سيد حيدر
شاهه حقاني رضوي
روز رندي راز واري، روهڙيءَ ۾ لات آ،
وحدتي جت
وَڏَڦــُـڙي جان، هر گهڙي برسات آ.
(فقير غلام علي
”مسرور“
بدوي)
سيد حيدر شاهه حقاني پنهنجي وقت جو هڪ متبحر عالم
۽ فاضل ٿي گذريو آهي. روهڙي شهر ۾ سندس علم، زهد ۽
اتقا جي گهڻي شهرت هئي. سيد حيدر شاهه حقاني، امير
سيد محمد مـڪـي رضـويءَ
جـي اولاد جــو
”سيد
مير حسن بن سيد موسيٰ بن سيد جادو بن سيد سونهارو
بن سيد عبدالله
بن سيد ابوالغيث
بن سيد تاج الدين بن سيد خلق الصدق بن سيد
تاج الدين بن
سيد صدرالدين محمد خطيب بن سيد امير محمد مڪي رح“(1)
سيد حيدر شاهه حقانيءَ جي باري ۾ ميرعلي شاهه”قانع“ ٺٽوي لکي ٿو:
”سيد
حيدر، لقب حقاني - سندس درگاهه شهر ۾ اندر، آئي
وئي لاءِ اجابت جي جاءِ آهي. سندس اولاد اڳتي بيان
ٿيندو.“
(2)
مير
”قانع“ ٺٽويءَ، سيد حيدر شاهه کي روهڙيءَ جي بجاءِ بکر جو ڪري ڄاڻايو
آهي، حالانڪ سندس مقبرو اڄ تائين روهڙي شهر ۾ آهي.
خبر نه آهي ته مير
”قانع“
ٺٽويءَ ڪهڙي بنياد تي سيد حيدر شاهه کي بکر جي
بزرگن ۾ شمار ڪيو آهي! تواريخ جي مطالعي مان اهو
معلوم ٿئي ٿو ته
”رضوي
سادات“
پهريائين بکر جي قلعي ۾ رهندا هئا، جتان پوءِ
ارغونن جي دؤر حڪومت ۾ سندن وڏا لڏي اچي روهڙي
شهر ۾ آباد ٿيا. ممڪن آهي، ته رضوي سادات جي
اوائلي رهائش جي لحاظ سان، مير
”قانع“
ٺٽويءَ سندن احوالُ بکر جي حوالي سان بيان ڪيو
هجي.
سيد حيدر شاهه حقانيءَ جي متعلق مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو:
”عالم
فاضل عارف، سيد حيدر حقاني لقب، سيد محمد مڪي رحه
جي اولاد مان هڪ وڏو صاحب ڪمال ٿي گذريو آهي. سندس
مقبرو روهڙي شهر ۾ مشهور زيارت گاهه آهي.“(3)
”شجره خاندان سادت رضوي“
مان معلوم ٿئي ٿو ته سيد حيدر شاهه حقاني سن
915هه/ 1509ع ڌاري بکر ۾ تولد ٿيو. سندس ننڍپڻ ۽
جوانيءَ جو ابتدائي دؤر بکر ۾ ئي گذريو. ديني ۽
دنيوي علمن جي تعليم پڻ بکر جي نامور عالمن جي
مدرسن ۾ حاصل ڪيائين. سندس وڏا جڏهن بکر مان لڏي
اچي روهڙيءَ ۾ وسيا، تڏهن پاڻ به پنهنجي بزرگن سان
گڏ بکر مان لڏي پلاڻي اچي روهڙيءَ ۾ آباد ٿيو.
سندس روحاني مدارج اعليٰ ۽ افضل هئا. پاڻ رات
ڏينهن حق جي طالبن کي تلقين ڪرڻ ۾ رڌل رهندو هو.
سيد حيدر شاهه حقانيءَ کي
”نبوت
جي باغ جو ٽڙندڙ گل“
ڪري سڏيو ويو آهي. روهڙي شهر ۾”وار
مبارڪ“
جي درگاه آهي، جنهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه
وسلم جن جو وار مبارڪ رکيل آهي ۽ ان جي عام زيارت
ڪرائي ويندي آهي. انهيءَ وار مبارڪ جو باقاعده
ظهورُ، سيد حيدر شاهه حقانيءَ جي ذريعي ٿيو هو.
