سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مئي 2005ع

 

صفحو :5

اختر افروز شاهه

همت مردان

 

”امان اسان وٽ به.... روبيءَ وانگر گاڏي ۽ بنگلو هجي ها.... ته آءٌ به روز انهن جيان گهمان ها؟ امان اسان وٽ انهن وانگر نه گاڏي آهي، نه بنگلو؟..... امان، بابا کي چئو نه ته گاڏي ۽ بنگلو وٺي.... پاڻ ان ۾ چڙهي ماسيءَ وارن جي گهر هلون؟!“

اهو سوال منهنجي اٺن سالن جي ڌيءَ جو هو... آءٌ ان معصوم کي ڪهڙو جواب ڏيان ته اهي شيون پنهنجي حيثيت کان مٿي آهن.... مون ان کي ٽارڻ لاءِ چيو ”ها ها، ڇو نه تنهنجو بابا گاڏي وٺندو. ۽ منهنجي ننڍڙي گُڏيءَ کي پاڻ سان گاڏيءَ ۾ ضرور چاڙهي گهمائيندو!“

”مون ته تسليءَ لاءِ پنهنجي ڌيءَ سان بهانو ڪري دلاسو ڏئي ڇڏيو. پر مان سوچيان پئي ته هن معصوم کي ڪهڙي خبر ته سندس بابا هڪ ڪلرڪ آهي، سو اسين سندس پگهار مان پنهنجي پيٽ گذران مس ٿا ڪري سگهون..... ته گاڏي بنگلو ڪٿان ٿا وٺي سگهون! پر خوابن ۾
ضرور ڏسي سگهون ٿا ۽ سوچي سگهون ٿا!“

سڀ نصيب جون ڳالهيون آهن جو.... پنجن ڀيڻن مان فقط آءٌ غريب هيس چارئي منهنجو ڀيڻون.... امير ۽ وڏن ماڻهن جي گهرن ۾ پرڻيل هيون! انهن جا مڙس به وڏين وڏين پوسٽن تي هئا..... پوءِ منهنجين ڀيڻن سان ڪهڙو مقابلو منهنجو..... چوڻ ته مان انهن جي وڏي ڀيڻ آهيان پر شايد منهنجو نصيب سٺو ڪو نه هو!

فقط انڪري جو آءٌ سڀني ڀيڻن کان شڪل ۾ سادي هيس. جيڪو رشتو ايندو هو منهنجي ڀيڻن کي پسند ڪري ويندو هو...... امان، ۽ بابا ويچارا پريشان ٿي ويندا هئا؟ ڇو ته آءٌ سڀني کان وڏي هوندي هيس. سو چاهيندا هئا ته پهرين منهنجي شادي ٿئي!

بابا هڪ پرائمري ماستر هو... ٻيو پٽ جهڙي نعمت کان محروم انڪري بابا جو اسان سڀني ڀيڻن ۾ ساهه هوندو هو.... مون کي پهرين سڀ کان وڏي اولاد هئڻ جي حيثيت ۾ تمام گهڻو ڀائيندو هو منهنجي هر مرضي ۽ هر ڳالهه پوري ڪندا هئا..... ان ڳالهه تي منهنجيون ننڍيون ڀيڻون امان ۽ بابا سان سدائين پيون ڪاوڙبيون هيون. توهان اديءَ کي ڀانيون ٿا باقي اسان کي نه ......... بابا، سڀني کي ڀاڪر پائي پائي کلي چوندو هو. ”توهان سڀ منهنجيون پياريون ڌيئرون آهيو. پر صائمه منهنجي ڌيءَ نه پر پٽ آهي!

بابا ۽ امان جو خيال هو ته پهرين صائمه جي شادي ٿئي. جي صائمه جي پهرئين شادي نه ٿي ته ماڻهو الائي ڪهڙو مطلب ڪڍن ۽ منهنجي صائمه ائين ڪنواري نه ويهي رهي.

ڀلا آءٌ سادي شڪل جي مون کي ڪير پسند ڪندو؟! جيڪو رشتو ايندو هو. اهو منهنجي ڀيڻن کي پسند ڪري ويندو هو.

بابا، جن سخت پريشان هئا.... هڪ ڀيري تمام وڏن ماڻهن جو رشتو آيو، ماڻهو به سٺا ۽ ڇوڪرو به، وڏي شاندار پوسٽ تي هو. بابا ۽ امان اهو رشتو هٿان وڃائڻ نه ٿي چاهيو... ٻڏ تر ۾ هئا ته هاڻ ڇا ڪريون؟ رشتو موٽي وڃڻ جي ڪري منهنجو ڀيڻون به مون کان ناراض رهنديون هيون!

