سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو سينگار

 باب:

صفحو :10

{27}

مک پسي محبوب جو الخ.محبوب  سندم جو منهن  ڏسي ، چنڊ  به ماٺ ۾ اچي ويو .

ڪٽونب ڪيس. (ص 60)

تين. نانگ جي ڦڻ. (ص 57)

ڪٽونب ڪيس قريب جا الخ. محبوب جي، وارن جو ڪارو چوٽو، تليهر نانگ جي ڦَڻِ کان به وڏو ۽ ويڪرو آهي.

گت. (سن. گَتِ)، رفتار، هلڻ، گام، وک، چال.

چيٽو. (سن. چِترَڪَ)، چيٽو شينهن.

چين. چيلهه، ڪمر، لڪ.

مصرع:

دهن  مِين  مُلا  چَئي، هَسِ چيٽي جهڙي  چِينَ.

(ملا)

گت کڻن گنير ڪرن الخ. محبوب جي هلڻي اهڙي آهي، جو هاٿي ڏِسيو، پيا ڪِرن ۽ چيٽا به لڪدار هلڪي چيلهه ڏسي، مريو ٿا پون.

مهمن. ف. باريڪ ڪومل؛ گران مايه، بزرگ تر.

مهين. (سن). مَها = وڏو + هه. جِهينَ. (سن. ڪشِڻَ = باريڪ).

موچي. ف. موءِ = وار + چين      چيدن = چونڊڻ. شاعر صابر جي ذات.

اهڙا محب مهين الخ. صابر موچي چوي ٿو ته، ”مون کي اهڙا صورت جا سردار پَلَئه پيا آهن.“

{28}

جهڙا گل گلاب الخ. شاه خوبان (پرين) اهڙا نازڪ بدن ۽ سهڻا آهن، جهڙا گلاب جا گل، پر اڃا به وڌيڪ .

مين دهن. مڇلي مک.

مجرو. ع. مجره. آداب، سلام، عزت.

مجرو ڪيو مهتاب. چنڊ  به آداب بجا آندو. يعني: حسن آڏو، سر نوايو.

پسي مين دهن دوست جو الخ. محبوبَ مَڇلي مُک سهڻي اڳيان، خود چنڊ به سر نمايو.

ڪيسن. واحد. ڪيسن. (سن. ڪيش)، وار.

ڪارنهن. (سن. ڪالِمسن)، ڪاراڻ.

پڄندي.     پڄڻ. (سن. پرَڀُوتَ)، پڄي سگهڻ، مقابلو ڪرڻ.

قاف. ع. جَبَلُ، جو چيو وڃي ٿو ته جهان کي گهيرو ڪيو بيٺو آهي ۽ ڪارو آهي.

ڇا ڪارنهن پڄندي قاف. ڇا، قاف جبل جي ڪارنهن (وارن سان) مَٽُ پَئي سگهندي!

ڪيسن ساڻ قريب جي الخ. محبوب جي ڪارن وارن سان، قاف جبل جي سياه ڏِکَ به مَٽُ پئي نه سگهندي.

وڏاندرا. وڏاندرو. (سن. ورڏتَرَ)، وڏو، سخت؛ سهڻو، عمدو.

ڪن پيا ويس وڏاندرا الخ. صابر چوي ٿو ته ”محبوب  ڏاڍا  عمدا  ڪپڙا  پهرين  ٿا.“

زاف. ع. زَعف. اڦٽ يا اوچتو مارڻ؛ فنا، ناس.

مصرع:

هاڻ نه جيان جيڏيون، زلف زاف ڪياس. (ڀٽائي)

ظاهر اڳتون زاف الخ. اهڙي موتمار (اُڦٽ مار) حسين (عجيب) جي اڳيان، ڪو به بيهي نٿو سگهي.

{29}

قوس. ع. ڪمان، سينڱ.

سياه. ف. ڪارو.

لس. (سن. لَس)، چمڪڻ، جرڪڻ.

ابرو قوس سياهه سڄڻ جا الخ. محبوب جا ڪمان َڀرون، ڀونر ڪارا ۽ چَپَ جَرڪَ لالائي وارا آهن.

وسيهر. نانگ.

ورڪن.    ورڪڻ. (سن. وَرتَنَ)، چرڻ پرڻ، گهمڻ ڦرڻ؛ ڦيرائڻ؛ چمڪڻ، تجلڻ.

مصرع.

وِڄَ جان ورڪيو، ولُ وينجهر جو، ڀَڙِڪِي باهه ببر کي. (جلال)

سرڪن.    سرڪڻ. (سن. سَرَڪَ: سَرَڻ)، سُرڻ  پُرڻ.

سس. (سن. شَشِن)، چنڊ.

وار وسيهر وڌ ورڪن الخ. ڪارا وار سدا پيا جَرڪن ۽ محبوب جي چنڊ جهڙي بدن تي نانگ کان به وڌيڪ پيا لَٽڪن (وَر ورَڪن يا چُرن پُرن).

ڪيف. ع. نشو، شراب؛ مستي، خمار.

ڪيف ڪبوريا. ڪيف ڪڪوريا، نشي ۾ رتل، نشي جي خوشخيالي وارا.

جهور. 7 ع. جوهر. 7 ف. گوهر. موتي.

جڙيو.     جڙڻ. (سن. جَٽَنَ)، ڳنڍڻ.

جس. (سن. يَشس)، تحسين، نيڪ نامي، شاباس.

ڪيف ڪبوريا، عين عجب الخ. ڪيفي خوشي ڀريا نيڻ به واهه، واهه!! ۽ مهانڊي جي پوڄ به قابل تعريف.

بني     بنائڻ. بڻڻ. (سن. وَرڻَنَ)، ٺاهڻ.

   نٿ.(سن. نَسُتَ)، نَڪَ ۾ پائڻ جو زنانو زيور.

 نوري. نور واري. ع. نور. روشني.

نوري نٿ. سهڻي نٿ.

سون. (سن. سُورَڻَ. سُ= سٺو + آرُڻ: وَرُڻ = رنگ)، ڪينچن، طلا.

سهه. ڪونج.

هس. هسلي. (سن. اَنسَلِي) ڳچيءَ  جو  زنانو  ڳهڻو.

سون ڳچي سهه هس. سونُ (سنو. هار) ۽ هَسُ،ڪونج گلي ۾.

بين بني نٿ نازڪ نوري الخ. محبوب کي سهڻي نٿ (لال موتيئڙن واري)، نَڪَ  ۾ ۽  ڪونج  گَلي ۾ سونو  هار ۽  هَسُ ٺهن  ٿا.

ليث لڪي. (ص 59)

ات. اتي. ته، ۽، ٻيو.

لوڏ ڪنجل. هاٿي لوڏ. (ص 88)

ڪهندس.     ڪهڻ. (سن. ڪَٿَنَ)، چوڻ.

ليث لڪي ات لوڏ ڪنجل الخ. هلڪي چيلهه (شينهن جهڙي) ۽ لوڏَ هاٿيءَ  واي،  ته  ان  سان  ڪوئل ڪهڙي لات ڪڍندو!

بازو. ف. بازو  بند  ٻانهن  جو زنانو  زيور، سونَ، روپي يا سُٽَ  جو  ٿيندو آهي.

بازو بيحد. بازو  بند  حد کان  وڌيڪ (ٺهيا پئي).

تاب. ف. چمڪو، چلڪو.     تافتن – تاب = چمڪڻ.

ترن. (هه. تَروَنا 7 تاڙ 7 سن. تاڊِ + بَنا)، ڪڦل، ڪنن ۾ پائڻ  جو  زنانو  زيور.

نس. (سن. سنا يُه(، رَڳَ.

عطر عنبر نس نس. نس نس ۾ عطر. يعني: پگهر گويا عطر ۽ عنبر جهڙو خوشبودار هو.

بازو بيحد تا ب ترن ۾ الخ. بازو بند ڏاڍو پئي ٺهيا، پر سندس حسن ڪنڦلن  ۾ هو  ۽ رڳ رڳ جو  پيسنو عنبر  بار.

بيکاري. خيرات  وٺندڙ. (سن. ڀَڪشيَه = خيرات، دان)

واس. (سن. واسَ)، خوشبوءِ.

ڀونر بيکاري واس وٺڻ لئه الخ.هوُ ڀرندڙ (شائق) ڀونر، تنهن عنبر جي بوءِ وٺڻ  لاءِ، وڏا  حيلا ڪندا  رهن  ٿا.

چرن چيهي. چيهي جهڙا (ڳاڙها ۽ نرم) پير. (ص 60)

چينچل. محبوب.

چرن چيهي تنهن چنچل جا. محبوب جا پير، چيهي جهڙا ڳاڙها.

چين. (سن. شَيَنَ)، آرام.

چڪايو. چڪائڻ. چڪڻ (سن. چيُتڪرِتَ)، چُڪي وڃڻ، باقي نه رهڻ.

چس. (سن. چَشَڻَ)، لذت  مزو. مزو. ف  چشيدن – چش = چکڻ.

چرن چيهي تنهن چينچل جا الخ. تنهن چاڳلي (محبوب) جا پير، چيهي جهڙا  ڳاڙها، جنهن آرام ۽  لذت  ڦٽائي ڇڏيا.

چنڊا. (سن. چَندَ: چَندرَ)، چنڊ.

چوڏس. (سن. چَنَرَ دَ شِي)، پَکَ جو  چوڏهون  ڏينهن، چوڏيهن رات.

او چندا اَچو ڏس الخ؛ صابر موچي چوي ٿو ته ”محبوب ساري جهان ۾ هڪ چوڏهين  جو  چنڊ آهي.“

{30}

تلنگ تيهر تين الخ. وار  ته ڪارن  نانگن  جهڙا  ڦڻدار ۽  پاڻ  سج کان  به  سهڻا آهن.

نيڻ. (سن. نَيَنَ)، اک.

خمار. ع. نشو، ڪيف.

نگين. ف. موتي، هيرو؛ مُنڊيءَ  جي ٽِڪَ.

نين نگين. گوهر دار  اکيون، مَڻِ  واريون  اکيون.

کڻن نيڻ خمار مان الخ. گوهر دار اکيون، ڏاڍي خمار مان  مٿي کڻي، نهارين  ٿا.

سهه ڳچي. ڪونج ڳچي.

ڪٽ ڪيسري. شينهن جهڙي پتلي ڪمر.

ربين. رڀين. رڀن. (سن. رَو + اِن)، سج.

سهه ڳچي، ڪٽ ڪيسري الخ. ڊگهي ڳچي (ڪونج جيان)، چيلهه چيٽي (شينهن) جهڙي هلڪي ۽ سندن منهن، سج جهڙو.

اڌو. آڌار. (سن. آڌارَ)، مددگار، ٿَنڀُ ٿوڻِي.

امين. ع. امانت ڪندڙ. ضامن. خطاب حضرت محمد صلعم جو.

عافل عارف شاهه چئي الخ. عارف شاهه چوي ٿو ته، ”سندم محبوب ڪيڏا نه  ضمانت  جا به ٿنڀ (شفاعت جا صاحب) آهن.“

ذوقي. ع. ذوق. استعمال  ۾ معنيٰ: مزه  وارو، مرضي وارو، دلپسند.

سر زمين. ف. روئي زمين تي.

ذوقي سرزمين الخ. اهڙا روئي زمين جا دلپسند محبوب منهنجي نهر ۾ پنهنجي آيا.

 

{31}

سحر. ع. صبح.

سجاگ. س = چڱو + جاڳ.      جاڳڻ (سن. جا گَرَڻَ)، خبردار، بيدار، جاڳندڙ.

سحر ويل سجاگ. صبح وقت بيدار. آنحضور جن ”تَهجد“ پڙهڻ لاءِ اَسُرَ جو اُٿندا هئا. هت ”سحر ويل“ اشارو آهي: تهجد واري وقت ڏانهن.

ڍرندا.     ڍَرڻ. (سن. ڌارَ)، لهڻ  آهستي آهستي گم ٿيڻ.

سحر ويل صنم کي سجاڳ پسي الخ. تهجد وقت، سندم محبوب کي، سجاڳ ڏسي، هوُ آسماني تارا  سڀ لهندا ويا. يعني: سندن حسن اڳيان بيهي نه سگهيا. بي رونق ٿي ويا.

ڀونر ڀنڊا. ڀونرن  جهڙا  ڪارا  وار.

ڪر. ڳچي، ڳاٽ.

مصرع:

ڪنگو ڪر ڪُونجَرَ جو، هن قمر کون  قرارا. (ڪنڀار)

ڦنڊا. واحد. ڦنڊو. ور  وڪڙ؛ نانگ جي اُلَرَ  يا  ڌَڪُ.

وچ. (سن. بِچُ = جدا  ڪرڻ )، وچ  ۾.

ونڊا. واحد. ونڊو. وينڊو = منڊيءَ جو  قسم. اشارو : وارن جي گول گول ڇلن ڏانهن.

وچ پوي وچ ونڊا. خم در خم، پيچ   در  پيچ، گهنڊيون.

ڀونر ڀنڊا وجهن ڪَرَ ۾ ڦنڊا الخ. ڀونرن جيها نِڀورُ ڪارا وار، گهنڊيون گهنڊيون ٿي، محبوب  جي ڳچيءَ  ۾ وڪوڙ جي  وڃن  ٿا.

ڪنڍيون. وريل  پنبڻيون. (سن. ڪُندلَ).

ڪنڍا. واحد. ڪنڍو. (سن. ڪُنڊل)، وريل ڀرون. اصل معنيٰ دروازي جي چَوڪَٽَ لڳل ڪُنڊو، جنهن ۾ ڪَڙو وجهجي.

ميڙن.     ميڙڻ. (سن. مِلَ)، گڏ ڪرڻ، ملڻ.

جنڊا. واحد. جنڊو. جنَڊُ، (س. بَنسَر)، چَڪي. جنڊ.

جنڊا ميڙڻ. (اصطلاح). ٻه پاسا ملائڻ، جفت جفت ٿيڻ، پاڻَ ۾ گڏجي وڃڻ.

بکي. چمڪي، تجلي.     بکڻ. (سن. ڀا = ڇمڪڻ).

ڪنڍيون ڪنڍا ممڙن جندا الخ. هو ڪماندار ڀرون ۽ خمدار پنبڻيون جفت جفت ۽ سارو بدن، چنڊ جيان پيو بکي. يعني: محبوب جون پنبڻيون اهڙيون ڪماندار هيون، جو وڃبو، ڀرُن سان پئي لڳيون.

نين سياهي نرگس. ڪاريون نرگسي اکيون.

جهانء. جهانئِن. (سن. ڇايا)، ٿڌي روشني.

جهوندا.    جهَوَڻَ. دُکڻ. بَکَڻُ، ٻَرَڻُ. (سن. شياوَلَ = جهانورو)،

گيت:

باهه جهوَين، ڪانگُ لَنوين،
توُن آوِين، منهنجا مورڙا،
مون کي مورڙي موڪل ڏي.
 

ٻهراڙيءَ ۾ ”مورڙي“ جا گيت چوندا آهن، جيئن ڇَلَڙا وغيره.

هن گيت ۾ چوي ٿي ته، ”سندم اندر ۾باهه پئي دُکي ۽ ڪانگ به نياپو آندو آهي ته تون اچ (آوين = اچجانءِ) ..... اي منهنجا مورڙا! وڌيڪ چوي ٿي ته، ”اي مهنجا مائٽو، مون کي مورڙي (مورَ جهڙي محبوب) ڏانهن موڪل ڏيو ته وڃان“.

نين سياهي نرگس جان الخ. هو نرگسي سيه چشم ڏِسُ ته ڪهڙي نه خوشيءَ سان پيا ٻَهڪن.

کيپ. (سن. ڪشيوَ) نشو، ڪيف، خمار.

کيپ کنجن تي. اکين تي خمار.

مي. ف. شراب.

ڪونڊا. واحد. ڪونڊو. (سن. ڪُسڊَ)، ٿاڌل گهوٽڻ وارو ٺِڪَرَ جو ٿانءُ.

ٿا کيپ کنجن تي خوب چڙهڻ الخ. سندس مخمور اکين تي واهه واهه، جو نشي جا خمار آهن؛ ڄڻڪ سندس اکيون شراب جا پيمانا آهن.

گت گوهر ڪي. گوهر (محبوب) جي هَلڻِي.

ڪنجل. (سن. ڪُنجَرَ)، هاٿي.

گت گوهر ڪي ڪنجل ڪيري الخ. هن مڻيادار (محبوب، گوهر) جي رفتار نه رڳو هاٿي ڪيترائي وجهي ٿي، پر مور به بسمل آهن.

رڻ روهن ۾ ويا رڙندا. برپٽ ۽ جبلن ۾ (هرڻ، محبوب جي اکين کي ڏسي) رڙندا رهيا.

اهو عين عجيب پسي الخ. هرڻ به سندس عجب جهڙا نيڻ ڏسي، وڃي، جهنگ منهن  ڪيو، رڙندا رهيا.

ڀرندا.     ڀرڻ. (سن. مِلَ) ڦرڻ.

شمع ڇڏي پروانا آيا الخ. شمع کي، پروانا ڇڏي، هن وٽ آيا ۽ ڀونر به واس وٺڻ لاءِ (مٿس) ڦرندا رهن ٿا.

سحاب . ع. ڪڪر.

سرسي. (سن. شرِ يَس = گهڻائي)، عزت، جَس.

سحاب سياهه سرسيءَ لئي. ڪارا ڪڪر عزت کٽڻ لاءِ.

ڪوثر. ع. بهشت جي هڪ لهر، حوض. حوض ڪوثر.

سحاب سياهه سرسيءَ لئي الخ. حوض ڪوثر مان، ڪارا ڪڪر به سندس جس کٽڻ لاءِ شراب  طهورا سان  پريان  هڪليندا آيا.

