سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو سينگار

 باب:

صفحو :3

جلال کٽي

جلال ڀٽي ٻڌايو ته جلال کٽي، موندر (تعلقي دادو) جو ويٺل هو تنهن ڪري چند سال ٿيا ته موندر وڃڻ ٿيو. موندر جي آس پاس گهمڻ  بعد، اسڪول  ۾  به وڃڻ ٿيو، اتي هڪ فطري تصوير، سادگيءَ جو پتلو، پٺا اگهاڙا، ريڙون پٽڪو ۽ ٿڳڙيون گوڏ، ملس جو ڍيرو ڪتيندو ، اسڪول  ۾  اندر گهڻڻ  شرط چوڻ لڳو *

وي صاحب، ميڏي ڇهر دي پارت هوي
جو وچارا ڇورا هي، آئون شدي نون رڳي،
ماءُ هي، ٻيا گهر وچ الله دا نانءَ مٺا!
 

ڏانهن  نهاري ، مرڪي ، هڪ  سٽ  ٻڌايم ، جا ياد  اچي  ويم:

جت   ٻلوچان   ٻاٻڙان ، حلم نه  هٿوڪا!

ڍيري  ڪتيندي  ، ڇاپرا ، جاڙا ، ڪرڙ  وڍ ڀرون  کڻندي ، وراڻي ڏنائين:

هو  ٿئي  ڪل  ڪڙيون ، هي ٿئي جت ”جلال“ چئي!

سمجهيم ته ڪو حڪمت  وارو انسان آهي. حليمائيءَ سان چيو مانس، ”ڏاڏا منجهند مهل ميڪن ضرور آوين“. ”هائو سائين! ڪيون نه“ چئي هليو ويو. انجام موجب  منجهند  جو آيو، اچڻ   شرط  چيائين، ”سڻ  وي صاحب. هڪدم هي بيت  پڙهيائين.

جت ٻلوچان ٻاٻڙان، هن حلمي هٿوڪا،
آهن آريءَ ڄام جا، اديون آنوڪا،
ڏاچيون چارن، ڌڃ جون، تڙن تي توڪا،
کٽون ڏائن کنج جون، پاڻن پتوڪا،
گهگهيريون گهرن ڄائيون، سي جسماني جوڪا،
پنهل کي پرتل ٿيا، هي گنگا گڪوڪا،
ڪندين رهن ڪائلا، هي بر جا بتوڪا،
بوريا باف بڻ جن جو، رکن داڻا دلوڪا،
اهڙا  اَلوڪا، جتيم، جي ”جلال“ چئي.
 

هن، مهنجي سٽ کي صحيح ڪري، سڄو بيت لکايو، جنهن جا قافيا بلوچڪيءَ جا آهن.

}ٻاٻڙان = بابل، پيارا پين جهڙا. حلمي = حلم ۽ بردباريءَ وارا. هٿوڪا = هٿيڪا، مالڪ. آتوڪا = اوطاق  يا اڱڻ  تي  ايندڙ. آري  ڄام = حضور جن.  ڌاچيون   – ڌاچ = ڏاچين جي چراگاهه جو ملڪ. توڪا = پٺيءَ اگهاڙا  جانور. هت : پٺيءَ  اگهاڙا جت.  ڏائن  ڏائڻ = اُڻڻ. کنج = ڪنج ، ڇڪي ٻڌڻ . هت: کنج = وٽيل واڻ ، پتوڪا = پٽ جا کٽُولا. يعني: ٻين لاءِ کٽن جو واڻ وٽين، پر پاڻ لاءِ کٽ زمين جي اٿن. گهگهيريون = گهگهوٽا،گهگهرا. گهرن ڄايون = گهر ڄايون ، اشرافن جون ڌيئون. جسماڻي = جسماني. جوڪا = جوق  جوق،  جفت جفت، جٿا جٿا. هت معنيٰ: هم جنس، جهڙا جت تهڙيون جتڻيون. گنگا = اڻ ڪڇ، صابرين، گڪوڪا = لڪدار  پيٽ وارا، اشارو . جتن ڏانهن. ڪائلا ”ڪئنرا، نرم. ڪائلا رهن = مل ميلاپ ۾ رهن. ڪنڌي = ڪکائين جهل. بر = برپٽ. بتوڪا = بدن  دار، جسيم، بک جا ڏاڍا. بوريا = تڏو. باف – بافتز = اڻڻ. بوريا  باف = جو تڏا اُڻي. بڻ = نسل، پاڙ. يعني : تڏي ۽ واڻ اڻڻ جي نسل يا پيشه وارا آهن. دلوڪا = دلي  وارا . غريب  آهن، اَن  دلن  ۾ رکن. الوڪا = جي لوڪ ۾ نٿا  رهن ، سادا صفا دل ، جتيم = مونکي جيءَ ۾ گهڙي ويا.{

