سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو سينگار

 باب:

صفحو :7

       ڦمنٽي. ڦينٽو. (سن. پيٽءَ = پَٽِي)، پَٽِڪو، دستار، پڳڙي، ڪمربند؛ ڪپڙي جو ٽڪرو (چادر)، هت اشارو: سيلي ڏانهن، جا عرب مٿي تي، پٽڪي بجا رکندا آهن، سينُو، نوڙُ.

       ڦل. (سن. ڦُل)، گل، ٽڙيل گل، پُشپُ، هت اشارو: ڪلنگي، تاج يا موڙ  ڏانهن.

       سونهين. سونهين  ٿو،  سونهن  ڪري  ٿو ، سهڻو  لڳي  ٿو. سونهن . (سن. شوڀا).

       سر سردار جي. سَردار  جي  سرِ  مبارڪ  تي.

ڦينٽي مٿي ڦل الخ.  منهنجي سردار جي سيلِي دستار اڳيان، هو لاکيڻو  پَٽو ، ڇا نه سونهن  ٿو  ڪري!

جُنگ. ف. وڏو؛ ڀاري؛ بهادر.

ساماڻي. سماڻي. سماڻو (سن. سَماويشَ)، ساماڻو، وڏو  ٿيو ، پيدا  ٿيو .

جکري. جکرو. اشارو آهي مشهور سخي مرد، جادم جکري ڏانهن، جو  سنڌ  ۾ ٺٽي ضلعي ۾ هڪ وڏو  جاگيردار  ۽  ڏاتار ٿي گذريو آهي. مرزا  قليچ بيگ جي احوال موجب: سومرن مان  سَماٽَ  قوم جو آهي، جا نومڙين  جي مَلڪاڻي شاخ مان آهي. مَلڪ بولا خان جکراڻي، نومڙيو هو. جادم جکرو به ساڳئي گهراڻي مان، ميان نور محمد عباسي ڪلهوڙي جي عهد ۾ ٿي گذريو آهي.   هن جي سخاوت جي ساراهه  جا بيت  ٺٽي  ضلعي  ۾  مشهور  آهن.

مصرع؛

جُنگُ  ساماڻو  جکرو ، لَٿو  ڏيهَنِ  مٿان

هت جکريجي معنيٰ ٰ ٿيندي: سخي، فياض.

       هيبت. ع. ڏَ رُ، خوف.

       جنگ ساماڻي جکري الخ. هڪَ جوانَ  سخي  ڏاتارَ  ساماڻي، سڀني تان  (قيامت جي گرفت جو)  خوف  لهي  ويو.

تور (سن. تُليه). هن، ثاني، برابر، جوڙ، ڀيچي.

       ٽل. (سن. تُليهَ)  برابر ، مٽ.

       سيد جو سڀ ديس ۾ الخ. سڄيءَ دنيا ۾ سيد (حضرت محمد صلعم) جو ڪو به  مٽ  يا  ثاني  نه  آهي.

       در. ف. دروازو ؛  گهر؛  مڪان ؛ ديرو .

       عجيب .ع. حيرت  جهڙو، اچمبو. هت معنيٰ: ڪماليت وارو عارف با الله.

       ڪيرت. (سن. ڪِيرتِ*)، هاڪ، ناموس، ساراهه، ناموري.

       ڪل. ع. سڀ، هَڙئي ، مِڙئي .

ڪيرت وارا ڪل . ڪل ڪيرت  وارا . سڀ  هاڪ  ۽ ناموس  وارا . اشارو انبياءَ  عليهما  السلام  ڏانهن ، جي  قيامت  ڏينهن ، شفاعت  لاءِ  حضرت محمد صلعم ڏانهن  ايندا.

جن ملڪيت ناهي مل. جن  جي ملڪيت کي ملهه ڪونهي. يعني: جيڪي گهنگار ۽  ادلا گدلا  آهن.

جن ملڪيت ناهي مل الخ. جن  پنهنجيءَ  عمر ۾ ڪوڏي به ڪانه ڪمائي آهي، تن کي پڻ  جوهر  ڏيندو . جلال  چوي  ٿو ته ”يقين  آهي  ته جيڪي ادلا گدلا (گنهگار) آهن،  تن  سڀني  کي، اجاري  ڦٽو  ڪندو.“

{2}

ڪونئر. ڪنول. (سن. ڪَمَلَ)، ڪنول گل، ڪنول  جو  ٻوٽو.

ڪراين. واحد. ڪرائي. (سن. ڪَلاچِي)، ٻانهن.

ڪا. ڇا.

پيرين. پيرن  جي. واحد. پير. (سن. پَدَ).

پيءَ. (پرا. پِءَ. سن. پرِيهَ)، پرين، محبوب.

ڪونئر ڪراين ڪا الخ. لچڪيدار نرم ڪَرايون  ته  ڇا، پر پرينءَ  جي  پيرن جي  رونق  به  وهه واهه آهي.

اي ٻي.  هي  به،  هي  پڻ.

تيب. پير جو پٻ. مجازا: خوش خرامي، پير  رکڻ  جو  نوع.