جهرندا.     جهرڻ. (سن. ڪشرَڻَ)، ڳرڻ، ڏٻرو ٿيڻ.

جيءَ گهڻائي جهرندا الخ. عارف شاهه چوي ٿو ته، ”جن سندس مشاهدو ماڻيو هوندو، تن  جا جيءَ  ته فراق  ۾ پيا  ڳرندا  هوندا.“

 

{32}

کٿوري. (سن. ڪَستَوري)، مُشڪ.

ڪارا ڪيس کٿوري جهڙا الخ. سندن خوشبودار ڪارا وار، سي ته عنبر جي سرهاڻ جِي ڌَمانِي، ڪڍي ٿا ڇڏين.

تار. (سن. تارَ) ڌاڳو.

مار. ف. نانگ.

ازگر. ف. 7 سن. اَجگَرَ. اَجَ = ٻڪرو + گُر = ڳِهَڻ) وڏو نانگ، آريڙ.

تار زلف جي مارمرن ٿا الخ. زلف جا تارَ تارَ وار ڏسي، نانگ نيست ٿي وڃن ٿا ۽ اريڙ بلا غلطان رهجي وڃي ٿي.

جهلڪي. جهلڪو. (سن. جهَلِڪا). جهلڪ؛ چمڪو.

       جلوي جوت جبين جي جهلڪي الخ. پيشانيءَ جي رونقي تجلي ۽ جهَلڪ سان، تو ته (اي محبوب) قمر کي به قيد ڪري ڇڏيو.

مقابل ٿيا. سامهون ٿيا، روبرو ٿيا، حاضر ٿيا.

نئتر. (سن. نيترَ)، اک.

مرگهه ٿيا مقابل يارو الخ. دوستو، ڏسو ته هرڻ به پرين جي سهڻين اکين اڳيان، اچي پڌري پَٽ حاضر ٿيا.  يعني: اکين جي ديدار لاءِ اچي حاضر ٿيا.

ابرو قوس ڪماني. ڪمان جيان وريل ابرو.

مرغ. ف. پکي.

بشر. ع. ماڻهو.

ابرو قوس ڪماني الخ. هوُ، جي ڪماندار ڀروُن آهن، سي ته انساني پکيءَ جو مارُ ٿا ڪن.

صفون. واحد . صَف. ع. جمع. صفوف. قطار.

فرنگ. فِرنَگي. ف. 7 انگ. يورپي، نصارا. فِرينک – فرانس جي هڪ قوم.

فجر. ع. فَجر.

مڙگان صفون سنڀائي بيٺا الخ. صبح جا نِيم خوابي پِنبَڻَ (پنبڻيون) ته فرنگيءَ جي جنگي تربيت وانگي صفون ٻَڌي، اچي بيٺا.

انف. ع. نڪ.

منقار. ع. چنهب.

ٿو شرمائي شهپر کي. شهپر کي به شرمائي ٿو. شهپر کي به شرم ٿو  اچي.

انف ٿيو منقار مثل الخ. نڪ طوطي جي چهنب وانگي آهي، سو ته شهپر جي مغرور مَڪَرَ کي به شرم ۾ ٿو وجهي ڇڏي. يعني: محبوب جي نَڪُ سنهڙو ۽ چُوپِڙو آهي. شهپر (مُڇ ) اهڙا  سنهڙا (سندن چوٽيون) نه آهن، جهڙو محبوب  جو نَڪِ.

بدخشان. (افغانستان.) ڪنهن وقت ياقوتن کان مشهور هو. لعل – ياقوت.

لب لعل بدخشان مرجان الخ. سندن ڳاڙها چپ، سي ته بدخشاني لعلون ۽ مرجاني گوهر آهن، جنهن کان خود  احمر  جي گوهر کي به حيرت  وٺيو  وڃي.

روماني. ف. رومان. ڏاڙهون.

دانه. ف. داڻو.

روماني دانه. ڏاڙهونءَ جا داڻا؛ ڏاڙهون. ڪَڻِ.

خوشڪان. بلو 7 ف. خشڪ. خشڪي ڏئي ٿو، بي تاب ڪري ٿو.

خُشڪان ڙي خشڪان، ته به سرتيون سوز پنهل جو،
هڪڙو پنڌ پهاڙ جو، ٻي واري جي وَشڪان،
ٽيون ٿَڪَسِ ٿَرَ ۾، جت آب ناهي اَشڪان،
پرت جي پَشڪان، آئون ريڙهيون پايان راهه ۾.
 

(آخوند)

وشڪان – وس. پشڪان = پويان.

در دندان روماني دانه الخ. موتي ڏند، سي ته ڏاڙهونءَ جا داڻا آهن، جي سنگمرمر کي به خشڪي ڏيئي ٿا ڇڏين. يعني: هن جو آب وڃائي ٿا ڇڏين.

چاهه. ف. کوه.

ڪنعاني، ع. ڪنعان جو رهندڙ. فلسطين جو هڪ ملڪ آهي. حضرت يعقوب عليه السلام جي شهر جو نالو.

شاهه مصر. اشارو حضرت يوسف عليه السلام ڏانهن. حضرت يعقوب عليه السلام جو فرزند هو. ڀائرن کيس، حسد سببان کوه  ۾ وڌو هو. آخر شاهه مصر ٿيو.

چاهه زنخ ڪنعاني هو يا. کاڏي جو (صوفوانه) چاهه، سو ته ڄڻ ڪنعالي چاهه جو نمونو هو، جنهن  يوسفي حسن کي موهي ڇڏيو.

پستا. ف. پستان.

بوءِ.ف. خوشبوءَ.  اشارو: پگهر  ڏانهن

پستا بوءِ بهاري بيٺا الخ. پستان ۽ پگهر جي خوشبوءِ، سي بهاري جي تازگي ۾ کڙا تڙا ٿيا بيٺا هئا. جنهن کان انار ۽ عطر کي شَههَ پئي آئي.

شجر. ع. وڻ. جمع. اشجار.

توتئون سرو صنوبر صدقي الخ. تنهنجي قد تان، سرو ۽ صنوبر قربان آهن، پر  ٻئي ڪنهن به وڻ کي، اهڙي قامت اڳيان، ڪهڙو شانُ ٿي سگهي ٿو.

ڪمر. ف. چيلهه.

ڪيهر. (سن. ڪيسَرِن)، شينهن.

يعقوب پسر. حضرت يعقوب عليه السلام جو پٽ. حضرت يوسف عليه السلام.

ڪمر ڏسي، ڪيهر ڪنبي ويا الخ. سندن چيلهه جي نازڪائي ڏسي، ڪيهر شينهن اهڙيءَ طرح حيرت ۾ پئجي ويا، جئَن حضرت يوسف عليه السلام اڳيان مصر  جون زالون.

علي اڪبر. ع.حضرت امام حسين جو فرزند، ميدان ڪربلا ۾ شهيد ٿيو هو.

اي چاڪر پنهنجو حال الخ. چاڪر خان چوي ٿو ته ”تون پنهنجي دل جو حال، امام علي اڪبر عليه اسلام جي پيش ڪر.“

 

{33}

تلنگ تليهر. واسينگ وار.  

سنبل. ف. خوشبودار گاه  جو قسم.

تلنگ تليهر سنبل سنهڙا الخ. سندم محبوب تي ڪارا خوشبودار واسينگ وار، اوجل ڪيو بيٺا آهن.

ولڙيون. واحد. ول. (سن. وَلي).

ولڙا. وَل وَل، وڪڙ وڪڙ، پچ پيچ.

ڇلڙا. ڇلڙو. ڇلو. (سن. ڇَلي)، منڊيءَ جو قسم.

ولڙيون ولڙا ڇلڙا ڇلڙا. ولين ۽ ڇَلَنِ وانگر گول گول. اشارو: گهنڊيدار وارن ڏانهن.

ڇڻڪيو.     ڇڻڪڻ. (پرا. ڇِپتَ. سن. ڪُشپتَ)، ذرا ذرا ٿي هيٺ ڪرڻ، بوند جو ڍرڻ.

ولڙيون ولڙا ڇلڙا ڇلڙا الخ. اهي وار هيٺ ڇڙڪ ٿيو، ولين وانگي ولَ ولَ ۽ ڇلڙا  ڇلڙا  ٿيو  پيا ڍرڻ.

ڀونريون. ڀونرن  جهڙيو ن ڪاريون، ڪجل اکيون.

بادامن. ف. بادام. اشارو بادام اکين ڏانهن. چيريل اک.

مرگهه وڃي مشتاق ٿيا الخ. سندس بادام اکين جي ڪَجلُينِ تي، مرگهه به وڃي عاشق  ٿيا.

گل گلابي گوهر اتڙي الخ. ڳَلَ، گُلَ گُلابِي ۽ اُتي لال گوهرن (ٻن چپن) سان، لعل بدخشاني جي لالائي ڇا لڳي!

ڪتيون. واحد. ڪتي. (سن. ڪرِتڪَا)، ثريا، ستن تارن  وارو جهُڳٽو.

مانڊاڻو. مانڊاڻ. (سن . مَنڊَنَ)، سينگار، سجاوٽ.

ڪتيون ڪنبن ٿيون ڪڪرين الخ. محبوب جي حسين چانڊاڻ ڏِسِي، ڪتيون آسمان  ۾ پيئون ڏََڪن.

ملهار. (سن. مَلارَ) جهُڙُ، مجازا: خوشي، تازگي.

کنوڻيون. واحد. کنوڻ. (سن. ڪَشڻَدا)، وڄ. بجلي.

کنون.    کِنَوڻُ. وِڄُ جي کِوا ٿيڻ، برقي تجلو ٿيڻ.

مرڪڻ منجهه ملهار جي الخ. هن خوش خلق جي دنداني مُرڪ ۾، اها تجلي آهي، جو کنوڻون به نٿيون کِنوَنِ. يعني: محبوب جي تجليدار دنداني مُرڪ  ڪري، وِڄُنِ پنهنجي تجلي ڏيکارڻ ڇڏي ڏني.

پانو. پان. (سن. پَرڻَ)، پانَ جو پَتو.

پُٺ. (سن. پرَشٺَ)، پُٺِي. ف. پُشت.

پانو پرين پٺ ۾. محبوب کي پُٺيءَ ۾ پانَ جهڙو ڳاڙهو ٽِڪو هو، جا حضور جن  جي  پُٺ  مبارڪ  تي نبوت  جي نشاني هئي.

چاسينگ. مخ. چاسيِنگر.

چمڪن.     چمڪڻ (سن. چَمَتڪرَتَ)، تجلا ڏيڻ.

پانو پرين پٺ ۾ الخ. پرينءَ جي پُٺيءَ ۾، جا ڳاڙهي (نبوي) مُهر هئي، تنهنجي اڳيان ٽِمِڪَڙِِن (ٽانڊاڻن) به ٽمڪڻ ڇڏي ڏنو.

پوپٽڙا. پوپٽ. پوپٽ جا عضوا  نرم ٿيندا  آهن.

سهه. ڪونج. هن جي ڳچي ڊگهي ۽ سنهي ٿيندي آهي.

پٽ چيها. پٽ چيهن جا پير ڳاڙها ۽ نرم ٿيندا آهن.

پوپٽڙا سهه پٽ چيها الخ. محبوب جا پير، پَٽَ چِيهَن جهڙا ڳاڙها (ميندي رتا) ۽ سڀ عضوا پوپَٽَ جيها نرم ۽ ڳچي ڪونج  جيان  اوچي ۽  سنهي.

لڳا.    لڳڻ. (سن. لگَنَ)، مقابلي  ۾ اچڻ.

ڪنجل ۾ قدمن. قدمن ۾ هاٿي.

لڳا ڪين لونگ چئي الخ. لونگ چوي ٿو ته، هاٿيءَ جي رفتار به (محبوب جي هلڻ جي) ڀيٽ ۾ اچي نٿي سگهي.

وينجهر، وينجهار. (سن. وڌ = ٽُنگ ڪڍڻ ونڌڻُ) قابل، پارکو.

وينجهر ٿا وٽجن الخ. وڏا وڏا نُڪته دان به محبوب جي دانش اڳيان، پيا بولاٽيون کائين.

{34}

مٽي.      مَٽڻ. (سن. مرَشٽَ)، ميسارڻ، دور ڪرڻ.

جي ٿئين قابل ڪم عقل کان الخ. جيڪڏهن ڪنهن مجهول کان ڪا هنر مندي (قابليت) هٿ اََچئَي ته به اهڙي صحبت ڇڏي ڏي.

سفلو. ع. سِفلھَ، ڪميڻو، نيچ.

ويل. (سن. ويلا: ويلَ)، وقت.

ويل وٽي. آئي ويل، آئي مهل سر، بعضي بعضي.

تو سان سفلو ٿو ساڻي ٿئي الخ. اهڙو نيچ ۽ جاهل، ڪنهن ويلي وقت،تنهنجو ساڻي (مددگار) ٿيندو (۽ نه هميشه).

سٽي.     سٽڻ. سَٽَ ڪري وڃڻ، سعيو ڪري وڃڻ.

وڃج وينجهارن وٽ الخ. ڪنهن نيڪ صحبت جي خيال کان، تون سدائين صرافن (وينجهارن – ڪاملن) وٽ پنڌ ڪري به ويندو ڪر.

ڪٽي.     ڪٽڻ. (سن. ڪرتَنَ)، ڪاٽڻ، وڍڻ.

لونگ. (سن. لَوَنگَ)، سُرهي وکر  جو نالو. هت: شاعر جو نالو.

لاهيندءِ غمر لونگ چئي الخ. لونگ چوي ٿو ته ”اهڙا ڪامل (روحاني بزرگ) تنهنجا غم يعني: دل جا وسوسا ڪاٽي (ڌوئي) ڇڏيندا.

پل. (سن. پَلّ َ)، گندي، ڀانڊو.

پل پٽي ڏيڻ. (اصطلاح)، ڀانڊو کولي ڏيڻ؛ روحاني خزانو کولي ڏيڻ.

سرت. (سن. سمَرتِ)، سمجهه، هوش.

صاحب سرت سماءَ جا. وڏي سمجهه ۽ پهچ جا صاحب.

ڏيندءِ پل پٽي الخ. تو کي روحاني خزانا کولي ڏيندا، ڇو ته هو وڏي سُرت جا صاحب آهن.

{35}

اره. (سن. اَرَس)، ڇاتي، سينو.

اناران. انار  وانگر. ف. انار. ڏاڙهون.

اپٽيو. اپٽڻ. (سن. اُتپَتَنَ = مٿي اٿڻ)، کُلَڻُ.

واسينگ. (سن. وِشَ = زهر)، نانگ.

اره اناران اپٽيا الخ. ڇاتي، انار جيان ماسَ واري ۽ مٿون اليهر ۽ واسينگ (وار) ور پيا وجهن.

ڪچ. (سن. ڪَچَ)، وار.

ڪٿوريون. واحد. ڪٿوري. (سن. ڪَستُوري)، مُشڪ.

ڪچ ڪٿوريون ڪارڙا. ڪارا خوشبودار وار.

شاهينگ. بدبخت، رقيب.

ڪچ ڪٿوريون ڪارڙا الخ. محبوب جا ڪارڙا وار سبز کٿوري جهڙا سُرها ۽ آب و تاب ۾ گويا شمع جا رقيب هئا.

لرجهائي. لرجهائڻ. لرجهڻ. (سن. لُلَنَ)، مِرڪائڻ؛ لڏڻ، جهولڻ.

چهه. چيهه. کنوڻ؛ تجلو، چلڪو.

چاسينگ. چاسينگر.

لرجهائي لب لالن کي الخ. لال لبن کي مرڪائي، گويا بجليءَ جا تجلا پيا ڏين ۽ ٽانڊ ا ڻا پيا ٽمڪائين.

راسينگ. (سن. راشِ)، فلڪياتي ستارن جي روشنائيءَ جي لاٽ.

شمس، قمر ڇا آهن الخ. رخ مٿان، چنڊ فلڪياتي چانڊاڻ ڪجهه به نه آهي.

وينگ. 7 وينگس 7 ويجهر. سِٽا واري عورت، سيبِتِي.

ليث. ع. شينهن.

جي واجهائي ور وينگ الخ. لونگ چوي ٿو ته ”جيڪڏهن محبوب چيلهه جو وَٽ (وڪڙ) کائي (ڏَ ئِي)، نهاري ٿو ته شينهن کي به لَٽي ڇڏي ٿو. يعني: محبوب جي پتلي ڪمر کي ڏسي، شينهن (جن جي ڪَمر پتلي آهي) پڻ ريٽِجِي وڃن ٿا.

 

{36}

اڊلي.       اُڊلڻ. الٽڻ. اُلٽي پوڻ. اُٽلڻ. (سن. اُللوٺَنَ).

عنبر. (ص 68)، اشارو ڪارن وارن ڏانهن.

انڱڪر. (سن. انَگَ = عضوو + ڪَرَ = هَٿُ)، سڄو بدن.

اولي.     اولڻ. ڍڪڻ. (سن. آوَرَڻَ).

پلو. پالار. پلر ڪرڻ = چُهُم ڪرڻ، جمع ٿيڻ.

پلر ڪيو پينن. نانگن جُهُم ڪيو، نانگ، هڪ هنڌ ڪَٺا ٿيا. نانگن جي ميڙ کي ”پلر“ يا ”پالار“ چئبو آهي.

اڊلي عنبر انڱڪر اولي الخ. عنبر بوءِ وار ڪِري، عضون کي ڍَڪيو، جو ڄڻڪ نانگن پاڻ ۾ جُهُم ڪيو آهي.

ڪونجر. ڪونج، لاڏلي ڪونج. چاڳلو محبوب.

ڪجلي. ڪجل واري. سرميل اک واري. (سن. ڪَجَلَ).