سنڌ ۾ ان وار مبارڪ جو آڻيندڙ، شيخ عبدالباقي
صديقي بکري هو. شيخ عبدالباقيءَ جي سيد حيدر شاهه
سان گهري دوستي هئي ۽ سيد صاحب جي صحبت ۽ محبت ڪري
پاڻ بکر مان لڏي، روهڙيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي
هئائين. وار مبارڪ جي ظاهر ڪرڻ جي باري ۾ چيو وڃي
ٿو، ته سيد حيدر شاهه حقانيءَ کي حضرت نبي ڪريم
صلي الله عليه وسلم
جن خواب ۾ ارشاد ڪيو ته ،
”اسان
جو وار مبارڪ، اوهان جي شهر جي ڀرسان بکر ۾ آهي ۽
اهو شيخ عبدالباقي صديقيءَ وٽ محفوظ آهي. ان کي
چئو، ته ان جي عام زيارت ڪرائي.“
مولوي محمد علي
”طالب“
بکري انهيءَ واقعي جو هن طرح بيان ڪري ٿو:
بود در در آن قلعه بکهر بلند
شاهه که او حيدر حقاني است
مايه صد فيض ولي خدا
بود شريعت همه گفتار او
شيخ اجل عارف بالله خوان
سيد عالي شده رضوي لقب
قلعه بکهر اگرش مسکن است
قبـه
عاليش زيارت گـه است
مرقد او فيض ده عالم است
بود بان بنده - حق هم زمان
نعمت عظميٰ چو به بکهر رسيد
آمدش از درکـه يزدان خطاب
کامده در شهر تو آثار فيض
وه چه گل - تازه ز باغ نبي
روتو برآن نور چو پرواز باش
بنده باقي که بود بکهري
زود خطابي برسان از منش
تا رفع پرده ز نور آورد
شاه چو در گوش خطاب آمدش
سبق نمودش بدعا و سلام
مرد خدا بنده چو زو اين شنيد
گفت حق است آنچه بسفــُـتي گهر
گر رسد از راه گواهي دگر
شاه ز آن مرد چو پاسخ شــُـنيد
زد بگريبان صبوري سر
روز و شبش شوق لقائي بدي
تا دري از لطف کشايد مگر
بي رخ جانانش نبودي قرار
. |
قطب يقين مرد بيسي ارجمند
شيخ احد مصدر نوراني است
صاحب دين رهبر راهِ خدا
گشته طريقت همه کردار او
قطب احد عاشق الله خوان
بود ز آلِ شه فخر عرب
در شهر لوهريش مدفن است
در نظر ديده بصارت ده است
خاک درش کحل بصر آدم است
هر دو در آن قلعه با
من و امان
در دلش از غيب ندارد رسيد
هم ز شـه - احمد زينسان خطاب
شهر سراسر شده گلزار فيض
پرتوي از نور چراغ نبي
راي محبت زن ديوانه باش
يا بي تروش چو برو بگذري
واقف از سر حقيقت کنش
نعمت عظميٰ بظهور آورد
سوئـي همان مرد شتاب آمدش
هم خبرش داد ز امر و پيام
زود کشاد از دهن خود کليد
ليک بائين شريعت نگر
نعمت از پرده بيارم بدر
در ره دينش همه راسخ بديد
منتظر از بهر گواهي دگر
دمبدش ورد دعائي بدي
زود گواهي دگر آيد مگر
چشم کشاده بره انتظار.(4)
. |
مٿئين نظم مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سيد حيدر شاهه حقاني، شيخ عبدالباقي
صديقيءَ وٽ ويو ۽ کيس ان خواب جو سمورو احوال بيان
ڪري ٻڌايائين. شيخ عبدالباقي، سيد صاحب جو احوال
ٻڌي، جواب ڏنو ته اوهان جي خواب جو سمورو احوال
بلڪل صحيح آهي ۽ اهو مذڪور وار مبارڪ مون وٽ محفوظ
آهي، پر انهيءَ واقعي جي شاهديءَ لاءِ شريعت موجب
هڪ ٻئي شخص جي شاهدي هئڻ تمام ضروري آهي. انهيءَ
ڪري، في الحال آءٌ انهيءَ مقدس وار کي ظاهر ڪري نه
ٿو سگهان!
مولوي محمد علي
”طالب“
بکري، وار مبارڪ جي ظاهر ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي
بزرگ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جو انهيءَ ڏس ۾ شريعت
موجب گهربل ٻيو شاهد هو. انهيءَ بزرگ جو نالو هو:
مخدوم عبدالملڪ درٻيلوي. روايت آهي ته مخدوم
عبدالملڪ حج جي ارادي سان حجاز مقدس ويل هو، جتي
کيس حضرت نبي ڪريم
صلي الله عليه وسلم
جن خواب ۾ فرمايو، ته سنڌ جي بکر شهر ۾ شيخ
عبدالباقي صديقيءَ وٽ اسان جو وار مبارڪ محفوظ آهي
۽ اُن کي عام زيارت لاءِ ظاهر ڪرايو. مخدوم صاحب
حج ڪرڻ کان پوءِ،
سڌو بکر پهتو ۽ سڀ کان پهريائين سيد حيدر شاهه
حقانيءَ سان ملاقات ڪري، کيس پنهنجي خواب وارو
سمورو قصو بيان ڪري ٻڌايائين. ان کان پوءِ، ٻئي ڄڻا گڏجي شيخ عبدالباقيءَ وٽ ويا ۽ کيس وار مبارڪ جي
ظاهر ڪرڻ لاءِ چيائون. شيخ عبدالباقيءَ کي هاڻي
انڪار ڪرڻ جو ڪوبه سبب نه هو ۽ وار مبارڪ کي عام
زيارت لاءِ ظاهر ڪيائين. اهو واقعو سن 952هه/
1545ع جو بيان ڪيو وڃي ٿو. مولوي محمد علي
”طالب“ بکري اُن واقعي ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو:
ميد همت آگهي از پاک نور
کامده در سن کدامي ظهور
نهصد و پنجاه ز هجرت به بود
هم دو عدد سال برانها فزود(5)
مٿئين بيان ڪيل واقعي جي سن متعلق مولانا دين محمد وفائي شڪ ڏيکاريندي لکي
ٿو ، ته مولوي محمد علي
”طالب“ اهو سن خبر نه آهي ته ڪٿان آندو ۽ ان جو ڪوبه پتو ڪونه ٿو پوي.
اهو سن صحيح يا غلط، اُن جو ذمو مٿس آهي.(6)
انهيءَ سلسلي ۾ اسان جو رايو آهي ته مولوي محمد
علي
”طالب“
کي اهو سن سندس دوست ۽ درگاه
”وار مبارڪ“
جي مجاور ميان رحمت الله کان معلوم ٿيو هو. درگاه
”وار مبارڪ“
جي مجاورن وٽ فارسي لکيتن ۽ روايتن موجب وار مبارڪ
جي ظاهر ٿيڻ جو اهو ئي سن مروج هلندو پيو اچي.
