سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون نومبر 1995ع

 

صفحو :6

بلقيس بانو

سرجيس تان سُور

ها، ماسي حميده! توهان واقعي انڊيا ۾ رهنديون هيون. مون ماسي حميده جي ڳالهه کي ڪٽيندي حيرت مان پڇيو.

ها امان اسان پاڪستان ٺهڻ کان اڳ انڊيا ۾ ئي رهندا هئاسين. جڏهن پاڪستان ٺهيو ته اسين به ٻين مسلمانن سان گڏ هجرت ڪري هتي آياسين پر هن لڏ پلاڻ ۾ اسان ٻيو ته گهڻو وڃايو پر پنهنجي ماءُ کي به وڃايو. اهو ڏک اڃا تائين منهنجي اندر کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي. ڇو ته ان وقت مان اڪيلي ٿي وئي هئس ۽ تڙ تڪڙ ۾ جيڪو به سامان اسان کي هٿ آيو اهو کنيو ۽ ريل ۾ چڙهي لاهور لٿاسين ۽ اتي هڪ هندوءَ جي جاءِ ۾ رهياسين ۽ ان جي ڀر ۾ جيڪا جاءِ خالي هئي ان ۾ به هڪ ڪٽنب اچي رهيو هو. سو به اسان وانگي انڊيا مان لڏي آيو هو. مان پنهنجي پيءُ سان اڪيلي هڪ اجنبي شهر۾ اچي رهيس. هتي ته منهنجي ماءُ اوڙو پاڙو، گهر هو، مون کي ڪا خبر نه هوندي هئي، ته گهر ڪيئن هلائبو، لاڏلي هئس، ٻيو ڪو ڀاءُ، ڀيڻ به ڪونه هئم. اوچتو هي سڀ ڪجهه، مان پريشان ٿي وئي هئس. ڪجهه سال ته سمجهه ۾ نه ايندو هو. هت سهيليون سرتيون هونديون هيون. هت اڪيلي ٿي وئي هئس.

ماسي ڳالهه ٻڌائيندي ٿي وئي هن جي اکين ۾ پاڻي لهي ٿي آيو. مون محسوس ڪيو ته جيئن ماسي ڳالهه ٻڌائيندي پئي وئي ته منهنجو تجسس به وڌندو ٿي ويو. ماسي ٻڌائڻ لڳي ته امان، هڪ موڪل جو ڏينهن هو. سوير ئي ڪم ڪار لاهي، مان ڪاٺ جي صندل تي ويٺي هئس. ته مون کي محسوس ٿيو ته ڀت ۾ لڳل ڄاريءَ مان ڪير بيٺو آهي ٿورو ڊڄي ويس ۽ اتان اٿي ڪمري ڏانهن ويس، پر ٽن چئن ڏينهن تائين هو لاڳيتو ڄاري مان ڪو بيهندو هو پر ڪجهه ڏينهن گذريا ته هو جاري ۾ نه نظر آيو.

پر الائي ڇو منهنجون اکيون ان جاري کي نهارڻ لڳيون ۽ هڪ ڏينهن اوچتو منهنجي سامهون اچي ويو ۽ مان شرمائي هيٺ اکيون ڪري ڇڏيون، ٻئي ڏينهن انهيءَ گهر مان ئي مون لاءِ رشتو آيو، بابا به مون کان پڇيو ۽ مان به شرم مان ڪنڌ هيٺ ڪيو. بابا منهنجي رضامندي سمجهي اهو رشتو قبول ڪيو. منهنجي شادي سادگيءَ سان ٿي. منهنجي گهرواري جو نالو سليم هو. ٻه ٽي سال ته اسين ڏاڍو خوش هئاسين، پر ٻار نه پئي ٿيو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن ٻار نه ٿيڻ جو احساس وڌندو ويو. ڇو ته سليم کي ٻار ڏاڍا وڻندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن پاڙي جي ٻارن کي ڪڇ ۾ کڻي گهر ايندو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن سليم شام جو دير سان گهر آيو. پر هڪ نوجوان ڇوڪري گڏ هئي جيڪا ڳاڙهي وڳي ۾ هئي ۽ زيورن سان سينگاريل هئي. دل کي ان مهل ئي ڌڪ لڳو. ۽ اهو منظر آءٌ ڏسي نه سگهي هئس ۽ ڪمري ۾ هلي آيس. ۽ پوءِ سليم ڪمري ۾ آيو ۽ مون کي چيائين ته ”حميده مون ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي. فقط اولاد لاءِ، پر منهنجو پيار توسان اهو ئي آهي. ۽ پهرين تنهنجو حق آهي، ڇو ته تون وڏي آهين.“

”مون کي ڪابه ڳالهه قبول نه آهي.“ مون وڏي دانهن ڪئي. ۽ جذباتي ٿيندي هن کان ان مهل ئي طلاق جي گهر ڪئي. مون کي انويل ڪا به ڳالهه نه سجهي ۽ مون اهو فيصلو ڪيو، سليم گهڻو ئي سمجهايو پر منهنجي زندگيءَ جو فيصلو مون اتي ئي ڪيو. گهر ڇڏي ٽانگي ۾ چڙهي پيس. پر سمجهه ۾ نه آيو هو ته ڪيڏانهن وينديس. ڪو به سهارو نه هو. بابا به ڪجه سال اڳ گذاري ويوهو. هاڻ ته ڪير به اوهي واهي نه هو ڪنهن جي گهر وڃان، منهنجي اکين ۾ ڳوڙها بيهن ئي نه پيا. ٽانگي واري جڏهن پڇيو ته مون ازخود اوڇنگارون ڏنيون ۽ مون سڄي ڳالهه ٻڌائي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هاڻ ڇا ٿيندو. پر هيءُ ڪو نيڪ ماڻهو هو جنهن منهنجي مٿي تي هٿ رکيو ۽ پنهنجي گهر وٺي آيو. ۽ پنهنجي زال کي ٻڌايائين. هن عورت به منهنجي بي وسيءَ کي قبول ڪيو. هڪ عورت سمجهي، شروع ۾ ته هوءَ ڏاڍو سٺي هلندي هئي پر وري ٻين پاڙي وارين عورتن جي چوڻ تي لڳي، ۽ انهن هن کي چيو ته تو هڪ اڻڄاڻ عورت گهر ۾ رهائي سٺو نه ڪيو آهي سڀاڻي تنهنجو مڙس ئي هن سان ٺهي ويندو. هوءَ به عورت هئي. پر هنن وٽ ٻيو ڪو سبب نه هئو. هن چوريءَ جو الزام لڳائي مون کي جيل موڪليو پر هن شريف مرد منهنجي گهڻي وڪالت ڪئي ۽ پنهنجي زال کي ان ڳالهه تي مار به ڏني. منهنجو ڪير به ڌڻي سائين نه هو. ڪجهه سال جيل ۾ سڙندي رهيس، ۽ جڏهن جيل ما ڇٽيس اتان جي انسپيڪٽر عورت سان ٿوري ڄاڻ سڃاڻ ٿي ته ان پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ واري سان منهنجو نڪاح ڪرايو. ۽ آءٌ هن پاڙي ۾ پرڻجي آيس، اولاد مون کي هن مان به نه ٿيو پوءِ مون کي اسپتال مان هڪ لاوارث ڇوڪري ملي. جنهن کي مون نپايو. ۽ هيءَ رضيه جيڪا توهان جي سامهون آهي اها مون نپائي آهي. ۽ اها ڳالهه به مون رضيه کان لڪائي نه آهي. ماسي حميده رضيه جي سامهون سموري ڳالهه پئي ڪئي. ۽ مون ماسي حميده جي چهري کي ڏٺو، ۽ رضيه کي ڏٺو جنهن جي اکين ۾ پڻ پاڻي ڀرجي آيو هو ۽ وڌي وڃي ماءُ کي ڀاڪر ۾ ڀريائين ۽ هن ڀاڪر ۾ مون کي لڳو ته ڄڻ ماسي حميده جا سڀ اوجاڳا ۽ ٿڪ لهي چڪا هئا.

ٽڙي پوندا ٽاريئين

ناول قسط نمبر:5

 

رياض: ”دوستي ۾ romance به شامل هوندو آهي.“

رابيل: ”ته ڇا توهان ڪنهن سان به شادي نه ڪندا؟“

رياض: ”بلڪل ڪندس ڇو نه ڪندس.“

رابيل: ”ته پوءِ آخر مونسان ئي ڇو نه؟ توهان ئي ته چيو آهي ته توهان کي مون سان محبت به آهي.“

رياض: اهڙيون محبتون ۽ دوستيون ته اسان جهڙا مرد ڪندا ئي رهندا آهن. باقي شادي مون کي ڪنهن سادي سودي ۽ گهريلو ڇوڪريءَ سان ڪرڻي آهي. ڪنهن اهڙي ڇوڪريءَ سان نه جنهن جو تعلق ميڊيا جي ڪنهن شعبي سان هجي نه ئي فن و ادب سان ڇو ته منهنجي زال کي فقط منهنجو هئڻ گهرجي. اها پبلڪ پراپرٽي نه هجي.“

رابيل: ”توهان جي خيال ۾ اهي مرد بيوقوف هوندا آهن جيڪي نه فقط اهڙين ڇوڪرين سان شادي ڪندا آهن پر سٺي گهرو زندگي به گذاريندا آهن.