”تيبا ٿَرَ ٿرَِيُنِ جا، ُمُون اَتريو ياد اَچَنِ،
جَن جِي پاٻوهه ئي پڌري، جي لُڏندي لامَ لَهَنِ،
گايُون، مايُون، ٻَڪرِيون، هُت ڇيلا ڇيلَ ڇُڙَنِ،
تيبايُون تَڙَن تي، وَر وَر ڪيو وَرنِِ،
هِتِ هَلَنِ ۽ هِينگنِ، هُتِ مِٺَ مِٺاوَ ماروا.“

 

(جوڳي سر ٿري).

پڳ. (سن. پَدَ)، پير.

پا. ف. پايه. پير.

پڳ برابر  پا. پير  برابر  پير  جي.  يعني: جهڙو پَٻُ، تهڙي  کُڙِي. ٻئي برابر هجڻ آهي نفيس ۽ سهڻن  پيرن  جي توصيف

عود. ع. اگر؛ ڪاري ڪاٺي، جا  جلائڻ  بعد  خوشبوءِ  ڏئي.

اڳر. (ف. اَگَر. سن. اَگُرََ)، اگر بتي.

اگن. (سن. اَگن)،  باهه

ارتي اَبي عود الخ. ”ارتي“ ۽  ”آبي“  گل، عود ۽ اگر  جي خوشبوءِ  توڙي  باهه جو  شعاع  مٽ  پئي  نه  سگهندا. (؟).

سنکر.  هاٿي.

سنگيو. لرزيو، ڏڪيو.

سنڪر سهميو ساهه ۾ الخ. محبوب جي ٽور کي ڏسي، هاٿيءَ جو ساهه سڪي ويو ۽ پتلي ڪمر کي ڏسي، شينهن شرم وچان ڏڪي ويو.

منش. (سن.  مَنُوشيه)، ماڻهو.  اشارو  محبوب  ڏانهن.

مين (سن. مين)، مڇي. مڇيءَ  جو  وات  ننڍڙو  ۽  چپ  سنهڙا  ٿيندا  آهن.

مشاهدي. ع. مشاهده ، ديدار،  نظر.

ڇيهل. هرڻ. هرڻ جي اک شَرمِيلِي ۽ سهڻي آهي.

منش مين مشاهدي الخ. محبوب جو ننڍڙو  وات  ۽ سنهڙا  چپ  ڏسي،  مڇي  به  حيران  آهي  ۽ سندس  اکين  جي  مقابلي  ۾  هرڻ  ڇا ڀيٽ  ۾  ايندو!

چترڪ. چاترڪ.  پکيءَ  جو  قسم ؛ چنڊول  پکي.

چين. (سن. شَيَنَ)، آرام.

ڪيل. چَتون، طوطو.

ڪما. ع.  اهڙيءَ  طرح.

چترڪ چين چريا ڪيا الخ. محبوب  جي  مٺيءَ  ۽  من  موهيندڙ گفتار هڪ طرف چنڊول  پکيءَ  جو آرام ڦٽائي ڇڏيو ته ٻئي طرف وري ڪوئل ۽ چَتون (ساڳيءَ طرح، اهڙي طرح) حيران آهن.

رنگ روا. رنگ روئي، ڏيک ويک وارو حسن، ڪو به رونقي حسن.

ٻيو ڪو رنگ روا الخ. جلال چئي ٿو ته ”ٻيو ڪوبه حسن، سندم محبوب کان اڳرو آهي ئي ڪو نه.“

{3}

تمهر. رات.

روپ.  (سن.  رُوپَ)، شڪل، صورت.

ترنگ.  تلنگ ، وار ، زلف.

تمهر روپ ترنگ. رات  جي  روپ  جهڙا  وار.

ڪنول. (سن. ڪَمَلَ)، ڪنول گل.

تمهر روپ ترنگ الخ. محبوب  جا رات  جهڙا (ڪارا) وار، سي ته ڪنول گل  جيان  نرم آهن.

سهه. ڪونج . هن پکيءَ  جي ڳچي سنهي ۽ ڊگهي ٿئي ٿي.

ڳچي. (سن. گرِيوا)، سِسِي، ڪنٺ.

سهه ڳچي. ڪونج  ڳچي، ڪونج  وارو  اوچو ڳاٽ.

سروي. سرو جهڙو. سَرو. ف. وڻ جو قسم، جو سنئون سڌو (مٿ تي) اُڀرندو آهي. سَرو کي حسن واري قد سان تشبيهه ڏيندا آهن. سنڌ ۾ ”ڪابولي ٻٻر“ سان تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي.

قد سروي.سرو  قد. سڌي  قد  وارو، سِهيِ قد. قدقامت هاٺِي سرو جهڙي سڌي.

”سرو قد“ فارسي زبان جي تشبيهه آهي، ليڪن سنڌي زبان ۾ ”مٿانگ“ سان تشبيهه ڏيندا آهن.

”اُڀي ڳاٽَ، اُپاکڙو، موهي مون مَٿانگَ،
چال جنهن جِي چانگَ، سو کيٽُ کيڙُ و مون وڻي.“
 

اُڀي ڳاٽ، اُپاکڙو (سڌو بيٺل) ۽ مٿانگ، اهي ٽيئي لفظ سر قد جي تشبيهه آهن.

