ”جيڪڏهن ماپي وڃان ته پوءِ؟“ لومڙ
چيو ته، ”پوءِ فيصلو تنهنجي حق ۾.“ نانگ چيو ته،
”ڏسجو“. ائين چئي ويڙهجي سيڙهجي، خرزين ۾ گهڙي
ويو. لومڙ رڙ ڪري، سوار کي چيو ته، ”وارو ڪر،
خرزين جو منهن بند ڪر، جڏهن به دشمن وَڪڙَ ۾ اچي،
تڏهن وجهه نه وڃائجي“ سوار، ڳالهه جو سُرُ سَهِي
ڪري ويو ۽ هڪدم خرزين جو مُنهن بند ڪري، مٿي کڻي،
زور سان زمين تي سٽيائينس. اهڙيءَ طرح، ٻه _ چار
دفعا هنيائينس ته نانگ مري ويو.
مطلب: دشمن کان هميشه ڪَو ڪجي، ڇاڪاڻ ته بڇڙي مان
ڀلائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. جيڪڏهن دشمن وجهه
۾ اچي ته وارو نه وڃائجي.
__________
( و )
118_ واتُ ته مُئي، نه ته پـُئي:
ڪن عورتن، پاڻ ۾ ويٺي، سينگار جو ذڪر ڪيو. ڪنهن
چيو ته، ”وارَ ته ڦَڻِي، نه ته ڪُوڙاءِ کڻي“. ڪنهن
چيو ته، ”اَک ته ڪَجَل، نه ته خِجل“. ڪنهن چيو ته،
”عورت ته چوٽو، نه ته مٿو ڄڻ لوٽو“. هڪڙيءَ ٻڍڙيءَ
چيو ته، ”وات ته مُئي، (ڏندڻ) نه ته آهي پُئِي“.
مطلب: جهڙي نموني، ٿانوَن کي مَلِڻ لاءِ، مُئِي
هڻبي آهي، اهڙي نموني وات کي صفا رکڻ لاءِ به
مُئِي (مُساڳ، ڏندڻ وغيره) ضروري آهي. جيڪڏهن وات
جي صفائي نه ڪبي ته پُئِي (پائخانه) جهڙي ڌَپ پيئي
ايندي.
119_ واڙيءَ ٻارنهن، هَٽَ اٺارنهن، گهر
ويٺي ويهه:
هڪڙو شخص، واڙيءَ تان واڱڻ وٺڻ ويو ته اتي کيس
پئسي ۾ ٻارهن واڱڻ مليا. پوءِ جڏهن هُو بازار کان
لنگهيو، تڏهن معلوم ٿيس ته هٽ وارا پئسي ۾
(اٺارنهن) ارڙهن ڏين ٿا. مگر جڏهن گهر موٽيو، تڏهن
گهورڙِيي، هڪ پئسي ۾ ويهه ڏيڻا ڪيا.
مطلب: جيڪڏهن ڪا شيءِ وٺڻ وڃجي ته مهانگي ملندي،
پر جيڪڏهن ڪو، اها شيءِ وڪڻڻ ايندو ته سستي ڏيندو.
120_ وَهڻ مُند ئي ناهي، دَلو پڇي نار
کي:
سنڌ ۾ دلوراءُ، هڪ بداخلاق ۽ ذليل ذهنيت وارو حاڪم
ٿي گذريو آهي. سو ايڇ. ايم. ايلئٽ، تاريخ ”طاهري“
جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:
”الور ۽ محمد طور ڳوٺن جي درميان جيڪو به ملڪ
هوندو هو، تنهن تي راجا دلوراءَ راڄ ڪندو هو. هو
وڏو ظالم۽ زاني هو ۽ سڀ ڪنهن رات، دوشيزه سان
همبستر ٿيندو هو. جيڪي به سوداگر، هندستان کان،
سامان جا ٻيڙا ڀرائي، ديبل بندر ڏانهن ويندا هئا،
تن کي لازمي طور الور کان لنگهڻو پوندو هو.