رياض: ”هر ڪنهن جو پنهنجو ظرف هوندو آهي مون ۾ ايترو ظرف نه آهي.“

رابيل: ”واقعي....... اهو ته اڄ مون ڏسي ئي ورتو آهي. ته توهان ڪيڏا، ڪم ظرف انسان آهيو. آءٌ توهان لاءِ فقط وقت گذاري جي ساٿياڻي ۽ ڪو رانديڪو آهيان ۽ منهنجا ڪي جذبا ناهن. مون اهو سمجهيو هو ته توهان مون ۾ دلچسپي رکو ٿا ۽ اڳتي مون کي پرپوز ڪندا تڏهن ئي اڄ مون توهان سان کلئي نموني ڳالهايو آهي نه ته جيڪر آءٌ ڪڏهن به ائين نه ڪريان ها. توهان منهنجي اعتماد کي ڇيهو رسايو آهي.“

رياض: ”ڪم آن يار! تون به عام ڇوڪرين  وانگر نڪتئين مون ته سمجهيو هو ته تون آرٽسٽ آهين. وڏي دل واري هوندينءَ، پر تون به سطحي ذهنيت واري نڪتئينءَ. بهرحال پوءِ به آءٌ توکي پنهنجي دوست سمجهندس.“

رابيل: ”شٽ اپ! مون کي تو جهڙن مردن جي دوستيءَ جي نه ته ضرورت آهي ۽ نه ئي زندگيءَ ۾ ڪڏهن پوندي.“

رياض هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو طنز ۽ حقارت سان ڀرپور رابيل کي ائين محسوس ٿيو ته ڪنهن کيس انتهائي بلنديءَ تان هيٺ پستين ۾ ڌڪو ڏنو هجي. هوءَ گهر اچي پنهنجي ڪمري ۾ مٿو جهلي ويهي رهي. سندس دماغ جي اندر ڄڻ گهوگهاٽ ۽ سوساٽ ٿي رهيا هئا. ۽ ڄڻ ڪنن سندس دماغ کي جڪڙي رکيو هجي. هن سوچيو ته ڇا هي اهوئي رياض هو جنهن جا ڊراما ڏسي هوءَ سوچيندي هئي ته هو انتهائي نرم دل، عورت جو احترام ڪندڙ ۽ حساس شخص هوندو. سندس تحريرن ۽ سندس شخصيت ۾ ڪيڏو نه تضاد هو. کيس هن سان محبت هئي نه ئي دلچسپي پر رياض جي رويي کيس اهو محسوس ڪرايو هو ته هو سندس ذات ۾ بي انتها دلچسپي رکندو هو تڏهن ئي هن رياض تي اعتماد ڪندي ايڏو قدم کنيوهو. هن سوچيو:

”ڪهڙي ڪمي آهي مون ۾؟ جاهل ناهيان، بدصورت ناهيان، بدڪردار ناهيان..... بي سليقه ناهيان.... مون وٽ ته انتهائي پيار ڀري دل آهي. نازڪ جذبا آهن. خوبصورت خواب آهن پنهنجي ننڍڙي گهر کي ٺاهڻ جا، سجائڻ جا........ پوءِ .... پوءِ ..... مون کي ڇو ٺڪرايو ويو... هڪ ڇوڪريءَ کي ڇو ايڏو رسوا ڪيو ويو...... اف منهنجا خدا! ڇا آءٌ سڄي عمر اها ذلت وساري سگهنديس... نه ڪڏهن به... نه....“

هوءَ بي اختيار اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي..... ۽ ... پوءِ بي اختيار جنوني نموني اٿي سندس ٺاهيل تصويرون کڻي پٽ تي اڇلائڻ لڳي. پوءِ کيس مليل سرٽيفڪيٽ، ميڊل، ٽرافيون ۽ فوٽو کڻي اڇلائڻ، ڦاڙڻ ۽ ٽوڙڻ لڳي.

نه کپن مونکي اهي!.... ناهن منهنجي ڪم جا!....... آءٌ خراب آهيان.... بدڪردار آهيان.... مون کي ڪوئي قبول نه ڪندو.... نه کپن مونکي هي.....“

سندس گوڙ شور تي سندس ماءُ ۽ ڀاڄايون ڊوڙنديون آيون ۽ پوءِ کيس سندس ڀاڄاين نهايت مشڪل سان قابو ڪيو. ايستائين هوءَ روئندي دانهون ڪندي بيهوش ٿي ڪري پئي. ڊاڪٽر کي گهرايو ويو جنهن ٻڌايو ته کيس ڪو شديد ذهني صدمو رسيو هو ۽ پوءِ کيس سڪون جي انجيڪشن هڻي هليو ويو. ائين ڪجهه ڏينهن سندس طبيعت شديد خراب رهي. ماءُ ۽ ڀاڄاين گهڻوئي پڇيس پر هن ڪجهه به نه ٻڌايو ڪنهن کي پنهنجا دل جا گهاءَ ڏيکاري ها؟..... ڪير سندس ڳالهه سمجهي ها.....!؟ ڪير سندس درد کي محسوس ڪري ها! هوءَ اندر ئي اندر پڄرندي رهي. ٻرندي رهي.... ۽..... پوءِ... ڪجهه وقت کان پوءِ سندس ماءُ جي زور ڀرڻ تي سندس ماءُ جي پسند تي آصف سان شادي ڪري ڇڏي. اتان کان وري عذابن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو. رياض واري تجربي کان پوءِ سندس دل هونئن ئي ايڏي ٽٽي پئي هئي  سندس اعتبار آرٽسٽ ۽ انٽليڪيچوئل طبقي مان هونئن ئي کڄي چڪو هو انڪري هن پنهنجي سوشل لائيف شادي کان پوءِ ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ سندس گهرئي سڀڪجهه هو پر آصف به انهن مردن مان نڪتو جيڪي اعليٰ تعليم حاصل ڪري، ٿري پيس سوٽ پائي، انگريزي ڳاهائي، اعليٰ سوسائٽيءَ جو سمبل بڻيل ڪنهن ڪلب جا ميمبر ٿي بظاهر ماڊرن ۽ کليل ذهن جا لڳندا آهن پر اندران هو اهوئي روايتي سوچ رکندڙ عام مرد هوندا آهن جيڪي ڪنهن اهڙي عورت کي قبول ناهن ڪندا جنهن جي پنهنجي هڪ ڀرپور شخصيت هجي، سڃاڻپ هجي يا سماج ۾ ڪا اهم حيثيت هجي، جڏهن ته رابيل سڀ ڪجه ڇڏي ڏنو هو ۽ اهوئي سمجهيو هو ته واقعي عورت جو اصل مقام هن جو گهر ئي هوندو آهي سوشل سرڪل نه. هن پنهنجي گهر کي تمام خوبصورت نموني سجايو هو جو هرڪو سندس جي سگهڙائپ جي تعريف ڪندو هو. هوءَ آرٽسٽ ته هئي انڪري گهرجي هر هڪ شيءِ ۾ نفاست ۽ آرٽسٽڪ مزاج جو عڪس ظاهر هوندو هو. هن رڌڻو به سنڀاليو ۽ گهر جون سڀ ذميواريون سهڻي ريت کنيون پر پوءِ به آصف هن مان خوش نه هون ڇو ته سڀ ڪجهه ڇڏڻ جي باوجود به سندس سڃاڻپ ته سوسائٽيءَ ۾ هئي....... ۽ .... اها ڳالهه آصف کي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي هئي. جڏهن هوءَ آصف سان گڏ ٿي ٻاهر نڪرندي هئي ته ماڻهو کيس سڃاڻي هن کان آٽوگراف وٺندا هئا يا هن سان ڳالهائيندا هئا ۽ آصف جو تعارف سندس حوالي سان ڪرايو ويندو هو. ته هن جو موڊ خراب ٿي پوندو هو ۽ پوءِ اهڙين ڳالهين تي هو گهر اچي هن سان جهيڙو ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو کيس چوندو هو ته ماڻهو رابيل بابت مختلف ڳالهيون کيس ٻڌائيندا هئا ته رابيل کيس سمجهائيندي هئي:

”آصف، توکي مون تي اعتبار هئڻ گهرجي ڇو ته پنهنجو رشتو ته سڀني رشتن کان وڌيڪ ويجهو آهي. آءٌ پنهنجي سموري شخصيت سميت تنهنجي سامهون آهيان پر توکي مون تي نه پر فقط ڪجهه گندي ذهنيت رکندڙ ماڻهن کان ٻڌل ڳالهين تي اعتبار آهي. آءٌ ته آرٽسٽ آهيان public figure رهي آهيان. پر ماڻهو ته يونيورسٽي ويندڙ، ڪاليج ۾ پڙهندڙ، نوڪري ڪندڙ ته ڇا پر گهرن ۾ هڪ هنڌ ويٺل ڇوڪرين کي ئي نه بخشيندا آهن. “

رابيل شاديءَ کان اڳ ئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر طور appoint ٿي چڪي هئي. آصف کي سندس جاب ڪرڻ تي به اعتراض هو پر هن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ نوڪري ان لاءِ اهم هئي ته رياض واري تجربي کان پوءِ هن جو ذري گهٽ نروس بريڪ ڊائون ٿي چڪو هو تڏهن سندس پيءُ جي دوست ۽ شهر جي سڀني کان وڏي نفسياتي ۽ ذهني ڊاڪٽر احسن کيس دل کي وندرائڻ خاطر اها جاب ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي ۽ شاديءَ کان پوءِ به ڊاڪٽر احسن کيس سمجهايو هو ته هوءَ جيڪڏهن ائين سڀ ڪجهه ڇڏي گهر ۾ ويهي رهندي ته وري نفسياتي ۽ ذهني طور بيمار ٿي پوندي. ان ڪري کيس جاب ڇڏڻ نه گهرجي. پر آصف هن سان روز ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ڪندو هو. ائين هوءَ پنهنجي ڪردار بابت صفايون پيش ڪري ڪري ٿڪجي پوندي هئي. هوءَ ايڏي ته ذهني اذيت ۾ هوندي هئي جو سندس تخليقي ذهن ته الائي ڪيڏانهن ويو هو. هن مصوري ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني پر ڪڏهن اتفاق سان ڪا تصوير ٺاهڻ ويهندي هئي ته آصف جو موڊ خراب ٿي ويندو هو. رابيل کي ائين محسوس ٿيندو هو ته کيس اهڙي سزا ملي هئي جنهن نه کيس جيئڻ ٿي ڏنو ۽ نه ئي مرڻ ٿي ڏنو. سندس ماءُ سندس تڪليفن کي ڏسي اڃا به دکي ٿي ٿي وئي ۽ کيس احساس ٿيو ته هن جي غلط سوچ سبب ئي رابيل کي اهو سڀ ڪجهه سهڻو پئي پيو. ۽ پوءِ جڏهن شان پيدا ٿيو ته رابيل کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خوشگوار تبديلي محسوس ٿي. هن سوچيو هو ته شايد اولاد کان پوءِ آصف جي رويي ۾ ڪا تبديلي ايندي پر هو ته عجيب ذهني مريض ۽ جنوني شخص هو. گهر ۾ جهيڙا ڪنهن سبب جي ڪري ٿيندا آهن پر هو ته بنان سبب ئي لفظن جي تيرن ۽ تلوارن سان رابيل جي پيار ڀري ۽ نازڪ دل کي گهائي وجهندو هو ڇو ته هو انتهائي شڪي مزاج، تنگ نظر ۽ احساس ڪمتريءَ جو ماريل شخص هو جنهن سبب هو معمولي ڳالهين کي مسئلو بڻائي جهيڙا ڪندو هو. هن کي رابيل جي فون ڪرڻ تي به عجيب شڪ ۽ وسوسا پيدا ٿيندا هئا. رابيل جو نوڪري ڪرڻ، ڊرائيونگ ڪرڻ تصويرون ٺاهڻ مطلب ته هر ڳالهه تي کيس اعتراض هوندو هو..... ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ته حد ٿي وئي. آصف رابيل جي ڪردار تي حملو ڪري هڪ اهڙو ته گندو ۽ ڪريل سوچ وارو الزام هنيو جو رابيل جو دماغ ڄڻ صفا سن ٿي ويو. نفسياتي مريضه ته هوءَ ان گهٽيل ماحول ۾ هونئن ئي ٿي چڪي هئي پر هاڻي ته حد ٿي وئي هئي. هوءَ ڪاوڙ ۾ سندس گهران ڪار ڪڍي ماءُ ڏانهن رواني ٿي پر سندس دل ۽ دماغ ۾ آنڌ مانڌ متل هئي ۽ لڙڪ لارون ڪري باربار وهڻ ڪري ڄڻ سندس اکين اڳيان بار بار پردو اچي ٿي ويو. ائين پوءِ تيزيءَ سان هڪ موڙ ڪاٽيندي اوچتو پوءِ هڪ ٻي تيز رفتار ڪار کان بچڻ خاطر هن اسٽيئرنگ کي ٻئي پاسي موڙيو ته ڪار هن کان بي قابو ٿي ڀر ۾ هڪ ديوار سان زوردار نموني ٽڪرائجي وئي ۽ۡ هوءَ شديد زخمي ٿي پئي ۽ پوءِ هوءَ ڪيترائي ڏينهن اسپتال ۾ زير علاج رهي ۽ هوش حواس ۾ نه هئي. هوءَ بچي ته وئي، پر کيس ٺيڪ ٿيڻ ۾ ڪيئي مهينا لڳي ويا. جسماني طور تي ته هوءَ ٺيڪ هئي پر هوءَ جڏهن دنيا جي نظرن ۾ هوش حواس ۾ آئي ته سندس حواسن تي وڄ ڪيرائڻ لاءِ به هڪ خبر موجود هئي ته ان عرصي دوران آصف کيس طلاق نامو موڪلي ۽ پاڻ شان سميت ڪيڏانهن وڃي چڪو هو. سندس ماءُ هن کي پنهنجي گهر وٺي آئي هئي. ان دوران هن جا ڀائر به پنهنجن گهرن ۾ سيٽل ٿي ويا هئا. هن جي ماءُ سندس حالت تي ويتر دکي ٿي اڳي کان به گهڻو بيمار ٿي پئي. هنن مهينن تائين آصف ۽ شان کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ڪجهه به خبر نه پئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن سندس ماءُ کي به هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ هوءَ به گذاري وئي ۽ سندس خواهش ۽ وصيت مطابق جنهن گهر ۾ رابيل پنهنجي سموري حياتي گذاري هئي. شادي شده زندگيءَ جو ڪجهه عرصو ڇڏي. اهو رابيل کي مليو ۽ هوءَ سندس نالي ڪترو ئي بئنڪ بئلنس پڻ ڇڏي وئي. تڏهن رابيل روئي پئي ۽ سوچيائين ته ڇا فقط ڀتين ڇتين سان به گهر نه ٺهندا آهن. گهرن جون رونقون ۽ خوشيون ته گهر جي فردن سان هونديون آهن. پر هاڻي هن گهر ۾ نه ته سندس پيءُ هو ۽ نه ماءُ نه ڀائر هئا ۽ نه ڀيڻون. فقط هوءَ هئي. سندس بيوه ماسي هئي ۽ کيس پاليندڙ  بابا پيرو هو. هن سوچيو ته ڇا پئسي سان هو اهي خوشيون خريد ڪري ٿي سگهي. اهي ٽهڪ، اهي رانديون، اهي شرارتون، اهي مرڪون، اهي رونقون ۽ اهي رشتا جيڪي ڪڏهن هن گهر جي اڱڻ تي هوندا هئا...... ڪجهه عرصو اڳ کيس اها به خبر پئي ته آصف هاڻي آمريڪا ۾ هو ۽ شايد نيويارڪ ۾. هوءَ پنهنجي پٽ لاءِ تڙپندي هئي. روئندي هئي پر سندس وس ۾ ڪجهه به ته نه هو.