ڪونجر ڪجلي ڪامني الخ. محبوب هڪ اوچي ڳاٽين سُرميل ڪونج آهي، جا ناز سان نيڻ ڀريو وَتي.

برق بدن. برقي بدن، تجليدار بدن، سهڻو بدن، روشن بدن.

بخمل. 7 ع. مُخمل. ريشمي ڪپڙي جو قسم، جنهن جو هڪ پاسو نهايت نرم ٿئي ٿو.

برق بدن بخمل کان الخ. محبوب جي بخملي روشن بدن کان، کنوڻيون ڪٿي ٿيون کِنويِن سگهن.

طاق. ع. تختو، پَٽُ، در.

طلا. ع. زر، سونُ.

طاق طلائي = سونَ جا طاق. اشارو: بدني سونهري اڏاوت ڏانهن

ترنا. ترني. (سن. تَرڻِي)، جوان عورت.

ٽانڊاڻا. واحد. ٽانڊاڻو. کُڙکٻيتو.

ٽمڪن.     ٽمڪڻ. (سن. تم = ٿڌو ٿيڻ)، ٿڌي روشنيءَ سان چمڪڻ.

طاق طلائي ترنا تي الخ. محبوب جي سونهري اڏاوت تي، اهي کُڙکٻيتا ڪهڙي ٽمڪ ڏيکاري سگهندا!

مين دهن. مڇلي وات.

ميم. ”م“ گولائيءَ جيان سوڙهو وات.

اڌر. (سن. اَڌَرَ)، هيٺيون چپ، چَپَ.

لپٽن.    لِپٽڻ: لپيٽڻ (سن. لِپتَ)، هڪ شي جو ٻيءُ سان ملڻ.

مين دهن ميم جان الخ. اهي لال لب، سي ميم مک مثل سَمولجي پون ٿا، جڏهن پاڻ ۾گڏجن ٿا.

وکاري.  وکون کڻي، قدم هڻي.      وکارڻ. (سن. بِيکا = قدم، وک).

وسو. (سن. وَشا)، هاٿِڻِ، هاٿي.

سرخاب. ف. هڪ قسم جو پکي،قُمري. چِيهو، پَٽَ چيهو.

وکاري وسوءِ جان الخ. محبوب، هاٿيءَ جان نرم رفتار سان هلي ٿو، گويا سر خاب ميندي رَتَلَ قمري آهي. يعني: محبوب جي گام، هاٿيءَ جهڙي ۽ پيرن ۾ تحقيق چيهو پکي.

لڄئون. لَڄَ َ کون. لَڄَ. (سن. لَجا)، حيا، شرم.

لڪيو.      لڪڻ. (سن. لُڪَ) ڇپڻ، آڙ ۾ اچڻ.

اند (سن. اِندُ) چنڊ.

ادمن. (سن. اُدنڌِ)، ڪڪر، جهُڙُ.

اند وڃي اندمن. چنڊ، جهُڙَ ۾ پيو وڃي.

لڄئون لڪيو  لونگ چئي الخ. هي چنڊ به، محبوب جي ڏسڻ لاءِ، شرميلو ٿي، ڪڪرن ۾ لڪيو ٿو وڃي.

ڀڻڪن.      ڀڻڪڻ. ڀوُن ڀوُن ڪرڻ، گنجار ڪرڻ.

وينگس. وينجهر. سِٽا واري عورت.

ويسن. واحد. ويس. (سن. ويشَ)، پوشاڪ.

ڀونر پيا ڀڻڪن الخ. محبوب جي گلبدن هڳسانَ تي، ڪئِين ڀونر پيا ڀڻڪار ڪن.

 

{37}

ڀونر سينگار. ڀونرن جو سينگار، يعني: ڪارن ڀونري وارن جو سينگار.

اڀار.     اڀارڻ. (سن. اُد ڀرََڻَ)، کڙو ڪرڻ، ٻاهر ڪڍڻ.

سينڌ. (پرا. سَنڌِي. سن .  سنَڌِ)، مانگ، مٿي جي وچ واي سنواريل ليڪ.

سرڪي       . سر ڪرڻ. (اصطلاح)، ٺاهي ٺيڪ ڪرڻ، تيار ڪرڻ.

ڀونر سينگار اڀار الخ. پنهنجي سيھ وارن جو هار سينگار نه ڪر، هي وري سڌي رُتولَ سينڌ ڪيئن ڪڍي آهي!

عورتون سينڌ ۾ سندُر ڀَري، سونَ وَرنِي سِينڌ چِٽينديون آهن. شاعر جو اشارو اهڙيءَ سِيندُوري (سندر واري) سينڌ ڏانهن آهي.

تيز تر. تکا تر، زياده تر. (سن. تيِڪشَڻَ) تيز.

خنجر. ف. ڪٽاري. ڪاتُ.

خنجر نين. خنجر اکيون. چيرويون (چيريل) اکيون. اهي اکيون، جن جون پنبڻيون ڪنڍيون (وريل، ڏنگيون، خمدار) هجن.

هي جي خنجر نين خضر چئي الخ. خضر چوي ٿو ته ”هي چيردار خوني اکين جا ڪات، جي تون رکين ٿو، سي وري تيز تکا (ترار جيان) ڇو ڪَيَئه؟

ٻڙڪي.        ٻُڙڪڻ. ٻُڙڪي نڪرڻ، بڙ بڙ ڪري نڪرڻ. (سن. بُد  بُد).

جرڪي. چمڪي، تجلو ڏيئي.        جرڪڻ. (سن. جوَلَ)، چلڪڻ.

سي تان ٻاهر ٻڙڪي ڪين پيا الخ. هي خوني ڪاتَ، جي جيءَ ۾ چُکِي ويا آهن، سي ته ڦَٽن ۾ ڦِلهڙا ٿي، ٻاهر ڪين نڪتا.

درڪي. در تي ڪئي، دروازي تي ڪئي. (ف. در)

مون ٻي دانهن اچي درڪي الخ. هاڻي (زخم جي) دانهن به تنهنجي اڳيان ڪئي اٿم ۽ نه ڪنهن ٻئي جي اڳيان!

{38}

 جب گوري گهنا ڪري. (ص 83)

نورا. (سن. نُوپُرَ. نُو = زيور + پُر = اڳتي هلڻ)، پازيب، پيرن ۾ پائڻ جو زنانو زيور.

ڇيمون ڇين. ڇم ڇم ڪرڻ. (هه. محاوره). (سن. شِنجَ)، زيورن جو ڇمڪو.

جب گوري گهنا ڪري الخ. جڏهن محبوب زيور پائي ٿو، تڏهن سندس پازيب ڇِڻ ڇِڻ ڪن ٿا.

ڪامڻ ڪنول. ڪنول گل جهڙي ڪامڻي، نازڪ بدن محبوب.

ڪريل. (سن. ڪَرِيرَ)، ڪرڙ جو وڻ.

ڦر. (سن. ڦَلَ)، ميوو، جو پَڪي بعد ڳاڙهو ٿيندو آهي، جنهن کي ڏيلهون يا ڏونرا چوندا آهن.

ڪريل ڦل. ڪرڙ جي ڦَلَ جهڙو (ڳاڙهو)، گلبدن.

دڇن (سن. دَشَن)، ڏند

دڇين. (سن. دَشَن اَشنَ)، ڏندن جي سفيدي، چلڪو.

ڪن شاعرن، ”ڌڇين“ کي ”ڌََچِين“ به ڪري ڪم آندو آهي.

”ڌَچا   ڌَچَ   ”ڌَچِين“ جِي، گَما  گَمِي گِيهَه،
ُاَهائو  اوهيرن  جو، مٿان  مَلِيرم  ميِهَه،
عمر ڙي اً سيِههَ،  سِڪُون  تَنهِن  ساڙيهَه  لءِ.“
 

(جوڳيسر)

ڌچا ڌچ = چمڪو. ڌچين = کنوڻ. گما گمي گيهه = جهُڙَ  جِي رُهِي  يا لَسَ.

اهاءُ = روشني. اوهيرن = مِينهَن جي آوت يا ڇَڇِڪا. ميهه = برسات اسيهه = اسين. ساڙيهه = وطن.

ڪامڻ ڪنول ڪريل ڦل الخ. گلبدن محبوب  جي وات  مان سفيد ڏند پيا چمڪن.

مٺائي. (سن. مِشٽَ)، مُستِي.

ميٺ (سن. مِشٽَ). ميٺاج.

جهڙو مکڻ مٺائيءَ ۾ الخ. جهڙي وَڻَتِ مکڻ جي لُعاب ۾، تهڙي لذت وري سندس چرب زباني ۾.

صنم. ع. محبوب، معشوق.

پسي سخن صنم جو الخ. محبوب جي سنجيده گفتگو خيال ۾ آڻي، ڪوئل به ڪري ماٺ ڪئي.

کنجن خوب. خوب کنجن. نهايت سهڻيون اکيون.

مرگهه. هرڻ.

لب مين. مڇلي چپ، مڇيءَ جهڙا سنهڙا چپ.

کنجن خوب خضر چئي الخ. خضر چوي ٿو ته ”محبوب جون سهڻيون اکيون ۽ تنگ دهن ڏسي، مرگهه ۽ مڇي به چُپِ ۾ رهيا.“

حسن حسين. حُسَن ۾ حَسين، تمام سهڻا.

مشابت. مخ. ع. مشابهت. ڀيٽ، برابري

جيڪي اهڙا حسن حسين الخ. جي اهڙي حُسن جو جمال رکن ٿا، تن کي چنڊ سان ڇا ڀيٽبو!

 

{39}

دام. ف. ڦاهي، ڪوڙڪي.

دل. (سن. دَ لَ) گهڻا. ڪٽڪ، فوج.

شاب. ع. جوان.

ابرو شاب. جوان ڀرون، مست ڀرون، زور ڪارا يا شوخ ڀرون.

شهل. شهلا. نرگسي اک، شَهَلاءُ. ع. نيلي نرگس جو قسم، جنهن کي اک سان تشبيهه ٿي ڏجي.

دام وجهن دل، دل ۾ الخ. دلبر ته ديدن جون ڪيئي ڪوڙيون سندم دل ۾ وجهي ٿو ۽ سندس نرگسي نيڻ تي، هو شوخ  ڀرون آهن.

ارگ. نانگ. (سن: اَرَس = ڇاتي + گَم = هلڻ).

اوچا. اوچو. (سن. اُچ)، ڊگهو، لنبو.

ڪچهين. (سن. ڪَچَ)،وار.

ارگ اوچا ڪچهين. نانگ کان به ڊگها وار.

قربئون. قرب مون، پيار مون، يعني: وڻندڙ نموني. ع. قرب.

اليهر. نانگ.

اَب. ف. پاڻي؛ تجلو؛ عزت.

اٽل. نه ٽڙندڙ. محڪم. (سن. آ = نه + هه: ٽَلَنا 7 سن. ٽَلَن).

اليهر اَب اٽل. نانگ (وار) محڪم تجلي وارا. نانگن (وارن) ۾ سندن گهائيندڙ تجلو دائمي موجود هو.

ارگ اوچا ڪچهين الخ. اهي وار جي نانگن کان به ڊگها تَلَهڙ هوا، سي پنهنجي فريبي دائمي تجلي سان پيا (محبوب تي) لٽَڪن. هت : قربئون معنيٰ: اهو قرب جو ٻين لاءِ نقصانڪار هجي. فريبي قرب.

اپسر. اوپسر. سن (اوپ 7 سن. آوَ پَن = چَمَڪَ + سَر 7 سن. سَرَس. = تلاءُ)، چمڪ جو تلاءُ، کنوڻ؛ محبوب.

اَگا. (سن. اَگرَ)، اڳيان، سامهون.

پسرن. پسرڻ. (سن. پرَ سَرَڻ)، چمڪڻ؛ ويڪرو ٿيڻ.

مڳل. (سن. مُک + ل)، مکڙو، سهڻو وات.

اپسر اَگا پسرن پريان الخ. حسين محبوبن  جي وات ۾ موتيئڙا ڏند کنوڻ جيان پئي تَجَليا.

سرکنڊ سرهي. سرکنڊ کان به سرهي (سِينڌِ محبوبن جي).آنحضور صلعم جا وار مبارڪ خوشبودار هوا، تنهنڪري، شاعر، ”سر کنڊ سرهي“ ٿو ڪوٺي

سر کنڊ سرهي ساهه سبائي الخ. جهڙي خوشبودار سينڌ، ساه کي سيباڻل (وڻيل) آهي، تهڙي (گلبدن جي) بخملي بدن جي سرهاڻ.

ون. (سن. وَرڻَ)، رنگ

پيٽ. (سن. پيٽَ = ٿيلهي، ڳوٿري)، شڪم.

پوپٽ ون آ پيٽ. پوپٽ جهڙو نرم ۽ رنگدار پيٽ. ملائم. لڪدار

مصرع:

”پيٽَ جَنِيجا پوپَٽَ پتلا، مارن سنرا  سيرَ.“    (جوڳيسر)

سنرا سير = چست چَلَنَ.

مئَنڊل. (سن. مَدَڪَلَ)، خوفناڪ هاٿي، هاٿي.

پوپٽ ون آ پيٽ پرين الخ. پرين جو شڪم لڪدار ۽ سندس هلڻي، هاٿيءَ کي به مست ڪيو ڇڏي.

ورن . (سن. وَرڻَ)، رنگ.

ولهي.  ولهو. (پرا. وَلههَ. سن. وَلڀَ)، پيارو.

وران. ورنا. (سن. وَرڻَ)، رنگ.

سون وران. سونَ ورنا، سون جي رنگ جهڙا.

قبل. ع. اڳيان.

ورن ولهي جا سون وران الخ. سندم محبوب جون تشبيهون سونُ وَرنَ چَمَڪَ واريون، جو ڪَتِيُنِ جي جهرمر به، اڳيان (محبوب جي) بيهي نٿي سگهي.

مينگهه. (سن. ميگههَ)، ڪڪر، بادل.

ملارون. ملار. (سن. ملارَ)، بادل

مل. (سن. ميلَ)، گندگي، ڇائي، مٽي.

خورشيد خجل ۾محمد چئي الخ. محمد چوي ٿو ته ”سج شرمندو ٿيو، اهڙو، جو مُنهن ۾ ڇايُون (ڇائي جو جمع) پئجي ويس، جن (ڇاين) جا آثار، گويا بادلن واري ڪاري ملاري (سج تي) ڪيو بيٺيون هيون.

حضور جن جو پاڇو زمين تي نه پوندو هو ۽ جڏهن نوراني لاٽ کان ٻاهر نڪرندا هئا، تڏهن سج جي نُور تي ڇائي، يعني سايو  يا ميراڻ  اچي ويندي هئي.

ڪلئي. ڪل + ئي. سڀئي. ع. ڪُل.

قلب. (سنڌي جمع)، ع. جمع. قلوب. دل.

ڪٽيل. ڪَٽُ سان ڀريل. هت معنيٰ: گناهن سان ڀريل. (سن. ڪِٽ).

ٿيا ڪلئي قلب ڪٽيل الخ. سندم محبوب ڏسي، ڪٽيل دليون، چنڊ جهڙيون روشن ٿي ويون.

{40}

مي خانه. ف. شراب خانو، گنو. اشارو: روحاني ميخاني ڏانهن (ص 72) دڪان.

مي خانه منجهان مي محب الخ. روحاني ميخاني مان، جو شراب محبوب ڏئي ٿو، سو ته هرڻن کي به ڪيفي (مَگهَنُ) ڪيو ڇڏي.

مين. (سن. مِينَ)، مڇي. هت اشارو: محبوب جي ننڍڙي وات ڏانهن.

ميڻ ڪري ملنگن. ملنگن کي به ڳاري ڇڏي، تابع بنائي ڇڏي.

موني، مرجان، مين مٿان هي الخ. منهن مٿان، جا مرجاني سونهن آهي، سا ته پهلوانن کي به نيازمند ڪيو ڇڏي.

سسي. (سن. شِيرشَ)، ڳچي.

سهه سرس سسي. ڪونج کان به ڊگهي ڳچي.

لڪ ليث. (ص 57)

سرخ سڄڻ الخ. سڄڻ کي سهڻو ۽ اوچي ڳاٽ ڳچي ۽ سندس لڪدار چيلهه ڏسي، چِيٽا به ڇپيو وڃن.

گني. (انگ)، سونو سڪو.

پير پٽونئَڙا پدمني الخ. پير پٽ جيها نرم نازڪ، رنگ ۾ يورپي گِنِي جو سونَ ورلو رنگُ ڇا گهري!

چڪور (سن. چَڪورَ)، هڪ قسم جو پهاڙي تتر، جو چنڊ تي عاشق آهي.

چشم چڪور ٿيڻ. (اصطلاح)، اَکِ جو ٽِڪَ ٻَڌي وڃڻ.

ڦاٿا. واحد ڦاٿو.   ڦاسڻ. (سن پاشَ)، ڦاسي پوڻ.

فيل. ف. پِيل، هاٿي.

ڦندن. واحد. ڦندو. (سن. بَنڌََ)، ڄاري، رسي؛ فريب ڇَل.

هنج، مور، چشم ته چڪور ٿيا الخ. چَلَنَ ۾ (محبوب جي هلڻ کي ڏسي) ته هنج پکي توڙي ڊيل جي اک (چَڪورَ جي اَکِ جيان جئن هو چنڊ ۾ گهور ڪري نهاريندو آهي تيئن) کُپِي ويئي ۽ هاٿي جي فريب (موهيندڙ، دلڪش) رفتار کي ڏاوڻَ يا مَنڊَ پئجي ويا.

ڀنڍ ڀونر. ڀونرن جهڙا ڪارا وار.

بشيهر. (سن. وِشَ = زهر + هَرَ = کڻندڙ)، نانگ

ليٽن  ليٽڻ. (سن.  اُلوٺَنَ)، ليٿڙڻ، لوٽ پوٽ ڪرڻ.