”شجره
خاندان سادات رضوي روهڙي“
۾ به اهو سن مذڪور آهي.
سيد حيدر شاهه حقانيءَ کي
”ميزبان
حسين
رضي الله عنه“
جي لقب سان به ياد ڪيو ويندو آهي.
”شجره خاندان سادات رضوي“
۽ ٻين خانداني روايتن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي
ته سيد حيدر شاهه جي آخرين آرام گاه جي ڀرسان هڪ
مسجد شريف هوندي هئي، جنهن جي ڀرسان حجرو ٺهيل هو.
حجري جي ڀرسان سندس رهڻ جي حاويلي پڻ هئي. سيد
حيدر شاهه حقانيءَ کي انهيءَ حجري جي ٻاهران سن
980هه/ 1572ع ۾ سيدنا حضرت امام حسين
رضي الله عنه
جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو. انهيءَ زيارت وقت سيد
حيدر شاهه سان گڏ سندس فرزند سيد عبدالستار شاهه ۽
سندس ڀائيٽو سيد ابوالمعالي بن شاهه عيسيٰ به
هئا.(7) چوڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ وقت سيد حيدر شاهه
جي عمر 65 ورهيه هئي.(8)
سيد حيدر شاهه حقاني 21- شعبان المعظم 1039هه/5- اپريل 1630ع تي هن فاني
جهان مان رحلت ڪئي. سندس وفات جي قطعه تاريخ،
روهڙيءَ جي صوفي شاعر، فقير قادر بخش
”بيدل“
هن ريت چئي آهي:
شاهه حيدر که هست غوثِ زمان
هادي و فيض بخشِ عالميان
سال معراج اُو خردمي جست
گفت دل شکل شکل مصطفيٰ است بدان.(9)
1039هه
ايضا
سال هجرت شاهه حيدر ماه چرخ معرفت
برشمر شمس
التحقيق که او است نور بي گمان.(10)
1039هه
سيد حيدر شاهه حقانيءَ جو مقبرو ، روهڙي شهر جي مشهور
”سيد
محلي“
۾ واقع آهي. قديم زماني ۾ انهيءَ محلي کي
”سائيدي محلو“
يعني سيدن جي رهڻ جو محلو به ڪري چوندا هئا. سيد
حيدر شاهه جي مقبري ويجهو
”ڪربلا
جو پڙ“
آهي. سيد صاحب انهيءَ ئي حجري ۾ مدفون آهي، جنهن ۾
پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن زهد ۽ عبادت الاهيءَ ۾
بسر ڪيا هئائين. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اڳئين زماني ۾
سندس مقبري جي مٿان عاليشان گنبذ ٺهيل هو، جو وقت
گذرندي زبون ٿي ڊهي ويو. هن وقت سندس آخرين آرام
گاه جي مٿان هڪ ڇتائون ڪمرو ٺهيل آهي. ڪمرو پڪ-
سرائون آهي ۽ اُن جي ڇت عمدي ڪاشيءَ جي سرن سان جڙُيل
آهي. ڪمري اندر چوڌاري نفيس ٽائيلس جي سرن جو فرش
آهي. انهيءَ ڪمري جي تعمير ايتري قديم ڏسڻ ۾ ڪانه
ٿي اچي. ڪمري جي اڏاوت ۽ جوڙجڪ مان ظاهر ٿئي ٿو ته
هيءَ عمارت ويجهڙائي واري زماني ۾ ٺهي آهي.
مقبري واي ڪمري جي وچ تي هڪ پڪ سرائين ٿلهي تي چار مزارون آهن، جن مان
اوڀرندي کان ٻئي نمبر تي سيد حيدر شاهه حقانيءَ جي
مزار آهي. مزار جي مٿن کان سامهون ديوار تي صوفي
قادر بخش
”بيدل“
جي چيل تايخ وفات جو ڪتبو لڳل آهي. مزار تي خود
ڪوبه تاريخي ڪتبو وغيره تحرير ٿيل نه آهي. باقي ٽن
مزارن لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو ته اوڀرندي کان پهرئين
مزار سيد حيدر شاهه جي ڀاءُ سيد نصرالله شاهه جي
آهي. اُولهندي کان سيد حيدر شاهه جي پهلوءَ واري
مزار سندس ٻئي ڀاءُ، شاهه عيسيٰ ڪلان جي آهي ۽
ٽئين مزار سيد حيدر شاهه جي فرزند سيد عبدالستار
شاهه جي آهي. چوديواريءَ جي ٻاهران اڳياڙيءَ ۾ ٻه
مزارون آهن، جن مان هڪ سيد اُڀن شاهه
جي آهي ۽ ٻي مزار درگاه جي هڪ خدمتگار عورت جو
آهي.
سيد حيدر شاهه حقانيءَ جو اولاد
سيد حيدر شاهه حقانيءَ
جي اولاد جي سلسلي ۾ تحقيق ڪندي، روهڙيءَ جي رضوي
سيدن جا ڪيترائي خانداني شجرا ۽ تحريرون مطالعي
هيٺ رهيون، جن مان اهو صاف طرح سان واضح ٿئي ٿو ته
سيد حيدر شاهه کي هڪ فرزند، سيد عبدالستار شاهه
نالي ٿيو. هتي سيد عبدالستار شاهه جو احوال ڏجي
ٿو:
سيد عبدالستار شاهه:
سيد عبدالستار شاهه بن سيد حيدر شاهه حقاني حسبي خواه نسبي ڪماليت سان موصوف
هو. ظاهر ۾ پرهيزگاري، شريعت جي پابندي ۽ درس و
تدريس ۾، ته باطن ۾ فقيريءَ جي رستي ۽ پنهنجي والد
بزرگوار جي طريقي تي هلڻ ۾ مشغول رهيو. کيس پنهنجي
والد بزرگوار سان گڏ، سيدنا حضرت امام حسين
رضي الله عنه
جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو هو.
