امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکريءَ
جو اولاد ۽ آثار
(مزيد تحقيق جي روشنيءَ ۾)
سنڌ جي مشهور مؤرخ ۽ محقق، مرحوم سيد حسام الدين راشديءَ سنڌ جي تواريخ جي
وِڃايل وَٿـُـن کي هٿ ڪري، انهن جي مٿان زماني جي
حادثن ۽ انقلابن جو چڙهيل لـَـٽُ لاهي ۽ صاف ڪري،
اسان سنڌ وارن جي اڳيان پيش ڪيوآهي. ان لاءِ راشدي
صاحب وڏي قدر ۽ منزلت جو مستحق آهي. سيد حسام
الدين راشديءَ سنڌ جي تواريخ تي جيڪو مواد اسان
تائين پهچايو آهي، اُهو سنڌ جي ايندڙ مؤرخن ۽
محققن لاءِ صدين تائين رهنمائيءَ ۽ رهبريءَ جو ڪم
ڪندو.
”ڪابه شيءِ حرفِ آخر نه هوندي آهي“
جي مصداق، انهن تواريخن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪي ڳالهيون
اهڙيون به رهجي وينديون آهن، جن تائين بروقت رسائي
ٿي نه سگهندي آهي. ان ڪري، اهو پوءِ جي لکندڙن جو
ڪم آهي ته انهن تواريخي ڪتابن ۾ جيڪي ڳالهيون رهجي
ويون هجن ۽ انهن بابت جيڪڏهن ڪو مستند مواد دستياب
ٿئي، ته اُن جي روشنيءَ ۾ انهن خالن کي پـُـر ڪن
ته جيئن اهي تواريخي حقيقتون مڪمل ٿي وڃن.
سيد حسام الدين راشديءَ تواريخ جي سلسلي ۾، سنڌ جي هڪ وڏي امير ۽ اڪابر،
امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکريءَ جي سوانح ۽
شخصيت، سندس سياسي، ملڪي ۽ علمي ڪارنامن ۽ آثارن
تي هڪ ضخيم ڪتاب تاليف ڪري، سنڌ وارن جي اڳيان پيش
ڪيو. اهو ڪتاب سنڌ جي قومي اشاعتي اداري،
”سنڌي
ادبي بورڊ“،
سن 1979ع ۾
”امين
الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. راشدي صاحب ورهين جا ورهيه هن
ڪتاب جي باري ۾ مواد ڪٺو ڪندو رهيو، ۽ آخر ۾ اُن
کي سوڌي ۽ سنواري، ڪتاب جي صورت ڏني. راشدي صاحب،
مير محمد معصوم بکريءَ جي متعلق جيڪو مواد ڪٺو
ڪري ۽ ان کي ترتيب ڏيئي پيش ڪيو آهي، اهو پنهنجيءَ
جاءِ تي هڪ بي بها خزانو آهي. سندس محنت، جستجو ۽
لکڻ جي انداز کي هر لحاظ کان داد ڏئي سگهجي ٿو.
اسان مٿي اڳ ۾ اهو ڄاڻائي آيا آهيون ته ڪابه شيءِ مڪمل نه هوندي آهي. ان
پٽاندڙ، مير محمد معصوم بکريءَ جي اولاد جي سلسلي
۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون اڃا به رهجي ويون آهن، جن جو
ذڪر هن ڪتاب ۾ اچڻ ضروري هو، ۽ وري ڪي نــُـڪتا
اهڙا به بيان ٿي ويا آهن، جن جي لاءِ وڌيڪ هٿ آيل
مواد جي روشنيءَ ۾ تصحيح ڪرڻ ضروري آهي. اُن سلسلي
۾، روهڙيءَ ۽ سکر جي رضوي سادات، معصومي سادات ۽
ميرڪي سادات جي ڪتبخانن جو معائنو ڪندي ۽ انهن مان
ناياب مڻيا جا موتي ڳوليندي، اسان کي
”شجره
سادات پوراني“
دستياب ٿيو آهي. هن شجري کي سيد مرتضيٰ ميرڪ
فارسي زبان ۾ مرتب ڪيو آهي. هڪ اندازي موجب، هيءُ
شجرو سن 1155هه/ 1742ع ۾، يا ڪجهه وقت اڳ جو تاليف
ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ سيد مرتضيٰ ميرڪ،
”پــُـوراني
سادات“
جو مڪمل شجرو، هنن جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ آباد ٿيڻ، سندن
سياسي، ملڪي ، علمي ۽ ادبي ڪارنامن تي مختصر روشني
وجهڻ سان گڏ، سکر جي
”معصومي سادات“
جو احوال ۽ تذڪرو به بيان ڪيو آهي. هن شجري جي
مطالعي مان اسان کي مير محمد معصوم بکريءَ جي
اولاد جي باري ۾ ڪي اهم ۽ نيون ڳالهيون دستياب ٿين
ٿيون، جن جو ذڪر سيد حسام الدين راشديءَ جي ڪتاب
”امين
الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري“ ۾ نه ٿو ملي. اسان هتي سيد مرتضيٰ ميرڪ جي انهيءَ شجري ۾ مير
محمد معصوم بکريءَ جي اولاد بابت ۽ ڪن ٻين تعلق
رکندڙ اهم ڳالهين جي باري ۾ بيان ڪيل نئون احوال
پيش ڪريون ٿا، جنهن کان پوءِ اميد ته راشدي صاحب
جي انهيءَ مذڪوره ڪتاب ۾ مير محمد معصوم بکريءَ جي
اولاد جي سلسلي ۾ ڏنل مواد جي ڪميءَ جو ازالو ٿي
ويندو!