ڀنڊ ڀونر بشيهر الخ. وار ته جهڙا ڪارا ڀونر ۽ نانگ، ۽ سنبل جهڙا (خوشبودار) سنهڙا، سي گلبدن تي ليٽ پيٽ پيا ڪن.

اجهيا  اجهڻ . (سن. اورُنڌنَ)، پچ کائڻ، کار کائڻ.

البيلا. واحد، البيلو. (سن. الَبه =لا)، اَلهَڙُ، بي پرواهه، مست، لاڏلو، اربيلو.

چندن. (سن. چَندَن)، سرکنڊ، صندل.

الٽا ڏئي اجهيا البيلا الخ. اهي ڪيف ڀريا (خوفائتا ڪارا وار) نانگ، اُلَٽ  کائي، وري کڙا ٿي، بدن  جي سڳنڌ کي چسپان ٿيا.

ڪڄ . ڍَڪ، لِڪاءِ.

ڀيت. عادت، هير؛ خير، ڄاڻ (سن. ڀيدَ).

ڀيت پوڻ. (اصطلاح). عادي ٿيڻ، سيبائڻ، وڻڻ.

قرب ڪري ڪڄ ڪيسن کي الخ. مهرباني ڪري، پنهنجي سرهن وارن کي لڪاءِ ڇو ته ڀونرن کي اها خبر پئجي چُڪِي آهي.

بدر. ع. چوڏهينءَ  جو چنڊ.

موءِ. ف. وار.

جئَن بدر ڀر ڪڪرن الخ. محمد چوي ٿو ته ”جئَن چوڏهين جي چنڊ اڳيان ڪڪر اچي وڃن، تئن محبوب جي اڳيان، وري وارَ اچي ويا.“

{41}

خورشيد پسي خجل ٿيو الخ. سج به منهنجي محبوب جي صورت ڏسي شرمندو ٿيو.

ڪوڪب. ع. جمع. ڪواڪيب. تارو.

قمر. ع. چنڊ.

ڪوڪب. قمر قريب جا الخ. اهي چنڊ، تارا، سي ته سندس دَرتي زيارت ڪندڙ آهن.

حورون. واحد. حور. ع. بهشت جي عورت؛ خوبصورت، حسين.

حجاب. ع. پردو، حيا، شرم، لڄ.

پيزار. ف. (پايه = پير + زار = جاءِ) = جسُتِي.

حورون حال حجاب کون الخ. اهي سيھ چشمان ۽ بادام اکين وارين گوري رنگ جي حورن، خوشيءَ مان في الحال سندس آمد جي واٽ تي، شرم کان، اکيون هيٺ ڪري، اچي بيٺيون.

پرين. واحد. پري. ف. هڪ خيالي جنس جي عورت، جنهن جي بازن ۾ پَرَ هوندا آهن ۽ نهايت خوبصورت تصور ڪئي وڃي ٿي. شاعرانه تخيل جي ايجاد آهي. ڪوه قاف، هن جو وطن بيان ڪيو وڃي ٿو. (جامع اللغات).

هموار. ف. هم + وار = هڪجهڙو.

هموار ڪرڻ. (اصطلاح) = پورائيءَ ۾ آڻڻ. ذمه وار ٿيڻ.

هاج رکي هموار. پاڻ تي اهو ڪم کنيو.

پرين از خود پاڻ تي الخ. هنن جِنَّاتِي ديوين به پاڻهي پاڻ تي، ساڳئي ڪم جي پورائيءَ جو بار کنيو –  يعني پَرِيُنِ به ساڳي (حورن واري) هلت پاڻ تي روا رکي. اهي به واٽ تي اکيون  هيٺ ڪري، بيٺيون.

ناظر. ع. نظر ڪندڙ. ڏسندڙ، مشاهدي وارا.

نثار. ف. فدا، قربان، صدقو.

ڪل نزاڪت ناز جي الخ. سندس ناز جي همه گير البيلائيءَ ته مشاهدي وارن کي، اَڪَن ڇَڪن ڪري ڇڏيو.

نهارين.      نهارڻ. (سن نِڀالَن) ڏسڻ. تَڪڻ.

ڪيهي وار. ڪنهن وقت. ڪيهي. (سن. ڪيدَ رَش).

جي سڄو نهارين سپرين الخ. جيڪڏهن سپرين سامهون کڻي، ڪنهن وقت نهارين.

لوڪ. (سن. لوڪَ) جهان.

لبريز. ف. (لب = ڪنارو، چَپ + ريز       ريختن = هارڻ)، ٽمٽار، ڀريل.

هزده. ف. ارڙهن.

حيّ َ . ع. جئرو، زندهه.

هزده هزار. ارڙهن هزار عالم. ارڙهن هزار قسم جي مخلوقات، سارو عالم – چون ٿا ته ساري جهان ۾ ارڙهن هزار قسم جي زنده  مخلوقات آهي.

ته لوڪ مڙيوئي لبريز ٿئي الخ. ته هوند  ارڙهن  ئي هزار، هن جهانَ جا جِيوَ، مُنهَن تار ڍاپي پون.

نگار. ف. محبوب.

جي  مرڪن محب مهر منجهان الخ. جي وري مروت ڀريو حسن، محبت مان مرڪي.

مقامن. واحد. مقام. ع. جاءِ، جتي مُنا پورجن.

ته مئا مقامن منجهان الخ. ته هوند مقامن مان مئا ويچارا به جيئرا ٿي، ٻاهر نڪري اچن.

گيرب. (سن. گَروا)، گهَمَنڊ، هٺ، وڏائي، فخر.

روح منجهه راڄن شاهه چئي الخ. راڄن شاهه چوي ٿو ته ”روح ۾ گويا ڪيفي ٻول سان ٿا ٻولين.“ يعني: جڏهن هو ٻولين ٿا ته گويا روح ۾ نشو اچيو وڃي.

طاقت. ع. زور. مضبوطي. اشارو:  طاعت يا بندگيءَ جي طاقت ڏانهن.

بار. ف. (سن. ڀارَ). .

جبار. ع. جبر جو مالڪ؛ زبردست. خدا جو نالو.

ارض. ع. زمين.

سما .ع. سماءَ. آسمان.

عار. ع.  لڄ. شرم.

طاقت بار. بار کڻڻ جي طاقت. يعني: اطاعت جو بار.

طاقت بار جبار جي الخ. انهيءَ جبار سائين جي اطاعت کان ته زمين ۽ آسمان مجبوري ڏيکاري.

اِنّـَا عَرَضناَ الاَ مَاَ نَھّ َ عَلَي السمواتِ وَلاَ رضِ وَالجِبَالِ فَاَسَينَ  اَن

يّـَحمِلنَهَا وَاَشفَقنَ مِنهَا وَحَمَلهَا الاِنسَانُ اِنـَّھُ کَانَ ظَلُوما جهَوُلا.

(22 – پاره الاحزاب.)

”بيشڪ اسان پيش ڪئي امانت آسمانن ۽ زمينن لاءِ، پوءِ انڪار ڪيائون اُنَ جي کڻڻ کان، پوءِ انسان ان کي کنيو. بيشڪ هو ظالم ۽ جاهل آهي.“

آسمان بار امانت لتوان  ست کشيد.
قرعه فال بنام ِمن ديوانه زدند. (حافظ)
 

آسيان بار امانت جو کڻي نه سگهيو،
انهيءَ فال جو ڍارو، مون ديواني جي نالي تي اڇلايائون.
 

رخسار. ف. (رخ = منهن + سار = جاءِ، پکيڙ)، ڳل. هت معني: پيشاني، جتان مُنهن کي هميشه  چمڪ ملندي آهي.

جاني جلوو ظاهر زمين الخ. پر سندم محبوب ته (ظاهر زمين تي) سجدي کان، پنهنجو نوراني جلوو پيشانيءَ مان پڌرو ڪيو. يعني: محبوب جي زمين تي اطاعتي سجدي کان، جو نُور آهي، سو پيشانيءَ کان پڌرو آهي.

بدل. بادل. (سن. وارِدَ)، ڪَڪَرُ، جهُڙُ.

ته ڪڏهن چمڪي ڪانه ڪا الخ. (پيشاني مان) نُورُ اهڙو ته درخشان آهي. جو بهار جي بادلن جي بجلي به ڪڏهن  اهڙي ڪا نه چمڪي.

يڪي. ف. يڪ. هڪ.

يڪي قدم. هڪ جهڙي قدم، هڪ ماپ  ڀرئي قدم.

يڪوار.  ف. (يڪ = هڪ + وار= دفعو، ڀيرو)، هڪ  دفعو.

جي رکن ڪيس ڪلهن تي الخ. جڏهن وار مبارڪ  ڪلهن تي رکي، اندازي واري قدم سان هڪ دفعو اٿي هلن ٿا.

ويسي. (سن. ايدرَش)، اهڙي:

افتادا. افتاده. ڪريل، حيران ٿيل   ف. افتادن = ڪرڻ، پيش پوڻ.

اڳوار. اڳ + وار. (سن. اَگرَ = اڳيان،) اڳيان بيٺل، يعني مشاهدي وارا.

افتادا  اڳوار. مشاهدي وارا، ڏسڻ سان حيران يا مشتاق بڻجي پيا.

ته ويسي چلت چلڻ کون الخ. اهڙي رفتار جي رواني کان، اڳيان بيٺل حيران  ٿي ويا.

ڪچون. واحد. ڪچ. (سن. ڪَچَ)، وار.

ڪونرن. ڪونر. (سن. ڪَمَلَ)، ڪنول جو گل.

ڪچون تي ڪونرن. ڪنول گل جهڙي وارن تي. يعني: نرم ۽ سهڻن وارن تي.

ڪچون تي ڪونرن جو الخ. جڏهن محبوب ڪومل وارن کي سنيگاريو. يعني: جڏهن محبوب سينڌ سنواري.

تڏ خورشيد ڏسي الخ. (ص 119)

سورنهن. (سن . شوڊَشَ)، اشارو: سورنهن سينگارن ڏانهن. (ص 13) ٻارنهن. (سن. دوِ دَشَنَ)، اشارو: ٻارنهن زيورن ڏانهن، ليڪن هت اشارو: ٻارنهن سيِرتي اطوارن ڏانهن. (ص 14)

سورنهن ٻارنهن  کون سرس هوا الخ. منهنجي محبوب جي اٺاويهن (صورتي 16 + سيرتي 12 = 28) اُجالن کان، اڃا به ٻيا جنسار وڌيڪ هئا.

پگهار. پگهر. پَسِينو. (سن. پَر گَلَ. گَل = ڳرڻ).

مشڪ عطر کي مات ڪيو الخ. رڳو سندن پگهر به مشڪ ۽ عنبر جي خوشبوءِ وڃائي ڇڏي.

عالم. ع. جهان.

ٿر. (سن. سٿَلَ). سڪي زمين

بر. ف. زمين.

پوءِ عالم سڀ آباد  الخ. سندن آمد بعد سارو جهان ٿر، بر ۽ بحر سڀ خوشحال ٿي ويو.

دماغ. ف. مغز؛ عقل، فهم.

ياور. ف. مددگار. هت: شافع.

ايڏي دوست دماغ جا الخ. منهنجا دوست ۽ حامي، ايڏي اعليٰ دماغ وارا آهن.

اذقا. آذقو. ع. اصل ۾ هو (آبِ زُ قه). ”آب“ جي معنيٰ پاڻي ۽ ”زقه“ عربي ۾ چوندا آهن. داڻي پاڻيءَ کي، جو پکي، پنهنجي ڳچيءَ مان ڪڍي، پنهنجي ٻچن کي کارائيندو آهي.“. (ڪاشف الغموض). هت معنيٰ: آڌار، آسرو، ڏڍ.

مون کي مهڻا تن جا آذقا الخ. سندن سختي يا ڇينڀ  به مون لاءِ سندن ٽيڪ يا آڌار آهي، ڇو  ته انهن جي ئي ڀروسي تي پيو هلان.

سنڀار. (هاڻ) سنڀال. (سن. سَنڀارَ)، رکيا، حفاظت، يادگيري.

نينهن. (سن. سنيههَ)، پريم، پيار، محبت، عشق.

نجهرا. واحد، نجهرو. (پرا. نويس. سن. نويشَ + رو)، مَنهَنَ، مڪان.

انهن جي سنڀار الخ.  انهن جي ياد، يعني: عشق ۾، ميِنهَن پُساو مَنهَنَ پيدا ڪيا (جي ٻيا ٽِمَنِ ).

 

{42}

جب گوري گهنا ڪري. (ص 83)

سولهن. سورنهن. (ص 13)

جب گوري گهنا ڪري الخ. جڏهن سفيد فم محبوب، سورنهن ئي سينگار پهري (جلوا ڏيکاري) ٿو.

ده دو. ڏه ۽ ٻه = ٻارنهن. اشارو: ٻارنهن  زيورن  ڏانهن (سن. دَشَن دوِ).

درس. مخ. درست. ف. برابر، چڱي طرح سان، پورو.

درس رکي ٿي. پوري طرح پهري (پائي) ٿي. يعني: روزانه ڳهڻا پوري ترتيب  سان پائي ٿي.

ده دو دائم درس رک ٿي الخ. اها جلويدار جبين، ٻارنهن ڳهڻا (زيور) به روزانه پهري ٿي.

چلڻت. چلڻ يا هلڻ وارا.

چور. (سن. چُورَڻَ)، ڪنهن شي جا باريڪ ٽُڪرا.

چڪي.        چڪڻ. (سن. چيُتَم. چَيهُ = ڪِرڻ)، پُڄِي وڃڻ، هَڄِي وڃڻ، پورو ٿي وڃڻ.

هستين. واحد هستي. (سن. هَستِينَ)، هاٿي.

چلڻت چور چڪي ٿيا الخ. هرڻ جي رعنائي، توڙي هاٿيءَ جي گام رفتاري، مطلب ته سڀ رفتارون ، سندس خوش خراميءَ  مان، ٿڪجي (ڪڪ ٿي) ڦانءِ  ٿي پيئون.

اڏونت. اڏامڪ، اڏامندڙ (پکي).  اڏامڻ. (سن. اَڊَ يَنَ).

اولو اولڻ” ڍڪڻ، پناهه يا اوٽ ۾ اچڻ يا آڻڻ. (سن آوَرَڻَ).

اڏونت اولي ۾ رهيا الخ. سڀ اُڏامڪ آلاپي پکيئڙا به وڃي ڇپي پيا ۽ خود ڪوئل به سندس گفتار آڏو خاموش آهي.

ديهيءَ کان. ديهه کان. (سن . ديههَ)، بدن جسم.

ڌم. کنوڻ، وڄ.

مين.  مينا ڪاري.

ديهي کان ان ڌم ڇپي الخ. محبوب جي بدن جي رونق ۽لالائيءَ کان وڄ به لڪي ويئي ۽ موتيءَ توڙي ميناڪاريءَ پنهنجي چلڪي (چمڪڻ يا تجلڻ) کان بس ڪئي.

ڦڪا. واحد. ڦڪو. (سن. اَپَڪوَ)، بي رونق، شرمسار.

ڦلين. ڦليل حالت، گلن جي ٽڙيل حالت..      ڦلڻ. (سن. ڦُل).

جي بيٺا ڦول ڦلين. جي شاخدار ٽاريءَ تي، گل ڦليل حالت ۾ هئا.

ڇڏي ڦول ڦڪا ٿيا الخ. جيڪي به گل، گلبن (ٻوٽي) تي هئا، تن (محبوب کي ڏسي) شرمسار ٿي، ڦولڻ ڦٽو ڪيو.

اهل. ع. آدمي، شخص، بشر، فرد. صاحب، مالڪ.

اهل هنر جا. هنر جا صاحب؛ ادراڪ وارا؛ ايجاد وارا.

چوڻا. واحد. چوڻو. (سن. چَترُ لُڻَ)، چار ڀيرا.

چين. ف.   چيدن – چين = چونڊڻ.

چوڻا عقل چين. = عاقل دانه چين، نڪته چين.

تصوير. ع. شڪل.

طرح. ع. 1. اندازو.  2. مرتبو.  3. شعر جي مصرع. جا شاعرن جي تصور لاءِ، آڏو اڇلائي ڇڏ جي ته ڀل اُن تي پنهنجو آزادانه تصور، پنهنجي خيال موجب هلائين. 4. بنياد ۽ بنياد وجهڻ.

تصوير طرح. مرتبي جي تصوير

آئي تصوير طرح نه تن کي. مرتبي جي تصوير، يعني: اڪابرن کي به سندس مرتبي جي تصوير هٿ نه آئي، ته ان کي ڪهڙي اِمڪان تي بيهارجي. يعني: هو سندس مرتبي جو تصور ئي ڪري نه سگهندا.

آئي تصوير طرح نه تن کي الخ. تن (نڪته دانن) کي نه سندس امڪاني مرتبي جو تصور (تصوير) به هٿ  نه آيو؛ جنهنڪري (بي چارگي جي)غم ۾ ٻڏل رهيا.

ناتر. (سن. نوتَر = تازگي)، سهڻي عورت.

نهوڙيا.  نهوڙڻ. (سن. نِشُودَنَ)، ناس ڪرڻ.

تختون. تخت تون. ٻيڙي يا جهاز جو تختو. ف. تخت.

تالابپن ف. تالاب. هه: تال+ ف. آب. (سن. تَلّ َ : تَڊاگَ) تلاءُ، چشمو، ڍنڍ. هت معنيٰ: سمنڊ.

تختون تالابين.  ٻيڙي يا جهاز تان وڃي، تالاب ۾ پيا.

ڪئين سي ناتر ناز نهوڙيا الخ. هن پاڪيزه (ناتر) جي ناز ته ڪيترن جا پير اُکيڙي ڇڏيا.