”شجره
خاندان سادات رضويءَ“ ۾ ڄاڻايل آهي ته پاڻ پنهنجي چاچي شاهه عيسيٰ جي نياڻيءَ سان
شادي ڪئي هئائين، جنهن مان کيس هڪ فرزند سيد شاهه
محمد شاهه نالي ٿيو. سيد عبدالستار شاهه سن
1041هه/ 1631ع ۾ وفات ڪئي.(11)
سيد شاهه محمد شاهه بن سيد عبدالستار شاهه
سيد شاهه محمد شاهه عرف سيد شاهن هڪ متبحر عالم ۽ فقيه،
سڀني ڪماليتن ۽ خلق الله ۾ مشهور ۽ راهه سلوڪ جي
پيچرن جو وڏو ڄاڻو هو. پاڻ ٻه شاديون ڪيون هئائين،
جن مان سندس هڪ گهر واري بکر جي گورنر، مير سيد
يعقوب علي خان رضويءَ
جي ڀيڻ هئي.انهيءَ محترمه وڏيءَ ڄمار ۾ سن 1092هه/
1681ع ۾ وفات ڪئي. سيد شاهه محمد شاهه کي ٻنهي
گهروارين مان ڪوبه نرينو اولاد ڪونه ٿيو.(12)
اهڙيءَ طرح، سيد حيدر شاهه حقانيءَ جي پيڙهيءَ جو
سلسلو هميشه
لاءِ ختم ٿي ويو.
”تحفته
الڪرام“
جي غلطي
مير علي شير
”قانع“ ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب
”تحفته
الڪرام“
۾ سيد حيدر شاهه حقانيءَ جي اولاد جي سلسلي ۾،
رضوي سادات جي ڪن ٻين پيڙهين کي به سندس اولاد ڪري
لکيو آهي. اسان هتي انهن بزرگن جو مفصل احوال ڏيون
ٿا، ته جيئن انهيءَ غلط بيانيءَ جي اصلاح ٿئي ۽
آئنده جي محقق لاءِ وڌيڪ آساني ٿئي.
مير سعيد خان رضوي:
مير سعيد خان رضويءَ جي باري ۾ مير علي شير
”قانع“ ٺٽوي لکي ٿو:
”“مير
سعيد خان رضوي، مير حيدر (شاهه حقاني) جي اولاد
مان آهي ۽ پنهنجي ڏاڏي بزرگوار جي اولاد جي سرداري
۽ وڏي مرتبي کي پهچي، پنهنجن ڀائرن ۾ ممتاز رهي
گذاري ويو.“(13)
مير
”قانع“ ٺٽويءَ جي انهيءَ مٿئين بيان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته مير
سعيد خان رضوي، سيد حيدر شاهه حقانيءَ جو پوٽو هو.
حالانڪ ائين درست نه آهي. روهڙيءَ جي رضوي سيدن جي
شجرن ۽ تذڪرن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته مير سعيد خان
جو تعلق، رضوي سادات جي هڪ ٻي لڙهيءَ
”مياڻا
سيد“
سان هو. مير سعيد خان جي والد جو نالو، سيد غلام
مرتضيٰ شاهه هو. هن لڙهيءَ جو وڏو، سيد نظام
الدين پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ صاحبِ طريقت بزرگ
ٿي گذريو آهي. پاڻ وڏو موحد ۽ چشتي طريقي جو پيشوا
هو. وقت جا عالم ۽ مشائخ، سندس موسيقيءَ واري مشرب
تي نڪته چيني ڪندا هئا، مگر پاڻ هميشه
پنهنجي وحدت واري بيخوديءَ ۾ مست رهندو هو. مولانا
دين محمد وفائيءَ سندس وفات جي قطعه تاريخ هن ريت
ڏني آهي:
سال وصال آن شه عرفان چو دل بجست
گفتم که وي
کمال حقيقت محمدي.(14)
827هه
مير سعيد خان رضوي، انهيءَ مٿئين بزرگ جي پوٽي، سيد عمر شاهه جي پيڙهيءَ مان
هو. سندس نسب جو سلسلو هن طرح بيان ڪيو وڃي ٿو:
”سيد سعيد خان بن سيد غلام مرتضيٰ بن سيد غلام مصطفيٰ بن سيد
عبدالڪريم بن سيد دادو بن سيد عمر شاهه بن سيد رڪن
الدين بن سيد نظام الدين بن سيد ناصرالدين بن سيد
تاج الدين بن سيد خلق الصدق بن سيد تاج الدين بن
سيد صدرالدين محمد خطيب بن سيد محمد مڪي رحه.“
(15)
مير سعيد خان رضويءَ جي وفات کان پوءِ، سندس فرزند مير غلام شاهه مرتضيٰ پيءُ
جي گاديءَ تي ويٺو. سندس باري ۾ مير
”قانع“ ٺٽوي لکي ٿو:
”بزرگي، دولت، انسانيت ۽ نيڪ سهڻين عادتن ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور
رهي ويو آهي. طاقت ۽ پڄنديءَ ۾ وڏن کان اڳڀرو قدم
کنيو هئائين. فاني جهان کان ويجهڙائيءَ ۾ موڪلائي
ويو آهي.“(16)
”شجره خاندان سادات رضوي“
جي صاحب، سندس وفات جو سن 1145هه/ 1732ع تحرير ڪيو
آهي.