دلوراءَ، کانئن، مال جي اڌ جيترو محصول وٺندو هو،
جنهنڪري سوداگرن جنسي ويل هوندو هو. آخرڪار اُتان
هڪڙو وڏو سوداگر اچي لنگهيو، جو محصول جي ڳاٽي ڀڳي
خرچ جو ٻڏي، تپرس ۾ پئجي ويو.
اهو سوداگر ڪير هو ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، تنهن
لاءِ ”تحفة الڪرام“ وارو لکي ٿو:
هڪڙو عزت وارو ۽ ناليرو سوداگر، جو سيف الملوڪ جي
نالي سان مشهور هو ۽ ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هو
اصل ۾ شهزادو هو، جو سوداگرن جي لباس ۾ بيت الله
ڏانهن وڃي رهيو هو. هو هِن جي نالائق ڪارنامن کان
بي خبر هو، سو اچي سندس ملڪ مان لنگهيو. ساڻس گڏ
”بديع الجمال“ نالي هڪ سهڻي زال به هئي“.
محصول جي عملدارن، سيف الملوڪ جي مالڪ کي نهايت
قيمتي ۽ بيش بها سمجهي، ڳرو سُڱ هڪ طرف رکيو ۽ ٻئي
طرف وري سندس زال کي راجا جي محلات ۾ پهچائڻ جو
ارادو رکيو. جڏهن راجا ٻڌو ته سوداگر سان گڏ، سندس
زال، پري جمال، حسن ۾ بي مثال ۽ باڪمال به آهي،
تڏهن ڇِتو ٿي پيو. هوَسَ جو ڀوت، سندس گردن تي
ايتريقدر ته سوار ٿيو، جو ويچاري سوداگر کي سندس
ماڻهو خوامخواه به تنگ ڪرڻ لڳا. آخر سوداگر، عرض
ڪيو ته، ”ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيوم، تنهن بعد محصول ۽
بديع الجمال پيش ڪندس“.
”سيف الملوڪ، انهن ڏينهن ۾، هڪ پاسي خالق اڪبر کي
ستائڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي پاسي وڏا وڏا ڪاريگر، جي
سرنگهه هڻڻ ۽ جبل ٽاڪڻ ۾، فرهاد جا استاد ۽ سد
سڪندريءَ جهڙي ٻَنڌ ٻڌڻ ۾ اڻ گس هئا، تن کي
ڪوٺائي، دل گهريا انعام اڪرام ڏنائين. سوداگر جو
مطلب هو ته الور کان هڪڙو مضبوط بن ٻڌن، جنهنڪري
درياهه پنهنجو رُخُ ڦيرائي، بکر ڏانهن وهڪرو ڪري.
اهي ڪمي ۽ ڪاريگر، راتين جون راتيون جاڳي، جديءَ
جي پيٽ ۾ بند ٻڌي چڪا. هڪ رات ۾ درياهه پنهنجو
اڳوڻو وهڪرو ڦيرائي، سيوهڻ ۽ لڪيءَ ڏانهن اهڙي زور
شور سان وهڻ لڳو، جو خدا جي قدرت سان سوداگر سيف
الملوڪ جا غوراب، ظالم دلوراءَ جي پرڳڻي کان نڪري
ويا. صبح جو ظالم راجا ۽ سندس رعيت ننڊ مان اٿي
ڏسن ته مار! جتي پاڻي پئي وهو، اتي رڳي گپ لڳي
پيئي آهي. رعيت ۽ راجا حيران ٿي ويا.
”تحفته الڪرام“ وارو لکي ٿو ته، ”هي سارو ڪم هڪ
رام ۾ ٿيو.
”اگرچ هي ٻئي ڪم، انساني طاقت کان ٻاهر هئا، ليڪن
خدائي مدد سان، عبرت طور يادگار رهڻ لاءِ، هيءُ
سڄو منصوبو هڪ رات ۾ عمل ۾ اچي ويو. ائين به ٿي
سگهي ٿو ته تقدير جا ڪار پرداز هن سڄي ڪم جا باني
ٿيا هجن“.
