مخدوم آدم
نقشبندي ٺٽوي
سنڌ جي سرزمين صدين کان وٺي اسلامي تصوف جو گهوارو پئي رهي آهي. تصوف، عرب
جي صحرا ۾ جنم ورتو ۽ سنڌ ۾ اُن پروان حاصل ڪيو.
برصغير هند و پاڪ ۾ جيڪي به وڏا وڏا صوفي درويش
داخل ٿيا، اُهي پهريائين سنڌ ۾ آيا ۽ پوءِ هتان ئي
برصغير جي ٻين علائقن ۾ پکڙجي ويا. سنڌ ملڪ جي هر
شهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ قصبي ۾ انهن صوفي درويشن جا
ڪيترائي آستان ۽ خانقاهون آهن، جي انهن بزرگن جي
بزرگيءَ ۽ عظمت جي نشاندهي ڪن ٿا. تصوف جا جيڪي به
سلسلا ۽ طريقا
پيدا ٿيا، سنڌ جي بزرگن انهن سڀني سلسلن ۽ طريقن ۾
پاڻ چڱو موکيو ۽ خدا جي مخلوق کي گهڻو فيض رسايو.
ٺٽي جو شهر، قديم دؤر ۾ عالمن، بزرگن،درويشن، الله جي نيڪ ۽ صالح بندن جو
مرڪز هو. سچ پچ ته ٺٽي جو شهر قرطبه،
دمشق ۽ بغداد کان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي ڪونه هو.
اڄ به هن شهر جي
”مڪلي
ٽڪريءَ“
جا قديم آثار، سندس قدامت ۽ تبحر علمي جا روشن
مينار آهن. اسان هتي سنڌ جي هڪ مشهور اهلِ تصوف
بزرگ، مخدوم آدم نقشبندي ٺٽويءَ جو ذڪرِ خير ڪريون
ٿا، جو سنڌ ۾ انهيءَ سلسلي جو سرموڙ آهي ۽ سندس ئي
معرفت سنڌ ۾
”نقشبندي“
سلسلو ڦهليو. هن سلسلي جا ٻيا به ڪيترائي سنڌي
اولياء،
درويش ۽ صاحبِ ڪرامت بزرگ ٿي گذريا آهن، جي هن
سـُـونهاري سنڌڙيءَ جي سيني ۾ هميشه لاءِ سانڍيل
آهن.
اسلامي تصوف جي ابتدائي دؤر ۾ فرقا ۽ طريقا ڪونه هئا،
پر پوءِ جيئن اسلامي سلطنت جون حدون وڌيڪ وسيع
ٿينديون ويون، سياسي ۽ مذهبي مت ڀيد ۽ اختلاف
وڌندا ويا، تئين اسلامي تصوف جي راهه ۾ پڻ ڪيترائي
فرقا ۽ طريقا ظاهر ٿيندا ويا. ٻيءَ صدي هجريءَ
ڌاري صوفي مشرب جو بنياد پيو ۽ صوفي بزرگن خداوند
تعاليٰ جي ديدار ۽ مشاهدي ماڻڻ لاءِ الڳ الڳ ذڪر ۽
فڪر ڪرڻ جا ڍنگ ۽ طريقا اختيار ڪري، طريقن ۽ سلسلن
کي وجود ۾ آندو. اسلامي تصوف جا مکيه چار طريقا
رونما ٿيا، يعني: قادري، سهروردي، نقشبندي ۽ چشتي.
مخدوم آدم ٺٽوي، سنڌ ۾
”نقشبندي“
سلسلي جو سڀ کان پهريون بزرگ آهي.