فيضان رابيل جي ماضيءَ جو احوال ٻڌي سچ پچ ته انتهائي دکي ٿي پيو ۽ پوءِ کيس چيائين:

”رابيل! آءٌ توهان جي ڏک ۽ اذيت کي دل جي گهرائين سان محسوس ڪري سگهان ٿو پر هاڻي اهو به سوچيو ته جيڪو ٿيو سو ته ٿي چڪو پر هاڻي توهانکي پنهنجي لاءِ ڪو مثبت رستو ڳولهڻو آهي. توهان محض پنهنجي ذاتي ڏک ۾ مبتلا ٿي ٻين جي ڏکن ۽ تڪليفن کي وساري ويٺيون آهيو. بحيثيت آرٽسٽ توهان کي صرف پنهنجائي نه پر ٻين جا ڏک به محسوس ڪرڻا آهن. پنهنجي ذات جي خول مان نڪري ڏسو ته توهان جي آس پاس ڪيڏا ماڻهو ڪهڙن ڪهڙن ڏکن ۾ مبتلا آهن. ڪيترين تڪليفن کي منهن پيا ڏين ۽ ڪيتري اذيت ڀري زندگي پيا گذارين. توهان کي انهن لاءِ به ڪجهه ڪرڻو آهي.“

رابيل: ”آءٌ انهن لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان؟“

فيضان: ”توهان ئي ته انهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگھو ٿيون. خدا توهان کي تخليقي ذهن ۽ هڪ سگهاري ڏات ڏني آهي ۽ هر ڪنهن کي پروردگار اهڙي خوبين سان به نوازيندو آهي. ان مان توهان اهو نٿا سمجهو ته قدرت توهان کان ڪو خاص ڪم وٺڻ ڇاهي ٿي؟“

رابيل: ”ڇا مطلب؟....... آءٌ ڇاتي ڪرين سگهان آخر؟“

فيضان: ”توهان هڪ ڀيرو پنهنجي ذات جي خول مان ٻاهر اچو ۽ ڏسو ته سهي ته اسان جي آس پاس ئي ڪيڏا ڏک آهن؟ غربت آهي، افلاس آهي ظلم آهي جبر آهي، نا انصافيون آهن غلط ريتون ۽ رسمون آهن. انسانن تي انسانن جا ئي ڪيل اذيت ناڪ ظلم آهن. فلسطين ۽ عراق جي ماڻهن جي اذيت ڏسو ڪشمير جي ماڻهن جي ڏکن کي ڏسو.... جتي ڪٿي لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم آهن بربريت آهي اخبارن ۽ ٽي وي تي هر روز شهيد ٿيندڙن جا لاش ڏسو، يتيم ٿيندڙ ٻارن ۽ بيوه ٿيندڙ عورتن جي ڪرب کي محسوس ڪريو. هڪ پاسي انهي ڪرب کي پنهنجي برش جي جنبش سان پينٽ ڪري ماڻهن جي ضمير کي جهنجهوڙيو ۽ ٻئي پاسي دکي انسانن جي درد کي گهٽائڻو آهي. ماڻهن کي ڪا مثبت سوچ ڏيو. اسان ۽ توهان ته الاهي طاقتور انسان آهيون اسان وٽ سوچ آهي، ذهن آهي ۽ ڏات آهي ۽ هاڻي اسان کي برش ۽ قلم جي حرمت رکڻي آهي. اچو ته گڏجي ظلم جي خلاف آواز اٿاريون ۽ ڏکويل انسانيت جي عملي طرح به خدمت ڪريون ڇو ته ماڻهن جي دلين ۾ ئي رب رهي ٿو. انهن ماڻهن جي خدمت وسيلي ئي پروردگار جي ويجهڙائي نصيب ٿيندي. ۽ اهائي دل ۽ روح جي سڪون جي واٽ آهي.“

رابيل: ”پر..... آءٌ پاڻ کي ئي نٿي سنڀالي سگهان دنيا کي جو مقابلو نٿي ڪري سگهان ته ڪنهن ٻئي لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان؟“

فيضان: ”غلط آهي توهان جي سوچ دراصل توهان محروميت جو شڪار ٿي ويون آهيو. توهان هر ڳالهه جو فقط اونداهو پهلو ڏسو ٿيون.. روشن پهلوءَ ڏانهن ڏسو ئي نٿيون. فطري نظارن کي ڏسو. انهن جي سونهن کي محسوس ڪريو. انهن کي پينٽ ڪريو. آسمان ۽ سمنڊ جي وسعتن کي ڪئنوس تي لاهيو، گلن، وڻن، بوٽن، پوپٽن، حسين چهرن ۽ مرڪندڙ ٻارن کي پينٽ ڪريو. تڏهن انهن سمورين تصويرن کي پينٽ ڪندي، توهان پاڻ ۾ هڪ مثبت تبديلي ايندي محسوس ڪنديون ۽ اها خوشگوار تبديلي توهان ۾ اعتماد پيدا ڪندي. واعدو ڪريو ته منهنجن انهن مشورن تي عمل ڪنديون ۽ پاڻ کي بدلائينديون.“

رابيل: ” ڪوشش ڪنديس.“

فيضان: ”۽ عيد جي هنن ڏينهن کي ائين برباد نه ڪنديون ۽ روئنديون نه.“

رابيل: ”هون.“

فيضان: ۽ جڏهن به مايوس يا پريشان ٿيو، اداس ٿيو پاڻ کي بيچين محسوس ڪريو ته مون سان ڳالهائجو. آءٌ توهان کي پورو ٽائيم ڏيندس.“

رابيل: ”هون.“

فيضان: ”واعدو؟“

رابيل: ”ها“

فيضان: ”۽ ..... ها.... پنهنجو خيال رکجو.“ فيضان موڪلائي فون بند ڪئي، رابيل به فون رکڻ بعد پنهنجي دل کي هلڪو محسوس ڪيو۽ ڄڻ دل ۽ دماغ تان بار لهي ويو هجيس.

 ائين پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ رابيل ۽ فيضان هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو ايندا ويا. رابيل جا ڪن هر روز ٽيليفون جي رنگ ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هئا ۽ فيضان به هر ٻئي ٽئين ڏينهن فون ڪرڻ لڳو. اهڙي ريت هڪ رات فيضان ڳالهائي رهيو هو. هميشه جيان پهرين هن پنهنجو تعارف ڪرائڻ خاطر چيو:

”هيلو رابيل! آءٌ.....“ رابيل سندس ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي چيو:

”جي! مون کي خبر آهي..... توهان فيضان پيا ڳالهايو.“

تڏهن فيضان ٽهڪ ڏيندي چيوهو: ”ان جو مطلب ته هاڻي اڳتي مون کي تعارف ڪرائڻ جي ضرورت نه پوندي. هاڻي آواز سڃاڻڻ لڳيون آهيو.“

رابيل: ”مون جڏهن عيد جي ٻئي ڏينهن توهان کي فون ڪئي هئي ته فقط ”هيلو“ چئي فون بند ڪئي هئي تڏهن توهان منهنجي ڳالهايل هڪ لفظ مان ئي منهنجو آواز سڃاڻي رنگ بيڪ ڪري سگهو ٿا ته ڇا آءٌ توهان جو آواز نه سڃاڻنديس؟“

فيضان: ”ٻيو ٻڌايو، هاڻي طبيعت ڪيئن آهي.“

رابيل: ”ڪافي حد تائين بهتر آهي.“

فيضان: ”منهنجو مشوري تي عمل ڪيو توهان؟“

رابيل: ”ها.“

فيضان: ”ڪيئن ڀلا؟“

رابيل: ”مون الاهي عرصي کان پوءِ ڪجهه نيون تصويرون ٺاهيون آهن.“

فيضان: ”تمام سٺو! پر اسان کي به ته ڏيکاريو نه!!

اسين به ته توهان جي فن جي قدردانن ۾ شامل آهيون.“

رابيل: ”ڏيکارينديس ڪڏهن. هن وقت به هڪ تصوير پينٽ ڪري رهي هئس.“

فيضان: ”پوءِ ته توهان کي بلڪل به ڊسٽرب نه ڪبو توهان وڃي تصوير مڪمل ڪريو. آءٌ وري ڪڏهن فون ڪندس! With you best of luck

رابيل به مرڪي ۽ موڪلائي فون بند ڪري ڇڏي ۽ پوءِ ڏاڍي خوشگوار موڊ ۾ مصوري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي.

ڪجهه ڏينهن بعد هڪ رات هن ڏاڍي خوشگوار موڊ ۾ رڌڻي ۾ برياني پئي ٺاهي ته فيضان جي فون آئي هئي هن پڇيو:

”ڪهڙا حال آهن؟“

رابيل: ”ٺيڪ آهن.“

فيضان: ڇا پيا ڪريو؟“

رابيل: ”ڊنر جي تياري.“

فيضان: ”پوءِ ته شايد آءٌ توهان کي ڊسٽرب پيو ڪريان.“

رابيل: ”نه.... نه.... ڪم ته ختم ٿي چڪو هو. مون کي ته خود توهان سان هڪ ضروري ڳالهه ڪرڻي هئي.“

فيضان: ”ڪهڙي ڳالهه؟“

رابيل: ”فيضان! پنهنجي پهرين ملاقات به عجيب طرح سان ٿي هئي اسان کي هڪٻئي سان ملندي به ٻن سالن کان مٿي عرصو پيو ٿئي پر... اڄ ڏينهن تائين توهان جو رويو ڪجهه واضح نه ٿي سگهيو آهي.“

فيضان: ”ڇا مطلب؟“

رابيل: ”مطلب ته پهرين ملاقات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آءٌ توهان جي ڳالهين ۽ رويي ۾ ڪو خاص احساس محسوس ڪندي رهي آهيان.“

فيضان: ”ڇا مون ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا توهان کي اڻوڻندڙ لڳي هجي؟ ڇا مون اڄ تائين اهو سڀ ڪجهه چيو آهي جيڪي نوانوي(99) سيڪڙو مرد عورتن کي چوندا آهن؟“