شري دوارڪا پرساد شرما لکي ٿو:
”ڪن جو چوڻ آهي ته 1922ع ۾، هڪ زاهد مسلمان مڪي
ڏانهن ويندي، پنهنجي ڌيءُ
سان اچي، اروڙ کان نڪتو راج دلو راءَ، جو ان وقت
اتي جو حاڪم هو، تنهن جي انهيءَ سهڻي مسلمان
ڇوڪريءَ تي نظر پيئي. انهيءَ مسلمان کان، سندس
ڌيءَ جو سڱ گهريو. مسلمان اٺن ڏينهن جي مهلت گهري.
انهيءَ وچ ۾ اهو مسلمان، خدا کي ياد ڪرڻ لڳو ته،
”يا خدا، مون کي هن آفت کان بچاءِ!“ انهيءَ ڪري هڪ
ئي ڏينهن ۾ درياهه اوچتو ئي اوچتو اتان غائب ٿي
ويو“.
محمد صديق پيرزاده جي، سنڌي قلمي
نسطي ”تاريخ سنڌ“ ۾، مٿين روايت جي علاوه، ٻي
روايت به ڏنل آهي، جا سندس عبارت ۾ ڏجي ٿي.
”هن بادشاهه (دلوراءُ) جي زال، تمام حُسن واري
هئي، جنهن جي حُسن جي هاڪ ملڪن ۾ مشهور ٿي ويئي.
هڪ هندو بادشاهه قنڌار جو، ٻُڌيءَ ڳالهه تي، پَر
پٺ عاشق ٿيو. سو، سامان سوداگريءَ جو کڻي، ٻيڙا
ڀرائي، روانو ٿيو، جو اچي سنڌ ۾ پهتو. بادشاهه
دلوراءُ جي شهر ۾ اچي بندر ڪيائين. بادشاهه جي
سلام تي آيو. سَنڱ ڏنائين ۽ ٻيا تحفا تحائف عجيب
غريب راجا وٽ آندائين. بادشاهه وٽ گهڻو ايندو
ويندو هو. پاڻ ۾ دوستي ٿي وين، پر مخفي طرح مـطلب
جي ڳولا پئي ڪيائين. ڳجها وڪيل ۽ ڌُوتيون پئي
موڪليائين. آخرڪار راڻيءَ جواب ڏنس ته، ”مون تي
تمام بندش پيل آهي، تو سان ملڻ نه ٿيندو، مگر ڪا
زمين هيٺان، ڳجهي سرنگهه کڻائي، انهيءَ مان ملجي،
باقي انهيءَ کان سواءِ اچڻ جو ڪو چارو ڪو نه آهي“.
پوءِ انهيءَ سوداگر ڪوشش ورتي. انهيءَ بندرگاهه
کان ڳجهي سرنگهه، زمين مان اندران کوٽائي، پڪين
سرن سان وَنگَ ٻَڌائي، پختي ڪري گَچ هڻائي، تيار
ڪرايائين، جا راڻيءَ جي ماڙيءَ ۾ اچي ٿي داخل ٿي.
اتان مخفي دري ٺهرائي ڇڏيائين. هڪ ڏينهن راڻي،
انهيءَ دريءَ مان لنگهي، جهاز تي آئي. سوداگر،
بادشاهه جي دعوت ڪئي هئي، سو بادشاهه به اتي آيو.
راڻيءَ، بادشاهه جي ماني تيار ڪئي. جڏهن بادشاهه
سوداگر گڏجي، ماني کائڻ ويٺا، ته بادشاهه کي شڪ
پيو ته ماني گهَرَ جي مانيءَ جهڙي آهي. وري اڃا
دريءَ تي نظر ڪيائين ته ڪائي جي دري آهي، تنهن مان
اوچتو راڻيءَ تي نظر پيس. خيال ڪيائين ته: هيءَ هت
ڪيئن آئي؟ شايد ماڻهو، ماڻهن جهڙا آهن. پوءِ
سوداگر کان پڇيائين ته، ”هيءَ عورت ڪير آهي؟“
سوداگر چيو ته، ”هن سوداگر جي (منهنجي) زال آهي“.
