مير لطف
الله عرف مير متارو
ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾، ڪيترائي سياسي مدبر،
اڪابر، سپهه سالار، وزير ۽ سفير ٿي گذريا آهن، جن
جي حياتيءَ جو مفصل احوال اڃا تائين گمناميءَ جي
ڪــُـنَ ۾ غرق آهي. ايتري قدر، جو انهن جي مدفن جو
صحيح هنڌ به معلوم نه آهي، ته اُهي هن وقت ڪٿي ۽
ڪهڙي هنڌ ابدي ننڊ ۽ روزِ محشر تائين انتظار ۾
سـُـتل آهن. وري به
”نامه
نغز“
وارو صاحب تحسين جو لائق آهي، جنهن ڪلهوڙن جي دؤر
جي تاريخ تي مفصل تذڪرو لکي، ان دؤر جي ڪيترين ئي
اهم شخصيتن کي هميشه
جي
لاءِ زنده
ڪري
ويو
آهي،نه ته اسان سنڌ واسين جا حال هر دؤر ۾
لاغرضيءَ ۽ لاپرواهيءَ وارا پئي رهيا آهن. اسان
ڪڏهن به پنهنجن مدبرن ۽ مشاهيرن جي ڪارنامن کي
اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.
ميان نور محمد خان ڪلهوڙو، سنڌ جي تواريخ ۾ وڏي
سياسي بصيرت وارو حاڪم ٿي گذريو آهي. هو وڏو مردم
شناس ۽ مشاهدي ۽ تجربي وارو شخص هو. پاڻ نهايت ئي
اعليٰ خوبين ۽ گـُـڻن وارن جو قدردان هو. سندس دؤر
حڪومت ۾ ڪيترائي بلند پايي جا عالم، حڪيم، وزير،
سفير، وڪيل ۽ امير ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي فهم ۽
فراست موجب ملڪي خدمتون بجا آنديون. ميان نور محمد
ڪلهوڙي جي انهن وزيرن، سفيرن، وڪيلن ۽ صلاحڪارن
مان سيد لطف الله عرف مير متارو وڏيءَ حيثيت ۽
شخصيت جو مالڪ ٿي گذريو آهي. مير لطف الله، ميان
نور محمد ڪلهوڙي جو خاص وزير ۽ صلاحڪار هو. سرڪاري
دفتر ۽ ٻاهرين ملڪن سان خط و ڪتابت ڪرڻ جو دفتر پڻ
سندس ئي سپرد هو. سرڪاري فرمان ۽ لکپڙهه خواه
حڪومت جي نازڪ ۽ منجهيل سياسي مسئلن بابت اهم
مراسلا، مير لطف الله پاڻ خود لکندو هو.
مير لطف الله جي شروعاتي دؤر ۾ جيڪي به اهم سياسي
خواه ملڪي معاملا درپيش آيا، تن سڀني ۾ هن نهايت
ئي تدبر، دانشمنديءَ ۽ سياڻپ سان پنهنجا رايا ۽
مشورا ڏنا. سندس انهن راين ۽ مشورن کي ميان نور
محمد خان ڪلهوڙي وٽ وڏو وزن هوندو هو. نه صرف
ملڪي، بلڪ ڪلهوڙا خاندان جا گهرو مسئلا پڻ مير
صاحب حل ڪندو هو ۽ انهن ۾ سندس ڪافي عمل دخل هوندو
هو.
مير لطف الله جا خانداني حالات، پوريءَ طرح تفصيل
سان معلوم ٿي ڪونه ٿا سگهن. البت، سنڌ جي ڪن مؤرخن
۽ تذڪره نگارن سندس ڪجهه احوالُ نهايت ئي مختصر
نموني ۾ بيان ڪيو آهي.