”مٿانگ“گاهه جو قسم آهي، جو سِڌين ٽارِئين، سَنهَنِ، چَهَن سان اڀرندو آهي. ٿَرَ جي کاهوڙ ترائيءَ  ۾ ٿيندو آهي.

کيٽ کيڙو. کيٽ کيڙيندو يعني هاري، ڪڙمي.

ڪونتر. طوطو چَتون.

نيف. (ع. آنف)، نڪ.

نسنگ. (سن. نِهه شَنَڪَ)،  بي ڊپو ؛ نروار، ظاهر ظهور.

نيف نسنگ. طوطي  جي  طرح  نڪ  نروار ، طوطي جيان ڪُنڍو  نڪ.

سهه ڳچي، قد سروي الخ. سندن اوچو ڳاٽ ۽ سرو بالا (قد)، سي ته ڪونج  ۽  سرو  جهڙا ؛ ۽ نڪ  طوطي  جي  چهنب  جيان  ظاهر  ظهور  ڪنڍو  آهي .

ٻونگر سر. ٻونگر  جهڙا  وار  مٿي  تي ، نرم ۽  سهڻا  وار.

مڙگان. ف. پنبڻيون.

ڪيش. (سن. ڪيشَ)، وار.

خدنگ. ف. تير، گز.

ٻونگر سر ٻراءَ جي الخ. هي  چوٽيدار  تَلهَڙَ وارَ ، ۽ ڪُنڊيون  پنبڻيون،  سي ته گويا  تير  آهن.

لڪ. (هه. لَنڪَ)، ڪمر، چيلهه.

ليثي. ليث  جهڙي. ليث. ع. شينهن.

ڏهر. ڏند.

ڪپور. (سن. ڪَرپورَ)، ڪافور.

ڀونگ. (سن. ڀُجَنگَ)، نانگ

لڪ ليثي ڏهر ڪپور الخ. شينهن  جهڙي  لڪدار  ڪمر، ڪافور  جهڙا  اڇا ڏند  ۽  ڀرون  ڀونرن  ۽  نانگن  جهڙا  ڪارا  آهن.

سسايا.   سُسائڻ. سُسڻ . (سن . شُش)، سوس  ۾  اچڻ،  سوڙهو  ٿيڻ.

سارنگ. (سن. سارَنگَ)،بجلي، آسماني مانڊاڻ

تلهن سسايا سارنگ الخ. جلال چوي ٿو ته ”هن محبوب، پنهنجي جلوي سان، بجلي مانڊاڻ  به  جَهڪو  ڪري  ڇڏيو.

 

{4}

ٽڪا. واحد تڪھ . ف. تير.

تليهر. نانگ جو قسم.

ڏهس:

”هڪڙا پَسينَ، ٻيا ڦُنَ، ٽِيا تَليِهَرَ، اَلِيهَرَ،
اَرگُ، بِشيِهَلَ، راجُلا، سِسِيهرََ، وِسِيهَرَ،
اوکي اوٽ عشق جِي، جِتي واسِينگَ وجِهن وَرَ،
اتي ۾ ڏوُنگرََ، سَسُئِي رکج ”صديق“ چئي.“
 

تين. نانگ جي ڦڻ  . مجازا : چوٽو. (؟)

اهو. ف. هرڻ.

عين. ع. اک.

تڪا تليهر تين الخ. محبوب  جا  ڪاريهر  جهڙا  ڪارا  وار ۽  چوٽو، سي ته تير  مثل  آهن ، ۽ سندس  اک، هرڻ  جي اک  جهڙي.

ڪڪور. رنگ، ڳاڙهاڻ ؛ حسن. اشارو: محبوب جي ڪيفي اک ڏانهن.

جهڙي ڪڪور قريب جي الخ. جهڙي ڪيفي سرخي اک، محبوب جي آهي، تهڙي  ته آئون  ڪٿي به  اصل  نٿو  ڏسان.

جوهر. ع. 7 ف. گوهر. موتي.

جڙيو.    جڙڻ. (سن. جَٽَنَ) مڙهڻ.

منهن. (پرا. مُههَ. سن. مُکَ)، چهرو، روءِ.

موتي. (پرا. موتِءَ. سن. مَوڪتڪَ)، رتن، گوهر.

منهن موتي. موتي مُنهن ؛ سهڻو منهن.

مين. (سن. مِبنَ)، مڇي.  محبوب  جي سهڻي  وات  کي، مڇيءَ  جي مُکَ سان تشبيهه ڏنل آهي.

منهن موتي کان مين. محبوب  جو  موتي منهن، يعني: سهڻو وات، سو ته مڇيءَ کان  به  سهڻو آهي.

جوهر جڙيو هوس جان تي الخ. سندس جان (بدن) رونق ۾ گويا جواهرن جو مُجَسّه هئي. يعني: سندس بدن گويا جواهري رونق جو جڙيل هو ۽ سهڻو مُک، مڇيءَ جي مُکَ کان به اعليٰ هو.

فهميندا. فهم وارا. ع. فهم، ويچار، خيال.

فڪر. ع. ڳوڙهو   ويچار.

نينهن. (سن. سينهَه)، عشق.

نرمل. (سن. نِرمَلَ.  نرِ  = سواءِ + مَلَ = ميل. گندگي)، پاڪ، صاف، پوتر.