جعفر خان ٻڌايو ته ”جلال فقير ذات جو کٽي هو، جو ڪپڙا به ڌوئيندو هو ۽ نيرولي به هو. موندر جي ڍنڍ جي ڪپ تي، جتن جي گهرن اڳيان،  ڪپڙا ڌوئي، دڙي تي سڪائيندو هو ۽ جيسين ڪپڙا سڪن، تيسين قبلي سامهون، مراقبي ۾ ويهندو هو. محسن شاهه، ڳوٺ ڇاڻي (نزديڪ دادو) واري جي جتن مريدن مان، ڪن کي اها ڳالهه نه آئڙي، جو فقير صاحب جي  بيتن  ۾ مجازي مستيءَ  جا ٿورا آثار ڏسڻ ۾ پئي آيا. جتن  جي  ٻارن کي  هُدڙي  راند (بال راند) کيڏندي   ڏسي ، جلال چيو:

او پَئي آون، مَن اُڊاون، جيوين راند ڪري اُڊري،
زمين زمن وچ لرزيا هويا، جيوين ڪتيان نون هي پڌري،
ساجن ميڏا سونهن ڀريا، جيوين اُپسان تي اُه اُجري،
جوت جلالي، جام جمالي، ويک ماهي دي مدري،
”جلال“ آکي جلوا آيا، ڳئي شمع، شيشي دي سندري،
ميڏا هوش ٿيا هدري، ڏيکڻ نال، ڏهاس دي.
 

}آون = وچ. اڊاون = اڏائين. اڊري = اڏري، اڏامي. جيئن پکي اڏامندا آهن، تيئن  اڏامي  راند ڪن ٿا. هويا = ٿيو. جيوين = جئن. ڪتيان = ڪتيون، ڪتي. نون = کي. پڌري = ظاهر. ميڏا = منهنجو. اپسان = آسمان. آه = ٽڪي، چنڊ  جي  روشني، جوت  جلالي الخ . سندن  حسن  ۾ رعب به آهي، مخموري  نشو به، دوستو  محبوب جي مدرتا (سونهن) ته  ڏسو! جلوا = جلوو، پر نور ، ڳئي = وئي، گم ٿي. سندري = اجالو. جڏهن محبوب  جو  پرتوو  پيد ا ٿيو، تڏهن شمع توڙي شيشي جو اجالو هليو ويو. هدري = هدڙي، کينهوڙو، بال، ڏهاس = رعبدار، منهنجو  هوش  هدڙي  ٿي ويو (وانگر  اڏامي  ويو.){

جتن جي ڪن گهرن  سان ، سندس برادري رستو به گهاٽو هو. آخر مريدن جي چوڻ تي، محسن شاهه، فقير صاحب وٽ آيو ۽ السلام عليڪ چـئي، ڀرسان ويٺو. فقير صاحب مراقبي مان ڪنڌ مٿي کڻي، چيو ته ”پنهنجي ريجهه رهاڻ ۾ ويٺا آهيون.“. محسن شاهه  وراڻيو  ته ”آئون به انهن سان ڳالهائڻ  لاءِ تيار آهيان.“ تنهن تي محسن شاهه کي چيائين:

آريٽيون اَڱڻ تي، ڪڍن انگ اِڙيون،
ريڙن لپيٽلين جون، سدا نس نڙيون، [1]
گهگهيريون گمڻ ۾، آهن ڳم ڳڙيون،
مهرا اَٿن مجاز جا، اَچن گام گڙيون، 2
هو ٿئي ڪل ڪڙيون، هي ٿئي جت ”جلال“ چئي.
 