”گلدسته
نورس بهار“
جي بيان مطابق، مير لطف الله کي ڪلهوڙن جي دؤر ۾
وڏي اهميت حاصل هئي. پاڻ سنڌ ۾ گهڻو ڪري پنهنجي
عــُـرفي نالي
”مير
متارو“
سان مشهور رهيو آهي. سندس حياتيءَ جي احوال متعلق،
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:
”مير
لطف الله ولد سيد عبدالڪريم، جنهن کي مير متارو
شاهه به چوندا هئا، سو لڪيءَ واري شاهه صدر جي
پوٽن مان هو. پهريائين دهليءَ جو وڪيل هو ۽ پوءِ
ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جو وزير ٿيو ۽ چڱو نالو
ڪڍيائين. سن 1160هه ۾ وفات ڪيائين. اها تاريخ
هيٺئين جملي مان نڪري ٿي: رحمت ايزد بجان مير لطف
الله.“(1)
مرزا قليچ بيگ جي تقليد ڪندي، مولائي شيدائي
پنهنجي ڪتاب
”جنت
السنڌ“
۾، مير صاحب جي باري ۾ لکي ٿو:
”مير
لطف الله عرف مير متارو، ڪلهوڙن جي پاران دهلي دربار
۾ سفير ٿي رهيو. مير لطف الله عرف مير متارو ولد
سيد عبدالڪريم، جو شاهه صدر لڪيءَ واري جي اولاد
مان هو، ميان نور محمد ڪلهوڙي جو وزير ٿي رهيو.
سندس وفات جي تاريخ محمد پناهه ‘رجا’ ٺٽويءَ هن
ريت ڪڍي آهي:
هر که آمد سر قبرش وفات،
رحمت ايزد بجان مير لطف الله گفت.“(2)
1160هه
مير لطف الله جي وڌيڪ خانداني حالات کان سنڌ جون
باقي تواريخون خاموش آهن. اها خبر ڪانه ٿي پوي ته
مير صاحب ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو، شروعاتي حياتيءَ جا
ڏينهن ڪيئن گذاريائين، وقت جي ڪهڙن استادن کان علم
حاصل ڪيائين وغيره. انهن سڀني سوالن جا جواب نفيءَ
۾ ملن ٿا. مير علي شير
”قانع“
ٺٽويءَ
”مقالات
الشعراء“
۾ سندس هڪ ڀاءُ جو ذڪر ڪيو آهي. مير
”قانع“
ٺٽويءَ سندس ڀاءُ جي وفات جو ساڳيو سال، سندس وفات
وارو ڄاڻايو آهي. مير
”قانع“
ٺٽوي لکي ٿو:
”مير
لطف الله جو هڪ ڀاءُ مير شهزادو هو، جو پڻ سن
1160هه ۾ فوت ٿيو. قاضي عبدالقادر هن جي وفات جي
تاريخ هن ريت چئي آهي: گرفته مسڪن باشد شهيد
شهزاده = 1160هه.“
(3)
انهيءَ مٿين بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مير لطف الله
جي ڀاءُ، مير شهزادي ڪنهن جنگي مهم ۾ شهادت حاصل
ڪئي هئي.
مير لطف الله، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر حڪومت
۾ سنڌ جي سياست تي ڇانيل هو. پاڻ ميان نور محمد جي
طرفان دهليءَ جي مغل دربار
۾ سفير جي حيثيت ۾ رهندو هو ۽ سنڌ جي مفادن جي
تحفظ جو ڪم ڪندو هو. منشي انند رام”مخلص“
جي
”رقعات
مخلص“
جي ديباچي مان انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ملي ٿي،
ساڳئي وقت، انهن خطن مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته
انندرام
”مخلص“،
مير صاحب جو گهاٽو دوست هو ۽ سندس معرفت،
”مخلص“
جا دهلي سرڪار جي وزير، اعتماد الدوله سان دوستيءَ
جا تعلقات اُستوار ٿيا هئا.
جڏهن نادرشاهه افشار دهليءَ جي سلطنت تي حملو ڪيو،
تڏهن مغلن جي شاهي خزاني کي خوب دل کولي لـُـٽيو
ويو ۽ دهليءَ جي بي گناهه ۽ امن پسند شهرين تي
تمام ڳريون رقمون ڏنڊ طور وڌيون ويون، ته مير لطف
الله ۽ انندرام
”مخلص“
پڻ انهيءَ آويءَ هيٺ اچي ويا ۽ مٿن به ڳري رقم ڏنڊ
طور وڌي ويئي. مير لطف الله انهيءَ ڳالهه جو
اشارو، ميان نور محمد ڪلهوڙي ڏانهن لکيل هڪ خط ۾
ڪيو آهي.