(الف) مير محمد معصوم بکريءَ جو اولاد
1. مير بزرگ بن مير محمد معصوم بکري:
سيد حسام الدين راشديءَ پنهنجي ڪتاب
”امين
الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري“ ۾ ص 377 کان 386 تائين، مير بزرگ جو ذڪر
”اولاد“
جي عنوان هيٺ ڏنو آهي. ميرمحمد معصوم بکريءَ کان
پوءِ،
”معصومي
سادات“
مان مير بزرگ هڪ وڏي نالي وارو بزرگ ۽ اعليٰ شخصيت
جو مالڪ ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي والد جي وفات کان
پوءِ،
مغل شاهي دربار ۾ اهائي خاص حيثيت حاصل ڪئي، جا
سندس والد کي ميسر هئي. راشدي صاحب، مير بزرگ جو
احوالُ
”ذخيرت
الخوانين“،
ماثر الامراءِ“
وغيره جهڙن معتبر ۽ مستند ڪتابن تان اخذ ڪيو آهي.
راشدي صاحب کي مير بزرگ جي ڄمڻ جو سن وغيره شايد
ڪنهن ميسر ٿيل ذخيري مان هٿ اچي نه سگهيو هو، جنهن
ڪري اهو ڄاڻائڻ کان رهجي ويو هو. اسان هتي
”شجره
سادات پوراني“
مان مير بزرگ جي ولادت جو سن ۽ ماده تاريخ ڏيون
ٿا، جا ضرور بکر يا سکر جي ڪنهن فارسي گو شاعر وضع
ڪئي هوندي! مير بزرگ جي ولادت جو سن ۽ ماده تاريخ
هن طرح آهي:
خامه بنوشت پس مولودش،
شه اقليم سيادت آمد.(1)
996هه
انهيءَ مٿئين ماده تاريخ مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو، ته مير بزرگ سن 996هه/
1588ع ۾ تولد ٿيو.
سيد حسام الدين راشدي،
”ذخيرې الخوانين“
جي روايت نقل ڪندي، مير بزرگ جي وفات جو سن
1044هه/ 1634ع بيان ڪيوآهي. (2) اڳتي هلي، راشدي
صاحب
”ماثر
الامراء“،
جنهن جو ماخذ خود
”ذخيرې الخوانين“
آهي، جي حوالي سان لکي ٿو ته مير بزرگ سن 1042هه/
1632ع ۾ فوت ٿيو. (3) ليڪن، سيد مرتضيٰ ميرڪ
”شجره
سادات پوراني“
۾ مير بزرگ جي
وفات جي سن بابت هيٺينءَ ريت ڄاڻائي ٿو:
”تاريخ وفات مير بزرگ بن مير محمد معصوم سن 1044هه، با اجل طبي
درگذشت.“(4)
سيد مرتضيٰ ميرڪ جي انهيءَ مٿئين بيان ۽
”ذخيرې الخوانين“
جي قول مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو، ته مير بزرگ سن
1044هه/ 1634ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. سيد
حسام الدين راشديءَ مير بزرگ جي وفات جي سن جي
باري ۾ڪوبه قطعي فيصلو نه ڪيو آهي. پر هن تازي
مستند حوالي مان مٿئين سن وفات جي پوريءَ طرح سان
تصديق ٿئي ٿي.
مير بزرگ جو اولاد:
مير بزرگ
جي اولاد متعلق، سيد حسام الدين راشديءَ جي آڏو ٻه
ماخذ هئا: هڪ
”ذخيرې الخوانين“
۽ ٻيو
”تحفته
الڪرام“.
انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ لکي ٿو:
”مير
بزرگ کي، جيتري قدر ڪتابن مان يا خانداني روايتن
مان معلوم ٿيو آهي، هڪ نياڻي ۽ ٻه پٽ ٿيا، (5) جن
مان
’مرزا
قنڌاريءَ‘ جو نالو فقط
’ذخيرې
الخوانين‘
۾ آيو آهي.(6) مرزا قنڌاريءَ جي اولاد جو سلسلو
معلوم ٿي نه سگهيو آهي. (7) سندس ٻيو فرزند مير
محمد زڪريا هو.“(8)
دراصل،
”ذخيرې
الخوانين“
جي مؤلف:
”قنڌاري“
جي نالي مان ڌوڪو کاڌو آهي، جنهن جي آڌار تي سيد
حسام الدين راشديءَ کان پڻ انهيءَ مٿئين بيان ۾
تواريخي لحاظ کان سهو ٿي آهي. اصل ۾ مير بزرگ کي
صرف هڪ فرزند محمد زڪريا هو، جو کيس قنڌار جي سفر
۾ ڄائو هو. انهيءَ نسبت جي ڪري هن کي
”قنڌاري“
به ڪري چوندا هئا. انهيءَ سلسلي ۾ سيد مرتضيٰ ميرڪ
لکي ٿو:
”تاريخ تولد مير محمد زڪريا بن مير بزرگ بن مير محمد معصوم در
قندهار متولد شد سن 1021هه .... مير محمد زڪريا
المعروف مير قندهاري بود.“(9)
سيد مرتضيٰ ميرڪ جي انهيءَ مٿئين قول مان مٿي بيان ڪيل مڙني ڳالهين جي
چٽيءَ طرح سان وضاحت ٿي وڃي ٿي ته مير محمد زڪريا
سن 1021هه/ 1612ع ۾ ڄائو هو، ۽ پاڻ
”مير
قنڌاري“
جي نالي سان به سڏبو هو.
مير بزرگ جي اولاد جي باري ۾
”شجره
سادات معصومي“
۾ لکيل آهي:
”او شان يک پسر مير صاحب فياض زمان مير زکريا تولد شد.“(10)
انهيءَ مٿئين عبارت مان پڻ اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته مير بزرگ کي مير زڪريا
نالي صرف هڪ فرزند هو.
انهيءَ سلسلي ۾
”تاريخ انوارالسادات“
جو مؤلف لکي ٿو:
”مير معصوم جي گهرواري رقيه بيبي بنت سيد محمد شاهه موسوي ڪاظمي
قنڌاريءَ جي بطن مان هڪ فرزند سيد مير بزرگ تولد
ٿيو ۽ ان مان هڪ فرزند سيد زڪريا ٿيو.“(11)
اسان مٿي
”شجره
سادات پوراني“،
”شجره سادات معصومي“ ۽
”تاريخ
انوار السادات“
جي حوالي سان مير بزرگ جي اولاد جو احوال بيان ڪري
آيا آهيون. جيئن ته اهي مذڪور ٽئي ماخذ راشدي صاحب
جي آڏو نه هئا، ان ڪري مير بزرگ جي اولاد جي سلسلي
۾ صحيح احوال اچي نه سگهيو آهي.
سيد محمد زڪريا، جو”مرزا
قنڌاري“
جي نالي سان به مشهور هو، تنهن لاءِ
”ذخيرې
الخوانين“
جو مؤلف لکي ٿو:
”سه بيستي ده سوار منصب دارد و تعينات تته است.
اوقات گذر او بر املاک جد و پدر است. حياي چشم
اهليت و مردمي بسيار دارد.“
(12)
سيد حسام الدين راشديءَ
”ذخيرې الخوانين“
جي انهيءَ مٿئين عبارت جو ترجمو هن ريت بيان ڪيو
آهي:
”ده سواري منصب تي ٺٽي ۾ تعينات آهي. سندس گذارو پيءُ ۽ ڏاڏي جي
املاڪ مان ٿئي ٿو. اکين جو حياءُ اٿس. اهليت رکي
ٿو ۽ مڙس ماڻهو آهي.“(13)
2. مير محمد زڪريا جو اولاد
مير محمد زڪريا جي اولاد جي باري ۾، سيد حسام الدين راشدي
”تحفته
الڪرام“
جي حوالي سان لکي ٿو ته مير محمد زڪريا کي سيد
محمد ۽ سيد علي شير نالي ٻه فرزند ٿيا.(14) ليڪن،
انهن ٻنهي جي باري ۾ تفصيل سان وڌيڪ ڪابه روشني نه
وڌي ويئي آهي.
مير محمد زڪريا جي انهن ٻنهي فرزندن جي باري ۾ اسان کي ڪجهه وڌيڪ معلومات
حاصل ٿي آهي، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سيد
محمد ۽ سيد علي شير پنهنجي وقت جا وڏا ناميارا شخص
۽ مغل شاهي دربار جي وڏن اميرن مان هئا. پاڻ وڏن
وڏن عهدن ۽ منصبن تي فائز رهيا ۽ وقت جي حاڪمن وٽ
سندن وڏي عزت هئي.