بادشاهه چيس ته، ”سڏ ڪرينس ته اسان سان اچي ماني
کائي. تنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾، ڪو ويڇو نه آهي“.
پوءِ لاچار سڏيائينس. راڻي اچي ويٺي، پر بادشاهه
فڪر ۾ پئجي ويو ته: هتي راڻي ڪيئن آئي؟ ۽ اسان سان
گڏ اچي ويٺي آهي! جيڪس ته هن (سوداگر) جي زال آهي،
شڪل به هڪ جهڙي اٿن. پوءِ پنج ئي آڱريون ٻوڙ مان
ٻوڙي، ساڙهيءَ تي نشان ڪري ڇڏيائينس. جيئن ان
(راڻي) کي خبر نه پوي. پوءِ جلد بادشاهه، ماني
کائي روانو ٿيو ۽ راڻي به سرنگهه جي رستي مان تکي
وڃي. ماڻيءَ ۾ رئو مٿي پيرن ۾ پائي، سمهي پيئي.
بادشاهه، گهوڙي تان لهي تکو ماڙيءَ تي چڙهي آيو.
در کولي ڏسي ته راڻي سمهي پيئي آهي. هي پوئتي ٿي
موٽيو، پر وري ياد آيس ته رَئي جو نشان ته ڏسان.
جان درکولي ڏسي ته نشان رئي ته چِٽو بيٺو آهي.
بادشاهه موٽي شاهي دربار ۾ آيو، اميرن وزيرن کي
گهرائي، احوال ڪيائين. سڀني صلاح ڏني ته، ”في
الحال درياهه جي اولهه ۽ اوڀر ۾ چونڪي بيهاري
وڃي،پوءِ هن سوداگر کي نوڪرن سميت مارائي ڇڏجي.“
”هوڏانهن راڻي اُٿي، رئو سنڀالي ڏسي، ته ٻوڙ جا
نشان بيٺا آهن. يڪدم اُٿي، خوف کان لاچار ٿي،
سُرنگهه رستي، تڪڙي بندر تي آئي. اچي سوداگر کي
چيائين ته، ”اڄ، اسان جي حياتي پوري ٿي ويندي، جو
بادشاهه کي سخت حقيقت معلوم ٿي ويئي آهي، جيڪو
رستو ڀڄڻ جو اٿئي ته وَسُ ڪر، نه ته فجر سان سڀني
کي ماري گهات ڪندا“. پوءِ راڻيءَ، سوداگر ۽ سڀني
نوڪرن، ساري رات ڌڻيءَ جي دربار ۾ وينتيون ڪيون ۽
ٻاڏايو. ڌڻي، رحيم ڪريم آهي، جو ٻانهو، سندس در تي
دل سان زاري ڪري ٿو، تنهن جي دعا قبول ڪري ٿو.
حڪمت مالڪ جي سان، اَتاهون پرينءَ ڀر، هڪ واهُڙ
پراڻو هو، تنهن ۾ درياهه وهي وڃي پيو! سوداگر جهاز
کڻي ڇوڙي ڇڏيا، جي ديبل بندر کان وڃي، سمنڊ جو
رستو وٺي ايران ڏي هليا ويا. فجر جو ماڻهو بندر تي
ويا. جان ڏسن ته پڌر لڳو پيو آهي! جيئن ڪنهن چيو
ته:
وَهڻ مُند ئي ناهي، دَلوُ پڇي نار ٿو!“
وري جو اچي بندر کان ڏسن ته سرنگهه لڳي پيئي آهي.
سرنگهه جو رستو وٺي، اچي ماڙيءَ ۾ نڪتا.