نادر شاهه جي سنڌ تي ڪاهه جو ذڪر، اڪثر ڪري ڪيترن
ئي مؤرخن ڪيو آهي. ليڪن،
”نامه
نغز“
جي مصنف جو بيان وڌيڪ ملمم ۽ مستند آهي، ڇاڪاڻ ته
مصنف خود سنڌي هو ۽ هـُـن اهي سمورا واقعا پنهنجين
اکين سان ڏٺا هئا. ازان سواءِ،
هن پنهنجو اهو ڪتابُ، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي
سرپرستيءَ هيٺ تيار ڪيو هو. انهيءَ لحاظ کان سندس
بيان ڪيل هر واقعو وڌيڪ صحيح ۽ وزندار نظر اچي ٿو.
”نامه
نغز“
وارو صاحب، نادري حملي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته نادر
شاهه دهليءَ تي غزنيءَ ۽ ڪابل واري رستي کان حملو
ڪيو هو. جڏهن نادر شاهه جي حملي مغل سلطنت جي
ديوارن کي لوڏي ڪمزور ڪري وڌو، ته ان کان پوءِ
هـُـن بکر جي طرف وڌڻ شروع ڪيو. واٽ تي نادر شاهه
کي ڪنهن اهو ٻڌايو ته سنڌ جي حاڪم، ميان نور محمد
ڪلهوڙي جو هڪ هوشيار، قابل ۽ ذهين سفير دهليءَ ۾
رهي ٿو، جنهن جو نالو مير لطف الله عرف مير متارو
آهي. بهتر آهي ته سنڌ جي طرف وڌڻ کان اڳ ۾ ان سفير
جي ذهانت ۽ فراست جو امتحان وٺي، سنڌ جي حاڪم جي
طاقت جو اندازو ڪيو وڃي. انهيءَ تي نادر شاهه، مير
لطف الله کي پاڻ وٽ گهرائي، سنڌ جي حاڪم جا حالات
معلوم ڪيا.(4) مير لطف الله جي زبانيءَ نادر شاهه
کي معلوم ٿيو، ته سنڌ پهچڻ ۽ ميان نور محمد خان
ڪلهوڙي سان جنگ ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه آهي.
مير لطف الله جي انهيءَ گفتگو جو،
”نامه
نغز“
جي صاحب شاعراڻي انداز ۾ هن ريت ذڪر ڪيو آهي:
1. همه
تيغ زن مرد پرخاش جو،
همه
نيزه بازان، همه
تند خو.
سڀئي ماڻهو تلوار هڻي ڄاڻن ۽ لڙائيءَ جا ڳولائو
آهن. سڀ نيزو هڻي ڄاڻن ۽ سڀ جوشيلي طبيعت وارا
آهن.
2. دلير انداز يڪ دگر برتر اند،
تو گوئي مگر ارٍدهاي نراند.
هو بهادريءَ ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ آهن. ائين چئجي ته
هو اصيل نانگ آهن.
3. بقوت چو
پيل و به
پيڪر پلنگ،
بدستِ همه
گرز و تيغ و تفنگ.
هنن ۾ هاٿين جهڙي قوت آهي ۽ سندن جسم چيتن جهڙا
آهن. سڀني جي هٿن ۾ گرز آهن، تلوارون آهن ۽
بندوقون آهن.
4. ز لشڪر نه
ترسند بي باڪ تر،
بميدان دليراند چالاڪ تر.
هـــو ڪنهن به لشڪر کان نٿا ڊڄن ۽ ڏاڍا بيباڪ آهن.
ميدان ۾ دلير آهن ۽ حد درجي جا چالاڪ آهن.
5. گر آن فوج
سالار جوش آورد،
دلِ ڪوه را در خروش آورد.