خاص ڪري مون کان ننڍي ڀيڻ عظميٰ مون کي پنهنجي راهه جي رڪاوٽ سمجهندي هئي هڪ ڏينهن نيٺ مون امان ۽ بابا کي چيو ته توهان عظميٰ جو رشتو ڪري ڇڏيو. امان، بابا پهرين ته راضي نه پئي ٿيا پر مون سمجهايو مان ته ائين منهنجي ڪري توهان ڪيترا رشتا موٽائيندا رهندا؟ ائين ته پوءِ رشتا اچڻ ئي بند ٿي ويندا. پوءِ سڀ ويٺيون هونديون. آخر منهنجي ڪري ڪيترا رشتا موٽائيندا؟ منهنجو ڀاڳ مونسان نيٺ منهنجن دليلن بابا ۽ امان کي قائل ڪري وڌو. ائين عظميٰ جو رشتو ٿي ويو. پوءِ هڪ ٻئي پٺيان سڀني ڀيڻن جا رشتا ٿي ويا ۽ سڀ منهنجون  ڀيڻون.... پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ خوش هيون!

امان جن جي منهنجي لاءِ پريشاني وڌندي وئي........ امان ان ڳڻتيءَ ۾ بيمار رهڻ لڳي.... آخر منهنجي لاءِ به بابا جي پري جي مائٽن مان رشتو آيو. پر بابا ۽ امان اتي منهنجو رشتو ڪرڻ نه پئي گهريو ڇو جو ڪامران اسان وانگر غريب ڪلرڪ هو. امان بابا چاهيو ٿي ته منهنجو رشتو منهنجي ڀيڻن جيان وڏن ماڻهن ۾ ٿئي. پر جي ائين هجي ها ته پهرئين منهنجي شادي نه ٿئي ها ايترا رشتا ڇو موٽي وڃن ها؟!

امان جي سمجهائڻ تي بابا کي مجبورن راضي ٿيڻو پيو. آخر به ته ٻي واهه ڪانه هئي. بابا به امان وانگر منهنجي شاديءَ جي فڪر ۾ بيمار رهڻ لڳو هو.

آخر منهنجي شادي ڪامران سان ٿي وئي..... ڪامران نيڪ ۽ شريف هو رشوت وٺڻ کي به خراب سمجهندو هو..... لازمي آهي حال آهر مون کي به پنهنجي مڙس جي خوشيءَ ۾ خوش رهڻو هو.

آءٌ پنهنجي گهر ۾ خوش هيس...... پر ٻارن کي ڪهڙي خبر ڇا حالت آهي. ڪيئن پيو وقت گذري معصوم ٻارن کي ڪهڙي خبر ته پئسا آهن يا نه.... انهن کي ته ٻين جهڙيون شيون کپن. جيسين بابا امان حيات هئا تيسين ڀيڻون مون کي ڪجهه ڀائينديون هيون. پر بابا امان جي دنيا مان وڃڻ سان گڏ انهن جي اکين تي پنهنجي وڏ ماڻهپي ۽ پئسي جو غرور چڙهي ويو هو..... مون سان هروڀرو ڪانه پوندي هين. ڇو جو چارئي ڄڻيون بنگلن گاڏين واريون سندن ٻار به سٺن انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهندا هئا سندن اٿڻ ويهڻ به اسٽينڊر وارن ماڻهن سان هو. سو مون جهڙي غريب ڪلرڪ جي زال سان انهن کي رکڻ ۽ پنهنجي ڀيڻ سڏائڻ پنهنجي بي عزتي ٿي محسوس ڪيئون. آءٌ به انهن کان پري رهندي هيس. مون سان ڀيڻن جو اچڻ وڃڻ، ڪنهن خاص موقعي تي ٿيندو هو. غربت جي ڪري هنن جو مون سان غيرن وارو رويو هوندو هو. پاڻ ۾ چارئي جٽ هيون. مون کي به پنهنجي خودداري پياري هئي. آءٌ به ڪا کائن گهٽ ڪانه هيس. غريب هيس ته ڇا ٿيو. هيس ته سندن ئي ڀيڻ.