رابيل: ”ٺيڪ آهي. چيو ته ڪجهه به ڪونهي پر محسوس ضرور ڪرايو آهي، اڄ توهان کي اهو تعلق يا احساس واضح ڪرڻو ئي پوندو ته ڇو آخر توهان هر ٻئي ٽئين ڏينهن فون ڪريو ٿا؟ توهان آخر مون کان ڇا ٿا چاهيو؟“

فيضان: ”رابيل! ان تعلق کي آءٌ دوستيءَ .......(هلندڙ)

 

شبانه سنڌي

جيون_ هٿ، درد ريکائون

 

”فجر جي ٻانگ آئي ته ان سان گڏ ئي ننڍي ٻار جي روئڻ جو آواز اڀريو. نمي، جيڪا رڌڻي ۾ ويهي ماءُ جي لاءِ دعائون گهري رهي هئي سا هڪدم اٿي بيٺي ۽ رڌڻي مان نڪري ڪمري جي دروازي وٽ اچي بيٺي. ٿوري دير کان پوءِ دائيءَ سڏ ڪيس. نمي، او نمي، ڌيءَ ڀينڙي ڄائي اٿئي وڃي ڪوٺيءَ مان ڀيڻ جا ڪپڙا ته کڻي اچ. دائيءَ جي ائين چوڻ تي هوءَ اهو سوچيندي ته ”هاڻي اسين ٻه ڀينرون ٿي ويون سين.“ خوش ٿيندي ڪوٺيءَ مان ننڍڙيءَ جي ڪپڙن واري ڇٻي کڻي آئي. دائيءَ ننڍڙيءَ کي وهنجاري ڪپڙا پارائي ماڻس جي ڀر ۾ سمهاريو ته هن ماءُ جي منهن ۾ نهاريو. تڪليف ۽ پيڙا کان ماڻس جو چهرو صفا هيڊو ٿي ويو هو. هوءَ ڪافي ڪمزور ٿي وئي هئي. دائيءَ جلدي جلدي باقي ڪم به اڪلايو ۽ پوءِ اوٻاسيون ڏيندي اهو چئي اٿي ته سڄي رات ويهي گذاري اٿم. هاڻ ننڊ پئي اچيم، سو امڙ مان وڃان ٿي. وري سج اڀرئي کان پوءِ اينديس. دائيءَ جي وڃڻ کان پوءِ نمي ما ءُ جي ڀرسان ٿي ويٺي ۽ ننڍڙيءَ کي غور سان ڏسڻ لڳي.

ڪنهن جهڙي آ الائجي؟ نميءَ دل ئي دل ۾ سوچيو. اوچتو، نميءَ جي نظر ماءُ جي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن تي پئي ته هوءَ ڇرڪي پئي.

”امان، روئين ڇو پئي!؟“ هن، معصوميت مان پڇيو. ”بس ائين ئي اکيون ڀرجي آيون.“ سندس ماءُ ڳوڙها اگهندي چيو.

”ائين ئي ڪيئن امان، مون کي ٻڌاءِ نه ته تون ڇو روئي رهي آهين؟“ نميءَ، ماءُ جي هٿ تي پنهنجو ننڍڙو هٿ رکي ڇڏيو.

”نمي، اهي ڳوڙها تنهنجي ڄمڻ تي به وهيا هئا. اهي ڳوڙها، منهنجي ڄمڻ تي منهنجي ماءُ جي اکين مان به وهيا هوندا. شايد اهي ڳوڙها، ڌيءَ ڄمڻ تي هر ماءُ جي اکين مان وهندا آهن.“ نميءَ جي ماءُ چيو. ”پر امان، تون ته ٻڌائيندي آهين ته ”منهنجي ڄمڻ تي تون خوش ٿي هئينءَ.“ نميءَ معصوميت مان پڇيو.

نمي، ناراض ته مان هينئر به نه ٿي آهيان، نه ڌيءُ ڄمڻ جو مون کي ڏک آهي. پٽ ڄمڻ جي مون خواهش ئي ڪٿي ڪئي هئي. مون ته چاهيو پئي ته توهان پاڻ ۾ ٻه ڀينرون ٿي وڃو. هڪ بئي جي ڏک سک جون ساٿياڻيون. ڀاءُ تي ڪهڙو ڀروسو، خيال رکي به الاءِ جي نه! حياتيءَ تي ڪهڙو اعتبار اڄ آهيان سڀاڻي نه هجان ته پوءِ؟؟“

”ائين نه چئه امان“. نمي گهٻرائجي وئي.

”نمي، مون هاڻ سمجهيو آ ته منهنجي ڄمڻ تي منهنجي ماءُ جي اکين مان ڳوڙها ڇو وهيا هوندا. هن کي اڳواٽ ئي منهنجي قسمت جي خبر پئجي وئي هوندي، نه ته مان ته ستن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ هيس.“ نمي جي ماءُ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون.

”۽ امان، منهنجي ڄمڻ تي تنهنجي اکين مان ڳوڙها جو وهيا!؟“ نميءَ سواليه نظرن سان ماءُ ڏانهن ڏٺو. ماڻس منجهي پئي، پر پوءِ بيحد اداس لهجي ۾ چيائين ”نمي، تون جنهن رات ڄائي هئينءَ، ته تنهنجو پيءُ موجود هو ۽ ان توکي ڏٺو هو. پوءِ گهر ڇڏي هليو ويو هو. مون کي پنهنجو ڪو فڪر ڪونه هو پر تو بابت سوچيندي اکين مان ڳوڙها وهي آيا هئا.“

”۽ امان، هينئر تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڇو آيا؟؟“

”نمي، تنهنجي پيءُ توکي ڏٺو هو، پر هن معصوم جو ته پيءُ به موجود ڪونهي. مونکي لڳي پيو ته جيستائين هيءَ سمجهه واري ٿئي مان به نه رهنديس. مان به هاڻي گهڻو وقت جي نه سگهنديس.“

”ائين نه چئه امان، مون کي ڊپ ٿو لڳي.“ نميءَ جي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا. هن ماءُ جي هٿ کي ايترو زور سان جهليو ڄڻ هوءَ کانئس هينئر ئي جدا ٿي رهي هجي!

نميءَ جي ماءُ مريم، اڃا ننڍي هئي ته پيءُ هڪ حادثي ۾ گذاري ويس. وڏو ڀاءُ ڪمائڻ جي لائق هيس ۽ ماڻس به پاڙي وارن جا ڪپڙا سبندي هئي. ائين گهر جو گاڏو پيو گهلبو هو. مريم جي ماءُ پيءُ جي شادي پسند سان ٿي هئي، تنهنڪري نه ته ڏاڏاڻن مان ڪو ماڻهو وٽن ايندو هو نه ناناڻن مان. پٽ جي مري وڃڻ کان پوءِ مريم جو ڏاڏو وٽن آيو هو ۽ کين پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو هئائين، پر مريم جي ماءُ جواب ڏنو هو ته، مڙس جي هوندي توهان نه قبوليو. هاڻي مان به نه هلندس. مريم جا ناناڻا به آيا هئا پر ماڻس انهن کي به موٽائي ڇڏيو هو، ائين چئي ته، مڙس جي جيئري پنهنجو نه ڪيو، هاڻي مون تي قياس کائي آيا آهيو! پر منهنجا ٻچا منهنجو سهارو آهن. ستن پٽن جي ماءُ آهيان، پناهه مليل اٿم پروردگار جي، جيڪو سڀني کي رزق ڏيندڙ آهي.

ستن ڀائرن جي ڀيڻ کي ڀاڳواري سمجهيو ويندو آهي. پر مريم کي نڀاڳو سمجهيو ويندو هو، ڇو جو هن جي ڄمڻ جي ڪجهه عرصي کان پوءِ هنن جو پيءُ گذاري ويوهو. وڏو ڀاءُ ته ڪوٺيندو ئي نڀاڳي هيس. باقي ڀائر به گهڻو ڪو نه ڀائيندا هيس. فقط جمال ئي هن کي ڀائيندو هو ۽ ساڻس گڏجي راند به ڪندو هو.

ڪڏهن ڪڏهن لڪي هن جي لاءِ شيءِ به وٺي ايندو هو. مريم، سمجهه واري ٿي ته محسوس ڪيائين ته سندس ماءُ کي به ساڻس پيار نه هو. هوءَ سڄي گهر جو ڪم ڪندي هئي. صبح جو اٿي ٻنهي ڪوٺين کي ٻهاري ڏيندي هئي. اڳنڌ ميڙيندي هئي. ڳئونءَ جا ڇيڻا کڻندي هئي. ٿانوَ ڌوئيندي هئي. ماءُ کي اٽو ڳوهي ڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڀاڄي وڍي ڏيندي هيس. ڪنهن ڏينهن جي ماڻس ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ويهندي هئي ته به ماڻس سان گڏ ويهندي هئي. هر هڪ ڀاءُ کي ماني ۽ پاڻيءَ جو گلاس کٽ تي رکي ڏيندي هئي.

