سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو سينگار

 باب:

صفحو :9

ڪند. ف. مُڏو؛ بي سمجهه، موڳو، بيو قوف.

ڪلال. ڪوڙو. ٺَڳُ، بي ايمان.

سفلو. ع. سفلھ. ڪمينو، نيچ.

سمير . (سن. سُميرُ). جبل جو نالو. هندن جي عقيدي موجب منجهس هِيرن ۽ سونَ جون کاڻيون آهن.

سفلو سخت سمير کان. سمير  (ميرُو پربت) کان به، ڪميڻو، وڌيڪ سخت آهي. يعني: هٺ  کان  هيٺ  نه  لهندڙ  آهي.

ڪرچين ڪند ڪلال الخ. ڪم عقل کي ڪيترو به تلوار وار (اخلاقي ڇينڀ) ڪبو، ته به (هو سنگ دل) پنهنجي  هَٺَ  کان  هيٺ نه لهندو.

تڪبر. ع. هٺ. وڏائي، غرور، مغروري.

توشو. ف. توشه. موڙي، سامان، کاڌو.

مگ. مڳ، مڳي، وڏائي، هٺ.

مايا. (سن. مايا)، ڌن، دولت.

تڪبر توشو تنهن جو الخ. انهيءَ نادان  جو  توشو ، صرف آهي  وڏائي ڪرڻ ۽ مال  ملڪيت  جو حرص  ڪرڻ.

تند. ف. گرم، تڪڙو، جوشيلو.

تند طبيعت . تند  مزاج.

خارج. ع. نيڪال  ٿيل، رد ڪيل، ردي.

خصال. خصائل. ع. واحد. خصلت، عادت، سڀاءُ، وصف.

خارج خصال. خارج  از  خصال. خصلتن کان  خارج.

بد خصال. بد  عادت ، بد سڀاءُ ، خراب  عادتن  وارو.

تند طبيعت تڪڙو الخ. اهو  نادا ن، طبيعت  جو کَهرو  ۽ عادتن  جو  ڪريل آهي.

اڪابر. ع. واحد. اڪبر. گهڻو وڏو، سياڻو.

ورد. ع. هر روز  جو  مقرر  ٿيل ڪم.

وصال . ع. گڏجڻ، ملاقات  ڪرڻ، اچڻ،  پهچڻ.

اچي ڪنهن اڪابر جو ٿيو هو الخ. ڪنهن اڪابر جو انهيءَ نادان وٽ (کيس سمجهائڻ  جي خيال  کان)  اچڻ  ٿيو  هو.

حقيقت هن ريت آهي: ڪنهن نادان کي، سندس سيه ڪارين کان باز آڻڻ لاءِ، ڪنهن  سياڻي جو وٽس وڃڻ ٿيو. سياڻي جي گفتگو، هن تي ڪو به اثر نه ڪيو. نادان پنهنجن  ئي خيالن  ۾ غلطان  رهيو.

                هن جو سخت سچو الخ. هُن (سياڻي) جو سخن  نهايت سبق آموز هو، ليڪن نادان  کي  زخم  جيان  ٿِي لڳو.

 

{15}

ڳوڙهو. (سن. گُوڍَ = لِڪَلُ)، ڳجهو يا (مزي بيت. هندي  ۾ ’ڳوڙها‘ گهڻا آهن. سنڌي  جهونن  شاعرن  به  ساڳي  گت  ورتي  آهي.

پهه. ماڪ،  ماٽ،  ٽيڙ،  شبنم .

رپ. (سن. رِپُ) دشمن ، ويري.

پهه رپ. پهه جو رپ = ماڪ جو دشمن، سو ٿيو ”سج“ سج  نڪرندو  ته ماڪ گم ٿي  ويندي . تنهنڪري  ”سج“  گويا  ”ماڪ“  جو  دشمن  (رپ)  چئبو.

پاڄي. ف. پاجي. (سن. پاييَه)، نوڪر، نيچ، ڪميڻو.

پهه رپ پاڄي پر جو. سج (پهه رپ)، محبوب  جو  نوڪر آهي. يعني: محبوب جو  حسن،  شمسي  حسن  کان  وڌيڪ  آهي.

نس. (سن. نِشا)، رات.

نس رپ.  رات  جو  دشمن ، سو  ٿيو ”چنڊ“ چنڊ  ا ڀرندو  ته  ڪاري  رات  گم ٿي  ويندي.

راس . ف. راست. ٺيڪ، برابر، جوڙ.

روءِ. ف. منهن؛ آب تاب، روشني.

نس رپ راس نه روءِ. چنڊ (نس رپ) کي روشني (محبوب برابر) نه ٿي. چنڊ، محبوب  جي  مُنهن  برابر  نه  ٿيو.

پهه رپ پاڄي پر جو الخ. سج ته پرين جي دَرَ  جو نوڪر آهي. پر چنڊ به محبوب  جي  حسن  برابر  نه  آهي .

ڦن. (سن. ڦَڻنِ) ڦڻدار  نانگ، نانگ.

ڦن رپ. نانگ جو دشمن، سو ٿيو ”مورُ“ پکي. مور، نانگ کي کائيندو آهي، جنهنڪري  مور  جي  آواز  تي  هڪدم  ڇپي  ويندو  آهي.

ڦور. شور ، شوخي ، تيزي ؛ ناز .

ان. (سن. اَورڻَ )، اُنَ .

ان رپ. اَنَ  جو  رپ،  سو ٿيو ”باهه“. باهه ، اَنَ  کي ساڙي  ڇڏي  ٿي . جنهنڪري  گويا  رپ  ٿي .

ابَ. ف. پاڻي؛ عزت، مانُ ؛ چمڪو، تجلو.

اوءِ. (سن. سَهه)، هو، اهو.

اَب نه اوءِ. اهو  (ساڳيو) آب  و تاب  نه  اٿس.

ان رپ اَب نه اوءِ. باهه (اُنَ رپ)، هن  جي  تجلي  برابر  نه  ٿي.

ڦن رپ ڦور ڦٽي الخ. محبوب  جي  حسن کي ڏسي، مور  به  پنهنجي ناز  ادائي ڇڏي ڏني  ۽  باهه  جو  به  ساڳيو آب  وتاب  نه  رهيو.

ال. ڀونر.

ال. رپ. ڀونر، جو رپ، سو ٿيو ”گل“. ڀونر، گل تي عاشق آهي. خصوصاً ”ڪنول گل“ تي. واس وٺڻ  لاءِ منجهس پيهي ويندو آهي ۽ گل (شام وقت) ٻوُٽجي ويندو آهي. وري صبح  جو  ٽِڙڻ   ( کلڻ ) تي، اُڏامي، نڪرندو آهي. تنهنڪري ”گل“ ٿيو ۽ ”ڀونر جو  رپ.

اڀا.     اُڀڻ. (سن. آد ڀَوَنَ. اَد = مئي + ڀَوُنَ = جاءِ) = بيهڻ.

ال رپ ادب ۾ اڀا. گل (ال رپ) به محبوب  جي ادب لاءِ  اُڀا بيٺا. محبوب اهڙو سهڻو آهي، جو گل  به  ادب  وچان  نيازي  ڪن  ٿا.

ست. (سن. سُت)، پُٽ. اشارو: سمنڊ  جي موتين  ڏانهن  دڌست. (ڏسو ص 10)

ست رپ . موتي جو رپ ، سو ٿيو ”هنج“ يا ”هنس“ پکي.