”هن جديد ترقياتي دور جو الميو آهي ته پئسي هتي رشتن ناتن جي سڃاڻپ ختم ڪري ڇڏي آهي! ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي.... هڪ ماءُ هڪ پيءَ جي هوندي به هن پئسي جانب جدا ڪري ڇڏيا آهن. ڀاءُ ڀاءُ کان، ڀيڻ ڀيڻ کان پري! سچ چيو اٿن ”ناڻو نينهن ٽوڙ آهي“ چوندا آهن ته:

”مٽن ڇڏيون مائٽيون، سڱن ڇڏيو ساهه،

اهڙو لڳو واءُ، جو کيڪارڻ کان به ويا.“

انهيءَ ناتي رشتن ۾ وڇوٽيون وڌيون آهن. ڪوشل غريب نه ٿئي، پوءِ پئسي واري مائٽ کي غريب مائٽ مان ڌپ پئي ايندي. ائين غريب کي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪريو ڇڏين. اڄ ڪلهه شريف ماڻهوءَ وٽ پئسو ڪٿان آيو، پئسو آهي انهن وٽ جيڪي رشوتي آهن يا چور بازاري ٿا ڪن، يا جي ٺڳيون ٿا ڪن. شريف  ماڻهو ته پنهنجي اشرافت ۽ عزت ايمانداريءَ جي ڪري پٺيان رهجي ويو آهي. اسان جهڙا سڄي عمر ڪمائين ته به انهن جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهون. ايمانداريءَ تي ته بنگلو نه گاڏيون ٿينديون. اڄ جي دور ۾ پئسي جي پٺيان ڊوڙ ۽ ديکا ديکي لڳي پئي آهي..... هر ڪو پئسي جي زور تي هڪ ٻئي کي نيچو ڏيکارڻ ٿو چاهي..... ڏاڍو ڏکيو وقت آهي.

”ڳالهه پئي ڪيم منهنجين ڀيڻن جي، انهن کي منهنجي ٻارن جو اچڻ پاڻ وٽ ڏکيو پيو لڳندو هو. آءٌ رهيس غريب، نه مون وٽ گاڏي نه اسين ڪي سٺا اوچا ڪپڙا پائي وڃون، جو انهن کي ٻين سان اسان جو تعارف ڪرائڻ ۾ فخر محسوس ٿئي. ان وقت مون کي ۽ منهنجي ٻارن کي ائين نظر انداز ڪنديون آهن. ڄڻ انهن سان منهنجو ڪو رشتو ئي نه هجي. ڪيئن ٻين کي مون غريب ڀيڻ جو ٻڌائي پاڻ کي ماڻهن اڳيان شرمسار ڪن. ڏک کان منهنجون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي اينديون آهن.

”پنهنجو پاڻ کي چوندي آهيان، صائمه ڇو تون هتي پنهنجي بعزتي ڪرائڻ ٿي اچين؟ پر ڇا ڪريان متان منهنجا ساهرا سمجهن ته ڀيڻون هن وڏي ڀيڻ کي پڇن ڪونه ٿيون. چوندا آهن ته ننگ جون پاڙون دوزخ ۾، سو مون سان به اها ڪار آهي.

”متان ماڻهو سمجهن ته وڏي ڀيڻ ننڍين ڀيڻن کي ماءُ پيءُ کان پوءِ پڇي ڪانه ٿي، ڇا ڪريان پر انهن کي مون وڏي ڀيڻ لاءِ نه محبت هئي نه عزت!

”عظميٰ جي ڌيءَ جي مڱڻي هئي، سو عظميٰ دعوت ڏيڻ آئي. آءٌ ڏاڍي خوش ٿيس ته عظميٰ ڪيئن مس مس منهنجي گهر آئي آهي، پر مون کي خبر ڪانه هئي ته منهنجي ڀيڻ دل ڏکوئڻ آئي آهي.