جڏهن موٽي آيا، تڏهن بادشاهه، شاهي دربار ۾ اچي،
اميرن وزيرن کي گڏ ڪري چيو ته، ”سوداگر پرديسي هو،
پر رعيت سان جي هُن سان شامل ٿي، اهو ڪم ڪيو، ڇو
ته انهن مان ڪو نمڪ حلال نه ٿيو، جو اسان کي هيءَ
خبر کڻي ڏئي ها. هاڻي انهن لاءِ ڪهڙي سزا مقرر
ڪجي؟“ سڀني صبر ڪيو.
بادشاهه چيو ته، ”انهن لاءِ، هيءَ سزا آهي، جو
جيڪو به، اعليٰ يا ادنيٰ، شادي ڪندو، ته پهرينءَ
رات، ڪنوار سان بادشاهه همبستر ٿيندو“. اميرن
امرائن، گهڻيون ئي منٿون آزيون ڪيون، پر راجا قبول
نه ڪيو، آخر اهو ڪم هلندو آيو.
__________
( هه )
121_ هـُجئي ناڻو، ته گـهـُم لاڙڪاڻو:
هيءُ پهاڪو ڪلهوڙن جي دور جي پيدائش آهي. جڏهن
ميان شاهل
محمد
ڪلهوڙي،
1025هه مطابق 1675ع ۾ گهاڙ واهه کڻايو هو،
تڏهن درياهه کان ويندي، گهاڙ واهه جي ڇوڙ تائين،
لاڙڪاڻو هڪڙو ئي مشهور شهر ۽ بندر هو. واپاري،
ايران ۽ ڪوهستان کان ڪَهي، هت اچي، واپار ڪندا هئا
۽ لاڙڪاڻي کي ٻيڙين جي رستي، ٻين شهرن سان ملائي،
گويا مرڪزي حيثيت ڏني ويئي هئي، جتي اناج ۽ ٻين
شين جا قافلا اچي، منزل انداز ٿيندا هئا. انهيءَ
هنڌ کي ”قافلا سراءِ“ سڏيندا هئا، گهاڙ واهه جي
ڏائي ڪپ تي، اڄ به ”قافلا سراءِ“ نالي سان مشهور
محلو آهي، جو انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي.
”سچ پچ ته سنڌ ۾
ڪلهوڙن،
رستن ۽ واهن ٺهرائڻ جي وڏي خدمت ڪئي. قريباَ َ
پنجاهه هزار ميل رستا ۽ پنجويهه هزار ميل واهه
جاري ڪيائون“. (نگيران سنڌ). انهيءَ ڪري لاڙڪاڻو
سبزي ۽ ساوڪ ۾ ايترو ته وڌي ويو، جو ڪيترا سياح ان
کي ”سنڌ جو عدن“ سڏڻ لڳا.
جنهن جاءِ تي ٻيڙيون، مختلف طرفن کان اچي لَنگَرُ
هڻنديون هيون، اُتي رات ڏينهن ماڻهن جي گپاگيهه
لڳي پيئي هوندي هئي. خشڪيءَ جي رستي، ڪيترائي
قافلا ۽ گهاڙ واهه جي رستي، سنڌو درياهه کان، مال
سان ڀريل ٻيڙا ايندا ۽ ويندا هئا. واپار سبب، ڏيهي
خواهه پرڏيهي واپارين کي جهجهو فائدو ٿيو ٿئي،
جنهنڪري کين، پئسن سان راند ڪرڻ سولي ٿي پيئي.
لنگر گاهه جي ڀرسان، هڪڙو ”چَڪُلو“ پيو، جتي حسن
جي بازار گرم لڳي ويئي. منجهس طعام، قيام، ۽ جام
جو ٺاهوڪو بندوبست هو، جنهنڪري پري پري کان شوقين
۽ عاشق مزاج انسان، پکين جيان پرواز ڪري، انساني
حُسن تي اچي پرگهٽ ٿيندا هئا ۽ کَنڀ کُهائي، کيسا
خالي ڪرائي، ٽَرڙ ٿي، موٽندا هئا. مسٽر برٽن لکي
ٿو ته؛
”مسٽر پُل ۽ هرچند، مشهور ناچڻيءَ کي هٿ ڪيو آهي،
جنهن خوبصورت جو نالو ”مهتاب“ يعني چنڊ جو ڪِرڻو
آهي. هتي، هوءَ پنهنجي ڀيڻ سان ايندي آهي. ٻَئِي
ڀينرون، پنهنجي ڪجاوي ۾ اينديون آهن ۽ سندن قافلو
9 ميل ڊگهو هوندو آهي“.