چون ٿا ته مير غلام شاهه مرتضيٰ جو پوٽو، مير غلام شاهه مرتضيٰ (ثاني) سن
1249هه/ 1853ع ۾ لاولد فوت ٿيو ۽ خانداني پڳ، سندس
چاچي سيد نور حسين شاهه کي ٻڌرائي ويئي. انهيءَ پڳ
ٻڌرائڻ جي رسم وقت سنڌ جو ڪمشنر، سر بارٽل فريئر ۽
ميجر گولڊ سمٿ پڻ موجود هئا.(17)
سن 1889ع ۾ بمبئيءَ جو گورنر،
”لئنسڊائون
پل“
جو افتتاح ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو. ان وقت سنڌ جو
ڪمشنر، سر چارلس پريچرڊ هو. انهيءَ پــُـل جي
افتتاح وقت، روهڙيءَ جي مياڻن سيدن جي پڳدار، سيد
اسحاق علي شاهه کي به دعوت نامو ڏنو ويو هو. ان
دعوت نامي ۾ هي لفظ لکيل هئا:
”اچو
ته گڏجي پــُـل کوليون.“
اهو دعوت نامو اڄ به مياڻن سيدن جي پوين وٽ موجود
آهي. هن وقت انهن سيدن مان سيد احمد علي شاهه ۽
سيد غلام حسين شاهه ناميارا سيد آهن ۽ پنهنجي وڏن
جي نقش قدم تي هلي رهيا آهن.(18)
سيد امين شاهه:
سيد امين شاهه جي باري ۾ مير علي شاهه
”قانع“
ٺٽوي لکي ٿو ته،
”سيد
حيد شاهه حقانيءَ جو پوٽو، نهايت بزرگ ۽ ناليرو
پيدا ٿيو.“(19)
سيد امين شاهه جي انهيءَ مٿئين احوال ۾ پڻ مير
”قانع“
ٺٽويءَ غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو آهي. هيءُ سيد
سڳورو، سيد حيدر شاهه جو پوٽو نه هو. سندس تعلق،
روهڙيءَ جي رضوي سادات جي ٻي لڙهيءَ سان آهي. سيد
امين شاهه جو اولاد، اڄ به روهڙي شهر ۾ رهي ٿو ۽
وڏي اثر رسوخ وارا آهن.
مير جان شاهه رضوي:
سيد
جان محمد شاهه عرف مير جان شاهه رضوي پنهنجي دؤر
جو هڪ وڏو عارف، صاحبِ ديوان شاعر، اديب ۽ ڪاتب ٿي
گذريو آهي. هن بزرگ جي باري ۾ مير علي شير
”قانع“
ٺٽوي لکي ٿو:
”مير
حيدر شاهه جي اولاد مان مير جان شاهه رضوي، تمام
لائق ۽ حق جي واٽ جو طالب آهي. شاهه عنايت الله
صوفيءَ جي خدمت مان ارشاد جو رستو پرائي، انهيءَ
خاندان جو خليفو ٿي، معرفت جو جهنڊو کڻي، پنهنجي
اصلي شهر ڏانهن موٽي آيو.
’مير‘
تخلص ڪندو هو. محققانه شعرن سان ڀريل هڪ ديوان جو
مالڪ آهي. پنهنجي طلب ۽ مرشد تائين پهچڻ ۾ سندس ڊڪ
ڊوڙ متعلق هڪ مثنوي حقيقتن سان ڀريل يادگار ڇڏي
ويو آهي.”(20)
مير
”قانع“ ٺٽويءَ، مير جان شاهه رضويءَ کي سيد حيدر شاهه حقانيءَ جي
اولاد مان ڪري ڄاڻايو آهي. دراصل، مير جان شاهه
رضويءَ جو تعلق سيد حيدر شاهه جي پيڙهيءَ سان نه
آهي، ليڪن پاڻ سيد محمد مڪي رح جي پوٽي، سيد علاؤ
الدين جي يارهين پيڙهيءَ ۾ هو.
”شجره خاندان سادات رضوي“
۾ سندس نسب جو سلسلو هن ريت ڏنل آهي:
”سيد جان محمد عرف جان شاهه بن سيد ابراهيم شاهه (ثاني) بن سيد
احمد شاهه (ثاني) بن سيد ابراهيم شاهه بن سيد
مبارڪ شاهه بن سيد احمد شاهه بن سيد صاحب شاهه بن
سيد رحمت الله بن سيد شيخ محمد بن سيد مريد شهيد
بن سيد موسيٰ بن سيد علاؤ الدين بن سيد صدر الدين
محمد خطيب بن سيد محمد مڪي رحه.“(21)
مير جان شاهه رضوي پنهنجي روحاني پياس اجهائڻ لاءِ مرشد جي طلب ۽ تلاش ۾، ان
دؤر ۾ سموري سنڌ گهميو. مگر ڪٿي به ڪو اهڙو ڪامل
مرشد نظر نه آيس، جو سندس اندر جي پياس اُجهائي ۽
سندس اندر کي اُجاري. آخر، شاهه عنايت جهوڪ واري
وٽ اچي گوڏا کوڙيائين ۽ اتان ئي سندس دل جي مراد
پوري ٿي. پوءِ مرشد وٽ رهي، راهه سلوڪ جون سڀئي
منزلون طيءِ ڪيائين ۽ مرشد جي موڪل سان ڳوٺ وڃي
رهيو.(22)
صوفي شاهه عنايت جي شهادت وقت مير جان شاهه رضوي،
ميران پور ۾ موجود هو. مير جان شاهه پنهنجي مرشد
جي طرفان، ڪلهوڙن ۽ مغل گورنر، اعظم خان جي گڏيل
فوج سان لڙڻ گهريو ٿي، مگر کيس سندس مرشد هٿيار
کڻڻ کان منع ڪئي. مرشد جي شهادت کان پوءِ پاڻ ٻيهر
روهڙيءَ ۾ اچي رهيو.