        }آريٽيون  = واڻ وٽڻ جون ڦرڻيون. انگ اڙيون = ڊگهيون نوڙيون. ريڙون لپيٽيل = ڪپڙا  ٽڳڙين  ٿڦيل. گهگيريون = گهگهن واريون ، ڊگهن چولن واريون. گمڻ = ڍرو هلڻ . ڳم = آهستي هلڻ  جي رفتار. ڳمي هلڻ = هوريان  هوريان  هلڻ. ڳڙڻ = گرن، منهن جي متحمل خوئي، ڳنڀيرتائي. ڳم ڳڙيون = گران مايه، طبع ۾ ڳوريون، ڳنڀير. مهرا = مهرون. مجاز جون مهرون لڳل اٿن. اچن گام گڙيون = وکارينديون  اچن. ڇڙڪ رفتار سان پيئون اچن.  ڪل ڪڙيون = ڪکاوان گهر. جي اهڙا ماڻهو ڏسين  ته  انهن جا هي ڪنڌيءَ  واڻيل گهر اٿيئي ۽ هو جت  ماڻهو  اٿيئي.{

        جلال فقير مٿيون بيت چئي شاهه صاحب تي توجهه ڪيو، ته شاهه صاحب به اُتي جو اُتي استغراق  ۾ اچي  ويو  ۽ چون  ٿا ته  شاهه صاحب کي مديني مبارڪ جي آس  پاس  رهندڙ بدوين جا ڪنڌانوان  گهر، ڏاچيون ، اٺ، تڏا، واڻ  وغيره  سڀ  هنن جتن  جي گهرن، ڏاچين، اٺن تڏن وغيره  جهڙا  ڏسڻ  ۾ آيا ۽  اتان گنبد اخضر، يعني روضي مبارڪ جون  نيلون  ڏسي، زار زار روئڻ  لڳو. محسن شاهه جڏهن  وري خيال ۾ آيو، تڏهن جلال فقير چيس:

جي ٿي ڄاتئهءِ ڄاڻ، ته چوندي سان چڱيان ڪري،
جلوي سان ”جلال“ چئي، اَچي پرين پسايهءِ پاڻ،
ڏند چپن ساڻ“ مڙي ويهءِ ماٺ ڪري.
 

جلال فقير جي جلالت  ۽ روحانيت  به ان ڏينهن ظاهر ٿي ۽ محسن شاهه خود  فقير  جو معتقد ٿي پيو  ۽  هن به روحاني رمز جا بيت چيا آهن. شاهه صاحب  جي تربت، ڇاڻي، لڳ دادوءَ، ۾ آهي ۽ جلال فقير جي تربت پير ترهي جي مقام (لڳ غلام چانڊئي ڳوٺ) ۾ آهي. چون ٿا ته فقير کي پير ترهي وٽان فيض مليو ۽ ساڳئي وقت مخدوم بلاول جو به پانڌيئڙو هو.

حاجي جتوئي (ويٺل لڳ دادو: عمر قريباً سئو ورهيه) جو چوڻ آهي ته فقير جي مماتيءَ جي خبر سندس والد (حاجي جتوئي جي پيءُ) کي هئي، جو فقير جي جنازي تي نماز پڙهڻ ويو هو. حاجي جتوئي، تن ڏينهن ڪچو بالغ هو. سندس پيءُ قريباً سئو ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. هاڻي هن خيال موجب هي زمانو وڃي سال 1755ع تي بيهندو، جنهن وقت تي سنڌ تي عباسين جي حڪومت هئي: يعني ، جلال فقير ذري گهٽ ڀٽائيءَ جو همعصر هو. هن کان وڌيڪ اڃا ڪا ٻي شاهدي ميسر ٿي نه سگهي آهي. و الله  اعلم بالصواب.