نين. (سن. نَيَنَ)، اک.

فهميده فڪر سين الخ. محبوب، فهم ۽ فڪر  وارا  آهن، جي پنهنجي عشق سان، اکين کي صاف ۽ پاڪ بنايو ڇڏين. يعني: اهي پنهنجي فڪر ۽ احتياط وارا آهن ۽ محبت جي توجهه سان، اندر جي اک کي، نرمل ڪيو ڇڏين.

هن. مخ. آهن.

امين. ع. امانتدار. قوي؛ معتبر؛ محافظ.

اهڙا   هن   امين   الخ. جلال چوي ٿو ته ”اهي محبوب، جن جو لقب امين آهي، سي فيض ڏيڻ ۾ وڌيڪ فيض رسان آهن.“

{5}

بانڪ. (سن. وَرڻَڪَ)، سينگاريل سهڻو.

برق. ع. وڄ، کنوڻ، بجلي.

برق جو بهتر. (محبوب جو بدن)، وڄ  کان  به  وڌيڪ  ٻرندڙ  ۽  تجليدار  آهي.

دُر.ف. موتي.

دڇن.(سن.دَشَنَ)،  ڏند

دهاني. ف. دهن وات.

بانڪ بدن برق جو بهتر الخ. محبوب  جو  سهڻو  بدن ، وڄ کان وڌيڪ رونق  وارو  آهي  ۽  وات  ۾  موتيئڙا  ڏند  اٿن.

رخ. ف. منهن، چهرو.

سرخ. ف. ڳاڙهو.

سوهي. سوهو. سج؛ ڳاڙهو رنگ

الف. ع. نڪ.

نجيب. ع. بنيادي، اصيل. چونڊ نسل  جو يا  برگزيده  اصل  جو.

نشاني. نشان.  ف. ٺيڪ بيهڪ. ف.   نشاندن – نشان. ويهارڻ.

رخ سرخ سرس سوهي کون الخ. لاله رخ، سج کان به وڌيڪ سونهن ڀريو آهي  ۽  نَڪُ  به  هڪ  عجب  جهرو رونما  نشان  آهي.

ڪئَنٺ. (سن. ڪَنٺَ)، ڳچي.

ڪپل. (سن. ڪَپِلَ) سفيد، اڇو.

ڪئنٺ ڪپل. سفيد ڳچي، سهڻي ڳچي، شفاف ڳچي.

ڪپول. (سن. ڪَپولَ)، ڳَل، رخسار.

ڪرن. (سن. ڪَرڻَ)، گل  جو  قسم، جنهن  جا  گل  اڇا  ٿيندا  آهن.

ليث. ع. شينهن

لڪي. لڪ واري. لڪ. (هه. لَنڪَ)، ڪمر، چيلهه.

ليث لڪي. شينهن جهڙي چيلهه. شينهن جي چيلهه، سندس ڇاتيءَ جي نسبت ۾، سوڙهي آهي، تنهنڪري لڪدار ڏسبي آهي. ان کي هلڪي، لڪدار ۽ سهڻي چيلهه سان ڀيٽ ڪندا آهن.

هلڪي ۽ بنا ڪُکِنِ  واري چيلهه، تنهن جو پيٽ ۽ پٺي ڄڻڪ پاڻ ۾ گڏ يا پيا هوندا آهن. لڪدار پيٽ کي ”هرڻ ڪُکيِو“ به چئبو آهي. 

لبناني. لبن، لب. ف. چپ.

ڪئنٺ ڪپل ڪپول الخ. ڳاٽُ سهڻو ۽ شفاف، ڳَلَ ڪرني (گُل) جيان، چيلهه چابڪ ۽ گلابي چپ اٿن.

ڪنجل (سن. ڪُسجَرَ)، هاٿي. اڳوڻا شاعر، محبوب  جي هلڻ کي، هاٿيءَ جي ناز ڀَري  ٽورَ  سان، تشبيهه  ڏين  ٿا.

چالڪ   چلڻ.  (سن. چَلَنَ) گَتِ، رفتار، چال.

چاهه. (سن. اِچڇا)، پريت، خواهش، قدر؛ وڻندڙ.

چيهي. چيهو. ننڍڙو پکيءَ جو قسم، جنهن جا پير نرم ۽ ڳاڙها ٿيندا آهن.

چيهي پٻ. چيهي جهڙا ڳاڙها ۽ نرم پير. يعني: حِنائِي پير.

ڪچ. (سن. ڪَچَ)، وار.

ڪوي. ڪاوي. ڪائو. (سن. ڪانچَ)، شيشو.

ڪٽونب. وارن جو مُچو. چوٽي، وانگوڙو، گهاٽا وار.

مصرع:

ڪٽونب ڪيس پسي ڪري، ڪنهن  جوش وِڌا  جهولي. (بودو)

ڪٽونب ڪيس. وارن  جو  چوٽو .

ڪلاني. ف. ڪلان . دراز . ڊگهو.

ڪنجل چالڪ چاهه چيهي پٻ الخ. هاٿيءَ واري آسان لوڏ، حنائي (مينديءَ رتڙا) پير، چلڪندڙ  وار  ۽  دراز  چوٽو  اٿن.