مير جان شاهه رضويءَ جا هزارين مريد ۽ معتقد هئا، جي سموريءَ سنڌ، هندستان،
خراسان ۽ افغانستان تائين ڦهليل هئا. پاڻ 6- ربيع
الاول 1167هه/1- جنوري 1754ع تي هن فاني جهان مان
رحلت ڪيائين.(23) سندس وفات جي قطعه تاريخ، فقير
قادر بخش
”بيدل“
هن ريت چئي آهي:
سيد سادات سلوک و صفا
گل ز گلستان نبي و ولي
جان محمد رضوي بکهري
قادري و صوفي مهدي دهر
مقصد هر بيت ز ديوان او
خطه ناسوت از و بهره ور
جوش بجبروت زا جلال اوست
جرعه فيضش به تحير فزود
گشت چو پيراسته در ملک ذات
جان طلب از سال عروجش نمود
. |
خارق عادات عقول هنا.
شمع شبستان شه کربلا.
غوث زمان زبده آلِ عبا
صاحب ارشاد کثير العطا.
منزل سالک ره دين و هدا.
محفل ملکوت ازو پــُر ضيا.
يافته لاهوت ز ذاتش بقا.
باده کش ساغر باهوت را.
مسند باهوت ازان بادشا.
مرشد وقت و قطب آمدندا.(24)
. |
1167هه
مير جان شاهه رضويءَ جي مزار اڄ به روهڙيءَ ۾ عام ۽ خاص جي زيارت گاهه آهي.
کيس ٽي فرزند ٿيا: سيد الهه رکيو شاهه، سيد قلندر
علي شاهه ۽ سيد منور علي شاهه.(25) مير جان شاهه
جو اولاد، اڄ به روهڙي شهر ۾ رهي ٿو ۽ اهي
”جان
شاهي سيد“
ڪري سڏجڻ ۾ اچن ٿا.
مير جان شاهه رضويءَ جي باري ۾ مير علي شير
”قانع“
ٺٽوي پنهنجي ڪتاب
”مقالات
الشعراء“
۾ لکي ٿو:
”سرگروه مشائخ ڪرام، زبدهء
اولياء
ذوالاحترام، صاحبِ سلسله
ســُـنيه،
ذاڪر اذڪار خفيه
و جليه
- مير جان شاهه رضوي اڃا تائين (1174 هه/ 1761ع)
ايقان جي ساڳي واٽ ۽ عرفان جي انهيءَ مسلڪ جو سالڪ
ٿيو، پنهنجي ڳوٺ (روهڙي) ۾ هڪ جهان کي ارشادن ۽
اذڪارن جي ذريعي مٿينءَ واٽ تي لائي رهيو آهي.“ (26)
مير”قانع“ ٺٽويءَ مٿئين بيان ۾ پڻ غلطي ڪئي آهي. فاضل مؤلف، پنهنجو مذڪور
ڪتاب
”مقالات الشعراء
“
سن 1169هه/1756ع ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ پنجن ورهين جي
محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ،
سن 1174هه/1761ع ۾ جوڙي راس ڪيو. اسان مٿي مير جان
شاهه رضويءَ جي رحلت جو سن 1167هه/ 1754ع ڄاڻائي
آيا آهيون. مير”قانع“
ٺٽويءَ، مير جان شاهه رضويءَ جي مٿئين احوال کي
”زمان
حال“
۾ بيان ڪيو آهي، جا ڳالهه تعجب ۾ وجهي ٿي! ساڳئي
وقت
”تحفته
الڪرام“
وارو بيان پڻ مير
”قانع“
ٺٽويءَ اهڙي نموني ۾ بيان ڪيو آهي، جو ڄڻ ته مير
جان شاهه ان وقت به زنده هو ۽ سندس همعصر هو،
جيتوڻيڪ مير”قانع“
ٺٽويءَ
”تحفته
الڪرام“
سن 1181هه/1767ع ۾ لکي پورو ڪيو هو. بهرحال، اهو
ممڪن آهي ته مير
”قانع“
ٺٽويءَ، مير جان شاهه رضويءَ کي زندگيءَ جي پوئين
بهار ۾ ڏٺو هجي، يا سندس باري ۾ سندس معتقدن ۽
مريدن کان احوال ٻڌي، قلمبند ڪيو هجي!
مير جان شاهه رضويءَ جي تصنيفات مان
”ديوان
مير“
مشهور آهي. سندس فارسي شعر، تصوف جي باريڪ
نــُـڪتن سان ڀرپور آهي. سندس صوفيانه نـُـڪتن کي
ڏسي، سندس ولي الله هجڻ جو پورو پورو ثبوت ملي ٿو.
سندس فارسي ڪلام نزاڪت ڀريو آهي. مير جان شاهه جي
دؤر ۾ جيڪي فارسي زبان جا شاعر، جهڙوڪ : مرزا
بيدل، آزاد بلگرامي ۽ واقف پٽالوي وغيره ٿي گذريا
آهن، تن ۾ سندس مٿانهون مقام آهي. (27) هتي سندس
هڪ غزل نموني طور ڏجي ٿو:
صاحبِ تسليم را برهان نمي آيد بکار،
اهلِ دين را حکمتِ يونان نمي آيد بکار.
هرچه شد افگند ني بارِ سرود و شي مکن،
جــُـز غمِ عشق اين همه دوران نمي آيد بکار.