مخدوم آدم، ٺٽي شهر جو هڪ وڏو جيد عالم ۽ ولي ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس
والد جو نالو عبدالاحد هو. سندس نسب جو سلسلو،
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه
سان وڃي ملي ٿو. مخدوم صاحب جي ابن ۽ ڏاڏن جو ذڪر
ڪندي،مولانا اعجاز الحق قدوسي لکي ٿو:
”مخدوم آدم جا پڙا ڏاڏا، پاڻ ۾ ٻه ڀائر هئا. وڏي جو نالو
عبدالباري ۽ ننڍي جو نالو عبدالخالق هو. سلطان
محمود غزنويءَ جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو، ته ميان
عبدالخالق جي علم ۽ فضل، زهد ۽ ورع کان متاثر ٿي،
کيس شاهي لوازمن سان نوازيو. مخدوم آدم جي نسب جو
سلسلو، ميان عبدالخالق تائين هن ريت پهچي ٿو:
مخدوم آدم بن مخدوم عبدالاحد بن عبدالرحمان بن
عبدالباقي بن محمد بن احمد بن آدم بن عبدالهادي بن
محسن بن علي بن محمد بن عبدالخالق.“(1)
مير علي شير
”قانع“ ٺٽوي پنهنجي ڪتاب
”تحفته
الڪرام“
۾، مخدوم آدم نقشبنديءَ جي متعلق لکي ٿو:
”وقت جا اڪثر بزرگ، زماني جي هن مشهور شخصيت جي معرفت جي برتريءَ
جا قائل آهن. نقشبندي سلسلي ۾ هڪ عجيب ڪمال جو
صاحب پيدا ٿيو. سندس مناقب شاندار آهن. حضرت ايشان
سرهنديءَ
جي مريدن مان آهي.“(2)
مخدوم آدم ٺٽويءَ جي باري ۾
”تذڪره
صوفياءِ سنڌ“
جو مصنف لکي ٿو:
”مخدوم آدم، اورنگزيب عالمگير (1069هه/1659ع کان 1118هه/1707ع)
جي عالمن ۽ فاضلن جي قدردانيءَ جو ٻڌي، ٺٽي کان
دهليءَ جي طرف ڪــُوچ ڪيو. سفر دوران اتفاقــاً
سندس ملاقات خواجه محمد معصوم
سان ٿي. خواجه صاحب مخدوم صاحب جي مڻيا ۽ مرجات
ڏسي، کيس پنهنجي اولاد جو اُستاد ڪري رکيو.“
(3)
اورنگزيب عالمگير سن 1069هه/1659ع ۾ تخت نشين ٿيو. مخدوم آدم ٺٽوي، اورنگزيب
عالمگير جي تخت تي ويهڻ شرط دهليءَ جي طرف ڪونه
ويو هوندو، ڇاڪاڻ ته شروع ۾ ضرور سياسي ۽ انتظامي
لحاظ کان ملڪ ۾ ڏساسول رهيو هوندو! انهيءَ لحاظ
کان اسان جو گمان آهي ته مخدوم صاحب سن
1070هه/1660ع ڌاري دهليءَ ويو هوندو، جتي سندس
ملاقات عروهِ الوثقيٰ خواجه محمد معصوم سان ٿي.
اسان انهيءَ واقعي جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون.
انهيءَ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته مخدوم آدم جي
خواجه محمد معصوم سان ملاقات سن 1070هه/1660ع ۾ ٿي
هوندي!
مير علي شير
”قانع“ ٺٽويءَ جو قول آهي ته انهيءَ مٿئين مذڪور سفر ۾ مخدوم آدم
ٺٽويءَ سان گڏ، ميان ڪبير محمد نقشبندي پڻ هئو ۽
هو به خواجه محمد معصوم سرهنديءَ جو مريد ٿي،
”نقشبندي“
سلسلي جي لڙهيءَ ۾ شامل ٿيو.(4)
مولانا اعجاز الحق قدوسي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ (المتوفي: 1192هه/1778ع)
جي روايت بيان ڪندي لکي ٿو ته شروعات ۾ مخدوم آدم
جي خواجه محمد معصوم سان ايتري دلي رغبت ۽ عقيدت
ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته ان دؤر ۾ ٺٽي کان وٺي ملتان
تائين جهڙس ڪوبه عالم ڪونه هو. هڪ ڏينهن خواجه
صاحب نهايت ئي شفقت ۽ چوڄ سان کانئس قرآن ڪريم جي
آيت
”وَ الـُـطور وَکـِـتاب مــَـسـُـطور فـِـي رَق مـَـنشــُـور وَ
البـَـيتِ الـَـمعمـُـورِ“
جو مطلب دريافت ڪيو. عين انهيءَ وقت، جڏهن مخدوم
صاحب انهيءَ آيت سڳوريءَ جي معنيٰ بيان ڪري رهيو
هو، خواجه صاحب پنهنجي ڪيميا نگاه مٿس عنايت
فرمائي. پوءِ عرفان ۽ عقيدت جون سڀ راهون کــُـلي
ويون ۽ سڀئي روحاني منزلون طيءِ ٿي ويون. اهڙيءَ
طرح، مخدوم آدم ٺٽويءَ خواجه محمد معصوم جي دست
مبارڪ تي بيعت ڪئي.(5)
مخدوم آدم ٺٽويءَ پنهنجي مرشد، عروهِ الوثقيٰ خواجه مخدوم محمد معصوم جي
حضور ۾ پورا ست ورهيه
”سرهند“
۾ رهي، پوري استغراق واريءَ حالت ۾ سلوڪ جون سڀئي
منزلون طيءَ ڪيون. انهيءَ دوران خواجه صاحب جي
فرزندن کي پڻ تعليم ڏيندو رهيو. آخرڪار، خواجه
محمد معصوم کيس خلافت جو خرقو ڍڪايو ۽ ارشاد ڪيو،
ته هاڻي پنهنجي وطن موٽي وڃي خدا جي راهه ڀٽڪيل
انسانن جو رشتو ٻيهر خدا تعاليٰ سان جوڙيو.