نگين. ف. جواهر، نگ، نگينه، مُهر.

هر دم حڪم حبيب اڳيون الخ. سندم محبوب جي اڳيان، سدائين تيار رهجي، جو هتي بادشاهي حڪم جي جاءِ ڪانهي.

ٻيو ساڻن جوڙيان ڪو نه ڪو الخ. ساري رُوءِ زمين تي، ظاهر طرح ڪو به ثاني ڪونه ٿو ڏسان.

مرڪي لٽيائون لوڏسين الخ. مون مسڪين جي دل ته لاکيڻي، لوڏ سان مرڪندي، هڪدم ڦري ويا.

روح ۾ راڄن شاهه چئي الخ. راڄن شاهه چوي ٿو ته ”روح ۾ سندن لاءِ سچي سڪ آهي.“

امل. (سن. آمُولِيه. آ = نه + موليه = ملهه)، بي بها، قيمتي

امل امين. ناياب  يا وفادار  امين.

کنئونم. مون  کان.

سي عشقون امل امين الخ. سندم امان ڏيندڙ  ناياب محبوب، پنهنجي محبت سان دلڙي کسي ويا.

{43}

ارن. (سن. آرڻَ )، سج.

ارن ٿيو اولي. سج اولي ۾ اچي ويو  يعني: سج  به شرمسار ٿي ويو.

مک پسي محبوب جو الخ. محبوب  جو  منهن ڏسي، سج  به شرمسار ٿيو.

دا مينون. واحد. دامني. (سن. سودامِنِي)، کنوڻ، بجلي.

اَنگ. (سن. اَنگَ)، بدن. عضوو. هت معنيٰ: ڪڪر.

چولي. واحد. چولو. (سن. چولَ)، ڪُڙتي جو قِسم.

اَنگ اندر چولي. چولي جي اندر بدن  ۾.  يعني: ڪڪرن  ۾.

دامنيون سڀ دور ٿيون الخ. وڄ جون تجليون (کنوڻيون) بيهي وئيون ۽ وڃي ڪڪرن  جي چوليءَ  ۾ لِڪيُون.

اڌر. (سن. اَڌَرَ = هيٺيون چپ). لب، چپ.

ادر عجب عجيب جا الخ. محبوب جا چَپَ به جڏهن هو کِلمک ٿي کلي ٿو، ته ڏاڍا سهڻا ٿا  لڳن.

الائين.     الائڻ. اَلاوڻ (سرا). (سن. آلاپَنَ). ڳالهائڻ.

تولي.      تورڻ. تولڻ (سرا). (سن. تولَنَ)، وزن ڪرڻ.

ڪنهن طرح سان تولي؛ ڪنهن سنجيده  نموني.

هو الائين عجب تا الخ. جڏهن  وري گفتگو ڪن  ٿا  ته توري  تَڪي ٿا ڳالهائين.

قلبان 7 ع قربان. صدقو. گهوري.

ٻاتو. هَڪَڙُ. (سن . واتَ = وهڻ، وڃڻ).

ٻولي ٻولڻ. (سن. بروُ). چوڻَ، لنوڻ، ڪَهڻ.

ڪوئل ڀي قلبان ٿئي الخ. سندس ڳالهائڻ  تي ڪوئل ڀي قربان ٿِي، هَڪَڙ  زبان ٿيو  پوي.

ڦٽي ڪري.  ڦٽي ڪرڻ. (سن. پريشَڻَ)، ڇڏي ڏيڻ.

رولي. رولڻ. رلڻ. (سن لُلَنَ – هيڏي  هوڏي  ٿيڻ)، رلي وڃڻ.

ڪنهن راهه وڌا رولي. ڪنهن  راهه  ۾ رلي ويا، راهون  رد  ٿي ويا.

گنير گت ڦٽي ڪري الخ. هاٿين به (محبوب جي رفتار کي ڏسي) پنهنجي رفتار ڦٽي ڪئي، ڄڻڪ راهه ڇڏي، ڳِڙِ ٻِڙِ هلڻ  لڳا.

ڪٽونب ڪيس (ص 60).

جهولي. جهوري. جهورڻ . جهرڻ. (سن. ڪشرَڻَ )، ڳرڻ.

ڪٽونب ڪيس پسي ڪري الخ. محبوب  جي ڦڻدار چوٽي کي ڏسي، جوش وچان جهُري پيو. يعني: محبوب  جي ڪاري  چوٽي کي ڏسي، نانگ  پاڻي  ٿي پيو.

باڪو. بانڪو. (سن. وَنڪَ)، بهادر، وير.

باڪو هو بودو  چئي. بودو چوي ٿو ته، ”محبوب  ڏاڍو پهلوان  هو.“ هت معنيٰ: ڏاڍو حسين  هو.

باڪو هو بودو چئَي الخ. بودو  چوي ٿو ته، ”حسين، محبوب، وِکَ کڻي پيو ته آئون اول  گهول  پيو  وڃان.“

فڪر. ع. اونهو خيال.

فڪر ڦولي. فڪر  هلائي.

ٻيو ڪو فڪر پيو ڦولي الخ. توڙي ٻيو ڪو به پنهنجو فڪر پيو هلائي، پر سندس رعب اڳيان، ڪُڇِي ڪونه پيو سگهي.

{44}

اوهر. سمنڊ، ساگر.

اوهر کان اونها پرين. سمنڊ کان  به  بي  انت  محبوب  آهن.

جيءَ. (سن. جِيوَ)، روح، آتما؛ محبت، سڪ.

جال. (سن. جالَ)، ڪٽڪ، گهڻو.

اوهر کان اونها پرين الخ. مون کي اهڙي پرينءَ سان نبا هڻو پيو آهي، جو  بي انت آهي. يعني: جيڪي محبوب سمنڊ کان  به  اونها آهن، تن سان  پرت  جو  پيچ  پيو  آهي.

مڃٺ (هه. مَجِيٺَ. سن. مَنجِشٺا)، وڻ جون پاڙون، جنهن مان ڳاڙهو رنگ نڪرندو آهي.

مڃٺ وافق سپرين الخ. محبوب، مڃٺ  جهڙا  ڳاڙها آهن  ۽ لاک کان  اتم آهن.

صفت سوائي سال. لاڳيتي، سدائين؛ ساري، پوري يا  گهڻي صفت.

انهن جي انڙ چئي الخ. انڙ چوي ٿو ته ”اهڙن محبوبن جي حُسن جي پوري صفت ڪجي.

هر نو نه حيثي تن جو الخ. هاٿيءَ جو ٻچو به هلڻ ۾ محبوب جي برابر نه آهي ۽ اک، هرڻ  جي اک کان  اتم!

ماکي. (سن. ماڪشِڪَ)، سَڌُُ.

مجال ع. طاقت.

ماکي ڇا مجال الخ. ماکيءَ  جو ميٺاج، ڪڏهن  به پرين جي شيرين زبان سان برابر ٿي نٿو سگهي.

{45}

انڊلٺ. (سن. انِدرَ ڌَ نُشَ)، وساورني، آسماني ستن رنگن جو پٽو، جو مينهن بعد نڪري.

اڀ . (سن. اَڀرَ)، آسمان آڪاس.

اڀري.       اڀرڻ (سن. اُدگَمَنَ)، ظاهر  ٿيڻ.

ڀير وڏو ڀرون. ڀرن  جو نمونو  وڌيڪ. يعني: وڌيڪ  ڪماندار.

جئَن انڊلٺ اڀ مون اڀري الخ. جهڙي وساورلي (انڊلٺ)، آسمان  مان ٿي نڪري، تَنهن کان ڀِرُن  جو  ڪماني نقش  اور  هو.

موتي  ڏند محبوب  جا الخ . ڏند  جا موتي اهڙا، جن  جي قيمت  سونُ  به ادا ڪري نٿو  سگهي.

موتي ۽ سونُ ٻه مختلف رنگ آهن، جي ڏندن جي تشبيھ ۾ به مختلف ٿيندا. شاعر  جي مراد آهي ته: انهن موتين جي قيمت جي ادائي، سونو سِڪو به نه ڪري سگهندو. ”ثاني“ معنيٰ  ته ”قيمت“ ۾ ثاني ۽  نه رنگ  ۾.

چوڻو.  (سن. چَتُرکُڻ)، چار  ڀيرا.

چوان ته  چوڻو  چنڊ کون  الخ. ائين کڻي چوان ته محبوبن جي مُنهن جي سونهن، چنڊ  کان  چوڻي  هئي.

والي. ع. حاڪم. الله.

سونهن ته سپرين کي الخ. وسند چوي ٿو ته ”منهنجي پرين جي سونهن ڄڻڪ موليٰ: پاڪ  پاڻ  هٿن سان  ٺاهي آهي.“

{46}

 ددست. موتي. (ص 10).

ڀرون ڀونر ڀونگ. (ص 89)

ددست  بينسر  بين  ۾ الخ. (هن جي) نڪ ۾ موتين سان جڙيل بينسر بولو ۽ ڀِروَن، ڀونئَر  ۽ نانگَ  جهڙا  ڪارا.

تمارا. (سن. تومَ + هارا )، تنهنجو.

ونگ. (سن. وَنڪ)، ور، وڪڙ، پيچ.

ڪيس تمارا ڪامڻي الخ. محبوب، تنهنجا وار ته واسينگ نانگ وارا  وَرَ وجهيو بيٺا  آهن. يعني: گهنڊيدار آهن.

اهو عين عجيب جا الخ. هن عجيب تصوير  جون  اکيون ته عاشقن کي ماريو  ننگو ڪيو  ڇڏين.

نينهن نسنگ. نروار  نيهن، قاتل  نينهن، آزاد  ۽ بي پرواهه  نينهن.

مڱڻهار. مڱڻ. (سرا) + هار.     مڱڻ. (سن. مارگَڻَ)، گهُرڻ. شاعر جي ذات ۽ تخلص.

تنهنجي نينهن نسنگ الخ. مڱڻهار  چوي ٿو ته ”تنهنجي يگاني عشق ته مون کي اَڪَن  ڇَڪن  ڪري  ڇڏيو آهي.“

{47}

ڀرن. ڀرڻ. (سن. ڀرَمَڻَ) ڀيرو  ڪرڻ ، ڦرڻ.

چپين ڀونر ڀرن الخ. محبوب جي (گلابي) لبن  اڳيان  ڀونر  پيا ڀرندا  (ڀيرو ڪندا) رهن ٿا  ۽  سندن  اکيون آهوءَ  جي اکين جهڙيون آهن.

جهڙي صورت سج جي الخ. جهڙو سج  چمڪندڙ آهي، تهڙي پرين  جي  پيشاني آهي.

انگ. (سن. اَنگَ)، عضوو.

جهڙا گل گلاب جا الخ. محبوب  جا  عضوا، گل  اندامي آهن.

تارا. واحد. تارو. (سن. تارا)، ستارو.

ڏک. ڏيک ويک.  ڏسڻ. (سن دَرشَ)

جهڙا تارا  اڀ  ۾ الخ. ڏندن  جو  نماء، آسماني  ستارن  جهڙو آهي.

ملڪن. ع مَلَڪ. فرشتو.

محبوب جي ملڻ لئي الخ. محبوب  جي ملاقات  لاءِ، ملائڪ به انتظار  ۾ بيٺا.

هور. (ع. هول). ڊپ، خوف، ڀوَ.

پاٻوهيو. پاٻوهڻ. (سن. پرَسوَنَ)، ٽڙڻ، کُلڻ، مشڪڻ

لٿو هور حليم چئي الخ. حليم  چوي ٿو ته ”ملڪ تان ڊپ لهي ويو، جڏهن محبوب مرڪيا.“

مر عجيب اچن الخ. هاڻي  انهيءَ  وقت  (ملاقات ) لاءِ، ويٺي واٽون  نهاريان.

{48}

ڀتر. هڪ قسم جو ننڍڙو ڇَٽو (ٻوٽڙو)، جو زمين تي پکڙيل ٿئي ٿو. کيس گل ٿيندا  آهن،  جي  پنن  ۾ ڏاڍا  سهڻا  لڳندا  آهن.

جئن ڀتر گل بنن الخ. جئن ڀتر گل جون پنکڙيون جوڙ جوڙ ٺهن ٿيون، تئن محبوب جا  سهڻا  ڳل به کين  جُڙُ  جُڙُ  ٺهن  ٿا.

کهنبو. (سن. ڪُسُنبَ)، ريٽي (ڳاڙهي) ڪپڙي جو قسم.

جئن کهنبو رنگ کلي پوي الخ. جئن سونَ ورنو (کهنبي جو رنگ) کُلِي ٿو بيهي، تئن سندس چپن جي سُرخي به گُلُ  گُلُ  ٿيو  ڏيکارجي.

سپ: (هه. سِيپَ: سِپِي. پرا. سُتِ. سن شُڪتَ)، سامونڊي سپ، سپي.

جئَن سهڻا موتي سپ ۾ الخ. جئن سپ ۾ سهڻا ۽ آبدار موتي آهن (رهن ٿا)، تئن محبوب  جا  ڏند  به  چلڪيدار  آهن.

نڪ. (ناسِڪا)، سنگهڻ  جو حواس.

چهنب. (سن. چُنچَ)،منقار، ڪُرڪ.

نڪ ته نيڻن وچ  ۾ الخ. ٻن  روشن  اکين  جي وچ  ۾، نڪ  به  اهڙو  سهڻو، جهڙو  چَتُونءَ  جو نوڪدار نَڪُ چئجي.

جي منهن واري مرڪن الخ. ملهار چوي ٿو ته ”جي سدائين منهن ورائي، مرڪ سان ڏسندا  آهن،  سي  شل، ملنم“.

{49}

پٻ پاريهر.  پاريهر جهڙا (ڳاڙها ۽ نرم) پير.

دل. (سن. ڊيلا)، اک.

دامينون. واحد. دامني. (سن. سَودامِنِي)، کنوڻ، وڄ، بجلي.

دوراس. نظر. (سن. دَرشَ ).

پٻ پاريهر پدمني الخ. هن پدمنيءَ جا پير، پاريهر جي ڳاڙهن پيرن جهڙا، ۽ سندس اک  جي  نظر   وِڄُ.

اڳ اليهر. وار، نانگن  جهڙا.

اوپسر. کنوڻ؛  محبوب. (ص 116)

مرمر. سنگ مرمر.

اڳ اليهر اوپسر الخ. پرين  جا چوٽي جا وار ڪارا ۽ ڊگها ۽ مُنهن (جا ڏند اهڙا) سنگ مرمر کان بهتر.

ترني. (سن. تَرَڻِي)، کنوڻ. (سن. تَرَ ڻِ. سِج ).

پاس. (سن. پاشروَ )، طرف، پاسو.

ترليءَ جان تجلو ڪري الخ. وڄ  جي جهلڪ جيان پرين جي حسين فضا ۾ وارَ، محبوب جي جانِ تي ڪريا. يعني: محبوب جا ڪارا تجليدار وار، کنوڻ جيان تجلا ڪندا رهيا.

سوايا. سوايو. (سن. سَپادَ )، سوائوڻا؛ وڌيڪ.

سڀيئي سينگارياس. صدر الدين چوي ٿو ته ”جي ٻيا سينگارمجموعي طرح ڪٺا ڪجن ته به منهنجي پرين جا سينگار اڃا به وڌيڪ هوا.“ يعني: هِي، هو سندس مجموعي حسن، پر کيس  اڃا  به حُسن  زياده  هو.

{50}

سالو. ف. شال، دوشالو.

جب گوري گهنا ڪري الخ. (ص 83)

شارق. ع. سج.

تاب. ف.  تافتن = چمڪڻ . تابش، رعب.

شارق ڀي شير خان چئي الخ. شير خان  چوي ٿو ته”اي محبوب، سج  به تنهنجو ڪو (تو  ڪو) تاب جهلي سگهي ٿو!“

چوري چروڪو.  چوري  چريو ڪيو؛ عشق ڏياري مست ڪيو.

چينچل. ڀٽڪندڙ، چلولو. هت معنيٰ: نازڪ محبوب.

چوري چروڪو الخ. تو ڪا الانبي دُکائي، چڪور پکيءَ جيان، منهنجي دل بي آرام ڪري ڇڏي آهي.

{51}

مانگ.  (پرا، مَگِي. سن. مارگَ)، سينڌ.

بناو. (هه. بَنا آوَ. سن. وَرڻَنَ + ”آو“)، بناوٽ، سينگار.

مک سر. منهن  مٿان.

بني مانگ بناوسان الخ. منهنجي محبوب جي منهن جي سينڌ ڏاڍي سهڻي نڪتل آهي.

ڪچ. (سن. ڪَچَ)، وار.

سي ڪي ڪچ قريب جا الخ. تڏهن ته عجيبن جا ڪارا وار هيڪاري، تليهر جي رنگ کان  به وڌيڪ  چلڪن  پيا.

برجا. واحد. برج. مينهن وساوڙو، هنڊول (81).

بانوريا. چريا ٿيا. بانورو، بانولو. (پرا. بائُلَ. سن. وانُلَ)، چريو.

برجا وتن بانوريا الخ. مينهن وساوڙا، محبوب جي لبن جي سرخيءَ تي بانوليا وتن.

سس. (سن. شَشِن) چنڊ.

سسيهر. وسيهر. نانگ.

هور. ف. سج.

سس، سسيهر، هنج، هور الخ. چنڊ، نانگ، هنج (هنجهه)، توڙي سج، وارن جي تجلي (۽ محبوب جي خوش رفتار ۽ چِٽي چهري) کان سُسِي ويا.

رجل. ع. پير؛ قدم، وک.

جاءِ کڻڻ. جاءِ کڻڻ، (اصطلاح)، جاءِ  مَٽائڻ، اٿڻ.