هنج  جو  اصل کاڌو آهي  موتي . هو سمنڊ  جي ڪنارن  تي رهن  ٿا ۽  ويرن  چڙهڻ تي ڪناري تان موتي چونڊي، کائين ٿا. جي وڌيڪ بکايل آهي ته ٽُٻي هڻي موتِيءَ، جون سپون يا ننڍا  موتي کائي ٿو. اڳي ماڻهو هنج (هنجهه) ڌار يندا  هئا، جي وِٺِيُنِ ۾ (موتي) هاريندا  هئا . هنج  جو  هلڻ  سهڻو آهي، جنهنڪري  هت  ڪم آندل آهي .

مصرع:

دَڌُسُت  رِپ  ڪِي  چال  هي،

آنــــبـــا   رِپ   ڪا     وَيــــنَ.

(هندي ڳُوڙهو)

دڌست. موتي.

دڌست رپ. موتي (دڌست) جو دشمن،  سو  ٿيو ”هنج ؛ ڇو  ته  هنج  موتي چڳندو  آهي ،  جنهنڪري  گويا  موتين  جو  رپ  ٿيو .

اَنبا؛ انب . انبا رپ ، انبن  جو  دشمن ،  سو  ٿيو ”ڪوئل“ پکي .

وين. ڳالهائڻ  ٻولڻ.

دڌست رپ ڪي چال هي. هنج (دڌست رپ) جهڙي چال (گت) آهي ۽ ڳالهائڻ (محبوب جو) ڪوئل پکي جهڙو.

سانگ. (سن. سوانگَ)، حيلو، حرفت، ڊول.

سوءِ. ف. طرف، پاسو. اشارو: محبوب  ڏانهن.

ال رپ ادب ۾ اڀا الخ. گل ادب ۾ کڙا ٿيا ۽ هنج  جي لوڏ به بي ڊول ٿي. يعني: هنج  جي  چال ، محبوب  جي  مٽ  پئي  نه  سگهي.

ڪنجل. هاٿي.

ڪارڌو. شينهن.

ڏهس:

سِنگَ، ڪنيرَ، ڪارڌو، ڪَينٽَلَ، لَيثَ، مَزار،
چِٽا، شير، شينهن هي، ڪيَسرَ نام قرار.
 

ڪنجل جو رپ ڪارڌو. هاٿيءَ  جو دشمن شينهن. هت: هاٿيءَ  جو دشمن ”شينهن“ مليل آهي. ”شينهن“ محبوب  جي  پَتِلِي،  هلڪي ۽  چست چيلهه  لاءِ ڪم آندل آهي.

مئندڪ .  (سن . مَئنڊُوڪ) ڏيڏر.              

مئنڊڪ جو رپ. ڏيڏر  جو  دشمن ، سو ٿيو ”نانگ“ نانگ، ڏيڏر لاءِ  پويون  ڏينهن آهي.

موءِ. ف. وار.

مئنڊڪ جو رپ موءِ. نانگ (مئنڊڪ جو رپ) جهڙا  وار.

ڪنجل جو رپ ڪارڌو الخ. شينهن  جهڙي  چابڪ  چيلهه ، نانگ  جهڙا  ڪارا وار.

آگم. (سن. آگَمَ. گَم = هلڻ)، جهُڙُ (ص 65)

آگم رپ.  جهُڙَ جو  دشمن  ساٿي ”انڊلٺ“. انڊلٺ  اڀرڻ  تي جهڙ جا ڪڪر، ٽڙي پکڙي  ويندا  آهن ، جنهن ڪري گويا ”جهڙ“ جو رپ  ٿي.

اگمي.    اگمڻ. (سن. اَد گَمَنَ.  اَد = مٿي + گَمَنَ = وڃڻ ) اڀرڻ، پيدا  ٿيڻ.

گم رپ نه اگمي. انڊلٺ  (آگم رپ ) نه  ٿي  اڀري.

ڪنڪن. (سن. ڪَنڪَن)، سونَ.

ڪوء. ف. گهٽي، ڳلي.

ڪنڪن اچي نه ڪوء. سونُ (شرم کان، محبوب جي گهٽي ۾ به) نٿو اچي. سونَ  کي  مجال  نه آهي، جو  محبوب  جي سامهون  بيهي سگهي .

نه اَگمي الخ. محبوب  جي حسن جي رنگينيءَ کي ڏسي، انڊلٺ (آگم رپ) به  نٿي  اڀري  ۽  سونُ  به (شرم کان) محبوب  جي گَليءَ  ۾ نٿو  اَچي.

جوء. ف. جاءِ، هنڌ، جتي ڪٿي.

هڪ تنهنجو جلوو جوءِ الخ. جلال چوي ٿو ته ”اي محبوب، تنهنجو ئي جلوو  جتي ڪٿي موجود آهي، جنهن  جو  مَٽُ ڪو به  جلو و  نه  آهي.“

{16}

       چيهي. چيهو. پکي.

       چرن. (سن. چَرَڻَ)، پير.

        چيهي چرن سندياس. سندس (محبوب جا) پير، چيهي جهڙا ڳاڙها ۽ نرم آهن.

وهي. (سن. وَيسَ = عمر)، جواني؛ رطوبت.

ورن. (سن. وَرڻَ)، رنگ.

وهيءَ ورن مٽائيا. جوانيءَ  نئون  رنگ  ورتو.

چيهي چرن سندياس الخ. محبوب جا پير، چيهي جي پيرن جهڙا حنائي  ۽  رطوبت  رنگ  ورني  آهي.

ڪينٽل. (سن. ڪَنٺِيروَ)، شِينهن.

ڪينٽ. (سن. ڪَٽِ: ڪَٽِي)، ڪمر، چيلهه.

غمزن هيٺ گڏياس. غمزن (اکين جي اشارن) جي منهن  ياور  چڙهيس.

ڪينٽل ڪينٽ قريب جي الخ. محبوب جي ڪمر، ڪيهر (شينهن) جهڙي  ۽  سندس  غمزه  اهڙا،  جو  هڪدم  سندس  غمزن  ۾ گرفت  ٿي  ويس.

ار. ، ڇاتي.

ماهي. چنڊ جهڙي. (ف، ماهه = چنڊ)

ور. (سن. وَرَ)، بهتر، اُتم، عمدي  ۾ عمدو.

ڪامڻي. (سن. ڪامِڻِي)، عورت

دڇن. (سن. دُشَنَ)، ڏند.

دهلياس.    دهلڻ. دهلجڻ. (سن. دَرَ = ڏر – خوف  +  هه: هِلَنا = چرڻ  پرڻ ).

ارماهي ور ڪامڻي الخ. اي چنڊ کان به حسين ڪامڻي، تنهنجي ڇاتي ۽ ڏندن  کان  خوف زده  آهيان.

لبير. ف. (”لب“ مان شاعرانه گهڙت)، چپڙا، سهڻا چپ، ڦاڪئان يا لَڪيِرا لب.

اوپرن. (سن. اوپَ  + وَرنَ. اوپ = جلوه + ورن = رنگ)، خوبصورتي، حسن، جمال.

لبير لال کٽي چئي الخ. جلال کٽي چوي ٿو ته ”محبوب  جا لڪيرا  لال  لب، ڏاڍي  خوبصورتي  يا  حُسن و  جمال  سان  بيٺل  هئا.“

مدير. چنڊ  جهڙي، (سن. مَڌاشَ)، چنڊ.

مات. ع. موت. مطيع.

مديرمات ڪياس الخ . جلال چوي ٿو ته ”هن بَدَرِي جمال، مون کي پنهنجي  جلوي  سان  نهوڙي  ڇڏيو.“

{17}

ڪور. ڪڪور، رنگ.

ڪور ڪرڻ. رنگ ڪرڻ ، هار سينگار ڪرڻ.