سيد محمد بن مير محمد زڪريا:
سيد محمد بن مير محمد زڪريا جي باري ۾
”تواريخ
نوابين بکر“ جو مؤلف لکي ٿو:
”24 - ربيع الاول 1104هه/ 3- ڊسمبر 1692ع تي روهڙي شهر جي ساداتن
۽ مير محمد معصوم جي پوٽي، مير سيد محمد جي درميان
’سيدن
جي ٻيلي‘
۾ مال جي ڀيل جي معاملي تان پاڻ ۾
جهيڙو ٿي پيو ۽ انهيءَ صورتحال نهايت ئي خوفناڪ جهڳڙي واري شڪل
اختيار ڪئي. آخر ۾، روهڙيءَ جا سيد، پنهنجي
برادريءَ ۽ ٻين لڳ لاڳاپي وارن سميت درياء
جي ڪنڌيءَ تي وڃي گڏ ٿيا ۽ انهن مان ڪي درياء
پار ڪري، وڃي ٻيلي ۾ داخل ٿيا. ٻئي طرف کان سيد
محمد بن مير محمد زڪريا، سيد تقي الدين محمد،
مير سيد عبدالاول
جا پٽ، مير محمد(عبد) العظيم
جو فرزند ۽ مير عبدالواحد
جو فرزند پنهنجي حلقي سميت اچي گڏ ٿيا ۽ سکر جي
افغانن ۽ مغلن کي انهيءَ ڏس ۾ مدد ڪرڻ جي درخواست
ڪيائون. انهيءَ تي نور علي بيگ ارغون(؟) پنهنجي
جماعت سان ۽ الهياربيگ بن عبدالرحمان ‘ جماعتدار’
به ڪجهه ماڻهو پاڻ سان گڏ وٺي اچي مير سيد محمد جي
خدمت ۾ حاضر ٿيا. افغان به پنجاهي کن ماڻهن سان
تيار ٿي، سيد محمد وٽ آيا. مير سيد محمد انهيءَ
سموري لشڪر سميت درياء
پار ڪري اچي ٻيلي ۾ داخل ٿيو. انهيءَ وچ ۾ ڪن
خيرخواهه بزرگن وچ ۾ پئجي، ٻنهي ڌرين ۾ صلح ڪرائي،
معاملي کي ٿڌو ڪري ڇڏيو.“ (15)
ميان بيگ محمد
”نامي“
جي انهيءَ مٿئين بيان ڪيل واقعي مان اهو ظاهر ٿئي
ٿو، ته مير سيد محمد ان دؤر ۾ هڪ وڏيءَ حيثيت جو
مالڪ هو. ارغونن، مغلن، افغانن ۽ ٻين ڪيترن ئي وقت
جي بااثر ماڻهن سان سندس گهرائي ۽ پنهنجائپ هئي.
انهيءَ ڪري، هو سندس مدد لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا. مير
سيد محمد جي باري ۾،
”تواريخ نوابين بکر“ کان سواءِ،
ٻيو ڪوبه اهڙو ذريعو دستياب ٿي نه سگهيو آهي، جنهن
مان هن بزرگ جي باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ٿي سگهي.
