سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مئي 2005ع

 

صفحو :8

ڪنول سميجو

حسين يادون

 

ڪجهه يادون هونديون آهن، عظيم يادون

ان يادن ۾ آهن منهنجي ننڍپڻ جون يادون

انهن ڏينهن ۽ راتين کي ڪيئن مان وساريان

جيڪي منهنجي زندگيءَ جو عظيم سرمايو آهن

انهن ڏينهن کي ڪيئن مان وساري ڇڏيان

سوچان ٿي ڪاش! اهي ڏينهن موٽي اچن

پر اهي ڏينهن وري نه ٿا اچي سگهن

جڏهن ڏسندي آهيان ننڍن ٻارن کي

انهن ۾ نظر ايندو آهي منهنجو ننڍپڻ

ڪجهه يادون هونديون آهن حسين يادون.

 

فراز پروين شيخ

نثري نظم

 

اقرار

توکي ڏٺو ناهي

توکي پرکيو ناهي

توسان ڳالهايو ناهي

پوِءِ به

تنهنجي نانءَ ٻڌڻ سان

ڇرڪي پوڻ

تنهنجو ذڪر بار بار ڪرڻ

تو لئه عزت احترام وارا

جذبا رکڻ

سمورا پل توکي سوچڻ

سمورا پل توکي سوچڻ

سمورا پل توکي ارپڻ

۽ توکي پنهنجو سمجهڻ

ڇا اهوئي پيار آهي؟

اگر اهو ئي پيار آهي ته

مان توسان پيار ڪريان ٿي

اڄ ان جو اظهار ڪريان ٿي

ته مان توسان پيار ڪريان ٿي

 

 پاڻ وڃايوسين

وقت بدلجي وڃي ٿو

موسمون بدلجي وڃن ٿيون

انسان ساڳيا نه رهيا

جذبا ساڳيا نه رهيا

سوچيو هيوسين

منزل جي ويجهو آهيون

پر ”اوپرين“

توکي چاهڻ

منزل تائين پهچڻ

ڏاڍو ڏکيو نڪتو

پيار لاءِ ماڻهو

ڪيئن نه باغي ٿي پوندا آهن

پر اسين ته

حالتن کان گهٻرائجي وياسين

۽

پاڻ ئي وڃايوسين

ها

پاڻ ئي وڃايوسين

ٻڌو آهي

ٻڌو آهي

تو مون کي

وساري ڇڏيو آهي

جي ائين آهي ته پوءِ

مان زنده ڇو آهيان؟

تنهنجون ڳالهيون

زندگي رئندي آهي

ڏک تڙپائيندا آهن

جڏهن تنهنجون ڳالهيون

ياد اينديون آهن

ڪڏهن ڪڏهن

ڪڏهن ڪڏهن

دل چوندي آهي

چپ چاپ هن دنيا مان هلي وڃان

ڪنهن کي به سڌ نه ڏيان

سمنڊ جي مست ڇولين ۾

پنهنجي وجود کي وڃائي

گم ڪري ڇڏيان

زندگي پنهنجي

چؤ سٽو

هر گل ۾ تنهنجو عڪس

هن دل ۾ تنهنجو عڪس

فرزانه ويٺي ڏسان

پليل تنهنجو عڪس

 

روشن ناز ڌاريجو

امڙ جو عڪس

 

توکي وساريان ته ڪيئن وساريان امان

توکي وساريان ڪيئن امان؟

تون منهنجي روح ۽ منهنجي دل ۾ آهين دفن

تون منهنجي روح ۾ رچيل دل ۾ سمايل آهين امان!

ڪڏهن ڪڏهن اداس

ٿي اڪثر سوچيندي آهيان

ته ڪير آهستي مون کي سڏي رهيو آهي

۽ شفقت ڀريا هٿ مٿي تي گهمائي رهيو آهي

۽ ڪير منهنجي مٿي  کي چمي رهيو آهي

۽ ائين محسوس ٿيندو اٿم

ڪير مون کي ٻاجهه مان چئي رهيو آهي

تون ايڏي اڪيلي ايڏي اداس ڇو آهين؟

مون اکيون کڻي ڏٺو

ٿڏو ساهه ڀري چيم، امان! منهنجي مٺڙي امان!

۽ ٻئي ٻانهون مٿي کوليم ڀاڪر پائڻ لاءِ

ليڪن افسوس!

منهنجون ٻانهون کليل ئي رهجي ويون

هوءَ منهنجي ماءُ نه پر ان جو عڪس هو.