”مهتاب، لاڙڪاڻي جي رنڊي، پنهنجي نالي جهڙي
خوبصورت آهي. سندس انگ انگ مڪمل آهي ۽ جنهن به طرف
ڏسجيس ته خوبصورت نظر ايندي. هن جي وارن ۾ جوانيءَ
واري چمڪ آهي ۽ سندس سنگ مرمر جهڙي سفيد
۽ لسِي چمڙي، وات، ڀرون، اکين جا ڇَپَر ۽ خواه
پنبڻيون، سڀ نوان، اڻ استعمال ٿيل ۽ اهڙا ته تازا
آهن، جهڙا قدرت جي هٿ سان، تيار ٿيڻ وقت هئا!
اوهين انهيءَ خواهش کي روڪي نه سگهندا، ته مُرڪ يا
ڪاوڙ خواه غصو، سندس لبن کي جُنبش ۾ وجهي ۽ ڊگها ۽
جاڙا غير متحرڪ ڀرون، لرزش ۾ اچن ۽ اهو ته هوءَ،
انسان وانگر نظر اچي ۽ ائين نه لڳي، جو ڄڻ
چانڊوڪيءَ ۾ ڪو مجسمو بيٺو آهي“. هڪ قديم ڪارواني
سردار، جو ايران کان غاليچا کڻي آيو هو، تنهن جو
رايو آهي ته:
”لاڙڪاڻي جي تهذيب، ايتري اُتم آهي، جو بهترين
غاليچا به، اُنهن جي اڳيان اِرزان ٿا لڳن. حالانڪ
اُهي غاليچا، ايران ۾ گران ٿا لڳن. هڪ رقاصه، هزار
رپئي وارو غاليچو خريد ڪري، چيو ته، ”هيءَ قيمت،
سندس هڪ رات جي رقص بازيءَ جي پيدائش آهي!“ پارسي
مطرب، اهڙو غاليچو خريد ڪري نٿو سگهي.“ (ماخذ از
ڪاروان زاهدان)
لاڙڪاڻي جي اهڙي ڪمال سبب، ڪيترن شاعرن پنهنجا
جذبا پڻ ظاهر ڪيا آهن، جيئن حاجي خانڻ چنجڻي هڪ
ڪافي جو ٿلهه ٻَڌو آهي:
”هُجئي ناڻو ته گهُم لاڙڪاڻو، نه ته وَتُ ويڳاڻو“
122_ هيڪلي جو واهي الله:
اڪيلن جو مددگار الله ئي آهي، يعني هڪڙي ٻه
ماڻهوءَ جو سفر تي وڃڻ خطري کان خالي نه آهي.
ڳالهه ڪندا آهن ته، دهليءَ کان ڏهه ميل پري پنڌ
تي، فريد آباد جي نزديڪ، هڪڙو واهه آهي، جنهن جي
ڪنارن تي ۽ آس پاس، جنهن وقت گهاٽو جهنگ هو. هڪڙي
پوڙهي عورت فريدڻ نالي، پِنڻ جي بهاني سان، اتي
ويٺل هوندي هئي ۽ سندس پُٽ، پوٽا ۽ ڏوهٽا به
انهيءَ جهنگ ۾ لڪل رهندا هئا. اها پوڙهي، جڏهن هڪ
ٻِن مسافرن کي ڏسندي هئي، تڏهن سَين هڻي چوندي هئي
ته، ”هيڪلي جو واهي الله“، ته اُهي لڪل ماڻهو،
هڪدم نڪري، مسافرن کي لُٽي، ماري ڇڏيندا هئا، پر
جڏهن اها پوڙهي، گهڻن ماڻهن کي، ايندو ڏسندي هئي،
تڏهن چوندي هئي ته، ”جماعت ۾ ڪرامت“ اهو آواز
ٻـُڌي، اهي رهزن ٻاهر ئي نه نڪرندا هئا. اها
ڦـُرلـُٽ ۽ مارا ماري، مـُدت تائين جاري رهي. آخر
هڪ ڏينهن، سڀ رهزن پڪڙيا ويا، جنهنڪري پوڙهيءَ
ڏاڍو پڇتايو ۽ کيس پنهنجي انهيءَ اهڙيءَ ٻهروپي ۽
دو رنگي هلت کان نفرت اچي ويئي. پوڙهيءَ وٽ جيڪي
پئسا هئا، تن مان واهه تي پـُل ٻڌايائين، جا سندس
نالي پويان اڄ به قائم آهي.