وقت پيري گريه بر حالِ خود از افسرد گيست،
دانئه بوسيده را ياران نمي آيد بکار.
چون جنون سرزد ز دل دست از دو عالم برفشان،
سر به سودا داده را سامان نمي آيد بکار.
انحراف عکس از منکوس در آئينه نيست،
”مير“
محوِ دلبران را جان نمي آيد بکار.(28)
سيد قلندر شاهه
:
سيد قلندر علي شاهه رضوي، مير جان شاهه رضويءَ جو فرزند هو، هيءُ بزرگ
ميرعلي شير
”قانع“ ٺٽويءَ جو همعصر ۽ هم صحبتي هو. مير
”قانع“
ٺٽويءَ کيس
”شاهه
پور“
۾ ڏٺو هو. مير
”قانع“
ٺٽويءَ جو قول آهي ته هو فقيريءَ کان واقف ۽ سلوڪ
جي رستي تي قائم هو.(29)
”تحفته
الڪرام“
کان سواءِ،
سنڌ جي ٻئي ڪنهن به تذڪري ۾ سندس احوال ڪونه ٿو
ملي. محترم سيد حسام الدين راشديءَ پنهنجي هڪ
تحقيقي مقالي بعنوان
”شاهه شهيد جي سوانح جا ماخد“
۾ قاضي ميان غلام مهدي روهڙيءَ واري جي تاليف ٿيل
ڪتاب”انيس
المساڪين“
جو ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ ڪتاب جي ٽئين باب ۾ سيد
قلندر علي شاهه جو بيان ۽ سندس ڪلام جو انتخاب ڏنو
ويو آهي.(30)
فقير قادر بخش”بيدل“ جو ڏاڏو ميان غلام فريد ۽ سندس ڀاءُ ميان عبداللطيف، سيد قلندر
علي شاهه جا مريد ۽ خليفا هئا. سيد قلندرعلي شاهه
سنڌي ۽ سرائڪي جو اعليٰ درجي جو شاعر هو ۽
”قلندر“
تخلص استعمال ڪندو هو. پاڻ فارسيءَ جو پڻ بهترين
شاعر هو ۽ فارسي ڪلام ۾
”بهلول“
تخلص ڪندو هو.
”بيدل“
سائينءَ پنهنجي ڪتاب”سـَـند
الموحدين“
۾ سندس ڪيترائي بيت سند طور استعمال ڪيا آهن. سيد
قلندر علي شاهه جو
”ديوان
بهلول“
اڄ به سندس پونيرن وٽ محفوظ آهي.
هن سيد سڳوري 17- جمادي الثاني 1187هه/5- سيپٽمبر 1773ع تي رحلت ڪئي. سندس
وفات جي قطعه تاريخ،
”بيدل“ سائينءَ هن ريت چئي آهي:
آن کريميکه فيض مشحون هي،
شه قلندر علي که ارشادش،
نيست حصري تصرفاتش را،
در مقامات از مشائخ دهر،
بند سي حرفيش بکشور قدس،
راز بي ينطق است ز و پيدا،
درج توحيد و کان معنيٰ را،
کافيش کافي است سالک را،
آفتابش باستوا چو رسيد،
. |
مسرت بخش جان محزون هي.
بحر مواج و رشک جيحون هي.
وصفش از حد شرح بيرون هي.
آن قلندر سرشت افزون هي.
بهر ارواح بيت موزون هي.
محض لطف و لطيف مضمون هي.
سخنِ او چو در مکنون هي.
قال شدت بحال مقرون هي.
گفت هاتف که ذات بيچون هي.(31)
. |
1187هه
سيد قلندر علي شاهه کي سيد جمن شاهه (اول) نالي هڪ فرزند ٿيو. سيد جمن شاهه
8 - محرم الحرام 1191هه /16- فيبروري 1777ع تي
لاولد فوت ٿيو.(32)
سيد جان الله شاهه
”عاشق“:
سيد جان الله شاهه (ثاني)، مير جان شاهه رضويءَ جي فرزند، سيد منور علي
شاهه(المتوفي: 20- رجب المرجب 1199هه/29- مئي
1785ع) جو ٽيون نمبر فرزند هو. سيد منور علي شاهه
جي وفات کان پوءِ،
سندس وڏو فرزند، سيد فتح علي شاهه سجاده نشين ٿيو.
سيد فتح علي شاهه فقيريءَ جي رستي کان غير واقف ۽
زماني جي ڏانءَ جو ماڻهو هو. روايت آهي ته جڏهن
سيد عبدالوهاب شاهه ڀاڳناڙيءَ وارو، مرشد جي وصيت
موجب روهڙيءَ ۾ مرشد جي روحاني امانت پهچائڻ لاءِ
آيو، ته سيد فتح علي شاهه امانت وٺڻ کان انڪار ڪيو
۽ شاهه صاحب واپس وريو. اها خبر جڏهن سيد فتح علي
شاهه جي ننڍي ڀاءُ، سيد جان الله شاهه(ثاني) کي
پيئي، ته هن اچي شاهه صاحب جي محافي کي ڪلهو ڏنو.
سيد عبدالوهاب شاهه به هڪدم پنهنجن مريدن کي حڪم
ڪيو، ته بيهو، جو مرشد زادي محافي کي ڪلهو ڏنو
آهي. شاهه صاحب پوءِ لهي پيو ۽ ڇهه مهينا وٽس
رهيو.(33)
سيد عبدالوهاب شاهه پنهنجي مرشد جي روحاني امانت سيد جان الله شاهه کي ڏني ۽
پنهنجي نيڪ سيرت نياڻيءَ جو عقـد سندس فرزند، سيد
جمن شاهه(ثاني) سان ڪرايائين. اختر درگاهيءَ اهڙو
اشارو
”انيس
المساڪين عرف راحته
السالڪين“(قلمي)
۽ ديوان گدومل هرجاڻيءَ جي ڪتاب
”ديوان بيدل عرف بيدل جي سوانح عمري“(مطبوعه
1940ع) جي حوالي سان ڏنو آهي.