مخدوم آدم ٺٽوي پنهنجي مرشد جي فرمودي مطابق سن 1077هه/ 1666ع ۾ پنهنجي وطن
ٺٽي موٽي اچي هڪ خانقاهه قائم ڪئي. سندس مسندِ فيض
تان سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن، بزرگن ۽ صوفي درويشن
روحاني فيض حاصل ڪيو. مخدوم صاحب پنهنجي همعصر
عالمن ۽ درويشن جو گهڻو قدر ۽ عزت ڪندو هو. ان دؤر
۾، ٺٽي شهر ۾ هڪ ٻيو درويش مخدوم آدم بن اسحاق
نالي هڪ وڏو عالم رهندو هو. پاڻ ان جي وڏي تعظيم ۽
تڪريم ڪندو هو. ماڻهن کي ڪسرنفسيءَ جي بنياد تي
چوندو هو ته مون کي
”آدم“
جي بجاءِ
”آدو“
ڪري سڏيو ، ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت ساڳئي شهر ۾ ٻه آدم
نه ٿا رهي سگهن. انهيءَ ڪري ، پاڻ سنڌ جي تواريخ ۾
اڄ تائين
”مخدوم آدو“
جي نالي سان پڻ مشهور آهي.
مخدوم آدم ٺٽوي جڏهن پنهنجي روحاني مرشد جي ارشاد مطابق، ٺٽي ۾ پنهنجي
خانقاهه قائم ڪري روحاني فيض ڏيڻ شروع ڪيو، ته ان
وقت
”نقشبندي“
طريقي جي ڪن اهم ۽ دقيق مسئلن ۾ پيش آيل ڪن
پيچيدگين جي حـَـلَ لاءِ خواجه محمد معصوم سان خط
و ڪتابت ڪندو رهيو.”مڪتوبات
معصوميه“ جي ٻئي جلد ۾ اهڙي قسم جا چار خط (مڪتوب نمبر 59، 63، 76 ۽ 77)
ملن ٿا.
عروهِ الوثقيٰ خواجه محمد معصوم سن 1079هه/ 1668ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت
ڪئي. مخدوم آدم ٺٽويءَ پنهنجي مرشد جي لاڏاڻي کان
پوءِ،
ٻيهر سرهند شريف جو سفر اختيار ڪيو. چوڻ ۾ اچي ٿو
ته پاڻ اُتي خواجه محمد معصوم جي فرزند ۽ جاءِ
نشين، خواجه سيف الدين
جي خدمت ۾ ٽي چار سال رهي،
”نقشبندي“
طريقي ۾ کانئس ٻيهر تلقين ورتائين. ان کان پوءِ
پاڻ واپس ٺٽي موٽي آيو. جيئن ته خواجه محمد معصوم
سن 1079هه/1668ع ۾ هيءُ جهان ڇڏيو ۽ مخدوم آدم
انهيءَ سال سرهند طرف اُسهيو ۽ پوءِ خواجه سيف
الدين وٽ ٽي چار ورهيه رهيو، انهيءَ لحاظ کان اسان
جي راءِ آهي ته مخدوم صاحب 84-1082هه/73-1671ع
ڌاري ٺٽي موٽي آيو هوندو! اهڙيءَ طرح، مخدوم آدم
ٺٽويءَ پنهنجي باقي حياتيءَ جا ڏينهن ٺٽي ۾ رشد و
هدايت ۾ پورا ڪيا.