 

 تولاءِ

تولاءِ

پنهنجي اندر جا اڌما

مان وساري سگهان ٿي

تولاءِ

سڀ رشتا ناتا

ها، مان ساري سگهان ٿي

تولاءِ

پنهنجو پاڻ به

پر ائين نه جو سڀ

تولاءِ

وساريندي رهان

۽ مون کي تون وساري ڇڏين!؟

 

مظهر ”امر“

ڪارو ڪاري

جيون جي هن راهن ۾

بي معنيٰ سڀ خواب ٿيا

اجاڙ رستن جي چانڊوڪي

مقتل ڏي ٿي پير کڻي

هر گل ڇڻي ٿو خاڪ جيان

هر لاش مٿان

ڪا پرهه ٿي هاري ماڪ ڦڙا

هو گلڙن جهڙا حسين بدن

پنهنجون معنائون ڳولي

بي مقصد ڇڻي هن خاڪ ٿيا

ڪالهه ڪنهن جي ڪهاڙي

چمڪي هئي

جا ڪنڌ لڻي وئي ٽاريءَ جيان

هيءُ ڪنهن جا پير ٿو

وقت ڪٿي

ڪي پير ڊهي ويا واريءَ تان.

 

گلبدن جاويد

ڌتارڻ لئه دل کي بهانا ٿا گهرجن

ٽٽل تار دل جي ڇيڙ جي

محبت جو ميڙو وري ميڙ جي

ڀلا وقت سان جهيڙو ڪو جهيڙ جي

۽ پاڻيءَ بنان فصل گل کيڙجي

ڌتارڻ لئه دل کي بهانا ٿا گهرجن

اڃا گهاءُ دل جو به ناهي ڀريو

وري ياد جو آهي جهوٽو وريو

وري چنگ چاهت جو آهي چريو

ستل سور سالن جو ٻيهر ٻريو

هجي تير بڻجي جگر ۾ هريو

وسارڻ لئه توکي زمانا ٿا گهرجن

ڌتارڻ لئه دل کي بهانا ٿا گهرجن.

 

زبيده ميتلو

درد ڇڏي ويا

نيٺ ته ورندا

پيڙائن کي

ساهه ۾ سانڍي

لوچي ٿو

نيٺ ته ورندا

من مندر ۾

پيڙهه جو پٿر

جيڪي رکي ويا

درد ڇڏي ويا

روئندي روئندي

نيڻ سڪي ويا.

نيٺ ته ورندا

......................

سورج، پنهنجن ڪرڻن سان

منهنجو اندر اجاري ٿو

من پڌر کي مهڪائي ٿو

جيوت جڳ، سنواري ٿو

کائو نه خارون اي يارو

ڪوي، سڄڻ ڌتاري ٿو.

جهاتي، پائي ڪڪرن مان،

چنڊ ڏسو ته نهاري ٿو.

جنم جنم جاڳي ڪو ساٿي

جاڳ جو سج اڀاري ٿو.

غفلت جو هي ڳجهو هٿيار،

ڪمائتا عضوا کاري ٿو.

جيو جي جرئت ساڻ جوان

ته موت جلد پڪاري ٿو.

 حميره نور

غزل

توسان دوستي ڪيم،

دل سان دشمني ڪيم.

اڻڄاڻائيءَ ۾ الائي ڇو،

تنھنجي بندگي ڪيم.

واءُ وريو ڪو اوچتو،

تولئه شاعري ڪيم.

پريم ڪھاڻي درد ڀري،

ڳوڙھا زندگي ڪيم.

يادن گل، امر پنھنجي،

خوشبوءَ ڊائري ڪيم.

....................................

ٿر کي ڏسي ٿي،

گھر کي ڏسي ٿي،

ڪمائي کڻي ويندڙ.

ڪمائي کڻي ويندڙ،

ور کي ڏسي ٿي.

بکايل پيٽ ڪارڻ

در کي ڏسي ٿي.

کائي ڇو نه مرجي،

زھر کي ڏسي ٿي.

 

عذرا سرور ڪنڌر

پٿر جو ماڻهو

عشق جي ماڳ تي جو اڌورو آ

اهو ماڻهو نه آپٿر آ

پيار ڪرڻ وارن جو ويري آ

اهو ماڻهو نه آ پٿر آ

جنهن نسورو نير روئاريو آ

اهو ماڻهو نه آ پٿر آ

جنهن جيون سڄو جهوريو آ

اهو ماڻهو نه آ پٿر آ

جنهن نينهن ۾ نهوڙيو آ

اهو ماڻهو نه آ پٿر آ

جنهن انگ انگ ساڙيو آ

اهو ماڻهو نه آ پٿر آ

ريشمي راماڻي

منهنجو جيون

اولهه جي افق ۾ لهندڙ سج جيان جڏهن

بچيل هوندا منهنجي زندگيءَ جا ڪجهه لمحا

نه سوچينديس اڻپوري حسرتن جي باري ۾

نه ئي ياد ڪندس

گذريل ڏينهن جي ڪشٽن کي.

جيترو وقت

مان هن ڌرتيءَ تي گذاريو

هر گهڙيءَ محسوس ڪيو

جيئڻ کان وڌيڪ ڪجهه به خوبصورت ۽ اهم ڪونهي

سنسار ۾

سڀني جڳهين تي جيون آهي

۽ هن سان جڙيل مان.