ڪامول. (سن. ڪامِني)، سهڻي عورت.

چور. ميندي.

مصرع.

1-      چرن  برابر  چور  نه  آئي ، فره  وڏا  فراق  هي.

چرن = پيرن.  چور = ميندي  . فره = مڃٺ  ؛  ڳاڙهو      رنگ.

2-     چور  چنبن  ۾ مشڪ  مليا ، وينگس  وٺيو  وار  وَنگِين. (لونگ)

چور = ميندي . چور  چنبن  ۾ = مينديءَ  رتڙا  هٿن  ۾ .

ڇا جي ڪور ڪري ڪامول الخ. محبوبُ، ڇو مصنوعي هار سينگار ڪري  (پيرن کي  ڇو  ميندي  هڻي) ڇو  ته  هن جا پير  ته اڳيئي مينديءَ کان  زياده  ڳاڙها آهن.

ماد. ع. مَد.  ڊگهائي ، لنبائي .

ماد مقابلي. مد   مقابلي ، مقابلي  برابر ، منهن   مقابل.

هونٺن. واحد.  هونٺ . (سن. اوشٺَ) ، چپ

هنڊول. (سن. اِندرَ وَڌو)، مينهن وساوڙو. هي جيت ڳاڙهو مخملي ٿيندو آهي ۽ اڪثر  مِينهَن  بعد (ريجائين  زمين  تي ) نظر ايندو آهي. هن جو بدن  نرم ٿيندو آهي، ايتري قدر  جو  هٿ  لائڻ  سان، ريشم پيو  معلوم ٿيندو آهي.

هت محبوب جي لال لبن کي، هنڊول سان تشبيهھ ڏنل آهي. هن جا ٻيا نالا: برج، هنڊوو، وساوڙو.

مصرع:

هنڊوا حيرت ۾ پيا، پسي لالي لال لبن.

(ڪيسر)

اس. (سن. ايشَهه)، هي.

اس ڪوئل. هي ڪوئل.

ڪل. (سن. ڪَلَ)، ڪوئل جهڙو مٺو آواز.

ڪيلڪي. (سن. ڪيلڪلا – ڪَلِ = راند)، چنچلائي، من جي موج، خو ش مزاجي.

ڪام. (سن. ڪامِنِي)، سهڻي عورت.

ڪلول. (سن. ڪَلولَ)، خوشي.

اس ڪوئل ڪل ڪيلڪي الخ. جڏهن محبوب خوش مزاجي طرح ڳالهائي ٿو، تڏهن ڪوئل جهڙي لات لنوين ٿو.

بينسر. ف. بين + سر = نڪ جو ڳهڻو، بولو.

بيني. ف. بين. نڪ.

بن رهي. ٺهي بيهي، سهڻو لڳي. ڇا نه ٺهي.

ارگول. ارغول. لٽڪندڙ لعل، جا بولي جي ٻن موتين جي وچ ۾ وجهبي آهي.

بينسر بيني بن رهي الخ. بينسر بولو، ڇا نه ٺهي ٿو، جنهن ۾ لَٽڪندڙ لعل پيل آهي.

خوبي. ف. چڱائي، گڻ، سونهن، حسن.

خنڪار. ف. خُنڪ. خوش؛ بيهڪ ڀريو. خنڪي = طبعي خوشي.

اوجهل. اوجهل، پوشيده، لڪل. هت معنيٰ: سارو جهان، جتي ڪٿي، هر هنڌ.

الول. الول ڪلول. (هه. محاوره). کيڏڻ ڪڏڻ، الو آلان ٿي وڃڻ. هت، ”الول“ جي معنيٰ: الو الان، وهه واهه، تعريف، ساراهه.

خوبي جي خنڪار جي الخ. هِن حُسنَ جي هُبڪار جي، ساري جهان ۾ هاڪ (الو الان) پئجي ويئي آهي.

ڏک. (سن. دُهُکَ)، سور، درد، پيڙا.

ڏول. (سن. دُل = لڏڻ)، ڏولائو، تڪليف.

ڏک لٿا ها ڏول الخ. جلال چوي ٿو ته ”جڏهن محبوب جو ديدار نصيب ٿيو، تڏهن ڏک ۽ ڏولاوا سڀ لهي ويا.

{18}

جب. (سن. ياوَت)، جڏهن، جنهن وقت.

گوري. (سن. گَورَ)؛ سفيد رنگ جي، حسين محبوب.

گهنا. گهنو. ڳهڻو. (سن. گَرَهَڻ)، زيور.

اٺ (سن. آشتَ). ف. هشت.

ڏوڻا. (سرا) ٻيڻا، ٻيڻو. (سن. دوگُڻَ)، ٻٽو.

اٺ ڏوڻا. اَٺن جي ٻيڻ، يعني: سورنهن. اشارو عورت جي سورنهن سينگارن ڏانهن. (ڏسو ص 13).

اغماز. ع. غمزه هڻڻ، اک جو اشارو ڪرڻ، ناز نخرو ڪرڻ.

جب گوري گهنا ڪري الخ. جڏهين محبوب، زيورات پهري ۽ سورنهن سينگار ڪري، غمزه هڻي ٿو.

ڏهه. (سن. دَشن)، ڏهه.

ڏون. (سرا)، ٻه. (سن. دو). ف. دو.

ڏهه ڏون. ڏهه ۽ ٻه – سي ٿيا ”ٻارنهن“. اشارو: عورت جي ٻارنهن زيورن ڏانهن. (ڏسو ص 14).

ڏيهاڙي. روزانو. (سن. دِنَ = ڏينهن).

قواز. 7ع. قواعد. سکيا؛ عجب ڍنگ

ڏهه ڏون ڏيهاڙي ڪري الخ. (تنهن کان سواءِ) ٻارنهن ڳهڻا به روزانو (محبوب) ٺاهه ٺوهه سان پهري ٿو.

چرنن. واحد. چرن. (سن. چَرَڻَ)، پير.

ان جي چرنن تي چريا ٿيا الخ. محبوب جي سهڻن پيرن يا هلڻ کي ڏسي. (پاليهر؛ هنجهه، هرنو وغيره)، مٿس موهت ٿي پيا ۽ انهيءَ ئي حيرانيءَ ۾ اڏامندا (پريشان ۽ سرگردان) وتن.

اَهو مين مشاهدي. هرڻ ۽ مڇي (هرڻ، محبوب جي اکين کي ڏسي ۽ مڇي، ننڍڙي گول وات کي ڏسي) مشاهدي ۾ (حيران) آهن.

طائوس. ف. مور پکي.

تواض. ع. تواضع. عاجزي ڪرڻ.

اُهو مين مشاهدي الخ. هرڻ توڙي مڇي، محبوب جي مشاهدي ۾ حيران آهن ۽ سندس سهڻيءَ ٽور کان، مور پڻ عاجزي ڪري رهيا آهن.

ترنگ  7 تلنگ. وار. (ڏسو ص 69- ڏهس).

مصرع:

تلنگ تيڏي تي تليهر تردي، سورج نُون شرماوين تون.

(حمل)

ترنگ تاب. چمڪندڙ وار، زلف پريشان.

تپاڪي. ف. تپاڪ. جوش، تيزي؛ چِڙَ. اشارو: ڪارن ڇڙيل وارن ڏانهن.

ترنگ تاب تپاڪي. ڪارا سينگاريل وار، ڄڻڪ اهڙا چيڙاڪ آهن، جو ڏنگڻ لاءِ تيار آهن.

نيون. نيون.    نمڻ. (سن. نَمَنَ)، نوڙڻ، جهُڪڻ.