مخدوم آدم ٺٽوي،
”نقشبندي“
سلسلي جو هڪ وڏو صاحبِ ڪمال ۽ عالي مقام بزرگ ڪري
ليکيو وڃي ٿو. مخدوم صاحب ڪيترين اونداهين دلين ۾
الاهي عشق جو ڏيو روشن ڪيو.
”تحفته الڪرام“
۽
”تحفته
الطاهرين“
۾ سندس ڪيترين ڪرامتن جو احوال ملي ٿو.
مخدوم آدم ٺٽويءَ جي وفات جي باري ۾ اهو واضح طور تي معلوم ٿي نه سگهيو آهي
ته پاڻ ڪڏهن ۽ ڪهڙي سن ۾ وفات ڪيائين. سنڌ جي ڪنهن
به مؤرخ ۽ تذڪره نگار، مخدوم صاحب جي وفات متعلق
ڪنهن به قسم جي ڪابه ڄاڻ نه ڏني آهي. مخدوم آدم جي
رحلت جي باري ۾ ،
”مڪتوبات سيفيته“
۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان پنهنجي لکيل مقدمي ۾ سندس
وفات جو سن 1066هه/ 1657ع ڄاڻايو آهي(6).
ليڪن، ڊاڪٽر صاحب ان لاءِ ڪوبه تواريخي حوالو ڪونه
ڏنو آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ مذڪوره راءِ
کي صحيح ۽ دُرست سمجهيو وڃي، ته پوءِ مخدوم صاحب
جي باري ۾ جيڪي ڪجهه احوالُ نقشبنديه مجدديه طريقي
وارن خواه ٻين تذڪرن ۾ ملي ٿو، تن سڀني کان انڪار
ڪرڻو پوندو! اسان انهيءَ سلسلي ۾ مٿي اورنگزيب
عالمگير جي تخت نشينيءَ جي حوالي سان لکي آيا
آهيون ته مخدوم آدم ٺٽوي،اورنگزيب عالمگير جي تخت
تي ويهڻ (1069هه/ 1659ع) کان پوءِ دهليءَ ويو، ۽
انهيءَ سفر دوران سندس ملاقات خواجه محمد معصوم
(المتوفي: 1079هه/ 1668ع) سان ٿي. هاڻي مخدوم صاحب
جي وفات واري سن 1066هه/ 1656ع واري راءِ کي
دُرست سمجهڻ جي ڪري، مخدوم صاحب جي حوالي سان مٿي
ڄاڻايل سڀني حقيقتن کان نفي ڪرڻي پوندي. انهيءَ
لحاظ کان ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان واري قائم ڪيل اها
راءِ ڪنهن به صورت ۾ صحيح ۽ درست نه آهي.
مخدوم آدم ٺٽويءَ جي باري ۾ مير شير محمد ٽالپر لکي ٿو:
”مخدوم آدم يارهين صديءَ جي آخر ۾ ۽ ٻارهين صدي هجريءَ جي اوائل
۾ هڪ وڏو عالم ۽ بزرگ ٺٽي ۾ ٿيو.“(7)
مير شير محمد ٽالپر، اڳتي هلي مخدوم آدم جي وفات جي متعلق ڄاڻائي ٿو:
”مخدوم صاحب جي وفات جو سالُ معلوم ٿي نه سگهيو آهي. پر ڪن
روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ يارهين صدي
هجريءَ جي اوائل ۾ وفات ڪئي آهي.“
(8)
مخدوم آدم ٺٽويءَ جي وفات جي سلسلي ۾، مولانا دين محمد وفائي ڪتاب
”مرغوب
الاحباب“
جي حوالي سان لکي ٿو:
”مخدوم صاحب جي وفات جو سالُ معلوم ٿي نه سگهيو آهي، مگر قرائن
مان معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ ٻارهين صدي هجريءَ جي
اوائل ۾ وفات فرمائي آهي.“(9)
مخدوم آدم ٺٽويءَ جي حياتيءَ جي سموري احوال کي سامهون رکي اسان ان راءِ جا
آهيون، ته مخدوم صاحب ٻارهين صدي هجريءَ جي پهرئين
چوٿائيءَ جي ڪنهن سال دوران وفات ڪئي هوندي! سندس
مقبرو
”مڪلي“
ٽڪريءَ تي عيد گاهه جي اُتر ۾ آهي. سندس مزار جي
مٿان هن پوئين دؤر ۾ مقبرو پڻ تعمير ڪيو ويوآهي.