رجل پنهنجي راءِ سان الخ. جڏهن محبوب پنهنجا قدم، ناز سان هيڏي هوڏي کڻن  ٿا.

وسو. (سن. وَشا)، هاٿِڻِ، هاٿي.

وسو تت وڌو چئي الخ. هاٿي  به سندس نرم رفتار کان، پنهنجو هلڻ ڇڏي، لِڪيو، ويِهيو  رهي.

سيم. (سن. شِنِي)، ول جو قسم، جا سمونڊن ۽ دريائن جي ڪَنٺن سان اُڀرندي آهي  ۽ وڻ  ويڙهيءَ  مثل  ٿيندي آهي.

اهڙن عجيبن ساهه سوگهو الخ. اهڙن  قسم جي محبن، منهنجو ساهه، وڻ ويڙهيءَ جيان  ويڙهي، سوگهو  ڪري  ڇڏيو آهي.

{52}

هوتن. واحد. هوت. (سن. هِتَ = پيارو)، محبوب.

هڪ پاڻ به هن حسين الخ. هڪ ته دلبر اڳيئي تمام خوبصورت آهن، ويتر ڳَلين هَسُن به ڏاڍو ٺَهينِ ٿو.

جنهن خجل ڪيو خورشيد الخ. (ايتري قدر جو) هَسَ جي چاند چَمڪ، نوراني پيشانيءَ  سان راسِ ٿِي، سِج  جو نوُرُ جهڪو ڪيو  ڇڏين.

دهن مين ملا چئي  الخ. ملا چوي ٿو ته ”سندس وات مڇلي جي مُکَ جيان ننڍڙو ۽ گول، چيلهه وري چيٽي جهڙي لڪدار ۽ ڇَڙَڪَ.“

ٻٽيهي. ٻٽيهه ڏند. ٻٽيهه. (پرا. بَتيِسا. سن. درا  ترِنشَتَ).

ٻٽيهي ته پرين جي الخ. پرين جي ٻٽيهي جي ڏندن سان، ڪَتِيءَ جي سنهڙن  تارن جي  جوت  لڳيئي  نٿي.

ٽيڙن. ٽيڙو. آسمان  ۾ ٽن تارن  جو  جهُڳٽو. (سن. تر = ٽي).

بينسر بانو بين. بانو کي نڪ ۾ بينسر (ڏاڍو ٺهيو ٿي).

ٽڙي ٽيڙن جان بيهي الخ. نَڪَ وارو سونو بولو به ٽيڙُو تارن جيان، ڇا نه کُليو (ٽڙيو) لَٽِڪيو بيٺو آهي.

زنخ . ف. کاڏي، لَبِينو.

سين. ”سين“ (س) جي گولائي. ”سين“ گولائيءَ جي تشبيهه، پيشاني، ڳلي ۽ خاص طرح کاڏيءَ  سان ڏنل آهي. پر کاڏي اڌ صوف جهڙي آهي، تنهنڪري ”سين“ جي اڌ گولائي لاڳو ڪئي اٿس.

زنخ هيس زيب سين الخ. سندس َلبِينو، تازي صو ف وانگي ”سين“ حر ف تي بيٺل آهي.

سي ملا ميل امين الخ. ملا امين چوي ٿو ته ”اهي محب ملاءِ، جن جو وصل مون لاءِ وڏو احسان ٿيندو.“

{53}

اسر ويل اٿي ڪري الخ. صبح  جو  اٿي، جئن  محبوب  جو  جلوو ڏٺم.

موهيو من محبوب الخ. دلبر، کنوڻ (نظر) جي جهلڪ طرح (سان) دل کسي ورتي.

ڇانو. (سن. ڇايا). سايو،عڪس، پاڇو.

پريون ڇپايائين ڇانو ۾ الخ. سندس حسن کان (ڏسي) پَريُن وڃي، پردي ۾ منهن لڪايو ۽ سندس (ڪبڪ) رفتار سان، هاٿي ڇا هلي سگهندو!

ڪبڪ پيٺي نه باغ ۾ الخ. خود ڪبڪ به باغ ۾، محبوب جي ٽور ڏسي، بيهي نه سگهي؛ پر سندس اک اڳيان هرڻ به ڇا گهري!

سهندو. سولهندو، ٺهندو.      سونهن. (سن. شوڀَنَ + سونهن ).

بينسر بانو بين ۾ الخ. نڪ ۾ سونو بينسر بولو اٿن، سو به ڏاڍو ٿو ٺَهين.

محب انهيءَ ملندو الخ. اهڙو محب انهيءَ کي ملندو، جنهن کي اهڙو هاتڪ خود  چاهي !

{54}

تڳيءَ ۾ تجلو ڪري الخ. محبوب، رات ۾ حسن جو اهڙو سوجهرو ٿو ڪري، جهڙو ٽانڊاڻو.

پجتو. پرتوو، سوجهرو، رونق.

”پجتو پيشانيءَ جو، آهي نوراني نُماءُ،
ڏسڻ سِين ڏمر وڃي، سائو ٿئي سهاءُ،
پرين جو پيماءُ،  نسورو ئي نُور جو.“
 

(سليمان شاهه – پورن والا)

انڇر. گهڻو، بي انت.

مصرع:

                         آنڇر آري اول جا، ڏنگا ۽ ڏونگا.             (آخوند)

پس پجتوپر جو الخ. پرين جو پرتوو ته ڏس، جو اصل (ڄائي ڄم) کان بي نهايت آهي.

تڪبر. ع. هٺ، وڏائي.

ماهه اچي مشتاق ٿيو الخ. جنهن جي ڏسڻ سان، چنڊ خود مشتاق ٿي پيو ۽ پنهنجي حسن جو تَڪبُر ڇڏي ڏنو.

اونداهي. (سن. اَنڌَڪارَ مَيِي)، ڪاري رات. هت اشارو:  ”قبر“ ڏانهن.

اهو عين عجيب جا الخ. وري جي سندن اکيون هرڻ جهڙيون آهن، سي اوندهه (قبر) جو اُجالو آهن.

اَري. (سن. آريَه)، شريف، خاندان.

اڳتون آري ڄام جي الخ. سج توڙي چنڊ“ ههڙي سُونهَن ڀَرئي سردار اڳيان ڇا لڳن!

وتاڦر. وڄ کنوڻ، بجلي. (وفا). ڪن ”سون“ جي معنيٰ ۾ پڻ ڪم آندو آهي.

مصرع:

وتاڦر  ورن آ، ڪيَنچَن رنگ قريب جو. (فتح خان)

ورن = رنگ. ڪينچن = سونُ.

واري وتاڦر الخ. هُوءَ، برقي تجلي به پنهنجي ساجن تان صدقي ڪيان.

{55}

ڪرن. ڪرنو گل. (سن. ڪَرڻَ). ڪرني جا گل اڇا ٿيندا آهن.

موٿ = موٿا. نرگس گل جو قسم.

ڪرن موٿ. خماريل اک.

ڪريل ڦر. ڪرڙ جو ڦل. ڏونرا، ڏيلهو.

مڌر. (سن. مَڌُرَ)، مٺو، لذيذ، وڻندڙ؛ ماکي.

مک مڌو. ماکيءَ ورنو وات.

ڪرن موٿ ڪريل ڦر الخ. محبوب جي اک نرگسي، منهن ڏونرن جهڙو (ڳاڙهو)، وات ماکيءَ ورنو ۽ رفتار (هاٿيءَ جيان) نرم نرم .

تڳي تهائي. رات.

تاس. تنهن جو.

تاس رپ. تنهن جو دشمن.

تڳي تهائي تاس رپ. رات، تنهن جو دشمن، سو ٿيو ”چنڊ“ .

مصرع:

تُنگِي مَنڊڻ تاس رِپ، بَهُوت  اُلٽِي آ.

(ڳوُڙهو)

تنگي منڊڻ. رات جو مانڊاڻ يا سينگار.

تاس رپ. تَنهن جو رپ.

تنگي منڊڻ تاس رپ. رات جو مانڊاڻ“ تنهن جو دشمن، سو ٿيو ”مِينهُن“ يا ”برسات“؛ ڇو ته برسات ايندي ته آسمان جا تارا وغيره گم ٿي ويندا.

بهوت. گهڻي، گهڻو.

تنگي منڊڻ تاس رپ الخ. برسات گهڻي پوي ٿي.

واڌو. (سن. وَرَڌ)، وڌيڪ.

ڪونت. ڪونڌڻ. (سن. ڪَنَنَ = چمڪڻ)، بجلي جو چمڪڻ.

ڪران. (سن . ڪِرَنَ)، ڪرڻو. هت معنيٰ: نوراني لاٽ.

تڳي تهائي تاس رپ الخ. چنڊ کان به وڌيڪ (سندن حسن جي) برقي تجلي (نوراني لاٽ)  آهي.

دهه سسو. روشن  بدن  چَنڊَ  جهڙو.

ڪنٽيرو.  (سن. ڪَنٺيِرَوَ)، شينهن.

ڪٽي. (سن. ڪَٽِي: ڪَٽِ )، ڪمر ، چيلهه.

ڪنٽيرو ڪٽي. چيلهه شينهن جهڙي.

لبي لاک وران. لاک ورنا لب، لاک  جهڙا (ڳاڙها) چپ.

دهه سسو ڪنٽيرو ڪٽي الخ. بدن صاف جهڙو چنڊ، چيلهه سنهي چيٽي جهڙي ۽ سندس لب لاک  ورنا  ڳاڙها  آهن.

منصبي. ع. منصب. مرتبو، مانُ، عزت.

ميم. ”م“ حرف  جيان  ننڍڙو  وات.

ميم مراتبا. ”م“ جو شان، جو صرف حضرت محمد صلعم کي جڳائي.  يعني ”م“ جيان ننڍڙو گول وات. اهڙن محبوبن جي ڪهڙي تعريف ڪري، ڪهڙي ڪريان!

طهران. ع. طَهَرَ. پاڪائي يا پاڪ  جلوو.

تن اندر طهران الخ. سندم دل ۾، جا پاڪائي (ان نُوراني نظر کان) پيدا ٿي آهي، تنهن منهنجي روح کي ورائي، سوگهو ڪيو آهي.

{56}

ارگ.  (سن. ارگ. آرَس = ڇاتي + گَم = هلڻ)، نانگ.

اونها ارگ. ڊگها نانگ (وار).

ابيگم. (سن. اَڀگَمَنَ)، ڪڪرن جو اڳتي هلڻ. هت: ڪارن وارن ڏانهن اشارو، جي جهُڙَ سمان آهن.

جب گوري گهنا ڪري الخ. جڏهن محبوب، زيو رات (ويس وڳا) پهري ٿو، تڏهن ڪارن  وارن  جو به(مٿانئس) جهُڙ ٿي وڃي ٿو.

ڇپائي. ڇپائڻ. ڇپڻ. (سن. ڪشِپَ)، لڪائڻ، لڪڻ.

باني. بانو. بان. (سن. وَرڻَ )، رنگ، رونق، سونهن.

قمر ڇپائي ڪامڻي الخ. اهڙو محبوب، پنهنجي سونهن  ۽ سوڀيا سان، چنڊ کي به ڍڪي ٿو ڇڏي.

ڇم. بلو. 7 ف. چشم. اک.

ڇم. 7 ع. شمع. بَتي.

اَهو عين عجيب جا الخ. هو (ٻه) هرڻ اکيون، ڄڻڪ شمعون (ڏياٽيون) برابر اندازي (ليڪ) ۾ آهن. يعني: محبوب  جون  هرڻ  اکيون ، شمع  وانگر  پيئون  ٻَرن !

سهج. تون سهه   . سهڻ. (سن. سَهه)، برداشت ڪرڻ.

سم. 7 ف. سَهَمَ. تڪليف، ڏر، خوف.

سوجهي. سوجهڻ. (سن. سوڌنََ )، جاچڻ، ڳولڻ.

سهج پريان جي سم الخ. محبوبن جي تڪليف سَهندو رَههُ، جنهن تنهنجي اندر جي پِيڙا، دوُر ڪري ڇڏي.

{57}

سالور. ف. شال. دوشالو.

جب گوري گهنا ڪري الخ. جڏهن محبوب زيور پائي، مٿي تي سنهو ڪپڙو اوڍي، هلي ٿو.

سسو. چنڊ. (سن. شَشِن).

سهه. ڪونج.

سارنگ. مانڊاڻ، بجلي (سن. سارَنگَ).

گهايا. گهائڻ. (پرا. گهاءَ. سن. گهاتَ)، ڦَٽڻ، زخمڻ.

هرڻ، سسو، سهه، سارنگ الخ. تڏهن، هرڻ، چنڊ، ڪونج، ڪارونڀار ڪڪر، سڀ هڪڙي ئي گهور ۾، گهائي ٿو ڇڏي.

چين. (سن. شَيَنَ)، آرام.

چڪچور. (سن. چَڪرَ = پرڀرو+ چور = باريڪ ذرا)، چڪناچور، کرکنا.

ماريو مسڪينن جا الخ. اي محبوب، تون ته مسڪين عاشقن جي دل جا آرام ڦٽايو ٿو ڇڏين.

جوڀن. (سن. يَووَنَ)، جواني، وهي.

درو. ف. مخ. ديرو. جاءِ. (يا) ف. در. دروازو.

دکايم. ڏيکاريم. مون کي ڏيکاريو.

وه جوڀن جا پور الخ. وه جواني تنهنجا نشا، جنهن محبوب جو در ڏيکاريو!

نوٽ: هرڻ، اک سان گهائجي؛ چنڊ، منهن سان؛ ڪونج اوچي ڳاٽ سان؛ ۽ سارنگ جا ڪارا ڪڪر، وارن سان.  هر هڪ کي الڳ الڳ عضوو ٿو زخم ڪري. مگر مجازا ”گهور“ کي، اک جي تيز نظر سان منسوب ڪندا آهن.

{58}

ليث ڪٽي. چيلهه شينهن جهڙي.

گج گام. هاٿي وک.

ديهه سسو. چنڊ  جهڙو بدن.

سهه. ڪونج.

ليث ڪٽي گج گام الخ. لڪدار چيلهه (چيٽي جهڙي)، وکارَ ڌِيمَ ڌِيمَ (هاٿيءَ جهڙي)، بدن  سفيد باه  (چنڊ جهڙو)، ۽ ڳاٽ اوچا (ڪونج وانگر) آهن.

پهه رپ. سج.  (ص 77)

پرلو. ف. پرتوو. پاڇو، سايو ، عڪس.

بام. (سن. واما)، عورت .

پهه رپ کان پريو کسيو الخ. هن حسين محبوب، سج کان  به پرتوو کسي  ورتو.

ڪام. ڪامڻي. عورت. (سن. ڪامِنِي)

جلوي ساڻ جمال جي الخ. هن ڪامڻيءَ، پنهنجي حسن جي جلوي سان، چنڊ جي سونهن کي گم ڪري ڇڏيو.

دو نينان ڪي دام. ٻن  اکين  جا دام.

مهري. (سن. مَهِلا)، عورت.

وجهي دونينان ڪي دام الخ. نيڻن (اکين) جي ٻِٽِيِ سُرڪَڻِ وجهي، محبوب، آهوءَ  جي اک جيان، دل کي پيو ڇڪي.

{59}

مهراتي مهتاب رهن الخ. سج توڙي چنڊ، ٻئِي سندم محبوب جي منهن تي اوڪاسي (مشتاق) آهن.

وهسن.     وهسڻ. (سن. وِهَسَنَ. وِ = تمام + هَسن = کلڻ )، گهڻو کلڻ، خوش ٿيڻ..

سنبل وينس وسيهر وهسن الخ. سنبل توڙي ڪارا نانگ، سندس عنبر  بوءِ  وارن  تي، ٽِڙِي پيا خوش ٿين.

پوئنسٽ. هڪدم، فوراً .

ڦوڙ.      ڦوڙڻ. کولڻ، ڦُٽائڻ.

ڦساوي. (سرا)       ڦساوڻ. ڦاسائڻ. ڦاسڻ. (سن. پاشَ = رسي ).

ڦندان. ڦندو. ڦند. (سن. پاشَ: بَندَ)، هنر، ڪاريگري.

ڦوڙ ڦساوي. کولي (رسي کي) ڦاسائي.

گوش گره. ف. (گوش = ڪَنُ + گره = ڳنڍ )، وارن  جو  وڪڙ، نُچُ.

گيسو. ف. وار. ڪيسو. سن. ڪيشَ = وار.

پوئنسٽ ڦوڙ ڦساوي الخ. اتي جو اتي نُچ ۽ نُوچ (سرڪڻ) ويڪري ڪري، ڦاسائي ٿو.

سمن. ف. چنبيلي، ياسمين، ڪنابتا: محبوب جي تعريف ۾ استعال ٿئي ٿو.

قد دي صفت. قد جي تعريف. مجازاً  نمونو.

مصرع:

جائِي صفت سَرو جي، سو قد به ڪوتا ها.

(”تصوير نبوي“)

صفت = نمونو.

ڪوتاها. ڪوتاه. ننڍو.

سرو، سمن صد خجل صنوبر الخ. سرو، سمن، صنوبر، ٽيئي سندس قد قامت ڏسي، سو بار شرمسار ٿا رهن.

لک. (سن. لَڪش)، سو هزار.

لقمان. هڪ يوناني حڪيم، جنهن جو ذڪر قرآن شريف ۾ آيل آهي. هت معني: داناءَ، فيلسوف، عاقل، تجربيڪار.

ڦردي (سرا). ڦرڻ. (پرا. پيِرََڻ. سن پريِـرَڻ)، چوڌاري گهمڻ.

کير. (سن ڪشِيرَ). دل جي ٻهڪ، خوش خوئي؛ خوشخبري، مبارڪ.

خوء. ف. عادت. سڀاءُ؛ بي پرواهي.