        جلال فقير جي مٽي مائٽي، غلام چانڊيي، گولي فقير، فتح پور، پير  ترهي ، موندر وغيره وارن کٽين سان چئي وڃي ٿي. محترم علي محمد خان سيال ٻڌايو ته ”مرحوم فتح  خان موٿو، جو سندن  امام آباد ۾ 90 ورهيه کن عمر جو ٿي، گذاري  ويو، ۽ سالها غلام چانڊيي ۾ رهيو ۽ سگهڙن جي هر قسم جي ڪهاوتي ساهت جو گويا هر فن مولا هو، تنهن جو چوڻ هو ته ”جلال فقير اصل غلام چانڊيي جو ويٺل هو، ۽ پاڻ توڙي  سندس  عزيز  پير ترهي ۾ رکيل آهن. غلام  چانڊيي  ۽ پير ترهي جي کڏن جو سيلابي پاڻي، 5-6 مهنا سڪي ويندو هو، جنهن ڪري فقير صاحب، گذر سفر جي سانگي، موندر لڏي ويو، جتي دائمي پاڻيءَ جي جهيل (دريائي سم جي ڍنڍ) صاف  پاڻيءَ  واري  موجود هوندي هئي.“ هاڻي انهيءَ ڍنڍ جو صورتحال گهڻي قدر بدليل آهي، پر ته  به ”محراب“ اڃا به قائم اٿس ۽ نالو  به ”ڍنڍ“ اٿس، پر آبڪلانيءَ  جي وقت  اها ڍنڍ  واهڙ  ٿي وهندي آهي.“

جلال فقير، توڙي جو هڪ غريب پورهيت کٽي هو ۽ جي انهيءَ زماني ۾ سندس شخصيت ڪوئي شعاع نه ورتو ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؛ پر سندس اعليٰ ذهن جا ڦل ڦول، يعني روحاني ڏوهيڙا، سي ته ڪٿان ڪٿان جا روحاني پکيئڙا، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اچي، واس وٺي، تحفي طور کٽي ويا ۽ اميد آهي ته جلال فقير جت ڪٿ پيو  ٻولبو. هن جي  روحاني بو ءِ ڪيترائي عاشق پيدا ڪيا آهن، جي سندس ڪلام کي ڳولڻ لاءِ سرگردان  نظر اچن  ٿا.

فتح خان موٿي جي روايت موجب، پير ترهي جي کٽين، فقير  صاحب وٽ شڪايت آندي ته ”سندن کڏ سڪي ويئي آهي، ڪا دعا ڪريو.“ چون ٿا ته فقير صاحب پاڻي پڙهي ڏنن ۽ کڏ ڏانهن سلام به ڏنائين، ته کڏ سائي ٿي ويئي! سلامن جو بيت هي آهي:

ڪنداه تو کي ڪن جي، آهي پارت پريٽي
جي ٿا پاڪ رکن پن کي، ۽ هن رنگريز ربيتي،
سم نه سڪائج پانهنجي، تون درياءَ ديتي،
رکندءِ پاڪ پريت سان، هي جي هٿ ٻڏا هيتي،
انهن جي ايتي، تون قائم رکج ڪن تي.
 

} ڪنداه = سيلابي ٻوڏ، ڪن جو ڇوڙ، پر يتي = پر يٽي، پرٽ، ڌوٻي. جي پاڪ رکن پن کي =  انسان  جي  پن  پردي  يا انگن کي ڌوت  پوت سان  پاڪ ٿا رکن. ربيتي = رباني، خدا وارا. هن رنگريز ربيتي = اهي رنگريز، رباني ماڻهو آهن، جي ڪپڙا رڱي، مٿن فطري چٽسالي ائين نمودار ٿا ڪن، جيئن فطرت جي مختلف رنگا رنگي آهي.درياءَ  ديتي = ڏاتاري  ڍنڍ، دريائي ڏات  واري  ڍنڍ، هيتي = ڦٽل، ڦاٽل. هٿ ٻڏا هيتي = جن جا هٿ  ڦٽل ڦاڪون آهن ۽ رنگ ۾ سدائين ٻڏل آهن. ايتي = ”اتي“ جي نحوي ترڪيب. ڪن = ڪپر، يعني جيئن انهن (کٽين) جي سڪونت، تنهنجي ڪپر تي قائم هجي!{

فقير  صاحب کٽين کي چيو ته ”کڏ کي غلاظت کان پاڪ رکندا اچجو.“ انهيءَ  هدايت تي عمل ڪرڻ خاطر، هنن ويچارن مال لاءِ ٻي کڏ کڻائي، مگر سندن پويان، راڄ کي جهلي نه سگهيا ۽ پاڻي غليظ ٿيندو  رهيو، تان جو سم سڪي ويئي ۽کٽي  به لڏي ويا.