جيڪڏهن هن سالار جي فوج جوش ۾ اچي وڃي، ته جيڪر
پهاڙ جي دل مان به دانهون نڪرڻ لڳن.(5)
اهڙيءَ طرح، مير لطف الله پنهنجي بهادر حاڪم ۽
سندس فوج جي بهادريءَ ۽ سرويچيءَ جو ڌاڪو، دشمن تي
ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي. نادر شاهه، ان کان پوءِ مير
لطف الله سان گڏ محمد علي بيگ نالي پنهنجو هڪ
سفير، ميان نورمحمد خان ڪلهوڙي ڏانهن موڪليو ته هو
کيس پيغام پهچائي، ته ميان نور محمد باقاعدي
ساليانو خراج نادر شاهه کي پهچائيندو رهي ۽ پنهنجي
پٽ کي ڏهه هزار سنڌي سپاهين سان ڏانهس موڪلي
ڏئي.(6)
مير لطف الله جڏهن محمد علي بيگ سان گڏجي سنڌ
پهتو، ته ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي سفير جو
ڏاڍو آڌر ڀاءُ ڪيو. ميان صاحب، نادر شاهه جو مذڪور
پيغام ٻـُـڌي يڪدم پنهنجن اميرن جي دربار
منعقد ڪئي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته مـُـڙس ٿي
نادر شاهه جي طاقت جو مقابلو ڪجي. باقي اهي مٿيان
ٻئي شرط سنڌ جي حاڪم جي غيرت ۽ عزت وٽان نه آهن ۽
ان ڳالهه جو آخرين فيصلو تلوار ئي ڪندي.(7) اهو
فيصلو نادر شاهه جي پاران آيل سفير، محمد علي بيگ
جي معرفت کيس موڪليو ويو. نادر شاهه سنڌ جي بهادر
۽ غيرت مند حاڪم، ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مٿيون
جواب ٻڌندي ئي جوش ۽ غضب ۾ اچي ويو ۽ هڪدم سنڌ تي
حملو ڪري ڏنائين. ميان نور محمد پنهنجن مشيرن سان
صلاح مشورو ڪيو ۽ آخرڪار اهو فيصلو ڪيو ويو، ته
ميان صاحب ڪنهن طرح سان في الحال ڪنهن گوشائتي هنڌ
ڏانهن هليو وڃي. ميان نور محمد هڪ لک سنڌي فوج
ساڻُ ڪري، عمرڪوٽ جي قلمي ڏانهن هليو ويو.
نادر شاهه سنڌ ۾ پهچي، پنهنجي ظالمانه نموني ۾ بي
گناهه سنڌ جي غريب عوام کي مارڻ، لٽڻ ۽ برباد ڪرڻ
شرع ڪيو ۽ سنڌ جو ملڪ ويران ڪري ڇڏيائين. سنڌ جو
سکيو سـَـتابو مـُـلڪُ، تباهيءَ ۽ برباديءَ جي آگ
۾ جلندو رهيو. هزارين سنڌي ماڻهو قتل ڪيا ويا ۽
ڪيترن کي قيدي بڻايو ويو.(8) ميان صاحب سنڌ جي اها
حالت ڏسي، مجبور ٿي پنهنجي پـُـٽَ، ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي کي مير لطف الله سان گڏ، نادر شاهه ڏانهن
وڪيل ڪري موڪليو، مگر نادر شاهه پنهنجيءَ هوڏ تان
نه لٿو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مٿان عمرڪوٽ ۾
وڃي ڪڙڪيو.(9)
مير لطف الله، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پاران
سفارت ۽ وڪالت کان سواءِ،
ٻين به ڪيترن ئي ملڪ جي سياسي ۽ فوجي مهمن ۾ ساڻس
گڏ رهيو. مير لطف الله سياسي بصيرت سان گڏ، اعليٰ
درجي جو فوجي جنرل پڻ هو. پاڻ ڪيترين ئي فوجي
صلاحيتن جو مالڪ هو. سن 1158هه/1745ع ۾ جڏهن ميان
نور محمد
”ڪانجيءَ
جي قلعي“
تي ڀرپور حملو ڪيو هو، ته ان وقت مير لطف الله به
ميان صاحب سان گڏ هو ۽ قلعي جي فتح ۾ مير صاحب جو
پڻ هٿ هو.(10)
ميان نور محمد خان ڪلهوڙو، مير لطف الله کي سندس
انهن خدمتن جي ڪري ڏاڍو قدر جي نگاه سان ڏسندو هو.
سفر خواه حضر ۾ کيس هميشه پاڻ سان گڏ همرڪاب رکندو
هو. ميان نورمحمد جو والد، ميان يار محمد ڪلهوڙو
پڻ مير صاحب کي ڏاڍو ڀائيندو هو.
”رقعات
مخلص“
مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب پنهنجي قابليت ۽
ذهانت جي ڪري، والي سنڌ ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو
وڏو وزير بڻيو هو. مير صاحب پنهنجي وزارت جي دؤر ۾
عام توڙي خاص ماڻهن سان ڏاڍي سهڻي سلوڪ سان پيش
ايندو هو. ساداتن، اڪابرن ۽ عالمن جي خوشنودي حاصل
ڪرڻ لاءِ،
انهن جي ڪمن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪانه ڪيائين.