ڪهي.      ڪَهڻ. (سن. ڪَئنَ)، چوڻ.

بحال. ف. ب = سان + ع. حال. تحقيق، ٺيڪ، ساڳئي يا  پوري  انداز  ۾.

خصالت. ع.  جمع. خصال. نيڪ  عادتون ، سٺا  گڻ.

رسالت. ع. پيغمبري  حيثيت  يا شخصيت ؛ پيغام  پهچائڻ.

رباني. رب  جي، خدائي، قدرتي ، روحاني . ع. رب  = پالڻهار.

ڪهي جلال، بحال خصالت الخ. جلال  چوي  ٿو ته ”سندن مجمع خصلتون به سهڻيون، مٿن  رسالت  جو  رنگ  چڙهيل  ۽  رباني  صورت  اٿن. “

{6}

گورب. مالَ  جا  ڦرڙ ا،  ڇيلڙا . (سن.  گَرڀَ = پيٽ  جو  ٻچو).

گوند. گُوندو . جهولي ؛ واڙ  ؛ واڙو ، . ڇيلن کي  بند  ڪرڻ جي  جاءِ،  (سن. ڪروڊَ =گود، جهولي)

گورب وجهندي گوند. گوندي (واڙي)  ۾  ڇيلڙن  وجهندي.

ڪيس. (سن. ڪيشَ)، وار.

ڪلاه. ف. ٽوپي.

گورب وجهندي گوند الخ. واڙي ۾ ڦَرڙن  وجهندي، (محبوب جا) وار، سندن مٿي کان  هيٺ  ڪلهن  تي ) لڙڪي  پيا.

ال. (سن. آلِ)، ٻچو؛ ڀونر

اليهر. (هه.  اَلِيهَه 7 سن. اَلِيڪَ = زهر + هَرَ = کڻندڙ)، نانگ.

انسرا. (سن. اَنَسُرڻَ) پويان هلڻ،  پيش  پوڻ، نه چرڻ. اشارو نانگ جي ٻچن ڏانهن، جي  ابتدائي  حالت  ۾ چري  پري  نه  سگهندا  آهن.

نرگس، ف. گل جو قسم. هي گُل جو قسم اَکِ جيڏو ۽ مست اَکِ وانگي خماريل، سوڻلُ، هڪ ڦُندڻَ وانگي ڏسبو آهي؛ تنهنڪري اک لاءِ تمثيل ڏيندا آهن. هن ۾ گل جي سونهن ۽ اک جو خمار، ٻئي حسن  سمايل  هوندا آهن.

نوند. (سن. نِندرا = ننڊ)، اک  جي خماريل  حالت.

مين ته نرگس نوند. اک ته نرگس گل جهڙي خماريل ۽ نيم شگفته.

ال اليهر انسرا الخ. هي نانگيئڙا (ڪلهن تي ڪريل وار) ڄڻڪ مَسپُ ماري ويٺا. هوڏانهن  وري، سندن  نيڻ  نيم خوابي ننڊ ۾، گويا  نرگس جا  گل  هئا.

ڦڙ ڦڙ. (سن. پرَشَتَ) ڦڙو ڦڙو، ڦڻي ڦڻي، قطرو قطرو.

ڦوهارن. واحد. ڦوهارو. (سن. ڦُوتڪارَ)، ڦهارو.

دڌ (سن. اُدڌِ)، سمنڊ.

ست. (سن. سُتَ). پُٽ.

دڌ ست. سمنڊ  جو  پٽ.  يعني : موتي.  موتي  سمنڊ  جي  پيدائش  آهي.

سمونڊ. (س. سَمُدرَ) سمنڊ، ساگر.

ٿي ڦڙ ڦڙ ڦوهارن جان الخ. وارن  مان  وري  رونقي  وَسَ، ڦوهارن  جهڙي  پيدا  ٿِي  ۽ اهڙي  شفاف، جهڙا  سمنڊ  جا  صاف  موتي!

ميگهه. (سن. ميگهَه) مينهن برسات.

ميگهه پسي مستان ٿيو. مِينهُنَ، وارن  مبارڪ  جي روشن  ترون ، راسِيُنِ يا ڪِرِڻَنِ کي ڏسي ، مٿان  جان نثار  طرح  مست  ٿي  پيو.

بادل. (هه. بادَ رَ. سن. بارِدَ ) ڪڪر. اشارو: محبوب  جي ڪارن  وارن  ڏانهن.

بوند. (سن. وِندُ)، مِينهَن  جو ڦڙو.

ميگهه پسي مستان ٿيو الخ. مِينهَن، نِڀوُر ڪارن  وارن  جي بادلن جي بوند کي ڏسي، مَحوِ  حيرت  رهيو.

خورشيد. ف. سج.

مک  (سن. مُکُ = وات)، مُنهن.

محمود. ع. ساراهيل. اشارو آنحضرت  صلعم  ڏانهن.

ڇا خوبي خورشيد جي الخ، محبوب جي حسن اڳيان، سج  جو  نُور ڇا گهري!

چئين.  چئني، چارئي، چار (سن. چَتُرَ)

چڳين. واحد، چڳ، وارن  جي مُٺِي. (سن. چُوڊا).