مرحوم فتح خان جي ٻيءَ روايت موجب، پير ترهو ”سمو“ هو ۽ مخدوم بلاول رحه جو رشتيدار ۽ طالب هو. انهيءَ سلسلي سان، پير ترهي جو اعليٰ نسب، ڄام تماچيءَ سان لڳي ٿو. جلال فقير کي به وٽانئس فيض مليو. هيٺيون بيت ان جي گواهيءَ ۾ ڏنائين:

ترهي تماچي ڄام،  گندريون گند اُجاريون،
ڪابوريون قبول پيون، جي لڳيون سمي لام،
بلاولي بحرين مان، جن پيتا جودي جام،
لاالھ الا الله، ملين پيغمبري پيغام،
جت پنهل جي ميسري، پر تون لڌو پرنام
مجازي مرام، جيتا! جي ”جلال“ چئي.
 

}گندري = مهاڻي.  گند گندريون = گنديون مهاڻيون. ڪابوريون = مهاڻن جي قوم، جا بلاول جي ڀرسان ” پير ڳڻئي“ جي ڍنڍ تي رهي ٿي (فتح خان). هت معنيٰ عيبدار. سام لڳيون = پناري  پيون. جلال فقير، مخدوم بلاول ۽ پير ترهي جي حسب نسب کي ڄام تماچيءَ سان ملائي، ”ڪينجهر “ ڍنڍ جي ”گندرن مهاڻن“ کي آڻي، ”پير ڳڻئي“ جي ڍنڍ جي ”ڪابوري مهاڻن“ سان ٿو ملائي. ڄام تماچي، نوري گندريءَ سان شادي ڪري، ڪينجهر جا گندرا اجاري ڇڏيا، ته مخدوم صاحب جي فيض وري گنهگار طالبن جي دل اجاري ڇڏي. بلاولي بحرين = يعني پير ترهي جي فيض جي دريائي شاخ، مخدوم بلاول جي درياءَ سان شامل هئي، تنهن ڪري ٻئي بحرين ٺهي پيا، جتان فقير جلال کي سرڪ ملي. جودي جام = سخاوت جا پيالا. لااله الا الله = افضل الذڪر جو اسم ذاتي ملين، جوئي آنحضور جن جو پيغام هو. جت پنهل = هت معنيٰ  آنحضور جن، جنهن کي  بي  بي  خديجھ الڪبرا رضي الله عنها، شام جي واپار لاءِ اٺن جي قافلي سان موڪليو هو. هوءَ  ميسره جي ڀائٽي هئي ”ميسره“ نصاريٰ مذهب جو هو ۽ جڏهن حضور جن کي 40 ورهين ۾ نبوت جو  اهڃاڻ  مليو  ته ”ميسره“ نشانين  پڇڻ  سان هڪدم چيو ته ”محمد، آخرين  زماني جو پيغمبر آهي.“ پر نام = اتم نالو، خدا تعاليٰ ، مرام = مراد، مقصد مدعا. جيتا = جيءُ ڪري آيا.

هن سومري سائينءَ جلال فقير جي ذات، نيات، سڪونت، سماجي ماحول وغيره متعلق جيڪا خبر حاصل ٿي سگهي، سا پيش ڪئي ويئي. وڌيڪ سندس باري ۾ ڪو تاريخي تفصيل نٿو ملي؛ سواءِ هن جي ته سنڌ جي هن عظيم سگهڙ ۽ شاعر جو زمانو  تقريباً ٻارهين صدي هجريءَ وارو چئي سگهجي ٿو. والله اعلم بالصواب

1

ڦَينٽي مَٿي ڦُلُ، سُونهين، سِر سِردار جي،

جُنگَ ساما ڻي جکري، لَٿو هَيبَتَ هُلُ،

سيد جو سڀ ديس ۾، تورُ نه آهي تُلُ،

اچن در عجيب جي، ڪِيرَتَ وارا ڪُلُ،

جَن  ملڪيتَ  ناهي مُلُ، تَن ڏيئي جوهر ”جلال“ چئي. {1}

2

ڪونئُرَ ڪَرائين ڪا، پيرين  رونَقَ پي جي،

اي ڀيِ قريبَ جا، پَڳَ برابر  پا،

آرتي، آبي، عُود، آڳرَ، آگَنُ نه اهڙو آ،

سنَگرُُ سَهِميو ساهَ ۾، شير سَنگيو شَرما،

مَنشَ مِينَ  مُشاهدي ، ڇِيهَلَ  اِيندو  ڇا !