سيد مرتضيٰ ميرڪ جو قول آهي ته ميرسيد محمد 29- جمادي الاول 1116هه/29-
سيپٽمبر 1704ع تي هن فاني جهان مان رحلت ڪئي.(16)
سيد علي شير بن مير محمد زڪريا:
مير سيد علي شير، مير محمد زڪريا جو ٻيو نمبر
فرزند هو. مير علي شير
”قانع“
ٺٽويءَ سندس باري ۾ڪوبه وڌيڪ احوال تفصيل سان بيان
نه ڪيو آهي. (17) سيد حسام الدين راشديءَ پڻ مير
”قانع“
ٺٽويءَ جي احوال تي ئي اڪتفا ڪئي آهي. (18) انهيءَ
سلسلي ۾
”تاريخ
انوارالسادات“
جو مؤلف لکي ٿو:
”سيد علي شير، مغلن جي دؤر حڪومت ۾ گجرات جو حاڪم ٿي رهيو.“(19)
سيد ظفرياب حسين جي انهيءَ مٿئين مختصر عبارت مان اهو معلوم ڪونه ٿو
ٿئي، ته سيد علي شير ڪهڙي مغل حاڪم جي دؤر ۾ گجرات
جو حاڪم ٿي رهيو. مؤلف، انهيءَ باري ۾ ڪوبه مستند
حوالو نه ڏنوآهي. اسان جو گمان آهي ته سيد علي
شير، شايد مغل بادشاهه اورنگزيب جي دؤر ۾ گجرات ۾
ڪنهن وڏي عهدي تي فائز رهيو هوندو! سيد علي شير جي
باري ۾،
”تواريخ
نوابين بکر“
۾ ڪجهه وڌيڪ احوال ملي ٿو. ميان بيگ محمد
”نامي“ جو قول آهي:
”بتاريخ 4 شهر جمادي الاول سن 1098 هه سيادت و نقابت پناهه مير
علي شير ولد مرحوم مير محمد زکريا بن مغفور مير
بزرگ بن غفران پناهه مير محمد معصوم بهکري بخدمت
بخش گري و واقعه نويسي و اخذ جزيه و امانت ميربحري
و حبه ...و دارالضرب وغيره محال ساير سرفراز شده
در بهکر رسيده.“(20)
ميان بيگ محمد
”نامي“
جي انهيءَ مٿئين بيان مان پتو پوي ٿو ته سيد علي
شير 4- جمادي الاول 1098هه/ 18 - مارچ 1687ع تي
بخشي ۽ واقعه نويس جهڙن عهدن تي بکر مٿان سرفراز
ٿي آيو. ساڳيو مؤلف، هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو:
”رجب 1103هه ۾ محمد شجاعت نالي هڪ جوڌو جنگي جوان 8 سوارن ۽ ڪجهه
پيادن سان گڏ روهڙيءَ ۾ اچي منزل انداز ٿيو. انهن
ڏينهن ۾، بختيار خان بن بختمند خان عرف مرزا خان
به سير سفر جي خيال سان، سکر ۾ پنهنجي حويليءَ ۾
اچي رهيو. ان دوران مير صادق علي خان
بن نواب مير سيد يعقوب علي خان رضويءَ محمد شجاعت
جي دعوت ڪئي. هو انهيءَ دعوت تي آيو ۽ رات جو وٽس
رهي پيو. ٻئي ڏينهن بختيار خان ۽ محمد شجاعت جي
درميان ويڙهه ٿي پئي، جنهن ۾ بختيار خان جي ڪنهن
ماڻهوءَ هٿان محمد شجاعت جا چار سپاهي مارجي ويا.
انهيءَ ڳالهه تان وڏو ممڻ مچي پيو. نيٺ، مير شمس
الدين ديوان، مير علي شير بخشي، قاضي نقي خفيه
نويس وچ ۾ پيا ۽ ٻنهي ڌرين جو پاڻ ۾ صلح ڪرايائون.“(21)
سيد علي شير جي باري ۾، ميان بيگ محمد”نامي“
جي انهيءَ مٿئين بيان کان سواءِ ٻيو ڪوبه وڌيڪ
احوال ڪونه ٿو ملي. ميان بيگ محمد
”نامي“
جي انهن مٿين ٻنهي بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سيد
علي شير سن 1098هه/ 1687ع ڌاري بکر تي مختلف عهدن
تي فائز رهيو. ان کان پوءِ، ٻئي واقعي جو سن 1103هه/ 1692ع ڄاڻايو ويو آهي. انهن ٻنهي
واقعن جي وچ ۾ لڳ ڀڳ ڇهن سالن جو عرصو ڏسڻ ۾ اچي
ٿو ۽ انهيءَ عرصي دوران به هو پنهنجي عهدن تي فائز
نظر اچي ٿو. انهيءَ تجزيي مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي
ٿي ته پاڻ 1098هه/1687ع کان 1103هه/1692ع تائين
بکر ۾ بخشي ۽ واقعه نويس جي عهدن تي رهيو.
سيد علي شير پنهنجي حياتيءَ ۾ ٽي شاديون ڪيون، جن مان سندس ٻن گهروارين جا
نالا ملن ٿا. سندس پهرئين گهرواري
”روز
بيانه بيگم“
مغل خاندان جي هئي، جنهن سان شاهجهان آباد ۾ شادي
ڪئي هئائين. انهيءَ گهرواريءَ مان کيس هڪ فرزند
ڄائو، جنهن تي پنهنجي ڏاڏي مير بزرگ جو نالو
رکيائين. سندس ٻي گهرواري
”عاقله
بيگم“
نالي مغلياڻي هئي، جنهن سان لاهور ۾ عقد ڪيو
هئائين. (22)
3. سيد محمد بن مير محمد زڪريا جو اولاد:
مير علي شير
”قانع“ ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب”تحفته
الڪرام“
۾ سيد محمد جا ٻه فرزند ڄاڻايا آهن: هڪ مير عزيز
الله ۽ ٻيو مير لطف الله. (23) سيد حسام الدين
راشديءَ پڻ مير”قانع“
ٺٽويءَ جي حوالي سان سيد محمد جي انهن ٻن فرزندن
جو مختصر احوال ڏنو آهي.(24)
سيد محمد جي اولاد جي سلسلي ۾، جڏهن
”شجره
سادات معصومي“
۽
”شجره
سادات پوراني“
جو اڀياس ڪجي ٿو ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته سيد محمد
کي پنج فرزند هئا. اسان هتي انهن جا نالا ۽ سندن
متعلق ميسر مواد ڏيون ٿا:
(الف) مير سيد محمد شفيع:
وفات 7 - شعبان المعظم 1135هه / 13 مئي 1723ع.