هڪ ڏينهن، وڏي ڀاءُ جي کٽ تي پاڻيءَ جو گلاس رکندي هن جو هٿ لڏيو ۽ گلاس اونڌو ٿي وڃي پٽ تي ڪريو. پاڻي هارجي ويو ۽ ڀاءُ جي هڪ زوردار چماٽ هن جي ڳل تي لڳي. اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويس پر دانهن نه ڪيائين. داد ٿيڻ جو ڪو آسرو به ته ڪونه هيس. مٿان ماءُ به دڙڪا ڏنا هيس ته ڇوري، تنهنجو ڌيان ڪٿي ٿو رهي. صحيح طريقي سان ڪم ئي نه ٿي ڪرين! ڀاءُ جمال هن جو پاسو وٺڻ چاهيو ته وڏي ڀاءُ ان کي دڙڪو ڏئي ماٺ ڪرائي ڇڏي. هوءَ سڄي گهر جو ڪم ڪندي هئي. رات جو ماءُ کي زور ڏيندي سوچيندي هئي، مان هيترو سارو ڪم ڪريان ٿي، پوءِ به نه امان کي وڻان ٿي، نه ڀائرن کي ڇو!!؟؟ ڏک کان دل ڀرجي ايندي هيس. پر روئي به نه سگهندي هئي. سڀ ڀائر ڪمائڻ لڳا هئا ۽ گهر جون حالتون ڪافي بهتر ٿي ويون هيون. مريم به هاڻي وڏي ٿي وئي هئي. ڀائرن جي گهر ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجو پاڻ کي وڏي رئي ۾ ويڙهي ڇڏيندي هئي. ھن کي ائين لڳندو هو هن جو وڏو ٿيڻ به ڄڻ ڪو گناهه هجي، جنهن کي هوءَ ڀائرن کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. اوڙي پاڙي جون مايون اينديون هيون ته به هوءَ پنهنجي ڇاتيءَ تي رئو ڏئي ڇڏيندي هئي. رئو مٿي تي نه هوندو هيس ته اوگهڙ جو احساس ٿيندو هيس.

هڪڙي ڏينهن مريم ٻڌو، ماڻس پاڙي جي ماسي زليخا کي چئي رهي هئي. ”ادي ڀلو ٿيئي، منهنجي ڇوڪريءَ جو به ڪٿ بلو ڪر. ڪو سکيو ستابو گهر ۽ لائق ڇوڪرو نظر ۾ هجيئي ته مون تي ڪرم ڪجانءِ. مان تنهنجو حق ڪونه رکنديس. سڄي عمر دعائون ڪندي سانءِ.“

اهو ٻڌي مريم سوچيو هو ته ”امان کي منهنجو ڪيترو نه فڪر آهي! ماءُ آهي آخر، مان اجايو پئي سوچيان ته امان کي منهنجو ڪو خيال ڪونهي. ان ڏينهن کان هن خواب ڏسڻ شروع ڪيا.

هاڻي هوءَ رات جو ئي نه پر ڏينهن جو به خواب ڏسندي هئي، الاءِ ته ڇاڇا ويٺي سوچيندي هئي، پر گهڻو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ به، جڏهن هن جي لاءِ ڪو رشتو نه آيو ته مايوس ٿي هن خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا ۽ وري ساڳيءَ ريت بنان خواب ڏسڻ جي ڪم ۾ پنهنجو وقت گذارڻ لڳي.

پاڙي ۾ هن جي عمر جيتريون سمورين ڇوڪرين جون شاديون ٿي ويون ته هن جي ماءُ ڏک مان چيو، ”منهنجي ڌيءُ به هجي ها سهڻي ته ڪڏهوڪي مان ان بار کان آجي ٿي چڪي هجان ها!“ ان ڏينهن هن ڄاتو ته سندس بدصورتي ئي اهو ڪارڻ هو جنهن جي ڪري هوءَ ڪنهن کي نه ٿي وڻي. آئينو کڻي ڏٺائين ته پنهنجي صورت ڏسي اکيون ڀرجي آيس. هوءَ رڳي رنگ جي ڪاري ئي نه هئي پر نه هن جو نڪ سٺو هو ۽ نه اکيون. ڪيتري دير تائين آئيني ۾ ڏسندي ۽ پوءِ آئينو هڪ پاسي اڇالائي سڏڪا ڀري روئي ڏنائين.

اهو جمعي جو ڏينهن هو، ماڻس کي ٻه ٽن ڏينهن کان بخار هو، هوءَ اندر ڪوٺيءَ ۾ کٽ تي ليٽيل هئي، مريم ٻاهر ٿانوَ پئي ڌوتا ته هڪڙي عورت ٻاهرئين دروازي جو پردو مٿي ڪري اندر داخل ٿي ۽ هن کان پڇاڪيائن، ”جبار جو گهر هيءُ آهي؟؟“ ”ها“ مريم صابڻ وارا هٿ ڌوئيندي جواب ڏنو. اها عورت، آڳر ۾ پيل کٽ تي ويهي رهي. ڪڇ ۾ ڇهن ستن مهينن جو ٻار هيس. هيڏي هوڏي نهارڻ کان پوءِ پڇيائين، ”تون جبار جي ڀيڻ آهين ڇا!؟“ ”ها“، مريم حيرت مان ڏانهس ڏسندي رهي.

”تنهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟ مان جبار جي زال آهيان، وڃي ٻڌايئين ته ننهن آئي اٿئي.“

مريم جي هٿن مان ٿانوَ ڪري پيا، آلا هٿ رئي سان اگهندي، حيرت مان ان عورت کي ڏسندي هوءَ ڪوٺيءَ اندر آئي ۽ ماءُ کي ان عورت متعلق ٻڌايائين. پهرين ته ماڻس جا به حوصلا خطا ٿي ويا، پر جلد هن پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ چيائين ته هوءَ ان عورت کي اندر وٺي اچي. پوءِ اها عورت ۽ ماڻس پاڻ ۾ الاءِ ته ڇا ڇا ڳالهائينديون رهيون. رکي رکي  سندن تيز آواز مريم جي سماعتن سان ٽڪرايا پئي. پر هن جي همت ئي نه پئي ٿي ته وڃي سموري گفتگو ٻڌي. هوءَ رڌڻي جي در وٽ بيهي ڪنهن اڻ ڄاتل خوف وچان ڏڪندي رهي. چڱيءَ دير کان پوءِ، ماءُ جو سڏ ٻڌائين ته ڳوڙها اگهي ڪوٺيءَ اندر وئي. ”هيءَ تنهنجي ڀاڄائي آهي، هاڻي هيءَ اسان سان گڏ هتي رهندي.“ ماڻس هن کي ٻڌايو هو ته هوءَ خاموش نظرن سان ڀاڄائيءَ ڏانهن ڏسندي رهجي وئي. ڪڇي هڪڙو لفظ به نه. پوءِ هن کي خبر پئي ته سندس ڀاءُ ٻه سال اڳ لڪ ۾ شادي ڪري ڇڏي هئي. زال کي مائٽن ۾ ئي رهايو هئائين. تازو هنن جي گهر ۾ جهڳڙو ٿيو هو ۽ هنن پنهنجي ڇوڪريءَ کي پاڻ وٽ رهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي هوءَ پڇا ڪرائيندي هتي اچي نڪتي هئي. مريم جي ماءُ کي پهرين ته ڪاوڙ اچي وئي هئي پر هڪدم ڪاوڙ تي ڪنٽرو ڪري ورتو هئائين. هوءَ سياڻي عورت هئي، پٽ جي اهڙي قدم تي ڏک به ڏاڍو ٿيو هيس پر ننهن کي نه قبولي هن پٽ کي وڃائڻ نه ٿي گهريو.