چِترڪَ  چيَن  چَريا ڪيا، ڪوئل ڪِيلَ ڪَما،

ٻيو ڪو رَنگُ روا، اڳيان  جانب ناههِ ”جلال“ چئي.  {2}

3

 

تَمهرَ رُوپَ  تَرَنگَ، هن  ڪَنولَ  ڪيس  قريب  جا،

سِههَ  ڳِچيِ، قدُ، سَروي، ڪوَنترَ  نيفَ  نِسَنگَ،

ٻُونگَر سِر ٻُراءَ  جي، مُزگان  ڪيشَ خَدَ نگَ،

لَڪ ليثي، ڏَهَرَ ڪَپُورَ، ڀِروُن  ڀَونرَ  ڀَونگَ،

تنهن سُسايا سارنگ، جَلوي ساڻُ ”جلال“ چئي. {3}

4

تُڪا تليهرَ تينَ، هن آهُو عينَ عجيبَ جا،

جهڙي ڪَڪورَ قريبَ جي، تهڙي ڪاڏي پَسان ڪينَ،

جوهرَ  جڙيو  هوس  جان  تي، مُنهن موتيءَ کان مينَ،

فهميندا فڪرَ سين، ڪَن نينهن  سان نرملَ  نينَ،

اهڙا آهن آمينَ، جاني وڌ ”جلال“ چئي. {4}

5

بانڪ بدن، برق  جو  بهتر، دُر  اندر، دَڇن دَهاني،

رُخُ سبرخُ سَرسُ سوُهي کون، اَنف  عجيب، نَجيب نشاني،

ڪَئنٺ ڪَپلَ، ڪَپولَ ڪَرنَ  ڦَلَ، لَيثَ  لَڪي،

گل لاسِ لَباني،

ڪُنجلَ  چالڪَ ، چاهه  چيهي پَٻ، ڪَچَ  ڪَوي،

ڪَٽَونبَ ڪَلاني،

ڪَهي ”جلال“ بَحال خَصالتَ، رنگ رسالت، رُوپ رباني.  {5}

6

گوربَ وجهندي گوندَ، ڪرپا ڪيسَ ڪُلاهَ تان،

اَل اَليهرَ اَنسُرا، عينَ ته نرگس نُوندَ،

ٿِي ڦُڙڦُڙ ڦُوهارن جي، د ڌُ سُتُ  صاف سَموندَ،

ميگههُ پَسِي مَستانُ ٿيو، پَسي بادلَ بُوندَ،

ڇا خوبي خورشيد جي، مُکَ آڏو مَحمودَ

چَئين چَڳين چڳَ چُوندَ، تنهنجو جلوو آه ”جلال“ چَئي. {6}

7

عَجيبَن کان نَجيبنَ سندا، آهن قِيلَ ڪَثَر،

ديهي اُنَ جي ڌمَ ڇَپايا، جي عرشين منجهه اَپَرَ،

پَسي اَنگوشيون، عَجيبَ جون، جهَپِيا سَڀ جوَهَرَ،

لَبَن لالائي لالَ جي، جئن ڦوڳون وڌِ ڦوڳرَ،

ڪوَنرَ ڪَرائيون ڪارچا، ها دَستَ چڱا دِلبرَ،

پَسي دَندَ دَهاني دلبرَ جا، ڏَڪي ويا ڏونگَرَ،

انهيءَ کان به اَپَرَ، جانُب وڌ ”جلال“ چئي. {7}

 