مخدوم آدم پنهنجي حياتيءَ ۾ فرمايو هو ته منهنجي قبر بهشت جي طبقات مان هڪ
طبقو آهي. سلطان الاولياءُ مخدوم محمد زمان لواري
واري جو ارشاد آهي ته سموري مڪليءَ جي قبرستان ۾
مخدوم آدم جي مدفن جهڙو ٻيو ڪو متبرڪ مقام ڪونه
آهي.(10)
مخدوم آدم ٺٽويءَ کي ٻه نيڪ فرزند ٿيا: هڪ مخدوم فيض
الله ۽ ٻيو مخدوم محمد اشرف. هي ٻئي ڀائر علم ۽
فضل، زهد ۽ ورع، تقويٰ ۽ تقدس ۾ سرفراز هئا.
افسوس، جو اُهي ٻئي ڀائر عين جوانيءَ ۾، پنهنجي
والد جي رحلت کان پوءِ ، پنجن سالن جي عرصي دوران
هڪ ٻئي پٺيان انتقال ڪري ويا.
مخدوم آدم ٺٽويءَ جو پوٽو، شيخ محمد بن محمد اشرف پنهنجي والد جي وفات کان
پوءِ،
حافظ مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ (المتوفي:
1138هه/1726ع) جي سنڀال هيٺ رهيو. کانئس ظاهري
توڙي باطني علم پرايائين. مخدوم ابوالقاسم
پنهنجيءَ وفات وقت مريدن کي چيو ته شيخ محمد جنهن
وقت اچي ، ته کيس هڪدم منهنجي قبر تي موڪلجو. شيخ
محمد اُن وقت ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويل هو. پاڻ مرشد
جي ارشاد موجب سندس مزار تي ويو، جنهن مماتيءَ ۾
کيس روحاني امانت سان سرفراز ڪيو. شيخ صاحب
”خواجه ابوالمساڪين“
جي لقب سان مشهور آهي. خواجه ابوالمساڪين پورا ٽي
ورهيه سرهند شريف ۾ خواجه محمد زڪيءَ
جي خدمت ۾ رهيو ۽ ان کان روحاني فيض حاصل ڪيائين.
شيخ محمد پنهنجي روحاني امانت، سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي سپرد ڪئي. حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رحه جو
مريد، مخدوم محمد صادق نقشبندي- مخدوم محمد اشرف جو ناٺي هو ۽
وڏي بلند پايي جو بزرگ هو.
مخدوم آدم ٺٽويءَ جا ڪيترا ئي مريد ۽ خليفا هئا. جي پنهنجي دؤر جا وڏي بلند
پايي جا بزرگ ۽ عالم ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ :حافظ
مخدوم ابوالقاسم نقشبندي، شيخ ابراهيم روهڙيءَ
وارو، سيد فتح محمد، شيخ انس، مخدوم صابر ولهاري
وغيره.
*
حوالا
(1) قدوسي اعجاز الحق، مولانا:
”تذڪره
صوفياء
سنڌ، (اردو)، اردو اڪيڊمي سنڌ، ڪراچي سنڌ، 1959ع،
ص 45
(2) مير علي شير
”قانع“ ٺٽوي:
”تحفته
الڪرام“
(سنڌي)، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص 577
(3) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 46
(4) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 580
(5) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 46 ۽ 47
(6) محمد اعظم، مولانا:
”مڪتوبات
سيفيه“
(فارسي)، ڏسو مقدمو، از: ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، ص
4
(7) ٽالپر شير محمد، مير:”تن
سا لــَـڌِي لال“،
لواري شريف ادبي ڪميٽي، لواري شريف، ضلع بدين سنڌ،
1999ع، ص 229 ۽ 230
(8) ايضاً، ص 231
(9) وفائي دين محمد، مولانا:
”تذڪره
مشاهير سنڌ“
- جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ ، حيدرآباد سنڌ،
1986ع، ص 101
(10) ايضاً
*
(ماهوار
”الرحيم“
حيدرآباد سنڌ، اپريل 1972ع
سـَـنواريل ۽ وَڌايل)
|