(25)
(ب) سيد محمد شاهه:
هن سيد
زادي جي باري ۾ سيد مرتضيٰ ميرڪ لکي ٿو ته 20-
شعبان المعظم 1132هه/27- جون 1760ع تي سومر ڏينهن
عين جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. پاڻ نهايت ئي خوبصورت،
خوب سيرت ۽ بهادريءَ ۾ رستم ۽ سهراب جي مٽ هو.
نيڪيءَ ۽ سخاوت ۾ به مشهور هو. سندس وفات جي قطعه
تاريخ هن طرح آهي:
آه صد آه ز چرخ چون دولاب،
سيد - آل - نبي محمد شاه،
در غرايش رو است کر کريند،
نه يک افسوس بل هزار افسوس،
دوستانش ز هجر او دارند،
بود تا زنده بودان مرحوم،
در سخاوت نه ديد ديده دهر،
در شجاعت بجا است که
گرويم،
ز آنکه اين هر دو خصلت نيکو،
ساکنان - بهشت گفتندش،
حق تعاليٰ براي مقدم تو،
باش ساکن عليک لا خوفُ،
ان رضوان جنته الفردوس،
رحمت و مغفرت خداي کريم،
سال فوتش سوال کردم گفت،
. |
که ظلمش کشيد سر ز نقاب.
من جميع القريب والاحباب.
مردم مرد مان همه خوناب.
ز آنکه رفت از جهان بعهد شباب.
دل بريان سينهاي کباب.
کارهايش همه براي ثواب.
ديگريرا بمثل او در خواب.
حرب آموز رستم و سهراب.
بهر آل - علي است ديدن و داب.
مرحبا سيدا بلند جناب.
فتح کرد از همه جنان - ابواب.
اوليارا کجا است حزن عقاب.
قال طوبي لک و حسن ماب.
بر تو باشد فزون ز حد حساب.
داغ جانسوز هاتفم بجواب.(26)
. |
1132هه
(ج) مير عزيزالله:
هن لاءِ مير علي شير”قانع“
ٺٽويءَ
”عزيز
مصر“
جي تلميح ڪتب آندي آهي. (27)
(د) مير داراب شاهه:
هن جو صرف نالو ملي ٿو.(28)
(هه) مير لطف الله:
تاريخ وصال 22 - شوال شنبه سن ........؟ (29)
4. سيد علي شير بن مير محمد زڪريا جو اولاد:
مير سيد علي شير جي اولاد جي سلسلي ۾، مير علي شير
”قانع“
ٺٽويءَ سندس ٽن فرزندن جو ذڪر ڪيو آهي: مير اسد
الله، مير عنايت الله ۽ مير بزرگ (ثاني).(30) سيد
حسام الدين راشديءَ انهن ٽنهي فرزندن جي باري ۾،
مير
”قانع“
ٺٽويءَ وارو ئي ساڳيو احوال ڏنو آهي.(31) انهيءَ
ڏس ۾،
”شجره
سادات معصومي“
۽
”شجره
سادات پوراني“
مان معلوم ٿئي ٿو ته مير علي شير کي، ڪل پنج
فرزند هئا. انهن مان ٽن جا نالا ته اهي ساڳيا ئي
آهن، جيڪي مٿي بيان ٿي چڪا آهن ۽ باقي ٻن فرزندن
جا نالا هي آهن: حسين علي شاهه حسيني ۽ سيد علي
معصومي.(32)
(ب) مير محمد معصوم بکريءَ جا آثار
سيد حسام الدين راشديءَ
”يادگار ۽ آثار“
جي عنوان هيٺ، مير محمد معصوم بکريءَ جي جوڙايل
عمارتن ۽ آثارن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. (33) ان
هوندي به مير صاحب جي ڪن آثارن جو احوال رهجي
ويوآهي. اسان کي مير محمد معصوم بکريءَ جي جن باقي
آثارن جو احوال دستياب ٿيو آهي، اهو هتي ڏجي ٿو:
1. حويلي مير محمد معصوم بکري:
مير محمد معصوم بکريءَ، سکر ۽ بکر کان سواءِ، روهڙيءَ ۾ به پنهنجي هڪ حويلي جوڙائي
هئي، جا
”حويلي