8

جِئَن سي آبر بَهارَ، تِئَن ڪَنولَ ڪيسَ قَريب جا،

سي اَليهرَ  وانگي اُلٽيا، بدن  ڍَريا  تي  ڍارَ،

سَروَ  ڪَنان  سوُڌا  پرين ، مُنهنُ موتيين موچار،

 هَنجَ ڏسي لوڏَ لِڪيِ ويا، گَنيرَ ڪيئي گرفتار،

سُڻي ٻولي ٻاجهه ڀري، ڪي ڪوئلَ نا ڪُوڪارَ،

ڇڏي شَمس شُعاعُ ويو، گڏجي مَنجهه غُبارَ،

آهن چَينَ  چَڪور  جان، پِيّ َ پپيهلَ  پار،

سينو  موڪرو  سَڄڻين ، گُلبدن  گلزارَ،

ڀَنڀا ڀرون ڀَونرن جان، اَکيُون مِرگههَ آچارَ،

عارفَ جي ته اَچڻ جا، ٿيا آگمَ ۾ اظهار،

ساجن ۾ سَنسارَ، جانُب  وڌِ ”جلال“ چئي. (1) {8}

9

جئَن دلبر ديههَ بَدرَ جان، تِئَن اَٿس اَطلس جهڙا آنگ،

ڀوَنرَ  ڀنڊا  ڀَڙُ دلبر جا، رکن ڍيرَ  ڍرڻَ  جا ڍَنگَ،

مَپن  ڇَپن لَڪن، وجهن  وسيهرَ  وترا  وَنگَ.