انهيءَ ڪري، سنڌ خواه هند ۾ کيس وڏي ناموري حاصل
ٿي.
سندس دربار
۾ هميشه عالم، اديب، شاعر ۽ صاحبِ فن حاضر رهندا
هئا. سنڌ جي وڏن شاعرن کي پنهنجيءَ درٻار ۾ وڏيءَ
عزت ۽ احترام سان مناسب جاءِ تي وهاريندو هو، ۽
انهن لاءِ معقول ۽ مناسب وظيفا مقرر ٿيل هئا. محمد
پناهه”رِجا“،
سندس درٻار جو خاص شاعر هو. سندس دؤر جي هڪ همعصر
شاعر،
”محسن“
ٺٽويءَ هڪ فارسي قصيدي ۾ سندس وڏي مدح سرائي ڪئي
آهي. ان قصيدي مان مير لطف الله جي خانداني عظمت
سان گڏ، سندس
سهڻين خصلتن ، اوصافن ۽ جود و سخا جي پڻ تعريف ڪئي
ويئي آهي. سندس سياسي ذهانت ۽ تدبر سان گڏ، اهو پڻ
ٻڌايو ويو آهي ته مير صاحب جو وجود سنڌ ملڪ لاءِ
رحمتِ الاهي هو. پاڻ الله جي مخلوق جو مددگار،
الاهي حڪمن ۽ شريعت محمديءَ جو جاري ڪندڙ هو. سندس
قائم ڪيل بهترين انتظام جي ڪري سنڌ جي عام ۽ خاص
ماڻهوءَ آرام ۽ سڪون حاصل ڪيو. سندس باري ۾
”محسن“
ٺٽويءَ جو اهو قصيدو هتي ڏجي ٿو، جنهن مان وڌيڪ ڪر
پوندي:
اي اخترِ بلندِ سيادت دليلِ راه،
از آسمانِ
”لکعلوي“
جلوه گر چو ماه.
لطفِ اله
بقالبِ انسان بر آمده،
مانندِ رمز اَنا بـَـشـَـرُ مـِـثلـُـکـُـم ز شاه.
از دودمانِ آلِ عبا شمعِ روشني،
وز
”شاه
صدر“
يافته
اي صدرِ عز و جاه.
قدرِ تو چون بلند نباشد که
دستِ فيض،
افراخت بهرِ حد تو اين هفت بارگاه.
سروت ز گلشنِ رِضوي تاکه
قد کشيد،
بگرفته
زيرتِ سايـهء
او عالمي پناه.
در کشورِ وجود، مقيمان
”سند“
را،
ذاتِ خجستـهء
تو بـُـوَد رحمتِ اله.
حاجت روايء
خلقِ خدائي و مي سزد،
گويند گر جنابِ ترا خلق قبله
گاه.
تا حکمِ حق بمحکمهء
شرع کرده اي،
آورده چرخ پيش تو از مهر و مه
گواه.
تدبيرِ صائبِ تو بتقدير متفق،
رايء
رزينِ فکرِ تو همدوش انتباه.
از خوانِ التفاتِ تو نعمت برد خرد،
وز عقلِ دروبينِ تو حيرت برد نگاه.
ادبارِ خصمِ شومِ تو هم جامه
با زحل،
اقبال چاکرِ تو بخورشيد هم کلاه.
فضلت عمارت است بـَـهـَـر خانـهء
خراب،
لطفِ تو ناخدا ست بـَـهـَـر کشتيء
تباه.
از حسنِ اهتمام تو چندان گريخت غم،
کاسوده طفلِ اشک بگهوارهء
رفاه.
تا دست گيريء
تو بپا ماندگان رسد،
زان رو خدايء
خلق ترا داده دستگاه.
نو بادهء
رياضِ حسيني بعيد نيست،
گر خضرِ ره شود بطريقِ تو هر گياه.
صيقل گرِ محامدِ ذاتت زدوده است،
ز آئينهء
مکارمِ دين زنگِ اشتباه.
مردم چو مه
ز عهدهء
شکرت برون شوند،
سايند
بر
درِ تو اگر تا ذقن جباه.
حيدر گهر، حسين نرٍادا، حسن دلا،
دلها و مهرِ تست بهر کهربا و کاه.