شام جو جڏهن جبار گهر موٽيو ته زال کي ڏسي گهڙيءَ کن لاءِ گهٻرائجي ويو. جڏهن سڄي صورتحال کان واقف ٿيو ته چيائين، ”چڱو ڪيئي جو هيڏانهن هلي آئينءَ“ هيءُ تنهنجو به گهر آهي. اڳي پوءِ توکي هن ئي گهر ۾ اچڻو هو.“ ڀاڻس کي ان ڳالهه جي ذري به پرواهه ڪانه هئي ته ڪو سندس ان عمل جي ڪري ڪنهن کي ڏک پهتو آهي يا ڪو کانئس ناراض آهي. وڏو هجڻ ڪري هن سمجهيو ٿي ته جيڪو ڪجهه هن ڪيو آهي، اهو غلط ٿي نه ٿو سگهي. هو پاڻ ڪمائيندڙ آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪجهه چيو ته هو گهر ڇڏي وڃي ڪنهن بئي هنڌ رهندو. اهو هن سوچي ڇڏيو هو، پر سڀ چپ هئا، ڪنهن به ڪجهه نه ڪڇيو. ڪنهن کي به هن کان جدا نه ٿيڻو هو. آخر هو سڀني جو وڏو ڀاءُ هو ۽ گهر ۾ هڪ ڀاتيءَ جو اضافو ٿي ويو هو ۽ ننڍري ٻار جي ڪري گهر ۾ رونق لڳي پئي هوندي هئي. ڪم ڪار ۾ ڀاڄائي به هنن جو هٿ ونڊائيندي هئي. هوءَ واندڪائيءَ ۾ پنهنجي ننڍڙي ڀائٽيي کي کڻي ويهي ساڻس ڪچهري ڪندي هئي، کيس وهنجاري، ڪپڙا پرائي خوش ٿيندي هئي. اوچتو هڪ ڏينهن سندس ماءُ گذاري وئي، هوءَ رات جو جيئن ستي ته صبح جو اٿي ئي ڪانه! پنهنجي ماءُ جي کٽ کي ڀاڪر پائي مريم اوڇنگارون ڏئي ڏاڍو رني. هن کي شدت سان احساس ٿيو ته هاڻي هوءَ اڪيلي رهجي وئي هئي، ماڻس جي چاليهي تائين ڀاڄائي سندس گهڻو خيال رکيو، پر پوءِ هوءَ ساڳي نه رهي، هن محسوس ڪيو ته ڀاڄايس هن مان بيزار هئي، هوءَ چاهيندي هئي ته پاڻ سڄو ڏينهن آرام ڪري ۽ مريم سڄي گهر جو ڪم ڪري.

ننڍين ننڍين ڳالهين تان وڙهي پوندي هيس، ڇڙٻون ڏيئي ڪڍندي هيس ۽ هوءَ صبر سان پئي سڀ ڪجهه سهندي هئي. نيٺ ڪيترو، هڪ ڏينهن مريم جي صبر جي حد ٿي وئي.

ڀاڄائيءَ چيس، ”مئي تومان اچي ڦاٿي آهيان، هجين ها سهڻي ته ڪڏهوڪو پرڻجي وڃين ها ۽ ٻارن ٻچن واري ٿي وڃين ها، پر تو جهڙي ڪاري ڪوجهيءَ کي وٺندو ڪير؟، ساهي کڻي وري شروع ٿي وئي.

”مان ڀانيان ٿي تون سڄي عمر لاءِ منهنجي مقدر ۾ لکجي وئي آهين. تو مان جان ڪانه ڇٽندي.“ اهڙا الفاظ ٻڌي مريم چپ نه رهي سگهي. واتان نڪري ويو هيس ته، ”ڀاڄائي! قدرت واري مون کي جيڪا شڪل ڏني تنهن ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه! مان پنهنجي ابي امان جي گهر ۾ ٿي رهان. پنهنجن ڀائرن جي سهاري ويٺي آهيان توتي بار ناهيان. منهنجا ڀائر جيستائين چاهيندا مان وٽن رهنديس. تو وانگر ناهيان جو مائٽن جي مرضيءَ بنان مڙس ڪري ڇڏيان!“

ڀاڄايس هن کي ان ڏينهن اهڙي ته مار ڏني هئي جو سنڌ سنڌ سور ۾ وٺجي ويو هيس، پر ڀائرن سان هن ڪابه ڳالهه نه ڪئي، ننڍي ڀاءُ جمال هن جو لٿل منهن ڏسي، ماءُ جو قسم ڏئي پڇا ڪيس ته هوءَ پاڻ تي ضبط ڪري نه سگهي ۽ سڏڪا ڀري روئي پئي. جمال کي جڏهن سڄي ڳالهه جي خبر پئي ته ممڻ مچائي وڌائين. ڀاڄائيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهايائين ته وڏو ڀاءُ مڇرجي پيس ۽ نتيجي ۾ سڀ ڀائر پاڻ ۾ اٽڪي پيا. مريم اواڪا دانهون ڪري گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪين پر ڪنهن به هن جي نه ٿي ٻڌي. ڀائر پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ هوءَ هڪڙي ڪنڊ وٺيو روئي رهي هئي. ڀاڄايس کي به مڙس ٺاهوڪي مار ڏني هئي. اها ننڍڙو ڪڇ ۾ کڻي روئي رهي هئي. پوءِ هن ڀاڄائيءَ کي چوندي ٻڌو. ”هاڻي هانءُ ٺريو هوندس، ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڏانئڻ خوش ٿي آهي!“

ٻئي ڏينهن، سندن وڏو ڀاءُ پنهنجي زال ۽ ٻار وٺي ڌار ٿي ويو. ڪير به کيس روڪي نه سگهيو. سال کان به مٿي عرصو ٿي ويو پر نه هنن ڀاءُ کي ياد ڪيو ۽ نه ئي ڀاءُ هنن جي ڪا خبر چار لڌي. مريم ڪڏهن ڪڏهن ڀاءُ کي ڏاڍو ياد ڪندي هئي. پوءِ اهو سڄو ڏينهن روئندي گذري ويندو هيس. هن گهڻو چاهيو ته ڀائر شاديون ڪن ۽ پنهنجا گهر وسائين. پر ڪنهن به ڀاءُ هن جو چوڻ ڪونه ڪيو. هر ڪو اهو جواب ڏيندو هئس ته، ڇا تون اهو ٿي چاهين ته ادا وانگر، اسان مان به هر ڪو شادي ڪندو هڪ ٻئي کان الڳ ٿي وڃي. جڏهن تون پرڻجي ويندينءَ ته پوءِ پاڻهي اسين به پرڻجي پونداسين. مردن لاءِ زالون کوڙ.

ائين ڪو نه هو ته ڀائرن کي هن جو فڪر نه هو. هن جي قسمت ئي اهڙي هئي جو ڪو مناسب رشتو آيو ئي ڪونه پئي. ڀائرن کي پاڻ لاءِ پريشان ڏسي، هوءَ پاڻ به گهڻو پريشان ٿي ويندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مسواڙ تي هنن وٽ هڪڙو ماڻهو اچي رهيو. هنن مٿيو ڪمرو ان کي ڏئي ڇڏيو. هو نه ته ايترو گهڻو خوبصورت هو ۽ نه بدصورت. پوري ساري شڪل وارو وڏي عمر جو ماڻهو هو. نه ڪنهن سان گهڻو ڳالهائيندو هو ۽ نه ڪنهن ڪم ۾ دخل ڏيندو هو. گهڻو ڪري هنن جو هڪ ٻئي جي سامهون اچڻ ئي ڪونه ٿيندو هو. ها، ڪڏهن ڪڏهن هو ٻاهر پيو نڪرندو هو ته مريم ڏسي وٺندي هيس. يا وري شام جو مريم ٻاهر کٽون پئي رکندي هئي ته هو ٻاهران ايندو هو ته ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا هئا ۽ بس هن جو ڪنڌ هميشه جهڪيل هوندو هو. ٻنهي ڪڏهن به هڪ ٻئي سان نه ڳالهايو هو.

هڪڙي ڏينهن مريم رسيءَ تي ڪپڙا وجهي رهي هئي ته هو ٻاهران آيو ۽ هن جي ڀرسان بيهي تمام آهستي آواز ۾ ڪجھ چيائين: ”تون ڏاڍي سٺي آهين، گهڻن ڏينهن کان مان توکي ڏسي رهيو آهيان. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن عمر ۾ تون ايتري سنجيده ڇو آهين! اداس ۽ چپ چپ ڇو آهين؟ تنهنجي عمر چپ رهڻ ۽ اداس نظر اچڻ واري ٿورئي آهي!“

مريم ڏڪي وئي هئي، ڪپڙا اتي ڦٽي ڪري بنان جواب ڏيڻ جي اندر هلي وئي هئي.

رات جو جڏهن ان شخص جي باري ۾ سوچيو هئائين ته پنهنجي اندر ۾ خوشيءَ جي لهڙ ڊوڙندي محسوس ڪئي هئائين. پهريون ڀيرو ڪنهن مرد هن کي ساراهيو هو. هن جي دل جي سڪي ويل ٽاري سائي ٿي پئي هئي ۽ ان ۾ ڪيترائي رنگ برنگي گل ڦٽي آيا هئا خواهشن جا. ان ڳالهه کي ڪجهه ڏينهن مس گذريا ته هڪ ڏينهن وري هو ساڳي طرح اچي هن جي ڀرسان بيٺو ۽ بيحد اداس لهجي ۾ چيائين، ”مان تنها شخص آهيان، هن دنيا ۾ بنهه هيڪلو ماڻهو ڇا تون مون سان شادي ڪندينءَ؟

هن ڀيري مريم ڏڪي ڪانه هئي حيرت مان ڏانهس ڏسندي رهجي وئي هئي.