ترنگ تاب تپاڪي الخ. محبوب جا ڇَڙڪ ڇُڙيل وار، ڪاوڙ ۾ (ڪَرُ کنيو) بيٺا آهن، جنهنڪري ڪاريهر نانگ پڻ نياز ۾ نمي رهيا آهن.

صنوبر. چندن يا صندل جو وڻ. هي نه رڳو سڌو ٿيندو آهي، پر خوشبودار پڻ؛ جنهنڪري سرهاڻ تي، نانگ سدائين (وڻ کي) ويڙهيل هوندا آهن.

ڪينچن. (سن. ڪانچن)، سونُ.

ڪماز. ف. ڪماج، ڪماج، ڪمانچ، تنبوءَ جي وچين لَڪڙي، جا فقيرن جي بيراڳڻ جي مٿي وانگر، اُبتي هلالي (پهرين تاريخ جو چنڊ) شڪل هوندي آهي. ”بيراڳڻ“ جي مٿي کي خاص ڪري ”ڪماز“ چوندا آهن، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ڊکڻ ”ڪماڙي“، يا ”جنڊ مٿو“، چوندا آهن.

ڪُماز قريبن جا، مون کي مزگان تير هڻن،
جادو گرين جي جوڙ سان، هُت اَڌ ڪُٺا اُڌمن،

خَـــدَنِ ۽ لَــبــنِ، پــر نـــيـنـهـن وهــــايـــم نـــازَ مــــان. (خميسو فقير)
 

ڪماز = جاڙا ڀرون. جادو گرين = اشارو اکين ڏانهن.

خدن (ڳلن) ۽ لبن به ڪين گهٽايو، پر جيڪو مون کي نينهنُ پَلَئه پيو، سو سندس ناز مان.

سرو صنوبر سر زمين الخ. روءِ زمين جي سرو ۽ صنوبر وڻن جي ۽ ڪماز (؟) جي سڌائي (محبوب جي سنئين سڌي قد جي مقابلي ۾) گهٽ آهي. سونَ ۽ چنڊ جو رنگ ۽ جلوو (محبوب جي منهن جي رنگ ۽ روپ آڏو) گهٽ آهي.

دور. ع. زمانو، وقت ڦيرو.

دراز. ف. ڊگهو، لنبو، وڏو.

جي اهڙي دور دراز. جي (محبوب) اهڙي دور دراز وارا. يعني: عظيم الشان هستيءَ وارا، گران مايه، وڏي رسوخ وارا.

جي اهڙي دور دراز الخ. جلال چوي ٿو ته ”اهڙي شاندار تصوير منهنجي زنا کي، اجاري ڇڏي.“

 

{19}

ڇَرَ = گهڻو.

ڇندن. (سن. ڇَندَن)، وڻندڙ، ڪشش ڪندڙ.

ڇر ڇندن. گهڻو وڻندڙ، گهڻو ڪشش ڪندڙ، نهايت حسين.

ڇٻري. (سن. ڇَوِ = رونق، سونهن + ايلي) سونهن واري، سو ڀياوان.

گني. گڻي. گڻ. (سن. گُڻَ) خاصيت، صفت؛ عادت، لڇڻ.

ڇٻري گني. پسنديده اطوار، سهڻڻ گڻن واري.

ڪام. ڪامڻي. (سن. ڪامِڻي). سندري عورت.

ڇر ڇندن ڇٻري گني الخ. محبوب جا وار، ڪڪرن جهڙا ڪارا آهن، ۽ نهايت حسين ۽ پسنديده اطوار آهي.

پس پيا. پوئتي (ڪري) پيا. ف. پس = پوءِ، پوئتي، پويان

پرڳر. (سن. پَر ڪَرَ)، انبوه، ميڙ. هت معنيٰ: وڏا تمندار، سردار.

ارڳر. (سن. اَجَگَرَ. اَج = ٻڪرو + گَرَ = ڳِهَڻَ وارو)، ازدها، وڏي بلا.

پس پيا پرڳر ڪري الخ. محبوب جي حسن ۽ وارن کي ڏسي، وڏا تمندار ۽ مَٿير مڙس به ڌاڳا ٿي پيا.

ڪنڀار. (سن. ڪُمڀارَ. ڪُمڀ = دلو، گهڙو + ڪار)، ڪنڀر.

درس. (سن. دَرش)، ديدار.

دٻايا.     دٻائڻ. (سن. دَمَنَ)، زور ڏيڻ.

قريبين ڪنڀار چئي الخ. ڪنڀار چوي ٿو ته ”محبوبن پنهنجي اکين جا دام اڏيا. يعني: پنهنجي حسن جي جلوه سان، عاشقن لا اکين جا دام برپا ڪري ڇڏيا آهن.

سرنگهه. ف. سَرهنگ. لشڪر جو مهندار؛ مضبوط؛ پهلوان.

ڀڄي.    ڀڄڻ. (سن. ڀاڄَ)، ڊڪڻ”

سام. (سن. شرامَ)، اجهو، پناهه، اوٽ.

لڪون ليث.  ص57

لباس.  ع. پوشاڪ؛ نمونو؛ سونهن

لڪون ليث لباس جي. شينهن جي چيلهه (لَڪ) جي ور ڪري. شينهن جي پَتِلي ڪمر کان ۽ سندس سونهن ڪري.

سرنگهه ڀڄي پيا سام الخ. محبوب جي حسن ۽ لڪدار ڪمر کي ڏسي، وڏا بهادر ۽ شينهن وڃي، پناهه گزين ٿيا.

{20}

پڳ (سن. پَدَـ)، پير.

پدمني. (سن.پَدمِنِي)، ڪنول گل جهڙي، عورتن جي چئن ذاتين مان هڪ ذات، جا سڀني ۾ اتم آهي.

عورتن  جا چار قسم:

1-      پَدمِنِي 2- چِترِڻِي، 3- شَنکِنِي، 4- هَستنِي.

پياري لال، شرنگار شاستر  ۾، پدمني جا لڇڻ ڏئي ٿو:

دوهو:

چَنپَڪَ وَرَنِي پَدمِنِي، آت ڪومَلَ سَوَ انَگَ،
پَدمَ گَنڌَ جا تَن بَسَي، ڀَنوَرَ نهَ ڇوڙَت سَنگَ،
شِبلَ وَنتَ اوَرَ پَتِ ورتا، چَندرُ مُکي پِڪَ بَيسينَ،
 ڀامِنِي اُجِلاً، لَجاوَنتَ هَين نَينَ.
 

چنپڪ ورني = چمپي (چنبيلي) جي گل جهڙي. ات = زياده. ڪومل = نرم. سو = سڀ. انگ = عضوا. پدم = ڪنول جو گل. گنڌ = خوشبوءِ. جا = جنهن جي. تن = بدن. بسي = وسي. ڀنور = ڀونر. ڇوڙت = ڇڏي ٿو. سنگ = سنگت. شيل ونت = سٺن لڇڻن واري. اور = ۽. پت ورتا = آگياوان، فرمانبردار. چندر مکي = جنهن جو منهن چنڊ جهڙو هجي. پڪ = ڪوئل. بين = آواز، لات، ٻولي. مڌر = سندر، مٺو. ڀامي = عورت. اجلا = نرمل، صاف. لجاونت = لڄ وارا، شرميلا. هين = آهن. نين = اکيون.