زندگي پوري ٿيڻ کان پوءِ ڇا آهي؟

ايندڙ رات جيان

گهري خاموشي، ڊگهي سانت گهاٽي اوندهه

صرف هڪ زندگي ختم ٿيڻ سان

ڪڏهن به

سڀ ڪجهه ختم نه ٿيندو آهي.

نه مرندس مان ڪڏهن به هوا جي سواسن ۾

پاڻيءَ جي وهڪري ۾

آڪاس جي سخاوت ۾

ڌرتيءَ جي راڳ ۾

باهه جي تپش ۾

زنده رهندس مان سدائين

پنجن تتون ۾ ليه ٿي

پنجتتو بڻجي

جهور وڻ جيان ڊهندو

منهنجو جهونو پراڻو سرير

ڪنهن عزيز دوست جيان

ڌرتي مون کي سنڀاليندي پنهنجي مظبوط ڀاڪر ۾

گرميءَ جي برسات جيان

هڪ ڏينهن وسندس مان به

سڪل گاهه جي جسم تي

اس ۾ چمڪندو اجرو پاڻي.

خاموش ڌرتي کڻندي اڀو ساهه

سڏ ڪندي مٽيءَ کي

وري پئدا ٿيندو نئون ٻوٽو

جنهن جي ٽارين تي مرڪندس مان

گل بڻجي.

ڪوشش ڪندس

اجايو نه وڃي جيون هن سنسار ۾

ڪنهن ننڍڙي پکيءَ جيان

اڏامندي رهندس اننت آڪاس ۾

ٽمڪندي رهندس ٽاندآڻي وانگر رات ۾

ترندي رهندس هوا جي لهرن تي ڪک بڻجي.

 

نور شاهين

قطعات

هٿ وڌائي ڏي، مسڪرائي ڏي،

ڏي مگر ساقي، ڪجهه وڌائي ڏي،

ننگ ساقي گري آهي اي دوست:

ظرف منهنجو نه آزمائي ڏي.

 

هڪ ڀيري ويس ڪعبي، بتخانو نظر آيو،

بتخانو ڦري ٻيهر، پئمانو نظر آيو،

وک جلدي کنيم ”شاهين“ نظرن سان وڌي پيتم

جو ساقي نظر آيو، مئخانو نظر آيو.

 

ڪجهه ته چئو اي دوست، وئي ڪيڏانهن اها تنهنجي جواني

هر قدم تي هو فسون تنهنجو، ڪڏهن سحر بياني

حسن تي ڇانيا اٿئي اڄ جو هي آثار قديم

تلخ ٿي هاڻي لڳي هئي جا شيرين گدائي

 

تنهنجي دنيا تنهنجي آهي، منهنجي منزل ناهه دوست

تنهنجي الفت مان حاصل نه ٿيڻي آهه دوست

وقت جو مرهم چڙهيو هٿ آهه ڏاڍو لاجواب،

توکي ”شاهين“ جو وسارڻ هاڻي مشڪل ناهه دوست،

 

 ترائيل

 

صبر ڪر ڪين تڙپ، قرب جي راحت جي ڪري،

ڪجهه تڙپ مان نه ٿيو آهي نڪي ٿيندو ڪڏهن،

ڪا گهڙي نيٺ ملي ويندي محبت جي ڪري،

صبر ڪر ڪين تڙپ، قرب جي راحت جي ڪري،

ڇا تون تڙپين تي اي دل پستيءَ همت جي ڪري،

عشق حاصل ٿيندو پر هوندي هي همٿ به جڏهن،

صبر ڪر ڪين تڙپ، قرب جي راحت جي ڪري،

ڪجهه تڙپ مان نه ٿيو آهي نڪي ٿيندو ڪڏهن.

 

نسرين ٿيٻو

پرهه ڦٽي

پرهه ڦٽيءَ جو سهائي ۾،

منهنجون راتو ڪيون رنل اکيون

سستيون پيون هيون

اوچتو پلڪ ڪنبجڻ لڳا

اميد جي ٿڌڙي هير سان

وکريل وار منهنجا سلجهڻ لڳا

اوچتو محسوس ڪيم آلاڻ ڳوڙهن جي

ڪوئي نرم آڱر ڇهي ٿي

سوچيم شايد ڪوئي خواب مون کي

وندرائي ٿو

ڪوئي درد مون کي ريجهائي ٿو

نيٺ هوريان هوريا کوليم اکيون

حيران ٿي مرڪي ڏٺم

سج جو پهريون ڪرڻو

پيشانيءَ تي مون کي چمي

منهنجو هٿ جهلي ان ۾ سمائجي ويو

حيران ٿي هٿ کي ڏٺم

ڪرڻي جي روشنيءَ ۾

پنهنجو پاڻ کي ڏٺم

جيڪا مون کي ڏسي مرڪي رهي هئي

صبح جي سهائي ۾ سوچيم

ڪئي بار سوچيم

رات ڇو رنيس پئي آءٌ

منهنجي خوشي منهنجي هٿ ۾ آ

پوءِ آءٌ رات ڇو رنس پئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com