لک لقمان افلاطون ڦردي الخ. لقمان توڙي افلاطون جهڙا ڪيئي دانشمند، پر بن جي خوش خوئيءَ (خوش خيالي) تي حيران رهن ٿا. يعني: جيڪي فيلسوف آهن، سي عقلمندي ۽ اعليٰ فهم سبب بالڪل آزاد خيال ۽ بي پرواهه رهندا آهن ۽ وقت جي حڪومت جو به خيال نه رکندا آهن. پنهنجي فيلسوفي اصولن کان نه هٽندا آهن. هڪڙا پنهنجي مت (اصول) سبب متوالا ۽ آزاد آهن، ۽ ٻيا حسن ۽ خوبيءَ سبب مست والا (مت والا) ۽ آزاد آهن. جيڪڏهن ”دانائي“ پنهنجي بي پرواهي ٿي رکي ته ”جمال“ به پنهنجي جاءِ تي لاپرواهه آهي. دانائي ۽ حسن ٻئي الڳ الڳ انساني ناز آهن، تنهنڪري جيڪڏهن لقمان ۽ افلاطون کي پنهنجي دانش ۽ اعليٰ فهم جي خوش خيالي ۽ لاپرواهي آهي ته اهي به سندم شاهِه، خوبان  جو خمار ڀريل خوئي ڏسي، حيران آهن.

بلبل، ف. بربل، ڀوري.

بيراڳي. ويراڳي. دنيا کي ترڪ ڪندڙ. هت معنيٰ چريو، مست (سن. ويراگيَه).

باس. (سن. واَس)، بوءِ، خوشبوءِ.

بلبل ڀونر بيراڳي ڦرندي الخ. بلبل ۽ ڀَونر، اهي ٻئي واس جا شوقين، سي، سندس بدن جي گلابي بوءِ تي مست ٿي، ڦرن ٿا.

خجل ڪبڪ طائوس رهن الخ. جڏهن محبوب اڱڻ تي ٽِلَنِ ٿا، تڏهن ڊيل ۽ مور، ٻئي شرمندا  ٿيو پون.

شالا 7 ع. شاء الله.

شالا هو وين. (سرا) شال هجين.

ڪلب ع. ڪتو.

ڪوء. ف. گهٽي،گلي.

شاهه محمد شالاهووين الخ. شاهه محمد چوي ٿو ته”شل، سدائين پرين جي ڳليءَ ۾ ڪوئي ڪتو ٿي رهان ته چڱو.“

{60}

هيڪاندي. هيڪاند. گڏجڻ. (سن. ايڪانتَ = اڪيلو).

واهه ڏٺي خوش ساهه ٿيوي الخ. محبوب کي پنهنجي سهيلين سان گڏ ايندو ڏسي، دل واهه جو  بهار  بهار  پيئي ٿئي.

ڪرڪر ويس رنگ و رنگ اون. رنگا رنگي ويس پهري اچن ٿا.

تنهان دي (سرا). تِنهَنِ جا، انهن جا، محبوبن  جا.

تجلي کاندي. (سرا) تجلي کائين  پيا، تجلي پيئي نڪري.

ڪر ڪر ويس رنگ و رنگ اون الخ. رنگا رنگي ويس ڪري اچن  ٿا .سندن منور  مُنهن  ڏاڍا   جلوا  پيو  ڏئي. يعني: پنهنجو  منور  منهن، ڏاڍي  جلوي  سان  ڏيکارين  ٿا.

سونهين وچ بيني. نَڪَ ۾ سونهين  پيو، ٺهي پيو.

ڪيسر. (سن. ڪِيَسرَ)، زعفران.

مل مل. ملي ملي، وري وري ملي.      مَلڻ. (سن. مَلَنَ ).

ڪيسر مل مل لاندي (سن)، ڪيسر هر هر (پاڻ کي) پيا لائين.

ٿيون سياندي.سيبائيندڙ  ٿين  ٿا، وڻندڙ  ٿين  ٿا.

بينسر بول سونهين وچ بيني الخ. هڪ ته بينسر بولو نڪ ۾ ڏاڍو ٺهي پيو، ٻيو وري ڪيسر جي نقش نگاري ڪن ٿا، پوءِ ته هيڪاري وڻن ٿا.

سرخي. ف. لالي. سرخ = ڳاڙهو.

سرخي لال لبان ڪون لاون. ڳاڙهن لبن کي، سرخي لائين ٿا.

سير. ع. سَير. دل بهلائڻ  لاءِ گهمڻ ڦرڻ؛ رستو، واٽ.

گهٽيان. (سرا) گهٽيون. واحد. گهٽي. (سن. گَهٽَ)

گهن.  (سرا)       گهنڻ. (سرا). ڳنهڻ؛ وٺي اچڻ.

سير گهٽيان گهن اَندي. گهٽين جا سير وٺي، اچن ٿا.

اٺاندي (سرا). اٺاوڻ (سرا). اٺائڻ. (سن. اَتٿانَ)، کڻڻ.

سرخي لال لبان ڪون الخ. گلابي لبن کي سرخي لڳائي، گهٽيون وٺي، هوريان  هوريان  هلندا  اچن  ٿا.

چشم جڏان ول چاندي. اک، جڏهن وري، مٿي کڻن ٿا.

ماڻي ڪر رب  ڄاڻي الخ. جڏهن ناز سان اک ٿا کڻن، تڏهن رب ٿو ڄاڻي، ته نظر لڳائيندا  ٿا  اچن.

شاد. ف. خوش.

غمون خوش شاد.  غم کون (آزاد ٿي) شاد ٿين ٿا.

درماندي. ف. درمانده. پريشان.     درماندن.

ڏک چون واندي. ڏک مون واندا، آزاد.

ٿيون آزاد غمون خوش شاد الخ. (پوءِ ته) عشاق (درد وارا) غمن ڏکن مان آزاد  ۽  واندا  ٿي، (جڏهن محبوب ديدار ڪرائي ٿو) ڏاڍا  دلشاد  ٿين  ٿا.

ڏيک (سرا).      ڏيکڻ. (سرا) ڏسڻ. (سن. درَش ).

ڏيک تنهان ڪون. انهن کي ڏسي.

سڌاندي.(سرا)     سڌاوڻ. سنڌا ڪري لهي وڃڻ، ڪَروُن ڏيئي لهي وڃڻ، پٽا ڏيئي لهي وڃڻ.

وساندي (سرا)     وسامڻ.(سرا). وسائڻ. (سن وِلوُپ) اُجهامڻ، وسامي وڃڻ، ميٽجي وڃڻ.

شاهه محمد ڏيک تنهان ڪون الخ. شاهه محمد چوي ٿو ته ”کين ڏسي، سڀ سور ٺرندا وڃن  ٿا ۽ وهم وسامندا وڃن ٿا.“

{61}

ڇوڙ.      ڇوڙڻ. (سن. ڇورَڻَ )، ڇڏڻ.

بند. ف. قابو.       بستن = ٻڌڻ.

ڪڄ. ڍڪ.

ننگي. ننگو. (سن. لَگنَ )، اُگهاڙو.

ڇوڙ زلف دل بند الخ. وار ڇَڙڪ ڇوڙي، دل گرفتار ڪئي اٿئي، هاڻي (مهرباني ڪري)پنهنجي اگهاڙي مٿي جي سياهه وارن کي ڍڪ.

ڦڻ. (سن. ڦَڻَ)، نانگ جي ڦڻ.

وينس وسيهر. ڪارا نانگ. (ڏسو ص 138)

ونگي .      ونگڻ. (سن. وَنڪَ). ٻڌڻ، وڪڙ  هڻڻ.

ڦڻ ڪون وينس وسيهر ونگي. وينس ۽ وسيهر جهڙن ڪارن نانگن  جي ڦڻ کي به ونگي ٿي. يعني: نانگ به ڪارا  وار ڏسي، ونگجي ويا.

ڦردي ڀونر ڦساون الخ. هو ڦيريدار ڀونر (مشڪ بوءَ) وارن ۾، پنهنجي سونگهي (سونڍ) ڦاسايو  وجهن  ۽ ٻيا ڪارا  نانگ  به ڦاٿا رهن  ٿا.

ڪماني. ڪمان  وانگر  وريل. ف. ڪمان.

تفنگي. ف. تفنگ. 7 ت. توپ + انگ. بندوق. ڊگهي گولي.

ڪالي ابرو ڪنول ڪماني الخ. ڪارا ڪنول ڀرون، ڪمان جيان وريل آهن ۽ اکين جي تيز نظري ته بندوق پَئِي ڇوڙي.

خمري. خمر واري. ع. خُمر .شراب.

خنجر. ف. نوڪدار  ڀالو . هت اشارو: پنبڻين  ڏانهن.

جنگي. جنگ ٿو ڪري. ف. جنگ.

خمري خوءِ خنجر ڪون الخ. هڪ ته طبع ۾ غرور، ٻيو پنبڻيون ڪانِيرَ (ڪانَ هڻندڙ) پٺتي وريل، سو هاڻي ته محبوب  جلد ئي جنگ  ڇيڙيندو.

جال. جلاوَ، جڙاءُ.

مهر. مهار .مراهي. ڏندن  جون  مهارون.

خال. ف. تِر.  تِل.

خال. ذقن تي. کاڏيءَ تي تر. ”تر“ منهن تي ٿيندو آهي. هت اشارو: ڏينڀوڙي (تِر وکڙي) ڏانهن.

تال. ناز نخرو.

تنگي.ف. تنگ. سوڙهو.

جال مهر تي خال ذقن تي الخ. سندس مهار ۾ (موتين جي) جَڙَ بندي، کاڏيءَ  تي ڏينڀوڙي  ۽ ناز  نخري کان ته  دل ويچاري  تنگ  اچي ويئي آهي.

هسلي هس. لُڪڙي، ڳچيءَ  جو ڳهڻو. (سن. اَنسَلِي ).

هلال. ع. پهرين  تاريخ  جو  چنڊ.

هسلي هس هلال جيان. محبوبن  جي هسلي ۽ هس، هلال (پهرين تاريخ جي  چنڊ  جيان  ڪمان  ٿيل) آهي. گويا چنڊ، سندن ڳچيءَ  ۾ چمڪي رهيوآهي.

منگي. (سرا)  منگڻ. (سن. مارگَڻَ )، گهرُڻ.

بينسر بيني منگي. بينسر نَڪَ ۾ گهُري ٿي. يعني: باقي نَڪَ ۾ بوُلو گهرجي.

هسلي هس هلال حبيبان الخ. محبوب کي گَلي ۾ هلالي طوق جهڙو هَسُ، باقي سندس نڪ ۾ بينسر بولي جي درڪار آهي.

مندري. (سن). منڊي. (سن. مُدرا).

مک مندري. منڊيءَ (جيڏو ننڍڙو گولائي تي) وات.

اڳ (سن. اَگَر)، اڳيون  پاسو. يعني. منهن.

مهرو. ف. ماه رو. محبوب.

اڳ مهرو دا. محبوب  جو منهن.

اندري. (سن. اِندرِي)، عورت.

احمر. ع. ڳاڙهو.

مک مندري اڳ مهرو دا الخ. هن سهڻي جو مُک، منڊيءَ  جيڏو، سندس مُنهن جو طرف ۽ چپ سندر سهڻا ۽ ڳاڙهي رنگ ۾ رتل آهن.

ڪون. (سن. ڪَهه: ڪِم)، ڪير.

ٻنگي. ونگي، قابو ڪري.       ٻنگڻ. ونگڻ. (سن. وَنڪَ).

ڪتي روشن ڪون ڪهي الخ. ڪَتِيءَ جي روشن تارن جي ٻهڪ ڇا گهري، جنهن جي ٻٽيهي جي شگقت (کل مُکائي) دل کي ونگ وجهيو ڇڏي!

ڪبڪ وچ ڪمي رهه ڳئي الخ. ڊيل جي هلڻ ۾ نقص رهجي ويو، توڙي بيٺِي خوشيءَ وچان ناچ ڪري. يعني: محبوب جي ڇَڙڪ هَلِڻي، اهڙي موهيندڙ هئي، جو ڊيل به مقابلي ۾ اچي نه سگهي.

چتر. (سن چَتُر)، هلڪي، تڪڙي؛ پُر گامي.

چيلهه چترهي. چيلهه چست آهي.

چرن چيهي. چيهي کان پير (وڌيڪ ڳاڙها ۽ نرم)،

چنگي. چڱا. (سن. چَنگ)، ڀلو، سندر، سٺو.

چرن چيهي چنگي. چرن، چيهي کان چڱا. يعني: وڌيڪ نرم ڳاڙها.

چيلهه چترهي چيٽا الخ. چيلهه هلڪي، جنهن تي چيٽو به چريو ٿيو پوي ۽ سندس چرن، چيهي کان به وڌيڪ سٺا آهن.

درنگي. ف. دو + رنگ. سن دو +  رنَگَ )، ٻِرنگا، ڪوڙا، مخالف.

ٿئي ديدڙ نال درنگي. شاهه محمد ديدڙ سان مخالف ٿيا.

ٿئي ديدڙ نال درنگي الخ. شاهه محمد ديدڙ چوي ٿو ته ”محبوب  جو ديدار ڪيم، تڏهن کان وٺي، مون سان ماڻهو (رقيب) مخالف (حاسد) ٿيا آهن.“

{62}

سندر (سن. سُ = چڱي طرح سان + دُرَ = عزت)، خوبصورت، منوهر، سُروپ.

سينڌ. (پرا. سَنڌَي. سن. سِيمَنتَ)، مانگَ.

سندر سجني سينڌ الخ. سهڻي محبوب سينڌ ڪڍي آهي ۽ مٿس سر کنڊ سرخ  سينگار لڳايو آهي.

زلف. ف. وار، ڪاڪل، گيسو.

زلف سياهه سسيهر الخ. نانگ جهڙا ڪارا وار. جتي سُنبلي سرهاڻ تي، ڀونر پيا ڀيرا ڪن.

ڪنول. (سن. ڪَمَلَ)، ڪنول گل، اک جهڙو ٿيندو آهي.

ڪنول قهاري. غضبناڪ  اک.

ڪيف ڪجل. ڪيفي ڪجل ڀريل  اکيون.

ڪنول قهاري ڪيف ڪجل الخ. ڪنول گل جهڙيون  تابدار ۽ ڪيفي ڪجل  ڀريل (خماريل) اکيون، بوند  بهاريءَ  جي فرحت لڳايو  بيٺيون آهن.

پلڪان. پلڪون. واحد. پلڪ. ف. پنبڻي.

پڪاران. پڪارون. واحد. پڪار  پڪارڻ. (سن. پرَڪُشَ)، سڏڻ.

پل پل ڪرن پڪاران. هر گهڙيءَ  پيئون  پڪارون  ڪن.

پلڪان پل پل ڪرن پڪاران الخ. اک جون  ناوڪون  (نوڪون) ته ذري ذري وار پيئون ڪن. هي (اکيون) تير هڻن ته مٿئون وري ابروءَ جي تلوار جو پَلٿو پيو لڳي.

موتيان جڙي مهار. موتين سان جڙيل مهار. موتين (اڇن ڏندن) سان جڙيل.

سرخ ٽڪا لب لالي الخ. پيشانيءَ تي سِندوري (سندر جو) ٽڪو لال لب ۽ مهارن  ۾ موتي جڙيل اٿن.

ماکي. (سن. ماڪشِڪ)، مَڌ. شهد.

لار. (سن. لالا)، ڌار.

قد صنوبر سر  سهڻي دا الخ. هِنَ محبوبَ جي ڪاٺِي قد، صنوبر جهڙي سِهِي (سڌو) ۽ لب، ماکيءَ  جي ڌار  وارا  آهن.

ليث لڪيڻي. شينهن  جي چيلهه  جهڙي.

لاڏ (سن. لڊَ = کيڏڻ)، پيار.

ليث لڪيڻي لاڏ لڏي الخ. لچڪ چيلهه چيٽي واري، لاڏَ ڀري ٽور (لوڏَ) اهڙي، جو ڄڻڪ زريدار بازو بند (جهاٻو) لڏندو  پيو  اچي.

پٽونئڙي. پٽ  جهڙا نرم. (سن. پَٽ – ريشم).

پاليهر. پاريهر. (سن. پاراوَت)، ڪبوتر.

هن چاسينگر دي چمڪار. ٽانڊاڻي جا چمڪار آهن.

پير پٽونئڙي پاليهر دي الخ. سندس پير پاريهر جهڙا پٽ ڪنئرا ۽ لَچَڪَ چال (چاسينگر ) وارا  ۽ تڪڙا آهن.

مور. (سن. مَيُورَ)، مور پکي، طائوس.

وارڻ. (سن. وارَڻَ )، هاٿي.

مور، ڪبڪ، هنج  الخ. مور، ڊيل، هنج توڙي هاٿي (جي رفتار) کي، سندم محبوب  جي ٽورَ ونگي ڇڏيو.

وردا. ع. ورد. روزانو پڙهڻ  جو وظيفو.

ڪوئل ورد ول ناولي الخ. ڪوئل، محبوب جي ٻويل ٻُڌي، وري پنهنجو روزانو آلاپ نه آلاپيو.

اختر. ف. تارا، ستارا.

اند. (سن. اِندُ) چنڊ.

ڳئي. (سرا). ويا (سن. گَمَ)، وڃڻ

اختر اندر ابر اَڳئي الخ. جانب جو حسن پسي، تارا ۽ چنڊ ڪڪر ۾ چڀي ويا.

جدا نه جالي. جدا نه گهاري، گذاري.

دم ديدڙ ڪنون الخ. شاهه محمد ديدڙ چوي ٿو ته”شل، دلدار هڪڙو دم به جهان ۾ (مون کان) جدا  نه هجي.“

 

{63}

تليهر تکي. تليهر نانگ کان به زياده ڪارا.