چئين چڳين. وارن جي چئني طرفن.

چڳ چونڊ. چڳون چونڊيل، ڦڻي ڏنل وار.

چئين چڳين چڳ چوند. چئني طرفن (ٻه چڳون مُنهَن جي اڳيان ۽ ٻه پويان) آراسته وار.

چئين چڳين چڳ چونڊ الخ. جلال چوي ٿو ته ”منهنجا محبوب، تنهنجي ڍار ڍريل آراسته (ڦڻي ڏنل) وارن ۽ تُنهنجو ئي نوراني، حُسُن پيو بکي)

 

{7}

نجيبن. واحد. نجيب. ع. اصيل.

قيل. ع. گفتگو. چوڻي. ڪَهَتِ، روايت.

ڪثر. ع. ڪثرت. وڌيڪ.

عجيبن کان نجيبن سندا الخ. هن جي سونهن کان به سندس حسب نسب جون  مقالون  گهڻيون  آهن.

ديهي. ديهه (سن. ديههَ)، بدن،  ڇاتي،  جسماني  حُسُن.

ڌم. وڄ. برق.

ڌم ڇپايا. وڄ کي  به  ڇپائي ڇڏيائين  يعني  بي  رونق ڪري ڇڏيائين.

عرشين. عرشن ۾. واحد، عرش. ع. آسمان.

اپر. مخ. اپار. (سن. آپارَ. آ= نه+ پارَ= انت)، بي انت، اٿاهه.

ديهي ان جي ڌم ڇپايا الخ. سندس جسماني حُسُن ته وڄون. بي آب  تاب  ڪري  ڇڏيون.

انگوشيون. ف. انگشت. آڱر.

جهپا. جهپيو.      جهپڻ. ڍرو ٿيڻ، جهڪو ٿيڻ.

پسي انگوشيون عجيب جون الخ. سندس ناخُنِي (نُنهَنِ) موتين اڳيان، ذات املهه  ماڻڪ، بي رونق ٿي ويا.

لال لب. ڳاڙها  چپ.

لبن لالالي لال جي. لال لبن جي لالائي.

ڦوڳون. واحد، ڦوڳ، (سن. ڦَلکُ)، ٻوٽي جو قسم، جنهن ۾ اڇي رنگ جا سرها گل ٿيندا  آهن.

ڦوڳر. ڦُلَرَ. ڦوڳ ٻوٽي جو ڇاڻو يا ٻُورُ. هت معنيٰ: گل.

لبن لالائي لال جي الخ. لال لبن جي مرڪ، سا ته گل (جي شگفتگي) کان  به وڌيڪ  شگفته  انداز  هئي.

ڪوَنر. ڪنول. (سن. ڪَمَلَ)، ڪنول جو گل، هت معنيٰ لرم.

ڪونَر ڪرائيون. نرم ڪرايون.

ڪارچا. لچڪيدار، مڙندڙ.

دست. ف. هٿ.

ڪونر ڪرائيون ڪارچا الخ. نرم لچڪيدار ڪرايون هين ۽ دلبر جا دست مبارڪ به سُهڻا هئا.

دند. (سن. دَنتَ) ڏند ف. دندان.

ڏونگر. جبل. ڇپر، روهه.

ڏڪي ويا ڏونگر. جبل ڏڪي ويا، جو منجهن  اهڙا  جواهر ڪين هئا، جي محبوب  جي  ڏندن  برابر  ٿي سگهن. صنعت  مجاز  مرسل.

پسي دند دهاني دلبر جا الخ. دلبر جا ڏند  مبارڪ  ڏسي، جبل پنهنجي ڪم مايگيءَ کان عجب  ۾  تڙپي  رهيا.

انهيءَ کان به اپر الخ. جلال چوي ٿو ته ”سندم محبوب، انهن وصفن کان اڃابه گهڻو اتم هئا.“

{8}

 

       اير. ف. ڪڪر. (سن. اَڀرَ =اَپ =  پاڻي + ڀَرَ = ڀريل).

        بهار. ف . بهار جي مند، بسنت.

جئَن سي ابر بهار الخ. جهڙا  آهن  بَسنَتي  مُندَ  جا  ڪڪر، تهڙا  آهن، منهنجي محبوب  جا  ڪارا وار.

        البهر، نانگ.

        الٽيا.     الٽڻ . (سن. اَللوٺَنَ )، اَٽلڻ،  مٿان  ٿي هيٺ  ڪرڻ.

ڍريا.    ڍَرڻ. (سن. ڌارَ )، ڍرو  ٿيڻ، آهستي آهستي لهڻ.

بدن  ڍريان  تي ڍار. بدن تي (وار) ڇَڙڪ ڇُڙي  پيا؛ دراز ٿي، هيٺ لٽڪي پيا.

سي اليهر وانگي الٽيا الخ. محبوب جا وار، بدن تي نانگن جيان، ڪر کنيو، ڇڙڪ  ڇڙيا  پيا آهن.

سوڌا.  سوڌو. (سن. شُڌَ)، صاف، صفا، سڌو، هڪ  جيهو.

موچار. (سن. مُکَ چارُو. مک = مُنهُن + چارُو = سهڻو) سهڻو، ڀلو، ٺاهو ڪو.