”آپي مان توهان کي دعوت به ڏيڻ آئي آهيان، پر جي هڪڙي ڳالهه چوان دل ۾ نه ڪجان. منهنجي ڌيءَ جي مڱڻي تمام وڏن ماڻهن ۾ پئي ٿئي. آءٌ نه ٿي چاهيان ته تون مڱڻي ۾ اٻالي اچين. آءٌ توکي پئسا ٿي ڏيان. تون ۽ ٻار سٺا ڪپڙا وٺي سبائي پائي اچو. آخر منهنجي عزت جو سوال آهي. منهنجا ٿيڻ وارا سيڻ ڇا سوچيندا ته هن جي ڀيڻ صفا غريب آهي، سو مون کي پنهنجي گهٽتائي ڪرائڻي ڪانه آهي، پر آپي تون دل ۾ نه ڪجان!“

مون کي ايڏو ڏک ٿيو جو مون سمجهيو منهنجي دل بيهي رهندي. مون چيومانس ”عظميٰ اسين غريب ضرور آهيون پر فقير ڪونه آهيون. سٺو ٿيو جو ڪامران گهر ۾ ڪو نه هو، تنهنجون اهي ڳالهيون ٻڌي ان کي ڪيڏو نه ڏک ٿئي ها. اسان جي اچڻ سان تنهنجي بي عزتي ٿيندي ته اسين کڻي نه اينداسين!“

”آپي توکي ڪاوڙ وٺي وئي. مون ته فقط اهو ٿي چاهيو ته توهان ٺيڪ ٺاڪ ٿي ايندا ته توهان جي به عزت ٿيندي، منهنجي به عزت ٿيندي. عظميٰ ائين چئي نخرن سان رواني ٿي. سڄو ڏينهن مان رنس. ٻار ويچارا الڳ پريشان ته امان کي ڇا ٿيو آهي؟!

شام جو ڪامران آفيس مان آيو، منهنجي شڪل ڏسي پريشان ٿي ويو.

”ڇا ڳالهه آهي. تون پريشان پئي ڏسجين، بيو ته خير آهي؟!

”آءٌ به ڏک ۾ ڀري ويٺي هيس. سو سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي مانس، ڪامران مون کي سمجهائيندي چيو، ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، عظميٰ ته هئي بي عقل. تون ان کي آرام سان سمجهائين ها، ته ائين ڪنهن جي دل آزاري نه ڪبي آهي. بس ڳالهه ختم.

ڪامران جي ڳالهه ٻڌي مون کي ويتر ڪاوڙ لڳي وئي، توهان سدائين منهنجين ڀيڻن جو طرف وٺندا آهيو، توهان کي منهنجي بيعزتيءَ جو احساس ڪونه  آهي. آءٌ ته هاڻ پنهنجين ڀينرن سان ڪو رشتو ڪونه رکنديس، هو وڏن ماڻهن جون زالون هونديون ته پنهنجي لاءِ، آءٌ غريب آهيان ته پنهنجي گهر ويٺي آهيان، وٽائن پنيو ڪونه اٿم، الله ڪري هو پنهنجي گهر خوش هجن آءٌ پنهنجي گهر خوش.

ڪامران، مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر منهنجي خودداري کي وڏو ڌڪ لڳو هو، دل اهڙي ڀڳي جو وري انهن جي در تي ڪانه ويس؟ ڇا ڪبو اهڙن رشتن کي، جن ۾ محبت يا خلوص نه هجي. مون کي ۽ منهنجن ٻارن کي احساس ڪمتري ٿيندي هئي. منهنجين ڀينرن جو وڏو ماڻهپو ڏسي پاڻ کي هميشه گهٽ سمجهندا هئا.

مون دل ۾ فيصلو ڪيو ته هاڻي اسان کي هيءُ شهر ڇڏڻ کپي، جڏهن اسان جي انهن جهڙي حيثيت ٿيندي، تڏهن انهن سان مان اچڻ وڃڻ جو رستو رکنديس!

ڪامران کي مون مجبور ڪيو ته هتان پنهنجي بدلي ڪراءِ ته ٻئي ڪنهن شهر ۾ پاڻ هلي رهون. هتي هونديس ته ائين منهنجيون ڀينرون منهنجي دل کي ڏکوئينديون رهنديون. آءٌ هاڻي هن شهر ۾ ڪڏهن به ڪانه رهنديس.

ڪامران مون کي ڪافي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون هڪ به نه ٻڌي. نيٺ ڪامران منهنجي ضد کان مجبور ٿي وڏي ڪوشش سان ٻي شهر ۾ بدلي ڪرائي.

اسين ٻئي شهر ۾ اچي وياسين، ٻارن کي داخلائون وٺي ڏنيون سين.

اسين جنهن هنڌ اچي رهيا هئاسين، اهو تمام سٺو پاڙو هو ۽ اتي جا ماڻهو به قربائتا هئا، اتي پاسي واري گهر ۾ صدوري نالي عورت رهندي هئي. ان جو مڙس ماستر هو، اسان ٻنهي جي سٺي دوستي ٿي وئي. آءٌ اتي اچي خوش هيس.