مسٽر آپٽي، رَتمنجَري جي ڏنل وصف، لکي ٿو:

هجي ڪَمل نيڻن واري، ناسوُن سنهڙن سوراخن واريون،
ٻَئي ڇاتيءَ جا ڳوڙها سواءِ گهُنجَ جي، ڊگهن وارن واري هڪ تَهڙي
 

(نازڪ)

نرم پيرن ۽ سٺن گڻن واري، ڳائڻ ۽ نچڻ جي شُوقين سڄو بدن.
سوڀياوان ويسَ ۾، ڪَمل جي خوشبوءِ واري، اها آهي پدمني.
 

پليوري. (سن. پاراوَتَ)، پاليهر، ڪبوتر. هن جا پير ڳوڙها ۽  نرم ٿيندا آهن.

هيرن. هرنهه = هاٿيءَ جو ٻچو. ”هرني“ جي گام موهيندڙ آهي.

مصرع:

ڦِرنِڊ وڏوآڦَرُ  هَرنهه هاٿي جو ٻچو.       (عبدالرحمان)

هاٿيءَ جو ٻچو ننڍو ته ”هرنهه“ ۽ ٿورو وڏو ته ”ڦِرنڊ“.

پڳ پدمني پليوري الخ. پدمني جا پير، پاليهر جي پيرن جهڙا مينديءَ رتا ڳاڙها، ۽ هلي بهائين ٿي، جئَن هاٿيءَ جو ٻچو وِ کاري.

رڀن. سج. (سن. رَوِ).

مصرع:

1-      اََنفُ  انُنُگَ کُون  اَڳرو، روءِ  رَڀَنِ ڪيو رَد. (حمل)

انف = نڪ. اننگ = طوطو.

2-     رڀن ناهي راس، برق ناهه برابري . (سائينداد)

ماٺو. (سن. مَنٿرََ = آهستي) جهڪو.

منڌ (سن. مُگدا)، عورت.

رنگ رڀن جو روپ سان الخ. سج جو رنگ به (هي محبوب) پنهنجي مُنهنَ جي تاب  سان، مَلي، ماٺو ڪري ٿي ڇڏي.

اوجر. (سن. اُجوَلَ)، صاف، نرمل؛ پرڪاش، تجلو.

چوڻين. واحد. چوڻ 7 کنوڻ. (سن. ڪُشَڻَدا)، برق، بجلي، وڄ.

چوڻين ڪا نه چلي. کنوڻ جي ڪجهه نه هلي. کنوڻ (محبوب آڏو) ڇا گهري!

پسي اوجر عجيب جو الخ. پرين جي اوجلائي (بدن جي صفائي) جي اڳيان، کنوڻ  جون  چمڪارون  ڇا گهرن!

سهه. ڪونج. ڪونج  جو ڳاٽُ  اچو ۽ سنهو آهي.

سوز . ف. ساڙو، پَچُ.    سوختن – سوز = سڙڻ.

ڳجهه. (سن. گهُيهَ = اونهو)، ڳجهيءَ طرح.

ڳري.     ڳرڻ. (سن. گَلنَ)، ڪمزور ٿيڻ، نٻل ٿيڻ.

سهه پسي سوز ٿيا الخ. ڪونج به (سندن ڳچي) ڏسي، ساڙو ڪيو ۽ پنهنجي اندر ۾ پيئي ڳري.

ڪنبي.     ڪنبڻ (سن. ڪَنپَنَ)، ڏڪڻ، لرزڻ.

ڪنبي ويا ڪنڀار چئي الخ. ڪنڀار چئي ٿو ته ”محبوب جي اکين جي رعب  کان  هرڻ  به نياز (عاجزي) ڪري، ڀڄي ويا.“

پپن. (هه. پَپَنِي. سن. پَڪشمَنَ)، پنبڻي.

پپن کون پري. پنبڻين کون پري. پنبڻين کي ڏسي، پري ٿيو.

اليهر. نانگ.

اولي. اولو. اوٽ، پناهه، اوجهو. (سن. آوَرَڻَ).

پپن کون پري الخ. محبوب جي پنبڻين کي ڏسي، ڪارو نانگ اوٽ ۾ پري وڃي، لڪي ويٺو.

 

 {21}

ترني. (سن. تَرُڻِي)، جوان ڇوڪري، جا 13 کان 30 سالن تائين هجي.

ٽل. وارن  جو  چوٽو؛ وار، ڳُتَ. ”تل“ مان ”تلولا“ = وارن  جي  پيچن  جا قسم قسم.

عمر، اسان اٻوجهلا، تلولا نه تالِيُون،
ڇورا ڇڏيل ڇَتڙا، ڪَنين وَل واَليُون،
طعاما آڇ مَ تن کي، جي ڌَڻَنِ جون ڌاليُون،

آلِبيُون ۽ لالِبيُون، اسان چوکا چت ۾. (جوڳيسر)
 

اٻوجهلا = اٻوجهڙا، اٻوجهه. تلولا = وارن جي پيچن جا قسم. تاليون = ٺاهيون، وارن کي سنواريون. ڇورا ڇتڙا = اڻ سنوايل وار. ول واليون. = ولين جي چوٽين جون گول گول واليون. ڌڻن = ٻڪريون. ڌاليون. = کير پياڪ. آليون ۽ لاليون = ڳاڙهيون پسيون. چوکا = چانور . چت = دل.

سرکنڊ. (سن شرِبکَنڊَ)، چندن صندل. عورتون. چَندن جي ڪاٺيءَ، پاڻيءَ ۾ گَهِي، خوشبودار پاڻي، وارن کي لائينديون آهن ته جئَن وارَ سرها ٿين.

ڳيچ – لاڏو.

اَربيلِيءَ جي چوٽي کي، چندن لايو.

اربيلي = لاڏلي.

سرها. سرهو. (سن. سُرِڀَ)، خوشبودار.

ترني بوئي تل الخ. هن ٻهڪ ڀريءَ، پنهنجا پئمي وار ڌوئي، صاف ڪري، سرکنڊ ۾ سرها ڪيا.

لوڏ ڪنجل جي ڪم ٿي. هاٿيءَ  جي گت  به گهٽ  ٿي.

چينچل. (سن. چَنچَلَ)، چلولو، سٺين عادتن  وارو (وفا).

لوڏ ڪنجل جي ڪم ٿي الخ. محبوب جي چابڪ ۽ چست چلن ڏسي، هاٿيءَ  جي لوڏََ  پڻ  هلڪي ٿي ويئي.

مرٽڻ. نچڻ.

مورن مرٽڻ ڇڏيو الخ. مورن پنهنجي رقاصي ڇڏي ڏني، جڏهن کين (سندم محبوب  جي) رقص رفتاري  معلوم ٿي.

ڳل . (سن. گَلَ)، ڳچي.

ڳل سهه جو نا لڳي. ڪونج جي ڳچي (محبوب  جي ڳچيءَ  سان ) ڪٿي لڳي!

ڪوماڻا    ڪومائڻ. (سن. ڪُملان. ڪُ = نٻل + مَلِنَ)، جهڪو ٿيڻ.

ڪبڪل. ف. ”ڪبڪ“ جي شاعرانه گهڙت. ڊيل، جنهن جو ڳاٽ اوچو ۽ رفتار نرم آهي.

ڳل سهه جونا لڳي الخ. ڪونج جي ڳچي به سندس اوچي ڳاٽ سان نٿي لڳي ۽ (ٻين سڀني جا) ڪَبِڪي ڳاٽ به ڪومائجي (هيٺ لهي) ويا.

درس. ديدار.

دکايا.    دکائڻ. ديکڻ . ڏسڻ.

درس دکانا. (هه.  محاوره)، ديدار ڪرائڻ.

دل. (سن. دَلَ)، گهڻا.