سيد جان الله شاهه پنهنجي رهڻ واري حويليءَ جي
چوگرد هڪ ڪوٽ ڏياريو هو، جو روهڙي شهر جي ڏکڻ -
اولهه طرف ٽڪريءَ تي آهي ۽ اڄ به
”ننڍي
ڪوٽ“
جي نالي سان سڏبو آهي. ڪوٽ جي ٻاهران
”راحت العاشقين“
نالي هڪ باغ پڻ لڳايو هئائين.
سيد جان الله شاهه وڏو صوفي درويش ۽ حال ۽ قال جو صاحب
هو. سندس روحاني مرتبا اعليٰ ۽ افضل هئا. پاڻ شعر
۽ شاعري به ڪندو هو. شعر ۾
”عاشق“ تخلص ڪتب آڻيندو هو. 6- ربيع الاول 1255هه/20- مئي 1839ع تي
رحلت ڪيائين. سندس وصال جي قطعه تاريخ ،
”بيدل“
سائينءَ هيٺينءَ ريت لکي آهي:
جنابِ شاه جان الله صوفي،
بهنگام تکلم طالبان را،
چو در وجودي لب کشودي،
عيان مي بود در هر مستفيدش،
بسلسله قادري مي ساخت مسرور،
چو عزم سير ملک لامکان کرد،
پئي سالِ وصالش هاتفي گفت،
. |
مکمل مرشد و پير طريقت.
خبر ميداد ز اسرارِ حقيقت.
بديدي سالک انوارِ انيت.
از و آثار جذباتِ محبت.
دلِ دوران به تقريب معيت.
جلوس آورد بر تخت هويت.
ولي تاجور اقليم وحدت. (34)
. |
1255هه
سيد جان الله شاهه جي اولاد مان سيد علي مراد شاهه،
انگريزن جي گهڻي مدد ڪئي. انهيءَ ڪري 24 - اپريل
1868ع تي انگريزن کيس جاگير ڏني هئي. هـُن
”ننڍي
ڪوٽ“ تي هڪ ٻيو ڪوٽ پڻ اڏايو هو، جو پوءِ
”ڪوٽ مير علي مراد“ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ اڄ تائين انهيءَ نالي سان سڏبو اچي
ٿو.(35)
*
حوالا
(1) سيد علي اڪبر شاهه
”فائق“
رضوي:
”شجره
خاندان سادات رضوي“
(قلمي فارسي)
(2) مير علي شير
”قانع“ ٺٽوي:
”تحفته
الڪرام“،
مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد
سنڌ، 1957ع، ص 314
(3) وفائي دين محمد مولانا،
”تذڪره
مشاهير سنڌ“
- جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1986ع،
ص 325
(4)
”طالب“ محمد علي بکري، مولوي:
”ظهور
نامه موئي مبارڪ“
(قلمي فارسي)، 1274هه/ 1858ع، ص 27 کان 29
(5) ايضاً، ص 35
(6) ڏسو حوالو نمبر(3)، ص 328
(7) ڏسو حوالو نمبر(1)
(8) سيد عبدالحسين موسوي، انجنيئر:
”روهڙيءَ جي رضوي سادات جو تواريخي پس منظر“(قلمي مقالو)
(9) سيد عبدالحسين موسوي:”ديوان
بيدل“،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1961ع، ص 276
(10) ايضاً، ص 275
(11) ڏسو حوالو نمبر(1)
(12) ايضاً
(13) ڏسو حوالو نمبر(2)، ص 321
(14) ڏسو حوالو نمبر(3)، ص 242
(15) ڏسو حوالو نمبر(1)
(16) ڏسو حوالو نمبر(2)، ص 322
(17) ڏسو حوالو نمبر(8)
(18) ايضاً
(19) ڏسو حوالو نمبر(12)، ص 322
(20) ايضاً، ص 23 - 322
(21) ڏسو حوالو نمبر(1)
(22) سيد حسام الدين راشدي: ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، انجمن تاريخ سنڌ، ڪراچي
سنڌ، 1981ع، ص 339
(23) ڏسو حوالو نمبر(8)
(24) ”بيدل“ قادر بخش فقير: ”تواريخ رحلت هاي رجال الله“، بحواله ”بياض فقير
علي بخش ڪمتر“ (قلمي فارسي)
(25) ڏسو حوالو نمبر(8)
(26) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”مقالات الشعراء“
(فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص
786، بحواله سيد حسام الدين راشدي:
”ڳالهيون
ڳوٺ وڻن جون“،
ص 324
(27) بدوي لطف الله:
”تذڪره
لطفي“-
جلد ٻيو، آر.ايڇ.احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد سنڌ،
68 - 1967ع، ص 57-58
(28) ايضاً، ص 59، 60.
(29) ڏسو حوالو نمبر(2)، ص 323
(30)
ڏسو حوالو نمبر(22)، ص 339
(31) ڏسو حوالو نمبر(24)
(32) ڏسو حوالو نمبر(8)
(33) ڏسو حوالو نمبر(9)، ص 1 ۽ 2
(34) ڏسو حوالو نمبر (24)
(35) ڏسو حوالو نمبر(8)
*
(ٽماهي
”مهراڻ“
ڄام شورو سنڌ، نمبر4، سال 1990ع-
سنواريل
۽ وڌايل)
|