هڪ ڏينهن صدوريءَ مشورو ڏنو ته سڀ پاڙي واريون گڏجي ڪا وي سي رکون. پوءِ سڀني پاڙيوارين گڏجي وي سي وڌي سين. ان ۾ منهنجو چوٿون نمبر نڪتو، پئسا مليا، صدوريءَ جي مشوري سان اسان بنهي گڏجي بيوٽي پارلر کوليو. سلائي ۽ ڀرت ڀرڻ جو مرڪز پڻ کوليوسين.

الله جي ڪرم  سان اسان جو ڌنڌو ايڏو ڪامياب ٿيو، جو ٻن سالن جي اندر اسان انگلش ميڊيم اسڪول کوليو، سو به ڪاميابيءَ سان هلي پيو. مون پنهنجن ٻارن کي به سٺن اسڪولن ۾ داخل ڪرايو. چئن سالن ۾ اسان پنهنجو بنگلو ۽ گاڏي به ورتي ۽ اهي ئي منهنجون ڀيڻون جڏهن اسان جي خبر پين ته سلامي ڀرڻ لڳيون.

ڪامران ڪڏهن ڪڏهن مون کي چوندو آهي، صائما جي تون همت نه ڪرين ها ته اسين جتي بيٺا هئاسين، اڄ اتي بيٺا هجون ها، چوندا آهن ته: ”همت مردان، مدد خدا.“

شگفته جبين

زندگيءَ جو اپمان

جنمن جا واعدا ڪرڻ کان اڳ ڪڏهن اهو سوچيو اٿئي ته زندگيءَ جي ڪنهن به ايندڙ لمحي تي اسان جو ڪو به اختيار ناهي هوندو. کن ۾ جيون جون سموريون سندرتائون ساهه جي تند سميت ڇڄيو فنا ٿيو پون.....

پوءِ...... پوءِ ڇا جا انجام ۽ ڇاجا واعدا... سڀ ڪجهه بي معنيٰ ۽ اجايو آهي..... سرڪاري اسپتال جي جنرل وارڊ جي بيڊ تي ليٽيل هن انتهائي جهيڻي آواز ۾ مون ڏانهن نهاريندي چيو.

”چري مايوسيءَ جون ڳالهيون ڇو ٿي ڪرين. هرڪو انسان پنهنجي جياپي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو. مون کي يقين آهي ته تون جلد ٺيڪ ٿي ويندينءَ.“

مون هن کي آٿت ڏيندي چيو.

”پر احسن اسان ڪيستائين گمان جي ڪيفيت ۾ مبتلا رهي جيون ۾ دولاب جو رنگ ڀرينداسين پيا.

آخر ڪيستائين پاڻ سان گڏو گڏ مون کي به فريب ڏيندو رهندين.“۾ هو ٻنهي هٿن سان منهن لڪائي سڏڪڻ ٿي لڳي.

”مرڪ.... منهنجو ويساهه ڪنهن اوچتو ٿيندڙ امڪان جي آخري گهڙيءَ تائين برقرار رهندو....“

اهو چوندي مان پنهنجي لهجي جي لرزش گهڻو چاهڻ جي باوجود به لڪائي نه سگهيس. هڪ لمحي لاءِ ته احسن جي مضبوط حوصلي هن ۾ جيئڻ جو هڪ نئون اتساهه پيدا ڪيو، ليڪن ٻئي لمحي هڪ اڻڄاتل خوف هن جي رڳ رڳ ۾ پيهي وڃي ٿو ۽ کن پل ۾ جيون جي سندرتا جا سمورا رنگ ان اڻڄاڻ خوف جي ڪوهيڙي ۾ ڪک پن بڻجي وکري وڃن ٿا. مرڪ جي اکين ۾ اڀرندڙ انيڪ سوالن کان بچڻ لاءِ هو دريءَ جي شيشي مان ٻاهر نهارڻ لڳي ٿو. ڪاريڊور مان مختلف آواز مسلسل ٻڌڻ ۾ اچن پيا. مختلف دوائن، اسپرٽ ۽ فنائل جي گڏيل بوءِ چوڏس پکڙيل هئي.