( ي )
123_ يـَڪ نه شـُد، دو شـُد:
هڪڙيءَ عجيب ڳالهه کان پوءِ، ٻِيءَ جي پيدا ٿي پوڻ
جي موقعي تي اِهو مثال ڏبو آهي.
هڪڙيءَ پوڙهي جادوگرياڻيءَ جي عادت هوندي هئي ته
قبرستان ۾ وڃي، مانهِه جي ٽِنِ داڻن تي ڪجهه پڙهي،
جنهن به قبر تي اُڇليندي هئي ته اُن ۾ پوريل لاش،
ڪفن سوڌو اچي وٽس حاضر ٿيندو هو. پوڙهي اُن جو ڪفن
لاهي، وري مانهِه جي ٽِنِ داڻن تي ڪجهه پڙهي، اُن
لاش تي اُڇليندي هئي ته، اُهو لاش وريوڃي قبر داخل
ٿيندو. جادوگرياڻي، اهو ڪفن بازار ۾ وڪڻي، ان جي
قيمت تي، پنهنجو خوش وقت پيئي گذاريندي هئي. اها
هئي ان پوڙهيءَ جي روزاني عادت!
هڪڙي ماڻهوءَ کي اچي سکڻ جي طمع ٿي، جنهن ڪري
پوڙهيءَ جي خوب خوشامد شروع ڪيائين. ويچاري گهڻي
جـُتي گسائِي، پر هڙ حاصل ڪانه ٿيس. گهڻي مٿا ڪـُٽ
بعد، ان پوڙهيءَ، مرڻ وقت، آخر اهو منڊُ سيکاريس.
هڪڙي ڏينهن، ان ماڻهوءَ ڇا ڪيو، جو قبرستان ۾ وڃي،
آزمائش طور، هڪڙيءَ قبر تي، اهو منڊُ پڙهيائين ته
هڪدم مـُردي کي، ڪفن سوڌو ٻاهر آيل ڏٺائين. ان جو
ڪفن ته لاٿائين، مگر ان کي قبر ۾ موٽائي موڪلڻ
وارو منڊُ سِکيو ئي ڪونه هو، تنهنڪري جيڏانهن
هيءُ، تيڏانهن سندس پٺيان مـُردو! اهو حال ڏسي،
اهو ماڻهو ڏاڍو پريشان ٿيو. دل ۾ سوچيندي، آخر
خيال آيس ته، ”جي وري به ڪم ٿيندو ته اُن پوڙهيءَ
هٿان“. تنهنڪري ان جي قبر تي وڃي، اهو منڊُ
پڙهيائين ته اها به ڪفن سوڌي ٻاهر نڪتي! ان جو به
ڪفن لاٿائين. تنهن کان پوءِ پوڙهيءَ سان، گهڻو مٿو
ماريائين، ته منَ ڪجهه ٻـُڌائي، مگر ”ڇالِي ڇالِي
ڇـَپ!“ جڏهن نااُميد ٿي هلڻ لڳو، تڏهن پهرئين
مـُردي سان گڏ، پوڙهيءَ وارو لاش به پويان اچڻ
لڳس! اهو حال ڏسي، پريشانيءَ وچان چيائين ته،
”يـَڪ نه شـُد، دو شـُد“.
|