سروڪنان سوڌا پرين الخ. سندم پرين، سرو کان به سهڻي قد وارا آهن ۽ سندن  مُنهن  موتين کان  به  سهڻو آهي.

هنج. (سن. هَنسَ)، پکيءَ  جو  قسم، جنهن  جي  هلڻ  جي  ڍار  موهيندڙ آهي.

لوڏ.     لُڏڻ . (سن. لُنٺَنَ )، گت  هلڻ  جو نمونو، رفتار.

گنير. (هه. گَيَرَ. سن. گَجَوَرَ)، هاٿي.

هنج ڏسي لوڏ لڪي ويا الخ. سندن  ٽَورَ  اڳيان، هنج  به بيهي نه سگهيا ۽ ڪيئي هاٿي  پڻ  دنگ  رهجي  ويا.

سُڻي.    سُڻڻ. (سن. شرَوَڻَ)، ٻُڌڻ.

ٻولي. (سن. ٻروُ)، زباني، گفتار، گفتگو.

ڪوئل. (پرا. ڪوئِلَ. سن ڪوڪِلَ )، ڪاري  رنگ  جو  سهڻو  ٻوليندڙ  پکي.

ڪوڪار.     ڪوڪڻ. (سن. ڪوُجَنَ)، ڪوئل  جي  لات ، ٻولي  آواز.

سڻي ٻولي ٻاجهه ڀري الخ. سندن ٻاجَهه  ڀَري  ٻولِي  ٻُڌي،  ڪوئل (پکي) به ماٺ  ۾ اچي ويو.

شمس. ع. سج.

شعاع. ع. روشني

غبار. ع. لُڙاٽُ،  اونداههُ ، ڌُنڌُ ، جهُڙُ.

ڇڏي شمس شعاع ويو الخ .سج  جي روشني به شرميلي ٿي، وَڃِي جهُڙَ ۾مُنهن لڪايو.

چڪور. (سن. چَڪورَ)، پهاڙي  تتر. چڪور  پکي  چنڊ تي عاشق  آهي.

پيءُ. محبوب.

پپيهل. تاڙي پکيءَ جو قسم.

پار. طرف. محبوب جي طرف.

اَهن چين چڪور جان الخ. محبوب جي من موهيندڙ گفتار تي، تاڙا  پکي  ائين بي  چين  آهن، جئَن چڪور پکي چنڊ تي !

سينو.ف. سينه. ڇاتي، بدن.

سڄڻين. سڄڻن  جو، واحد سڄڻ. (سن. سَجّنَ . سَتَ = سچو + جَنَ = ماڻهو) ڀلو ماڻهو، دوست، ساجن.

گلبدن. ف. بدن گل. گل جو بدن، نفيس سهڻو بدن.

گلزار. ف. (گل + زار = جاءِ )،گلن جو باغيچو.

گلبدن گلزار. گلن  جي  پنکڙين  جهرو  نفيس يا نازڪ  بدن. سڀ عضوا: اکيون  ڳَلَ، ڀرون، چپ، لوڏ، بدن جي سِڌيِ اَڏاوَت، وار، پيشاني وغيره گويا مختلف سونهن جا سينگار آهن، جن ۾ نرگسي اک، ڀونر ڀرون، لال لب، سروقد، سڀني جي جهونڪَ (لوڏَ) گڏجي، واقعي گلزار ٿا بنائين.

سينو موڪرو سڄڻين الخ. محبوبن جو سينو ڪشادو ۽ بدن گلزاري گلن جهڙو سهڻو ۽ نرم آهي.

ڀنڀا. (سن. بِنبِتَ: بَڀروَ) ڪارا، لڀور ڪارا.

اکيون. واحد. اک. (سن. اَڪشِ)، چشم.

مرگهه. (سن. مرگَ)، هرڻ.

اَچار. (سن.  ا َچارَ)، نمونو، مثال؛ هوبهو.

ڀنڀار ڀرون ڀونرن جان الخ. محبوب  جا ڪارا  ڀرون  ڀونرن  جهڙا، اک اهڙي جهڙي  هرڻ  جي.

عارف. ع. سڃاڻندڙ، خدا شناس بزرگ، سالڪ. اشارو آنحضور صلعم ڏانهن.

اَگم. (سن. اَگَمَ)، وقت، ايندڙ  وقت ؛ جهُڙُ، آسماني وس  واري  فضا.

عارف جي ته اچڻ جا الخ.  محبوب  جي آمد  جا  آثار، ساري  دنيا  ۾  پڌرا  ٿي  ويا.

سنسار . (سن. سَنسارَ. سَم = ساڻ + سرَ = وڃڻ )، دنيا، جهان.

ساجن ۾ سنسار الخ. جلال  چوي ٿو ته ”هن  سنسار  ۾ منهنجو  دوست  اتم ۽  اعليٰ آهي.“

{9}

بدر. ع. چوڏهينءَ جو چنڊ.

دلبر ديهه بدر جان. محبوب  جو  بدن  چنڊ  جيان  روشن.

اطلس. ع. ابريشم، تسر پٽ ؛ نرم، لسو  ۽  نفيس  پَٽَ جو  ڪپڙو .