هن جو ساهه ڄڻ ٻوساٽجڻ ٿو لڳي. ٻي لمحي هو تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو ماربل جي ٺهيل چاڙهين تان هيٺ لهي اسپتال کان ٻاهر نڪري وڃي ٻاهر کليل هوا ۾ ٿوري ديرلاءِ بيهي وڏا وڏا ساهه ٿو کڻي...... جيڪر ساهه کڻڻ ئي زندگيءَ جي علامت آهي ته پوءِ ايڏي هڻ هڻان ڇاجي لاءِ ...

هو اسٽريٽ بلب جي جهيڻي روشني ۾ مين روڊ تي پيادو هلڻ شروع ڪري ٿو. چوڏس هوا ۾ گلن جي هٻڪار واسيل هئي. سڀ ڪو ماڻهو هڪ ٻئي کان لاتعلق ڄڻ ته ڪنهن کي ڪنهن سان ڪا غرض ئي ناهي. سڀ ڪو پنهنجيءَ ۾ پورو ڪنهن وٽ به ٻئي ڪنهن لاءِ وقت ئي ناهي. سڀ چهرا اجنبي ۽ اوپرا سڀ چهرا هڪ جهڙا بي حس. پوسٽ آفيس جو چونڪ انڪري هو اسٽيشن روڊ جو سڌو رستو وٺي ٿو. جتي دڪانن جون قطارون ۽ مختلف هنڌن تي لڳل سائن بورڊس، رنگين ٽيوب لائيٽس، جي روشنيءَ ۾ جرڪيا پئي. هر سائن بورڊ تي پنجن سالن، ڏهن سالن جي گارنٽي يعني ضمانت جي مهر لڳل. هتي هر شيءِ جي گارنٽي آهي. سواءِ انسان جي . هو ڏکارو ٿي سوچي ٿو.

اوچتو مرڪ جو خيال هانو تي هري ٿو اچيس. جيڪر سڀاڻي چئين وڳي تائين، پيسن جو بندوبست نه ٿيو ته مرڪ جو آپريشن نه ٿي سگهندو ۽ ڊاڪٽرن جو خيال آهي ته مرڪ جي حياتيءَ کي بچائڻ جي لاءِ آپريشن ڪرڻ تمام ضروري آهي ۽ آپريشن لاءِ پئسن جو هجڻ، ان کان به وڌيڪ ضروري آهي. پر جيڪڏهن پيسن جو بندوبست نه ٿيو ته... ته..... ڇا مرڪ مري....... ويندي. من جي پاتال ۾ خيال ٿو اڀريس. پنهنجي ئي خيال تي هڪ لمهي لاءِ ڏڪي ٿو وڃي. ڌرتي ڄڻ پيرن هيٺان ڇڏائجي ٿي وڃيس. انسان پنهنجي جياپي لاءِ وس آهر هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو..... پر.... جيڪڏهن ڪجهه به وس ۾ نه رهي ته.... اکين ۾ پاڻي ڀرجي ٿو اچيس.

هو کيسي ۾ پيل آخري سگريٽ دکائي سموري دونهين کي اندر ۾ اوتي ٿو ڇڏي.... ورهين کان هتي ڪجهه به ناهي بدليو سڀ ڪجهه ساڳيو آهي.... بک، بيروزگاري، بدحالي، غربت تنگدستي، مالي وسيلن جي کوٽ، معاشي الجهنون، ڪجهه به ناهي بدليو. اهي ئي ساڳيون نفرتون، مايوسيون، محروميون، هرڪو انسان ڪنهن نه ڪنهن خوف ۾ ورتل، انسان جو انسان هٿان قتلام، انسانيت جي توهين حيرت آ هن سماج تي. هن سماج تي ٻڌل انهن فردن تي جيڪي درس ڏين ٿا انسانيت جو، محبت جو، امن جو، قرب جو، ليڪن هو احساس کان عاري چهرن تي انسانيت جو نقلي روپ چاڙهي ڏيکارين ٿا. دولاپ جو هڪ نئون دڳ، ها سڀ ڪجهه ساڳيو آهي، ڪجهه به ناهي بدليو.....