ڪَيفي نينَ پَسي نرگس جان، ڪويا نينَ ڪر ُنگَ،

ريٽا چپَ  چيروان ، ٿا ڏين  مُزگان،  اَبرو اَنگَ،

ڪيس ڪرائي، ڪونڌ  ٻَڌا ، جئَن گهٽا پاس چنگَ،

لَڪُ ڪيسرَ ڪي، لوڏَ ڪُنجلَ، ٿو  ماري مورَ مَلَنگَ،

شمس، قمر قربان  ٿينَ ، جي ٿا  اُڀَ  ۾ جهَلين  اُمنگ،

عاشق  مثل  پَتنگَ، ڪئَن  نه جَلن ”جلال“ چئي! {9}

10

عرَق  عنبر  تي، اَلِ اَگُ الريا، پَيني  پين  پگهر کي،

ڦولَ  ڦهوڳڻُ،  ڦَونٽي ڦُڙ   ڦُڙ، اوڍي ٿو اَخضر کي،

ٻاڻَ ٻپرَ سَلَ، سَيفَ  دُپارا، ڪَن پيا تيز خنجر کي،

هرڻ هبين حيران ٿيا، پسي نرگس نين سَحر کي،

پَٽَ چيها اَچي پيش پيا، پسي لالي لال حمر کي،

حُسن حبيبن اڳيان اِلڪيو، ڇا هي شمس قمر کي،

وڄ جان ورڪيو، وَل وينجهرَ جو، ڀَڙڪي باهه ببر کي،

اُو ٿو ماري مَرمَر کي، جانئون جوڙ ”جلال“ چئي. {10}

11

وَ نڪا ڪَر  وروُنه جو ڪَتَرُ  قابِل هث ۾،

اَ ڇو ڪَندُءِ  اَنَ جان، تاري تُو تَڙ تُوهَ ،

ساهيندُ ءِ سچي سِينڱَ جان، ڏَئيِِ روغنُ مٿان روُحَ ،

تَن  وَٽ سَنجهِه صبُوح، جو دون وڃُ ”جلال“ چئي. {11}

12

چُستُ  چَلِي  مَون چاه، ونءُ خانهَ خِر د ونَدَن جي،

دِلِ اُجار دُڪانَ اُتي، ديک وڃِي داناهَ،

پَٻَ گِيري پيش پوَ، اَنچَرَ  وَٺيَ ڪَر آهَ،

هُو ٿِي صاحبَ  صيقَل جا، مَنُ مَليو ڪَن ماهَ،

اَفلاطونَ عقلَ جا، ٿا  شاهي لاهن شاهَ،

تَن وٽ سَنجهه صباحَ، جو دون وَڃُ ”جلال“ چئي. {12}

13

ڪو تلُ قابلَ وٽ، ويهي ڪَر وصال،ُ

ڇَڏ مَيا جو مامرو، مَستَ ڦٽو ڪَر مال،ُ

ڌوئي ڌرپت جان ڪري، ساهُ سينگارن سال،ُ

دوڙي ونءُ دُڪانَ تي، هٿَ ٻَڌي ڪر حال ُ

ڪڍندءِ ڪسوٽيون ڪس جون، نيئِي گَڏينَدءِ لال،ُ

نُڪتي مون  نادانُ  ٿِئي، تَنهِنجو  ِذهن  زوَال،

گوهَر ڪِري گِروَلَ تي، ڦاڪُون ٿِئي في الحال،ُ

سُخنُ سَچو ڪر سال، ڪَڍي جَرحَ ”جلال“ چَئي. {13}

14

ڪِرچين ڪُندُ ڪُلالُ، سِفلو سخت سُميرَ کان،*

تَڪبَرُ توشو تَنهِنجو، مَگ مايا ۽ مال،

تُندُ طبيعت تَڪڙو، خارج بد خَصالُ،

اچي ڪنهن اڪابر جو، ٿيو هو ورد وصال،ُ

هن جو سُخن سچو هو سال،ُ پر لڳس جرح ”جلال“ چئي ({14}

15

پُههَ رپُ پاڄِي پر جو، نِسَ رپُ راس نه رُوءِ،

ڦُن رپُ ڦور ڦِٽِي ڪَئِي، اُن رپُ آب نه آوءِ،

آل رِپُ  اَدبَ ۾ اُڀا،  سُتُ  رپُ، سانگَ نه سوُءِ،

ڪُنجَلَ جو رِپُ  ڪارِڌو، مَئِندَڪَ  جو  رِپُ  مُوءِ،

آگَمَ رِپُ نه اُگمي، ڪَنڪَن اَچي نه ڪُوءِ،

هِڪُ تُنهنجو جلووو جُوءِ، ٻيو جلوو ناههِ ”جلال“ چَئي. {15}

16

چِيهي چَرنَ سَنديِاسِ، وَهِيءَ هوَرنَ مَٽائِيا،

ڪَينٽَلَ ڪينٽَ قريب جِي، غَمزن هيٺِ گڏياسِ،

اَرُماهي، وَرُ ڪامِڻِي، تُنهنجي دَڇَن دَهلياسِ،

لَبيرَ لال ”کٽِي“ چَئي، اوپَرَنِ تي آياسِ،

مَديَرَ ماتِ ڪياسِ، جَلوي ساڻ ”جلال“ چئي. {16}

17

ڇاجِي ڪورَ ڪري ڪامولَ، هُن جا چرَن َچڱا وَڌِ  چورَ کان،

بِيٺَس مادِ مُقابِلي، هُونٺَنِ، رُوءِ هِنڊولَ،

اِس ڪوئَلِ، اُس ڪَلَ ڪيلَڪِي، جَب هي ڪامَ ڪَلولَ،

بَينسَر بِينِي بَن رَهي، وچ گوهر اَرگول،

خوبِي جي خُنڪارَ جِي، پَئِي اَرجهَلَ مَنجِهه اَلولَ،

ڏک لَٿا ها ڏولَ، پَسِي جانِبَ رُوءِ ”جلال“ چَئي. {17}

18

جَب گوري گَهنا ڪري، ”اَٺ ڏُوڻا“ اَغمازَ،

”ڏَهه ڏُون“ ڏِيهاڙي ڪَري، ڪامِڻِ ويسَ  قَوازَ،

اُنَ جي چَرنَنَ تي چَريا ٿيا، پَس وَتَن پروازَ،

آهُو مِينَ مُشاهدي  ڪَنِ طائوسَ تَواضَ،

تَرَنگَ تابَ تَپاڪِي، ڪَن نَيُون  نانگَ نيازَ،

سَروَ، صَنوبر سرَ زمين، ڪَم ڪَينچَنُ ماهُ ڪَمازَ

جي اهڙي دَورَ درازَ، تَن جِياريو جِيءُ ”جلال“ چئي. {18}


*  جلال ڀٽي  جا بيت به مشهور آهن؛ پر هو صاحب ڏور جو ڪاريگر هو. سندس وفات قريباً 90 ورهين جي عمر ۾ سال 1053ع ۾ ڳوٺ ”علي بحر“ لڳ لاهوري، لاڙڪاڻي ۾ ٿي.

*   او صاحب، منهنجي ڇوڪري جي پارت هجئي، جو ويچارو ڇورو آهي ۽ ڇوڪري کي رڳو ماءُ آهي ۽ ٻيو گهر ۾ الله جو نالو مٺو.

[1]  ري رتيون رنگريز چئي، پوتيون نينهن نڙيون.

2 مهر جن جي منهن تي، پر مهر مامڙيون.            مامڙيون = مام ڀريل.

1 ساڙيهه ۾ سنسار، جاني وڌ ”جلال“ چئي.

* ڪرچين ڪُندُ ڪُلال، ڪنهن پر سمجهي ڪين ڪي،

مگر تنهن مردود کي، آهي دار بقا  ڏُون  دال.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org