جيها. (سن. يا درَشَ)،  جهڙا.

انگ. (سن. انگَ)  عضوا

دلبر ديهه بدر جان الخ. جهڙو دلبر جو سارو بدن  چوڏهين جي چنڊ مثال آهي، تهڙا  وري  اٿس، رِيشميِ  پَٽَ  جهڙا  نفيس  عضوا.

ڀونر . (هه. ڀَنوَرَ: ڀَنوَءرا. پرا. ڀَمَرَ . سن. ڀَرمَرَ)، ڪارو اُڏامندڙ  جيت، جو گلن مٿان گنجار ڪندو آهي.

ڀنڊا. (سن ڀَڻڊا = ٻوُٽڙا )، گهنڊ يدار  وار.

ڀونر ڀنڊا. ڀونر  جيها، نِڀوُر ڪارا  وار.

ڀڙ. (سن. ڀَٽَ) هوشيار

ڀڙ ڀنڊا. وار، جي  ڏنگڻ  لاءِ ڪَرُ  کنيو  بيٺا  آهن.

ڀونر ڀنڊا ڀڙ دلبر جا الخ. محبوب  جا وار به ِِِِِِِڀونر جهڙا ڪارا رونقدار آهن ،جن کي هيٺ ڍير ٿِي، ڪِرڻ جي به گويا سهڻي تجويز (عادت) آهي.

مپن. مَسپُ. وجهه.    مپڻ. (سن. ماپَن)، مپ هڻڻ، ڇَهَلَ هڻ.

ڇپن.   ڇپڻ. (سن. ڪشِپَ)، لِڪڻ، اوٽ َ۾ اچڻ.

لڪن. لڪ. (هه. لُنڪ)، ڪمر  چيلهه. هت  معنيٰ: ڳچيءَ جا لڪ، چيلهه جا لَڪَ.

وسيهر. (سن. وِشَهَرَ. وِشَ = زهر + هَرَ = کڻندڙ)، نانگ.

وترا. (سن. بَهوُتَرَ)، وڌيڪ.

ونگ. (سن. وَنڪَ)، ور، پيچ، وڪڙ.

مپن، ڇپن، لڪن الخ. اهي (ڪاريهر نانگ جهڙا) وار، محبوب جي چيلهه ۽ ڳچيءَ  ۾، نانگ کان  به وڌيڪ ونگ وجهي، ڇَهَلَ هنيو  ويٺا  آهن.

ڪيفي. ع. ڪيف وارا، نشيدار، مخمور. ڪيف. ع. شراب، نشو.

ڪويا. ڪوماڻا، جهڪا ٿيا.     ڪوئن. (سن. ڪُنچَ).

ڪرنگ. (سن. ڪُرَنگَ. ڪُ = ڌرتي + رَڱجَ = خوشي)، هرڻ، اَهو.

ڪيفي نين پسي الخ. سندس خمار  ڀريل نرگسي نيڻ ڏسي، تنهن هرڻ جون اکيون، ڪومائجيو  وڃن  ٿيون.

ريٽا. واحد. ريٽو. (سن. رَڪت)، ڳاڙهو.

چيروان. چيريل. لَڪِيرا.    چيرڻ .(سن. چِيرڻ ).

چپ چيروان. چيروان  چپ. چپن کي سنهي چِيرَ (ليڪ) وچ  ۾ ٿيندي آهي، جا نقاشي حسن  پيدا  ڪري  ٿي. ”اک“ به چيروين  ٿيندي آهي.

مزگان. واحد. مزگ. ف. پنبڻي.

انگ. انگهه (هاڻ). (سن. اَنڪُرَ)، چير، نوڪ، چهنب.

ريٽا چپ چيروان الخ. هڪڙا اٿس لَڪِيرا خوني لَب، ٻيا وري پنبڻين ۽ ڀِرُن جا ڀالا، جي اندر ۾ چير  پيا وجهن.

ڪرائي. ڪارائي. (ڪارا + ئي). سياه. ڪارو. (سن. ڪالَ).

ڪونڌ.   ڪونڌڻ. (سن. ڪَنَنَ = چمڪڻ + انڌ)، بجليءَ  جو  چمڪڻ.

ٻڌا.   ٻڌڻ. (سن. بَنڌَنَ)، قابو  ڪرڻ.

ڪونڌ ٻڌا. چلڪي ٻڌل ، چمڪندڙ ، تجلا  ڏيندڙ.

گهٽا. (سن. گهَٽا) بادل، ڪڪر؛ ڪڪرن  جو  ميڙ، ڳوڙها  ڪڪر.

پاس. (سن. پاشروَ)، پاسي، طرف.

چهنگ. وڄ، کنوڻ؛ کنوڻ جي کِوا.

گهٽا پاس چهنگ. ڪڪرن  ۾ وڄ.

ڪيس ڪارائي ڪونڌ ٻڌا الخ. محبوب جا ڪارا  وار، ائين پئي چمڪيا، جئن ڪارن  ڪڪرن  ۾ وِڄُ.

ڪيسر. (سن. ڪيسَرِنِ)، شينهن.


*  تيبا = پير. تيباريون = تڪڙي وک کڻندڙ مايون؛ چابڪ رفتارون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org