اندر ۾ ڄڻ زهر ڀرجي ٿو اچيس. رات جيئن پوءِ ٺرندي ٿي وئي. هو هلندو ٿو رهي. ماڻهن جي هشامن سان گڏ. ليڪن سڀ ڪو هڪ ٻئي کان لاتعلق، چهرن تي انڊلٺ جهڙا نقاب چاڙهي سڀ ڪو پنهنجي ذات ۾ قيد آهي. ڪير به ڪنهن جي درد جي گهرائيءَ تائين پهچي ئي نه ٿو ۽ نه وري من اندر ۾ جهاتي پائي پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.... هتي سڀ ڪو هڪ ٻئي جو معياري آهي. جيڪڏهن اسان سڀ بي ڏوهي آهيون ته پوءِ ڏوهه ڪنهن جو آهي. شايد حالتن جو جن اسان کي اڻ وڻندڙ بڻائي ڇڏيو آهي. محبتن، چاهتن ۽ احساسن جو هڳاءُ ته ڄڻ بي معنيٰ بڻجي ويو آهي.... هو پنهنجي منهن ڀڻڪي ٿو.

جناح روڊ تي ڪجهه ننڊ ۽ ڪجهه جاڳ جي ڪيفيت ۾ ورتل هو رڻ جهاڳيندڙ راهيءَ جيان هلندو ٿو رهي. سڀاڻي چئين وڳي تائين پيسن جو بندوبست نه ٿيو ته..... ان کان وڌيڪ سوچڻ جي سگهه نٿي رهيس.

مرڪ.... مرڪ........ مون تنهنجي زندگيءَ ڪارڻ هر در تي دستڪ ڏني، تولاءِ ڪٿي ڪٿي ناهيان ڀٽڪيو. ڪٿي ڪٿي ناهيان رليو، پر... پر منهنجي بدنصيبي ته ڏس، هر هنڌان ناڪامي، نراسائي پلئه پئي اٿم. مرڪ... خود غرضي ۽ منافقت جي هن دور ۾ ڪير ڪنهن جو ناهي. هتي سڏ ورائڻ بدران منهن لڪائڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهيو وڃي ٿو. مرڪ مون کي معاف ڪري ڇڏجان مان تنهنجي لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهيس. توکي زندگيءَ جو ڪو به سک ڏئي نه سگهيس شاديءَ جي ٻن سالن کان پوءِ نڄاڻ ڪيئن مرڪ کي ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري وڪوڙي وئي هئي. جيڪا صحيح علاج نه هئڻ ڪري وقت سان گڏو گڏ وڌندي ٿي وئي.

انسان ان پل ڪيڏو نه بيوس ۽ مجبور ٿي پوندو آهي. جڏهن هو پنهنجي پيارن کي پل پل موت جي ويجهو ٿيندي ڏسندو آهي. پر انهن لاءِ ڪجهه ڪري ناهي سگهندو. شايد مرڪ به پل پل موت جي...... نه .... نه.... نه دماغ جون رڳون ڦاٽڻ ٿيون لڳنس. من جي ايوانن ۾ ڄڻ ماتم متل هيس.

ان پل صبر جا سڀ پيمانا ڄڻ ڇلڪي پيا هيس. اوچتو هڪ خيال ذهن کي جهنجهوڙي ٿو وجهيس.... منهنجي هجڻ يا نه هجڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي. دنيا جو وهنوار ائين ئي هلندو رهندو.... مان هجان يا نه هجان...... پنهنجي ئي خيال تي هڪ عجيب مرڪ چپن تي تري ٿي اچيس.

گهگهه اونداهه ۾ هو پراڻي ڦاٽڪ جي موڦ ڪاٽي ريل جي پٽڙين تي اچي بيهي ٿو ۽ پل کن لاءِ سانت جو ساهه کڻي ٿو. پريان کان ريل جو آواز ويجهو تمام ويجهو ٿيندو ٿو محسوس ٿئيس.

۽ اچانڪ رات جي پوئين پهرٿئي ٿو. زندگيءَ جو اپمان....

۽ جيون جو انت.... موٽ ۾ حاصل ڪجهه به نه........

ليڪن پل کن پل ۾ ڪجهه فنا سڀ ڪجهه فنا....!

 

طلعت ڪرم علي مرزا

ياسمين

 