قريبن ڪنڀار چئي الخ. ڪنڀار چئي ٿو ته ”اهڙن قريبن انيڪ ديدار ڪرايا.“

ماڳ . (سن. مارگَ)، رستو، جاءِ، هنڌ.

انهيءَ ماڳ مهل الخ. انهيءَ ئي وقت (جنهن وقت محبوب ديدار ڪرايو). ساهه کي خوشحا لي نصيب ٿي ويئي.

{22}

کن. واحد. کنو. (سن. کَڊُگَ)، ترار، ڪِر پانُ.

مصرع:                    

وُڍِي عضوا  ويريءَ  جا، بيٺو کَني سان خانَ.             (جلال ڀٽو)

کنجن. اک.

ڏهس:

اک، اکيان، ڪنول نين، نِيتَرَ، چاه چشم،
چَڪُس، پِي دَرگ، لوچَن، کَنجَنَ، ڇم.
 

چاهه = وڻندڙ، چمڪندڙ. ٻي = محبوب، پيارو، وڻندڙ.

بانا. واحد. بان. (سن. پاڻ)، تير.

بڙڇون. واحد. بڙڇي. (سن. برَشَچَنَ)، نيزو، ڀالو.

کن، کنجن، بانا، بڙڇون الخ. محبوب جي اک ۾ ته تير، ڀالا، نيزا سڀ موجود  آهن  ۽  رخ  ته  چنڊ  جهڙو.

ساجن. سجن، سڄڻ، دوست.

لالي لبن لال سين الخ. محبوب جي لاکيڻن لبن جي لالي ته سدائين ساڻس شامل آهي. يعني: ڪا جُڙتوُ شي نٿو لڳائي.

ڪنول (سن. ڪَمَلَ)، ڪنول جو گل، ڪنول جو  ٻوٽو، جنهن  جو گل سرهو  ٿئي  ٿو.

ڪنول ڪيس. نرم پشمي وار.

وسايو. منهن وساوڙو. (سن. وَرشا + ور)، هنڊول.

ورن وسايو واها. واهه، جو (محبوب) جو رنگ وساوڙي  جهڙو (مخملي) آهي.

ڪنول ڪيس قريب جا الخ. وار ڪنول گل جهڙا نرم ۽ بدني رنگ مينهن وساوڙي  جهڙو  ڳاڙهو  لال.

تڳي. رات.

ڏهس:

تڳي تهائي، تامِني، تَمي، تامَتَمسَ،
رَبن، رجني، رات، ليِل، پِنبَ چنيهَسرَ، نس.

چچينگر. 7 چاسينگر. ٽانڊاڻو، کڙ کٻيتو، شب تاب.

چاهه. چيهه. کنوڻ، وڄ.

ڏهس:

بجليان، ملهار ڳڙهه، کنوڻيان، چيهه، ڪنگور.                  (جلال)

تڳيءَ ۾ تجلو ٿئي الخ. سندس حسن جي تجلي، اونداهي رات ۾ به ٽانڊاڻي جيان پئي چمڪي.

نرتون. نرت  مون . نرت. (سن. نيِتَرَ = اکِ)، ڌيان. نظر.

ايندي عجيب پرين. الخ. پري کان ئي، منهنجي محبوب، مون  ڏانهن توجهه سان ڏٺو.

ٿيو سرهو ساها الخ. ڪنڀار چوي ٿو ته ”ساهه کي (جنهن وقت محبوب ديدار ڪرايو) سرهائي ٿي ۽ دل تان (رنج، الم) جي ڪس ميٽجي ويئي.

 

{23}

چٽي.     چٽڻ. (سن. چِترَ)، سينگارڻ.

مانگ. (پرا. مَگِي. سن. مارگَ)، سينڌ.

چٽي مانگ محبن. محبوبن سِينڌِ سنواري.

چوٽو. (سن. چوُڊا)، مٿي جا ڊگها وار.

سجليو.    سجلڻ. (سن. سَجا = سونهن  ڏيڻ )، سينگارڻ

سر کنڊ ۾ سجليو. چنڊن ۾ چُورُ ڪيو.

               چٽي مانگ محبن الخ. محبو بن  پنهنجو  چوٽو چندن ۾ چور ڪري، سينڌ سنواري.

پيني. پين  نانگ.

پين. پنبڻي. (ص 88)

پيني پپن پاند پسي. نانگ (محبوبن  جي) پنبڻين  جون (نوڪدار) چوٽيون ڏسي.

دهشت. ف. خوف، ڏر، ڀوء.

پيني پپن پاند پسي الخ. پنبڻين جا نوڪدار (پاند) ڀالا ڏسي، نانگ دهشت کان ڌمڪجي ويو.

واسيا.      واسڻ. (سن. واسنَ. سڳنڌ ڪرڻ). خوشبودار ڪرڻ؛ واس وٺڻ.

ڀرون ڀونرن واسيا. ڀونر، ڀرن کي (گل سمجهي) پيا واسين.

واجهه. (سن. بَڌَ = ٻڌڻ)، رسو، نوڙي؛ وس، ڪوشش، سعيو.

واجهه وجهڻ. (اصطلاح). ڦاسائڻ لاءِ وس هلائڻ. اصل معنيٰ: نوڙيءَ سان ٻڌڻ.

ورلو. ورلڻ . ڦيرا  ڏيڻ.

ڀرون ڀونرن واسيا الخ. ڀِرُنِ کي (گل سمجهي) ڀونر پيا واسين ۽ ڦيرا ڏيئي، تن تي اچي، وَسَ واڪَ پيا هلائين. يعني: مُشڪين ڀِرُن تي ڀونر پياوا سو وٺن ۽ بعضي ته تن جي ڦاسائن لاءِ وَسَ آهر، واجهه پيا وجهن.

ڪلور. ظلم، وَبلُ.

ڪرمش. ف. ڪورنش. آداب، تعظيم، نياز

پرلو. پڙلاءُ. (سن. پرَتِيرَوَ)، آواز.

ڪلور ڪرمش ڪوئل لئي الخ. جڏهن ڪوئل پرين جو سريلو آواز ٻڌو، تڏهن لاچار ٿي، سر تسليم خم ڪيو.

لال موهيئڙا. ڳاڙها موهيئڙا، وڻندڙ ۽ ٺهندڙ موهيئڙا.

موهن. (سن. موهَنَ)، موهيندڙ، دل وڻندڙ. محبوب.

مشڪڻ. (سن. سمَيَه + ڪَرَ )، چپن ۾ کِلڻ، مسڪراهڻ.

مچلو.     مچلڻ. (سن. مَچُ)، مچَلائي ڪرڻ، کچلڻ.

منهن تي لال موهيئڙا الخ. محبوب جي مُنهن تي رَتَڙا (موهيئڙا) آهن ۽ کلمکائي ۾ هو خوشخندان دلربا آهي.

دگنا. دگنو. (سن. دوِگُڻَ )، ٻيڻو  ٻٽو.

دام. ف. ڦاهي، ڄار، سرڪڻ  ڦاهي.

دگنا دام. ٻيڻا دام، ٻٽيون  ڦاهيون، سي ٿيون: محبوب  جون ٻه اکيون، ٻه  ڀرون ۽ ٻه گل.

ڪونڌر. خوندر. ڪيفي يا سرخيل اک.

مصرع:

ڪونڌر اک قريب جي، جيها جادو جا جلوا.              (آخوند)

ڪجلو. ڪجل. (سن. ڪَجلَ)، ڏيئي جي دونهين مان ٺهيل ڦُلو.

دگنا دام دلبر جا الخ. محبوب جون ٻه اکيون گويا ٻه دام ڦاسائڻ جا آهن. ويتر تن ڪيف  ڪٽورين ۾ ڪجل به پائي ٿو.