ساحل نه بيند ار بمثل فکرِ تيز بال،
در بحرِ بي کنارِ مديحت کند شناه.
مدحِ تو سر بمنقبت و نعت مي کشد،
کز وي خيال عاجز و فکر است عذر خواه.
دشمن گداز بنده نوازا، ز شستِ چرخ،
دارم دلي چو جعبه
اي پـُـر از خدنگِ آه.
از بسکه
پيچ و تابِ غم و غصه
خورده ام،
دل از وطن برآمده چون ريسمان ز چاه.
چون مدح سنجِِ آلِ نبي بوده ام ز شوق،
سويء
ديارِ لطفِ تو افتاده دل براه.
هستم اميدوار که
از عينِ مرحمت،
بر حالِ زارِ بندهء
”محسن“
کني نگاه.
از
”حمله
حسينيء“
او داستانِ چند،
باگوشِ هوش بشنوي از رويء
انتباه.
کردست(چون) بمعرکـهء
نصرتِ امام.
چون بسته
است فوجِ معاني صفِ سپاه.
شايد که
بشگفد ز لبِ غنـچهء
قبول،
از نو بهارِ لطف گلِ آفرين و واه.
ديگر چه
عرض عرضه
دهم بر ضميرِ تو،
آئينهء
دل است بـَـهـَـر صورتم گواه.
تا صبح دم ز صاف ضميريء
آفتاب،
بر ظلمتِ زمانه
زند خنده قاه قاه.
رويء
مواليانِ تو چون مه
سفيد باد،
رويء
مخالفانِ تو مانندِ شب سياه.(11)
مير لطف الله سن 1160هه/
1748ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. مير صاحب کي
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي طرفان موجوده نواب شاهه
ضلعي ۾
”دولتپور“
۽ ان جي آس پاس جي زمين جاگير ۾ مليل هئي. مير
صاحب پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن
”خداآباد“
۾ پورا ڪيا. وفات کان پوءِ،
سندس لاش کي سندس جاگير
”دولت
پور صفن“
۾ دفن ڪيو ويو. مير صاحب جي مزار دولت پور شهر ۾،
قومي شاهراهه جي بلڪل وٽ سان اوڀرندي طرف ۽ ميان
محمد حسن کهاوڙ جي تعمير ڪرايل ڪچي قلعي جي اولهه
۾ واقع آهي.
مير صاحب جي وفات کان پوءِ،
اها جاگير محمد حسن کهاوڙ جي حصي ۾ آئي، جنهن اتي
مٽيءَ جو ڪچو قلعو ٺهرايو هو.
مير لطف الله جي مزار جي اڏاوت سادي نموني ۾، هن
پوئين ويجهڙائيءَ واري دؤر جي آهي. پاڪستان جي
سابق وزيراعظم، مرحوم ذوالفقار علي ڀـُـٽي انهيءَ
مزار جي تعمير لاءِ ڪجهه رقم پنهنجي ذاتي کيسي مان
ڏني هئي. هن وقت دولت پور جا مقامي ماڻهو، مير لطف
الله کي
”پير
متارو“
يا
”درويش
متارو“
جي نالي سان سڏين ٿا.
حوالا
(1) مرزا قليچ بيگ:
”قديم
سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو 1966ع، ص
37
(2) مولائي شيدائي:
”جنت
السنڌ“،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1958ع، ص 562
(3) مير علي شير
”قانع“
ٺٽوي:
”مقالات
الشعراء“
(فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع ، ص
123، 192
(4) مهر غلام رسول، مولانا:
”تاريخ
سنڌ - ڪلهوڙا دؤر“،
جلد پهريون، مترجم: ابن حيات پنهور ۽ شمشير
الحيدري ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ،1963ع، ص
399 کان 401
(5)
ايضاً، ص 401
(6)
ايضاً، ص 401
(7)
ايضاً، ص 402
(8)
ايضاً، ص 3-
402
(9)
ايضاً، ص
5-403
(10)
ايضاً، ص
ايضاً
(11) رشدي محمد حبيب الله:
”ديوان
محسن ٺٽوي“
(فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1963، ص
353- 355
*
(ٽماهي
”مهراڻ“
حيدرآباد سنڌ، نمبر 3 سال 1986ع - سـَـنواريل ۽
وَڌايل)
|