ڪيڏي نه سٺي زندگي پئي گذري، مائٽن جي سڪي لڌي ڌيءَ ياسمين ڀائرن جي پياري ڀيڻ، مطلب ته سڄي خاندان جي پياري ڇوڪري، چنچل، ضدي، هر ڳالهه کي مڃائڻ، هر ڳالهه ۾ ضد ڪرڻ، ائين ڪندي ڪندي عمر جون چوڏهن بهارون گذاري آئي، ۽ هاڻ ياسمين جي رشتي جي ڳالهه پئي هلي. آخر رشتو به ٿيو. مڱڻو ٿيو سال ٻن ۾ ئي شادي ٿي وئي. پهرين ته ياسمين تان سڀ پيا صدقي ٿين، پر هاڻي آهي اصل زندگي. ياسمين جو ساهراڻو ڪٽنب تمام وڏو هو. تنهن جي ناتي ڪم به سڀ ڪرڻو پوندو هئس. آهستي آهستي ياسمين جو مائٽن ۾ اچڻ وڃڻ به بند ٿي ويو. جڏهن مڙس نوڪريءَ تي ويندو هو ته ڪپڙا سڪڻا وجهڻ بهاني ڇت تان مائٽ ڏسندي هئي. سال به سال ٻار ڄڻڻ جي ڪري صحت به صحيح نه رهندي هيس. ٻيو ته ماني به پيٽ ڀري نه ملي ۽ مٿان مڙس بگڙندو هو ته بي رحميءَ سان ماريندو به هوس. ليڪن ياسمين ايتري ته صابرين هئي جو ڪڏهن به مائٽن کي شڪايت نه ڪيائين. آخرڪار هنن کان ڌار ٿي ۽ سک جو ساهه کنيائين. سڀ ڪجهه پنهنجي مرضيءَ سان ڪندي هئي. ڪم ڪار به ڌيئرون ڪنديون هئس.

اڄ ياسمين ڇت تي چڙهي مائٽن کي پئي ڏٺو، پنهنجي ڀاڻيجي سان پئي ڳالهايو. اڄ الائي ڇو حسرت سان سڀني کي پئي ڏسي، ڪپڙا ڌوئي، گهرجي صفائي ڪيائين. سڀ ڪم جلدي جلدي پئي ڪري. اڄ به صبح جو سندس مڙس پٺن ۾ مڪون هنيس جو روئي ويٺي. مڙس ڪڏهن به ياسمين کي پنهنجي برابر نه سمجهيو. خير منجهند جي مانيءَ جو ٽائيم ٿيو. ماني کائي باقي رهيل ڪپڙا ڌوئڻ لڳي. هيٺ پاڻي پيئڻ آئي ته ياسمين کي چڪر آيو، چڪر به اهڙو جو ويچاري ويهي رهي ۽ دانهن ڪيائين سور جي ته مٿي ۾ سور آهي. سور به اهڙو جو ڀتين سان ٽڪر پئي هڻي. سڀ اولاد مٿان، مائٽ به اچي ويا. ايتري ۾ ڊاڪٽر آيو. ان چيو اسپتال کڻائي وڃو. اسپتال پهچڻ تي کيس داخل ڪيو ويو. ٻن ڪلاڪن ۾ ياسمين جي زندگيءَ جو فيصلو ٿي ويو ۽ هوءَ پرسڪون ننڊ سمهي رهي. ڄڻ ته هن جي زندگي خواب هئي.

ياسمين جي زندگيءَ جوباب ته ختم ٿيو، پر منهنجي اندر ۾ سوين سوالن جنم ورتو ته آخر عورتن کي مرد گهٽ ڇو ٿو سمجهي؟ جڏهن ته اڄ جي عورت مرد جي برابر آهي. اڄ به شهرن ۾، ڳوٺن ۾ اهڙا گهر آهن جتي ننهن سان ظلم ڪيو ٿو وڃي، جيڪا ڇوڪري مائٽن ۾ خودمختيار هجي ٿي سا هتي (ساهرن ۾) اچي هر شيءِ لاءِ ڇو ٿي سڪي. خاص ڪري گڏيل ڪٽنب ۾ ائين ئي هوندو آهي. پهرين سس اهو حڪم جاري ڪندي ته گيهه ٿورو استعمال ڪجانءِ. اٽو چانور پورا پورا کڻجانءِ. جيڪي حصي ۾ ماني ملي ان کان وڌيڪ نه کڻجانءِ. اهي ئي ڳالهيون جهيڙي جو بنياد هونديون آهن. ياسمين ته اهي سڀ ڳالهيون درگذر ڪري وقت گذاريو. ڇا اڄڪلهه جون ڇوڪريون اهي ڳالهيون برداشت ڪنديون؟ سس، ننهن کي ڌيءَ ڇونه ٿي سمجهي، ان جي ڌيءَ ڌيءَ آهي ۽ ننهن جانور کان به بدتر زندگي پئي گذاري، ائين ڇو آهي؟ پر جي ياسمين سان مڙس جو ساٿ هجي ها ته ائين نه ٿئي ها.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com