سپرين. س ُ = چڱو + پرين.

سج، چنڊ سهڻو سپرين الخ. محبوب جو حسن، سج ۽ چنڊ کان به سهڻو آهي ۽ هو تارن لاءِ گويا پرتوو آهي.

گام. ف. وک، قدم.

گجلو. گج. (سن. گَجَ)، هاٿي.

قدمن منجهه ڪنڀار چئي الخ. ڪنڀار چئي ٿو ته ”سندس نرم رفتار قدمن سان، هو هاٿي ڇا هلي سگهندو.“

سرلو. (سن. سَرَلَ = سڌو)، چٽو، صاف؛ خوش، تازه، هر طرح خوش.

سَرَلِي هُئِي سسئي، پر نيِهَه نِهوڙيس جيءَ،
عشق آري ڄام جي، وِره وڃايس وِيّ َ،

هِــــن اِي مـــٿــي اِيءَ، جــبـــل جـــو راڻـــو آئـــيــو. (آخوند پيارو)

سرلي = هر طرح تازه  به تازه. نيهه = عشق. جي = جيوتا، جان. وره = بره، عشق. وي = ميدان جي سبزي، تازگي. اي = غريب اٻوجهه زال. اي = آيل آفت. جوراڻو = ظلم، مصيبت؛  ظالم، زور  آوار.

جي واجهائين ور کڻي. جي ڪنڌ کڻي نهارين، ڳاٽ کڻي نهارين.

سر ساهه ٿئي سرلو الخ. جڏهن محبوب، منهن  ورائي ڏسن ٿا، تڏهن سندم دماغ  توڙي  جانِِ  تاز گي حاصل  ڪن  ٿا.

 

{24}

ڪنول ڦول. ڪنول گُلُ.

ڪنول ڦول ڪامڻي الخ. محبوب اهڙو نفيس (سهڻو) آهي، جهڙو پٻڻ جو گل ۽ سندس وار جهڙا جهُڙَ جا ڪارا ڪڪر.

پنيگهه. ماڪ. ماٽ، ٽيڙ.

مصرع:

پَينُ پَنيِگهَت پاس، گهايل گهاري نه هڪ گهڙي.

پين = نانگ. پنيگهت = پنيگهه = ماڪ. گهايل = ڦٽيل. گهاري = گذاري. نانگ ماڪ تي گهايل رهي ٿو ۽ اُن کان پري، هڪ گهڙي به رهي نٿو سگهي.

وينس. (سن. وِشَ = زهر ) نانگ، بلا.

وسڪارا. وسڪارو. (سن. ورَشتِ = مينهن جو ڇڇڪو)، گهڻي ڪوشش. شاعر، محبوب جي منهن تي عرق (پگهر) ڏسي ٿو، جنهن کي پنيگهه (ماڪ) سڏي ٿو. محبوب جي وارن  کي نانگ سڏي ٿو.

نانگ، ماڪ تي عاشق آهي. نانگ (وار)، محبوب  جي مهن تي ڪرن ٿا ته گويا ماڪ (پگهر، عرق) چَٽَڻَ جي ڪوشش ڪن پيا.

مصرع:

عرق عنبر تي اَلِ آگُ اُلريا، پَيِني پين پگهر کي.        (جلال)

پلڪان. پلڪون، واحد. پلڪ. ف. پنبڻي. (سن. پَلَ + ڪ).

پل پل = هر هر، گهڙيءَ گهڙيءَ. (سن پَلَ)

سونهارا. سونهن وارا. (سن. شوڀا = سونهن + ڪار = وارو).

ابروسيف سونهارا. سهڻا ڀرون، تلوار جيان تکا ۽ خمدار، تلواري ڀرون به سونهن  ڀريا آهن.

پلڪان پل پل پدمني الخ. محبوب جون پنبڻيون هر گهڙيءَ وارُ پيئون ڪن ۽ ابرو به سونهن ڀريا آهن.

نازنين. ف. ناز + نين (ڪلمئه نسبت)، نازڪ  اندام، حسين.

نين ته نرگس نازنين الخ. هن ناز ڀرئي محبوب جا نيڻ ته نرگسي گل وانگي خماريل آهن، جي ٻئي گڏجي، ڄڻڪ ٻه پاريون (ٻنهي پاسي اکيون) ڦاسيون ٿيون وجهن.

سيب. ف. صوف.

ذقن. ع. کاڏي.

سيب. ذقن. صوف جهڙي کاڏي. جئَن صوف کي وچ ۾ کَڏَ آهي، تئن محبوب جي کاڏي ۾ پڻ کَڏَ آهي. يعني: سهڻي کاڏي.

لاکيڻا. لاکيڻو لاک ورنو. لاک جهڙو ڳاڙهو. (سن . لاڪشا)، لاک.

لب لاکيڻا. لاک رڱا چپ.

دهن مين. مڇلي وات.

دلارا. (سن. دُر لالَنَ) لاڏلو، پيارو.

سيب ذقن لب لاکيڻا الخ. هن لاڏلي محبوب جي کاڏي، صوف وانگي پيِٺَلَ، چَپَ لاک رتا ڳاڙها ۽ وات، مڇلي جيان سوڙهو.

مک (سن. مُک)، وات.

چاسينگ. چاسينگر

چمڪارا. چمڪو. چمڪ. (سن. چَمَتڪرَتَ)، تجلو، روشني.

مشڪي ته مک مان ٿين الخ. مرڪي ٿو ته سندس لال لبن (وات) مان ٽانڊاڻي  وارا  چمڪا پيا  ٿين.

ڪنگو (سن. ڪُنڪُمَ)، لَئِي وڻ جو ڳاڙهو ٻور، زعفران، ڪيسر؛ ڳاڙهو رنگ.

ڪـنگـو  رتـڙا  ڪپڙا، مينديءَ رتڙا   انگ،

انهيءَ  جي آسَنگَ، منهنجو  روح  رلائيو. (آخوند)

ڪنگو ر تڙا  ڪپڙا. ڪنگو  رتل ڳاڙهي  رنگ  وارا  ڪپڙا.

آسنگ = پيار.

ڪر. ڳاٽ، ڳچي.

ڪنگو ڪر. ڳاڙهو ڳاٽ. ڪونجر. ڪونج + ور. (سن. ڪرَوءَنچَ )، ڪونج پکي. سهڻي عورت.

ڪنگو ڪر ڪونجر جو الخ. ڳاڙها (رنگ ورنا) ڳاٽ، هن لاڏلي ڪونج (محبوب) جا، سي ته  چنڊ  جي روشنائيءَ  کان  وڌيڪ  نروار  (رونقدار ) ڏسجن ٿا.

خجل . ع. شرم.

خورشيد. ف. سج.

تڪن.    تڪڻ. (سن. تَرڪَڻ) سوچڻ، گهور ڪري نهارڻ.

تڪن ڇا تارا. تارا ڇا تَڪِيندا! ڪهڙي  جوت  ڏيکاريندا!

خجل ۾ خورشيد ٿيو الخ. محبوب کي ڏسي، سج  به شرمساري هيٺ اچي ويو؛ وڌيڪ  جملي  ستارا  وري  ڪهڙي  جوت  ڏيکاريندا !

قريبن آڏو ڪنڀار چئي الخ. ڪنڀار چوي ٿو ته ”منهنجي محبوبن اڳيان، ڪوئل جي آلاپَ ڇا لڳي!“

مکڻ (پرا. مَکَهڻَ. سن. مَنٿجَ). ڦُٽِي، الڊه .