قوس. ع. انڊلٺ، وساورني.

ڪمانا. ف. ڪمان، سِينڱ.

ڪالي ڪيس تليهر تکي الخ. تليهر کان به زياده ڪارا وار اٿن. ۽ ڀرون انڊلٺ جهڙي ڪمانَ جيها.

بين 7 بان. (سن. پاڻَ)، تير.

مزگان تير تي بين الخ. پنبڻيون ته (تي) تير ۽ پاڻ ٿيون بڇين. جن هِن جانِ کي نشان بنايو.

هرن حيوانا. حيوان هرڻ.

هروشي. (بلو). 7 ف. هر  روز. روزانو، ڏهاڙي.

نوٽ: بلوچڪي زبان، فارسيءَ جي بگڙيل صورت آهي. فارسي زبان  جو اکر ”ز“ بلوچڪي زبان ۾ مٽجيو ”ش“ ٿيو پوي.

امروز. مروش، مروشي.

روز     روش

هر روز هر روش

ديد. ف. اک. نظر، ديدار       ديدن = ڏسڻ.

ديوانا. ف. ديوانه. چريو، مست.

هرڻ هيوان هروشي الخ. حيوان هرڻ به، محبوب جي اکين کي ڏسي، هر وقت مست پئي رهيا.

چينچل. (سن. چَنچَلَ)، چلولو، بودلو؛ خوش رفتار.

هستي. (سن هَستِن)، هاٿي.

چلدي چال چلي نهين چينچل الخ. اڃا محبوب، ٻاهر هلڻ شروع ٿو ڪري ته سڀ هاٿي حيران ٿيو وڃن.

صولت. ع. صورت. شڪل.

سسا. (سن. شُش = سوڙهو ٿيڻ)، هٽڻ، موٽڻ، جهڪڻ؛ ناس ٿي وڃڻ.

سورج. (سن. سُوريهَ)، سج.

سُسا وچ  سورج . سورج ۾ هٽڻ ٿيو، يعني: سج جي روشني به جهَڪِي ٿي ويئي.

صولت ويک سسا الخ. سندس صورت ڏسي ڪري، سج ۾ ڪُوماجَ اچي ويئي ۽ چنڊ ته آپ گهور ٿيڻ لڳو.

مت والا. (سن. مَت + والا)، مست ساقي.

اُکي عالم خان مليا الخ. عالم خان چوي ٿو ته ”اسان کي ڪو مست ساقي مليو آهي. وه ، وه!! هر  وقت  شڪر ٿا ڪريون.“

{64}

بانو. بالم. ت. عورت، زال.

ڀونري. ڀونرن  جهڙا  ڪارا  وار.

بال بشيهر بانو ڀونري الخ. هن بانو جا وشيهر نانگ جهڙا ڀونر ڪارا وار، سدائين  مشڪ  سان  معطر آهن.

جهل ڪر. جهُلي، جهُمُ ڪري.

جهل ڪر هل ڪر. جهُلي، شور ڪري.

ماه مٿون. محبوب جي منور مُنهن (چنڊ جهڙي چهري) مٿان.

ول. (سرا). وري.

ٻهن. (سرا)،      ٻهڻ. (سرا) وهڻ.

پادام. (سرا) پائي دام، دام وجهي.

جهل ڪر هل ڪر الخ. سي نانگ (وار) وري سندس (ماهه منور) رخ تي جهُلي، شور ڪري، وَرَ  وجهيو  ويٺا آهن.

نين ڪمل. (هه. محاوره. ڪنول نين). ڪومل اکيون، شرميلي اک.

هن ڪيفي ڪٽي. ڪيفي ڪٽيل آهن، نشي جا ڪٽيل، ڪڪوريل يا ڪيفي اک.

اغمام . ع. غم، ڏک، درد، پِيڙا.

نين ڪمل هن ڪيفي ڪٽي الخ. ڪومل ۽ ڪيفي نيڻ، عشق (حسن) جي غضبناڪ (شو ريده) نشي ۾ هئا. يعني: نماڻا نيڻ، ڪيف ڪڪوريل، سي (پر خمار حسن جي) شوريده حالت ۾ هئا.

لاکيڻي (سرا). لاکيڻا  لاکيڻو . لاک  جهڙو ڳاڙهو (سن. لاڪشا).

لب لاکيڻي. لاکيڻا لب، لاک  ورنا لب.

مشڪ. مرڪ.       مشڪڻ.

لڄاڻي. (سرا)      لڄاوڻ. (سرا). لڄائڻ. (سن. لَجڻا – لڄ).

مشڪ لڄاڻي. مشڪ لڄوڻو.

ماڻي هن ماتام. ماڻا ماتام آهن. غضبناڪ  يا موتمار ماڻا  آهن.

لب لاکيڻي مشڪ لڄاڻي الخ. لاک ورنا ڳاڙها چپ، مشڪڻ لڄوڻو ۽ سندس نازُ، موتمار آهي.

موتي موڙهي. موڙها موتي، مڙهيل موتي. يعني: سهڻي مراهي  وارا  ڏند.

ڳوڙهي ڳل. ڳاڙها  ڳل.

انگڙي. انگڙا. انگڙو. انگ + ڙو. (سن انَگَ – عضوو).

هن احمر  انگڙي  عام. عام طرح سڀ عضوا ڳاڙها آهن.

موتي موڙهي ڳوڙهي ڳل الخ. مرهي (ڏندن جي مهار) جا ڏند جهڙا موتي ۽ نرم ڳل ۽ سارو بدن سرخ اندامي آهي.

هر. (سن. هَرِ)، شينهن.

هرڪي هي ول وينگس دي. وينگس جي چيلهه (ول)، شينهن جهڙي آهي.

اور. (سن. اَپَرَ ۽.

حمام. ع. ڪبوتر.

هرڪي هي ول الخ. محبوب جي چيلهه چيٽي جي آهي ۽ پير، پاريهر جي پيرن جهڙا.

ترني. (سن. تَرَڻِ)، ٻيڙي. درياءَ (پاڻي) تي ٻيڙي سهڻي نموني هلندي آهي.

هرني. هرنو. هاٿيءَ  جو  ٻچو. (ص 87)

گڇ ڪبڪ ترني هرني الخ. هاٿي، ڊيل، (ڊُونڊي) ٻيڙي، توڙي هرني جي رفتار کي، سندس رفتار عاجز ڪيو ڇڏي.

هور. ف. سج.

هٽاوي (سرا). هٽاوڻ. (سرا). هٽائڻ. هٽڻ. (سن. گهَٽَن) موٽڻ.

حسن وکا ڪر. حسن  ڏيکاري  ڪري.

ڀانوي. (سرا)      ڀانوڻ. (سرا). ڀانئڻ. (سن. ڀانَ – ڄاڻ)، پسند ڪرڻ.

بام. عورت. (سن. واما).

هور هٽاوي حسن وکا ڪر الخ. محبوب پنهنجي حسن سان، سج کي شرمائي ڇڏي ۽ چوڏهينءَ  جي چنڊ کي به هيچ سمجهي ٿو.

تجمل نال تمام. تمام تجمل سان، پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا سان.

لوڙه سٽي. لوڙهي سٽيائين. گم ڪيائين، وڃائي ڇڏيائين. قبر داخل ڪيائين.

تنهن تجمل نال تمام الخ. عالم خان لنڊ چوي ٿو ته”اهڙي هوش رُبا حسن کان، ڪيئي مون جهڙا  قبر  داخل ڪيا ويا.“

{65}

رخ دلبر مهتاب ملائڪ الخ. دلبر جو حسن ملائڪي سج جي صورت آهي يا صبح حيات  جو ڪوئي سورج آهي.

سهماوي.       سهمجڻ. (سن. سُوڪشَم – تکو) ڊڄڻ.

مشتاقان ڪون. مشتاقن کي، عاشقن کي.

ڪيا سهماوي مشتاقان ڪون الخ. هو، مصر ولايت جو يوسفي  حسن، عاشقن  ويچارن کي ڇا، نه خوفزده  ٿو ڪري!

تنگ دهن. ف. سوڙهو وات، مکڙي وات.

حلقا. حلقو. ع. حلق. نڙي، ڳلو، ڳاٽ.

يون. (سن. ايوَ ميلا)، وانگر، جئن، انهيءَ وانگر، اهڙي نموني

بصر. ع. بصل.

حلقا يون بصردا،  ِنڙي بصر وانگر. يعني: بصر جي گول گردي جهڙي. نڙي جي نفيس کَلَ، جنهن مان پيئڻ  وقت، پاڻي  پيو  ڏيکارجي.

تنگ دهن وچ الخ. مکڙي منهن ۾ سهڻا ڏند آهن ۽ ڳل توڙي ڳاٽ بصر جي پردي جهڙا شفاف.

ڪاڪل. ف. زلف، وار. (سن. ڪَرڪرالَ )

ماري. ماري جهڙا، نانگ جهڙا. ف. مار.

ڪاڪل  ماري. زلف نانگ جهڙا.

افشار . ف.      فشردن = ڇڻڪارڻ. فشاردن. افشردن = نچوڙڻ. هت معنيٰ: واس ڏيڻ، واسڻ.

سنگ. ف. پٿر.

ترياق. ع. نانگ جي زهر لاهڻ لاءِ مرهم. ترياق معجون آهي، جا سَتر پساري دوائن جو مجموعو آهي ۽ ان ۾ سنگ ترياگ (ترياق) جو وڏو جزو پوندو آهي. نانگ جي ڏنگ لاءِ اڪسير آهي.

مصرع :

تاترياق از عراق آورده شد، مارگزيده مرده شد.                 (سعدي)

جيسين عراق مان ترياق اچي، تيسين نانگ کاڌل مري وڃي.

ڪاڪل ماري افشار الخ. ڊگها وار نانگ جهڙا، سي ته ترياق پٿر جيان عطر کستوري پيا واسين. يعني: ڪاڪل ته مار جهڙا آهن، سندن خوشبوءِ گويا سنگ ترياق وانگر عطر افشار آهي؛ جنهنڪري ڪاڪل (زلف) ماري (نانگ) آهن، ته خوشبوءِ جياري آهي.

ڏتا لا. (سن) لائي ڏنو.

بالم. (سن وِ لّـَـڀ ). پيارو.

ڀڙڪا مهر حسن دا. مهر ۽ حسن جو شعلو.

اي ميان باقي شاهه الخ. ميان باقي شاهه چوي ٿو، ”محبوب ڪهڙو نه حسن ۽ محبت جو شمع افروزي لڳايو ويٺو آهي.“

{66}

تلوار. (سن. تَرَوارَ)، ترار.

حسن تکا تلوار ڪنون. تلوار  کان به تکو حسن.

سرو قد ميڏي دلبر دا الخ. منهنجي محبوب جو سرو قد ۽ سندن جامع حسن، سو ته تلوار کان به تکو آهي.

بخت وندا. ف بخت + وند. بخت وارا، سٺي ڀاڳ وارا.

بخرا. بخرو 7 ف . بَهرو. حصو، ڀاڱو. فائدو.

صورت دي سردار ڪنون. صورت جي سرتاج کان. اشارو حضرت محمد صلعم ڏانهن.

بخت وندا  نون بخرا  الخ. نصيب وارن کي، صاحبِ حسن کان روحاني ڀاڱو مليو.

منهن مهتاب ڪنون الخ. سندن روشن مُنهن، سو ته چنڊ کان به زور آهي ۽ سندن  ملاقات  گويا گلزاري سير آهي.

پريان. واحد. پري.

خوبي خوب حسين هميشھ الخ. هن حَسين جي خوبصورتي پايدار آهي، جنهن جا  اهڃاڻ،  پَرين  جي اهڃاڻن کان، بالاتر  آهي.

دهشت دعويدار. دهشت جي دعويٰ ڪندڙ، دهشت انگيز.

حوران ڦرن حيران هميشه الخ. هن جي دهشت انگيز حُسن کان، حورون ويچاريون  به ڦيريون  کائينديون  وتن.

خوش ٻولڻ نون کنوڻ الخ.  سندن نيڪ تبسم (مرڪ) کان، کنوڻين ذري ذري چمڪ جي تاب يا عادت  ڇڏي ڏني.

ڀان .  (سن. ڀانَ)، سج.

ڀو.  (سن. ڀَيَه)، ڊپ، ڏر، خوف.

ڀان ڀلا ڀو نال گذاري الخ. هو سهڻو سج به هُن صاحبِ ڪمال جي صورت (حسن) کان ڀوء ۾ رهي ٿو، يعني: چُپِِ ۾ رهي ٿو.

ملحظا. ع. ملاحظه. ڏسڻ.

ماه ملحظا مور نه ڇوڙي الخ. چنڊ، سندن روشن اکين جي ديدار کان پاسو ئي نٿو ڪري. يعني : محبوب  ڏانهن سدائين نهاري ٿو ۽ پَچَرَ ئي نٿو ڇڏي.

کيئي. کِئو. (سن. ڪشِيوَ)، مست، مخمور، متوالو.

ابرو عين عجائب کمئي الخ. اکيون ۽ ڀرون نهايت خوش نما ۽ فطرت جي نظاري کان  به  باڪمال آهن.

سئي سئي ساز. سوين سوين ساز، سهسين ساز.

ساز پڪاز، وڄت جو سامان.

تماشي. ع. تَماشا. نظاره، مزه، لطف، سير، تفريح.

گڙد. ف. گرد   گرديدن. ڦرڻ، گڏ ٿيڻ.

سئي سئي ساز پڪاز تماشي الخ. سندن گفتار اهڙي آهي، جو سڀئي ساز، وڄت ۽ رقص جا اُتي اچي، سوز کان موجود ٿين ٿا. يعني: سندن گفتار ۽ سوز ۽ ساز موجود آهن. سندن  گفتار سوز ۽ ساز پيدا  ڪندڙ آهي.

صحت. ع. تند رستي.

سڀوت. سڀو، سڀئي، سڀ، سڄي، مڪمل.

اَجا. آجو، آزاد، ڇُٽل.

صحت ثبوت سڀوتن تازا الخ. سڄي تند رستي ۽ سارو بدن تازو ۽ سڀ مرض کان آزاد  آهي.

ڏور. ف. دور. پري.

ڏرئي ڏرڻ. (سن دَرَ + ”نا“ پڇاڙي)، ڊڄڻ.

ڏهڪار. خوف، ڀيانڪ حالت. (سن. دَسيَه).

ڪالي ڪيس تليهر تکي الخ. محبوب جا ڪارا وار، سي تليهر کان به وڌيڪ ڪارا آهن ۽ نانگ، پري کان ئي ڏسي، ڏڪي، ڀڄي وڃن ٿا.

ٻيڙا ٻاجهه منگي الخ. ٻيڙو چوي ٿو ته ”ڪلمي جي محابي، هر وقت تنهنجو رحم گهرجي ٿو.“

{67}

دووين. (سن. دوِ = ٻه)، ٻئي.

دووين عين سڄڻ دي الخ. سڄڻ جا ٻه نيڻ سهڻا، جڏهن ظاهر ٿين ٿا.

تابعدار.ع. تابع. + ف دار       داشتن رکڻ. فرمانبردار.

شمس، قمر شرمنده هوئي الخ. (تڏهن سج ۽ چنڊ ٻئي شرمسارٿي، (انهن اکين جي) نيازمندي (تابعداري) بجا آندائون.

بردي . ف. برده. غلام، نوڪر،       بردن = کڻڻ.

ارض و سما ٿئي بردي الخ. خود ڪائنات ۽ ان جي فطرت به (دلبر جي ديد جا) غلام بڻجي، سندس دَرَ جا خادم ٿي پيا.

شب روز. ف. رات  ڏينهن

چاڪر. ف. نوڪر.

پابند. ف. (پايه + بند)، ٻڌل.

پهريدار. (هه. پهري + ف. دار.      داشتن = رکڻ). (سن. پرَهَري)، چوڪيدار.

شب روز رهن سي الخ. رات ڏينهن محبوب جا (زمين ۽ آسمان) پابند پهريدار ٿي، رهن ٿا.

قوس قزح. ع. انڊلٺ. اشارو  ڀِرُن  ڏانهن، جي  انڊلٺ  جيان  وريل آهن.

قوس. ع. ڪمان + قَزح 7 قَزحت = ڳاڙهو،سائو، ڦڪو رنگ.

جلويگر. ع. جلوه + ف. گر. جلوي وارو، رونق بخش، نوراني.

قوس قزح وچ موج الخ. ٻن ڀرن جي رنگين ڪمانن ۾ به ديدار جو عشاقي مزو آهي، جڏهن ته اهي ٻئي، ڇا نه رونق لڳايو رهن ٿا. يعني: محبوب جي ٻن هِلالي اَبرُوئن ۾ به هڪ رنگين لطف سمايل آهي، جي ٻَئِي هڪ رونقدار نقش ٺاهيو بيٺا آهن.

دردنداني. موتين جهڙا (سهڻا ۽ اڇا) ڏند.

خاور. ف. سج.

خوش گوار. ف. شيرين، وڻندڙ، لذيذ

لب مرجاني دردنداني الخ. چپ مرجان جهڙا ڳارها ۽ ڏند، سفيد جهڙا موتي، هن سورج صورت  جا ٻئي ڏاڍا وڻندڙ (خوبصورت) آهن.

هر رنگ دي وچ. هر ڪنهن رنگ ۾، جتي ڪٿي.

نرمل. (سن. نِرَ = بنا. سواءِ + مَلَ = ميل، گندگي)، پوتر، پاڪ، اوجل، صاف.

علي محمد هر رنگ دي وچ الخ. علي محمد چوي ٿو ته، ”ٻن چپن ۽ ڏندن جي لالائي ۽ سفيدي، هر هڪ پنهنجي جاءِ تي، جهڙا آهن صاف، تهڙا آهن شفاف.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org