مير محمد معصوم“ جي نالي سان سڏي ويندي هئي. سيد سوائل
شاهه رضويءَ جي مرتب ڪيل
”بياض پروانه جات و سند هاي سادات“ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مير محمد معصوم بکريءَ جي
اها حويلي، روهڙي شهر ۾ بکر جي مغل نواب فتح خان
جي تعمير ڪرايل مسجد جي ڏکڻ - اولهه ۾ واقع هئي، ۽
اها 7- ربيع الاول 1226هه/1- اپريل 1811ع تي مرزا سهراب خان افغان خريد
ڪئي هئي. انهيءَ حويليءَ جي سامهون بکر جي قلعي جو
”چنه
برج“
هو.”بياض
پروانه جات و سند هاي سادات“
۾ اچي ٿو:
”بطرف جنوب مائل بغرب ميان مسجد مبارک جامع
فتح خان و
حويلي مرحوم و مغفور مير محمد معصوم بهکري
که در شهر لوهري مي باشد که در حال آن
حويلي مذکور
عاليجاه مرزا سهراب خان افغان خريده است.“
(34)
انهيءَ مٿئين عبارت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مير محمد معصوم بکريءَ
جي اها حويلي سن 1226هه/ 1811ع ۾ به قائم هئي،
جنهن کي پوءِ مرزا سهراب خان افغان پنهنجي تصرف ۾
آندو.
2. پـُخته پــُل:
مير محمد معصوم بکريءَ سکر پراڻي ۾،
”لالڻ واهه“ تي عام ماڻهن جي سهولت لاءِ هڪ پــُـل تعمير ڪرائي هئي. هڪ
قلمي ســَـندَ مان پتو پوي ٿو ته اها پــُـل سن
1163هه/ 1750ع تائين موجود هئي. هن پــُـل جي محل
وقوع جي سلسلي ۾ اهو معلوم ٿئي ٿو ته اها پــُـل
سکر پراڻي جي مشهور
”دٻن واري زمين“، جتي سيد تقي الدين محمد پــُـورانيءَ جي زمين هئي، جي
ڀرسان هئي.
”بياض
پروانه جات وسندهاي سادات“
۽ ڪن ٻين تحريرن جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو
ته انهيءَ هنڌ جيڪي تلاءَ هئا، اهي شيخ سعادتمند
بن اُتمچند جي ملڪيت ۾ هئا ۽ انهن تلائن مان تمام
گهڻي مڇي مرندي هئي. انهيءَ پــُـل سان لڳو لڳ سيد
تقي الدين محمد پورانيءَ جي ست جريب زمين هئي،
جيڪا هــُـن شيخ سعادت مند کي وقف ڪئي هئي. انهيءَ
هنڌ شيخ ممدوح جي حويلي ۽ باغ هئا. سندس فوت ٿيڻ
کان پوءِ، سندس نياڻي بيبي ربڏني
انهيءَ حويليءَ جي مالڪه ٿي. هن وقت پخته پل جي
آثارن جو ڪوبه پتو ڪونه ٿو پوي. ساڳئي وقت، شيخ
سعادت مند جي حويليءَ جو به ڪو نشان ڪونه ٿو مل ي.
3. سيت سر:
سيد حسام الدين راشديءَ هن عمارت جو ذڪر
”سيتاسر
يا ستياسر“
جي نالي سان ڪيو آهي. (35) چوڻ ۾ اچي ٿو ته هيءَ
هڪ بي مثال عمارت هئي. راشدي صاحب، انهيءَ عمارت
جي تعمير جو سن
”گنبذ دريايي“
مان 1007هه وضع ڪيو آهي. (36)
سيد مرتضيٰ ميرڪ، انهيءَ مٿئين عمارت جو نالو”سيتاسر
يا ستياسر“
جي بجاءِ
”سيت
سر“
ڄاڻايو آهي ۽ ان جي معنيٰ جي باري ۾ لکي ٿو:
”سيت سر يعني اين سيت يعني سفيد، سر يعني درياي، درميان دريا
سفيد گنبذ دريائي.“(37)
987هه
سيد مرتضيٰ ميرڪ پنهنجي انهيءَ مٿئين عبارت ۾
”سيت
سر“
جي معنيٰ سان گڏ ماده تاريخ
”گنبذ دريائي“
مان سن 987هه ورتو آهي.