مکڻ موچارا الخ. محبوبن  جا نرم عضوا ته مکڻ کان  به نرم آهن.

 

{25}

گلال. ف. ڳاڙهو.

گام گلال. گلال گام. ڳاڙهي وک، ڳاڙهن پيرن واري وک، مينديءَ رتڙن پيرن جو قدم؛ سهڻي وک.

سبيل. ع. واٽ، رستو، تڪڙو، گهڻو وڌيڪ.

جب هي گام گلال الخ. جڏهن  محبوب  پنهنجا  سهڻا  قدم، ٿورو  تڪڙو کڻي ٿو.

دم تنهين در حال. تنهن وقت ۾، انهيءَ حالت ۾، اُتي جو اُتي.

هنج، هاٿي حيران ٿيا الخ. (جڏهن محبوب هلي ٿو تڏهن) هنج ۽ هاٿي اُتي جو اُتي حيران ٿي، بيهجيو وڃن.

اينگي. اينگو. مور پکي.

ڪر ڪمال. ڪمال ڪر. ڪمال درجي جو اوچو ڳاٽ.

اينگي کان عجيب جو. محبوب جو (ڳاٽ، ڳچي) مور کان به اوچو.

نئون نئون سينڌ صفا گهڻو الخ. محبوب جا وار بالڪل صاف ۽ سينڌ سنواريل هئي ۽ لب، لاک کان به ڳاڙها هئا.

ڪرمش. ف. ڪُورنش. آداب، نياز.

ڪنگال. (سن. ڪَنگالَ )، ڏڪار جو ماريل، سُڃو. هت، بي رونق.                     اَهو عينن کي ڏسي الخ. محبوب جي اکين کي ڏسي، هرڻ پڻ آداب بجا آڻڻ لڳا يا عاجزي ڪرڻ لڳا. يعني: محبوب کي ڏسي، بي رونق ٿي ويا. مطلب ته محبوب جون اکيون، هرڻ جي اکين کان صد بار سهڻيون هيون.

رو. (سن. رَوِ) سج.

ڪينچن. (سن. ڪانچَنَ)، سونُ.

ڪنگور. وڄ، کنوڻ.

ون (سن. وَرڻَ)، رنگ

رو، ڪينچن، ماهه، ڪنگورون الخ. سج، سونُ، چنڊ ۽ کنوڻ جي نجلي (رنگ)، اهي سڀ محبوب جي حسن برابر نه آهن.

اهه ڪارو. (سن. آههِ= نانگ + ڪارو. سن. ڪالَ)، ڪارو  نانگ.

اودي تڳي. ڪاري رات، گهُگههُ اونداهي.

اهڪارو اودي تڳي الخ. ڪارو نانگ توڙي گُهگُهه اونداهي (رات) به ڪي سندس وارن جي ڪاراڻ برابر ٿيندا!

قد قامت . ع. بيهڪ. اڏاوت.

صنوبر (ص 84)

قد قامت ڪهڙا پرين الخ. پرين جي قد قامت جو ڇا پُڇجي (چئجي)، هو صنوبر کان ڇڙڪ اوچا آهن.

نام. ف. نالو؛ ناموس، هاڪ. (سن. نامَن).

نهال. ف. (زمين جو تازو اوڀڙ)، خوش، تازو، سنرو.

تن جي نام نهال الخ. سليمان چوي ٿو ته ”سندن نام مبارڪ (وٺڻ) سان منهنجو وجود تازو ٿي ويو.

{26}

تليهر. نانگ. (ص 57)

ترنگ. تلنگ، وار.

تليهر ترنگ. تليهر جهڙا (ڪارا، ڊگها ۽ خوفناڪ) وار.

جهاڙي     جهاڙڻ. نهارڻ، ڏسڻ.

جهاڙ.  (سن. جهاٽَ) ننڍو وڻ، وڻ.

تليهر ترنگ اڀي جهاڙي الخ. واسينگ وارن واري، وڻ جي ڀرسان بيهي، پيئي نهاري.

ورن. (سن. وَرڻَ)، رنگ.

وساوڙ. وساوڙي کان. مينهن وساوڙو (81).

وترا. (سن. بَهوُترا)، وڌيڪ، زياده.

الڊه. مکڻ. (وفا).

جنهن جا ورن وساوڙ وترا الخ. سندس رنگ (حُسن) مينهن وساوڙي کان زياده رنقدار آهي ۽ سندس عضوا  مکڻ  جهڙا نرم آهن.

مصرع.

ميِنا لِڱَ محبوب  جا، وَڌِ  اُلڊهَ  کان  اَپارَ  ميان.

(سائينداد)             

ڪيسر لڪي. (ص 67)

نيچا. (سن. نِيچَ)، هيٺا هان.

ڪرنگ. هرڻ.

نيچا نين ڪرنگ. هرڻ  جهڙيون  نِيِچَ نهار اکيون. مجازا: سهڻيون اکيون.

ڪيسر لڪي ڪامني الخ. هن محبوب (ڪامڻي) جي چستي جهڙي لچڪدار چيلهه، شينهن جهڙي هي ۽ نماڻا  نيڻ  هرڻ  جهڙا.

کڙيو.    کڙڻ. (سن. ڪُر)، کُلڻ.

سرگنگ. گنگ جي مٿان، پاڻيءَ  مٿان.

جلوو جوڀن روپ جو الخ. محبوب جو حسن ائين پئي ٻهڪيو، جئَن (رات جي وقت) پاڻيءَ مٿان چنڊ (نارن سميت) کڙي بيهي.

ڪنگو. (ص 94)

ڪوڏ. (سن. ڪَپَردَ )، کرکَڻو، سامونڊي سِپَ جو قسم.

ڪرِائيون. ڪرايون. واحد. ڪرائي. (سن. ڪَلاچِي)، ٻانهن جي ڪرائي.

ڪنگو ڪوڏ ڪرائيون. ڪنگو ۽ ڪوڏَ جيهون ڪرايون. يعني: ڳاڙهيون ۽ سفيد ڪرايون.

ڀونگ. (سن. ڀُجَنگَ. ڀُجَ = ڏِنگو، ٽيڙو + گَم = هلڻ)، نانگ.

ڪنگو ڪوڏ ڪرائيون الخ. محبوب جون ڪرايون، سرخ سفيد ۽ ڀونر ڪارا ڀِرون، نانگ جهڙا آهن.

سيڻن. 7 سڄڻن. واحد. سڄڻ.

سارنگ. (سن. سارَنگَ) ميگهه، بادل، ڪڪر، مانڊاڻ، بجلي.

سيڻن سليمان چئي الخ. سليمان چوي ٿو ته ”سيڻم اهڙا ته سهڻا آهن، جو برساتي فضا کي ٽيڙي پکيڙي ٿا ڇڏين. يعني: محبوب اهڙو ته حسين آهي، جو بادلن جي آبدار فضا (آسماني متل مانڊاڻ) کي به، بي رونق بنائي ٿو ڇڏي.

وڄون. واحد. وڄ. (سن. وِديتُ) کنوڻ، برق، بجلي.

مهنگ. جاءِ. (وفا). سن. (مَها + اَنگَ)، آسمان، ڪڪرن جي جاءِ.

منجهه مهنگ. پنهنجي جاءِ  ۾، اونداهه ڪڪرن  ۾.

پيٺيون    پيهڻ. (+ ويشَ)، اندر گهڙڻ.

وڄون منجهه مهنگ الخ. محبوب جي حسن کي ڏسي، خود وِڄون (تاب نه جهلي)، ڪڪرن جي اونداهي ۾ پيهي ويئون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org