سيد حسام الدين راشديءَ جي ڄاڻايل مٿينءَ ماده تاريخ
”گنبذ دريايي“ مان ابجد جي حساب موجب قيمت ڪڍجي ٿي، ته اها واقعي سن
1007هه ٿئي ٿي. ٻئي طرف، سيد مرتضيٰ ميرڪ جي ٻڌايل
ماده تاريخ
”گنبذ دريائي“ مان
”ئي“ کي حذف ڪرڻ سان سن 987هه نڪري ٿو. سيد
حسام الدين راشدي ۽ سيد مرتضيٰ ميرڪ جي بيان ڪيل
ٻنهي سنن ۾ اٽڪل ويهن ورهين جو تفاوت نظر اچي ٿو.
اسان جي خيال موجب، سيد مرتضيٰ ميرڪ جو قول وڌيڪ
درست معلوم ٿئي ٿو. انهيءَ لحاظ کان اهو چئي سگهجي
ٿو ته مير محمد معصوم بکريءَ اها عمارت سن 987هه/
1579ع ۾ تعمير ڪرائي هوندي!
(ج) مير محمد معصوم بکريءَ جي وفات جون ماده
تاريخون
سيد حسام الدين راشديءَ پنهنجي ڪتاب
”امين
الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري“
۾ مير محمد معصوم بکريءَ جي وفات جي عنوان هيٺ
سندس رحلت جي باري ۾، هڪ قطعه تاريخ ڏني آهي. (38)
اسان کي
”شجره
سادات پــُـوراني“
مان مير محمد معصوم بکريءَ جي وفات متعلق، ٻه
تاريخي ماده دستياب ٿيا آهن، جي راشدي صاحب جي
مذڪور ڪتاب ۾ موجود نه آهن. اهي ماده تاريخون هن
ريت آهن:
1. چو سال فوت نامي را بهشتش باد جا گفتم.
خرد بر مير معصوم صفائي گـــفــت حق بخشد. (39)
1014هه
2. داغ داد (40)
1014هه
*
حوالا
(1) سيد مرتضيٰ ميرڪ:
”شجره
سادات پوراني“
(قلمي فارسي)، ص 104، 180، مملوڪه” موسوي لائبريري“
روهڙي سنڌ.
(2) سيد حسام الدين راشدي:
”امين
الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري“،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1979ع، ص 386
(3) ايضاً
(4) ڏسو حوالو نمبر(1)، ص 104، 180
(5) ڏسو حوالو نمبر(2)، ص 374، 384
(6) ايضاً، ص 384
(7) ايضاً، ص 384
(8) ايضاً، ص 385
(9) ڏسو حوالو نمبر(1)، ص 180
(10) مير بزرگ(ثاني) عرف مير بابا:”شجره
سادات معصومي“(قلمي
فارسي)، ص 2، مملوڪه سيد جاويد علي معصومي، ساڪن
سکر پراڻو
(11) سيد ظفرياب حسين حسيني الترمذي:”تاريخ
انوارالسادات المعروف گــُـلستانِ فاطمه“
(اردو)، قصبه بکر ضلع ميانوالي، ص 597
(12) شيخ فريد الدين بکري:
”ذخيرې الخوانين“-
جلد 2 (فارسي)، مرتب: ڊاڪٽر سيد معين الحق،
پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي، ڪراچي سنڌ، 1970ع ، ص
397
(13) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 384 ۽ 385
(14) ايضاً، ص 375
(15) بيگ محمد”نامي“:
”تواريخ نوابين بکر“
(قلمي فارسي)، ص 80 - 179، مملوڪه
”موسوي
لائبريري“،
روهڙي سنڌ.
(16) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 180
(17) مير علي شير
”قانع“
ٺٽوي:
”تحفته
الڪرام“،
مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد
سنڌ، 1957ع، ص 30- 329
(18) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 375 ۽ 376
(19) ڏسو حوالو نمبر (11)
(20) ڏسو حوالو نمبر (15)، ص 164
(21) ايضاً، ص 78-177
(22) ڏسو حوالو نمبر (10)، ص 2
(23) ڏسو حوالو نمبر( 17)، ص 329
(24) ڏسو حوالو نمبر (2)، 375
(25) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 104، 180
(26) ايضاً
(27) ايضاً
(28) ايضاً
(29) ايضاً
(30) ڏسو حوالو نمبر( 17)، ص 330
(31) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 376
(32) ڏسو حوالو نمبر (10)، ص 1
(33) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 333 کان 370 تائين
(34) سيد سوائل شاهه رضوي:
”بياض
پروانه جات و سندهاي سادات“(قلمي
فارسي)، ص 27-28، مملوڪه
”موسوي لائبريري“،
روهڙي سنڌ
(35) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 365
(36) ايضاً
(37) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 104
(38) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 283
(39) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 104 ۽ 180
(40) ايضاً
*
(ٽماهي
”مهراڻ“،
ڄام شورو سنڌ، نمبر 1 سال 1996ع)
|