”سوچي سمجهي مون کي جواب ڏجانءِ، مان انتظار ڪندس.“

ائين چئي هو مٿي هليو ويو.

پورو هفتو سوچڻ کان پوءِ مريم هڪ اهم فيصلو ڪري ورتو. هن ڄاتو ٿي ته سندس ڀائر ڪڏهن به ان ڳالهه لاءِ راضي نه ٿيندا ته سندن ڀيڻ جي شادي هڪ اهڙي شخص سان ٿئي جيڪو کانئس عمر ۾ ٻيڻ تي وڏو هجي. جيڪو زندگيءَ کان مايوس، ناڪام شخص هجي. هن، هڪ ڏينهن پنهنجي ڀاءُ کي اهو چوندي ٻڌي ورتو هو ته، اسان جي مسواڙي به الائي ته ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، زندگيءَ ۾ ناڪام ٿو لڳي. مون کي ته ڏسندي ئي خوف وٺي ويندو آهي. ڪيڏي نه دهشت آ سندس اکين ۾! هن جا حال ۽ حرڪتون ٻڌائين ٿيون ته، يا ته هو خودڪشي ڪندو يا ڪنهن جو خون! اهو سڀ ياد اچڻ سان مريم سوچي ورتو هو ته هوءَ ان شخص کي خودڪشيءَ کان بچائيندي. ساڻس شادي ڪري هوءَ کيس سنڀالي وٺندي.

رڳي اها ڳالهه به نه هئي. هن پنهنجي ڀائرن جا گهر به آباد ڏسڻ چاهيا پئي. خبر هيس ته جيستائين هوءَ هن گهر ۾ هوندي سندس ڀائر شاديون نه ڪندا. اها به خبر هيس ته هن جي لاءِ هاڻي ڪو رشتو اچڻ ناممڪن ئي هو. هن کي ان سمي، ڀاڄائيءَ کي چيل لفظ به ياد پيا هئا. چيو هئائين، منهنجا ڀائر جيستائين چاهيندا مان وتن هونديس. تو وانگر ناهيان جو مائٽن جي مرضيءَ بنان مڙس ڪري ڇڏيان!

کن لاءِ ارادو بدلائي ڇڏيو هئائين، پر پوءِ هن کي ڀائرن جو ڀلو ان ۾ نظر آيو هو. موقعو مليس ته هن پنهنجي فيصلي کان ان شخص کي آگاهه ڪري ڇڏيو. جنهن رات مريم پنهنجو اباڻو گهر ڇڏيو. هوءَ ڏاڍو رني. گهر جي ڀتين کان به روئي موڪلايائين. پيتيءَ ۾ پيل ماءُ جا ڪپڙا ڪڍي اهي پنهنجي سيني سان لائي سڏڪا ڀري رني. ائين ڄڻ ماءُ کان موڪلائيندي هجي. ڀائرن جو گهر ڇڏي شادي ڪري هوءَ ان شخص سان گڏ رهڻ لڳي. چڱو وقت هو کيس ڀائيندو رهيو ۽ سندس خيال رکندو آيو. پوءِ الائي ڇا ٿي ويس، ڳالهه ڳالهه تي هن سان وڙهڻ لڳو ۽ هن کي مارڻ لڳو. تان جو صفا بدلجي ويو. گهران ڀڄي نڪرڻ جو طعنو ڏيڻ لڳس. هوءَ صبر سان سڀ ڪجهه سهندي رهي،  صبر ڪرڻ جي عادت پئجي وئي هيس. شڪايت ڪرڻ ته سکي ئي ڪانه هئائين.

سندس مڙس هڪڙي مائيءَ جي چڪر ۾ اچي ويو هو. روز چوندو هيس ته مان توکي ڇڏي ڏيندس، ۽ ٻي شادي ڪندس، پيٽ سان ٿي ته هن اهو چوڻ شروع ڪيو، جيڪڏهن ڌيءَ ڄائي ته مان توکي ڇڏي ڏيندس، ۽ پٽ ڄائو ته هن عورت کي ڇڏي ڏيندس.

جنهن رات نمي ڄائي ان رات هو موجود هو. هن جي کٽ ڀرسان بيهي هڪ نظر ڌيءُ تي وجهي، ڪروڌ مان هن ڏانهس ڏسندي چيو هئائين، چيو هو مانءِ ته ڌيءُ ڄڻيندينءَ ته مان توکي ڇڏي ڏيندس. مان وڃان پيو ۽ هي گهر توکي ڏيو ٿو وڃان ته جيئن دربدر ٿيڻ کان بچي وڃين.“ ائين چئي هو هليو ويو هو. ڪجهه مهينن کان پوءِ، هڪ ڏينهن هڪڙو طلاق جا ڪاغذ هن کي در وٽ ڏئي هليو ويو. ان ڏينهن ننڍڙي نميءَ کي ڀاڪر پائي هوءَ ڏاڍو رني هئي ۽ کيس ڀاءُ جا چيل، ان شخص بابت الفاظ ياد آيا هئا ته، ”مون کي لڳي ٿو، يا ته هيءُ خودڪشي ڪندو يا وري ڪنهن جو خون.“ هن جي واتان نڪري ويو هو، ”تون سچو هئين ڀائڙا، تو صحيح سڃاتو هيس. مون کان ئي غلطي ٿي وئي. خودڪشيءَ کان ته مون هن کي بچائي ورتو، پر هو منهنجن جذبن ۽ احساسن جو خون ڪري منهنجي زندگي برباد ڪري ويو!“

سبڻ ڀرڻ جو ڪم ڪري هوءَ پنهنجو پيٽ ۽ نميءَ کي پالڻ لڳي، پر جيئن جيئن نمي وڏي ٿيندي وئي، ضرورتون به وڌنديون ويون. لاچار ٿي هن هڪڙي گهر ۾ ٿانوَ ٻهاري وارو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

نمي اسڪول وڃڻ لڳي، هوءَ نميءَ کي تيار ڪري اسڪول اماڻي پوءِ پاڻ ڪم تي هلي ويندي هئي ۽ واپسيءَ تي نميءَ کي پاڻ سان گڏ وٺيو ايندي هئي. هڪڙي ڏينهن نمي جيئن ئي اسڪول کان موٽي  ته بيحد اداس هئي، پڇڻ تي بيحد معصوميت ما چيائين، ”امان، سڀني ڇوڪرين جا پيءُ آهن، سڀ مون سان انهن جون ڳالهيون ڪنديون آهن ۽ مون کان به پڇنديون آهن پر مان انهن سان ڪنهن جون ڳالهيون ڪريان؟ منهنجو ته ڪو به پيءُ ڪونهي!“

”نه نمي، ائين نه چئه، تنهنجو به بابا آهي“ هن ٻڌايس. ”هو، اسان جي لاءِ ڪمائڻ ويو آهي. جڏهن هن وٽ کوڙ سارا پئسا ٿي ويندا ته هو کوڙ ساريون شيون وٺي واپس ايندو. اهو ٻڌي نمي خوش ٿي وئي هئي. هوءَ، جنهن گهر ۾ ڪم ڪندي هئي اتي فقط زال مڙس رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن انهن جو هڪ مائٽ به وٽن اچي رهندو هو. جڏهن به اهو ايندو هو ته هن کي ڪم ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي. اهو ماڻهو، هن ڏانهن تڪيندو رهندو هو ۽ هن کي گهٻراهٽ محسوس ٿيندي هئي. نوڪرياڻي هئي ڪجهه ڪڇي ڪانه سگهندي هئي. باقي ان شخص جو ائين گهوري گهوري ڏسڻ اصل نه وڻندو هئيس.

اها ستاويهين رجب جي ڀلاري رات هئي. نميءَ آڳر ۾ راند ويٺي ڪئي. هن رڌڻي ۾ ڪم پئي ڪيو ته نميءَ جون خوشيءَ سان ڀرپور رڙيون ٻڌائين، ”بابا اچي ويو، منهنجو بابا اچي ويو.“ هوءَ هڪدم رڌڻي مان ٻاهر نڪري آئي. ڏٺائين ته آڳر ۾ اهو ساڳيو شخص بيٺو هو، ٻنهي هٿن ۾ شامان سان ڀريل ٿيلهيون هيس، جن مان بسڪيٽن جا پڙا نظر پئي آيا. نمي، ان شخص جي ٽنگن سان چنبڙي پئي هئي. هن سمجهيو هو ته سندس پيءُ اچي ويو.

ماءُ تي نظر پوندي ئي خوشيءَ مان چوڻ لڳي، ”امان!، ڏس بابا اچي ويو آهي!“

هن چاهيو ته نميءَ جي اها غلط فهمي دور ڪري، پر ان شخص موقعو ئي نه ڏنس ۽ نميءَ کي پڪ ٿي وئي ته اهوئي سندس پيءُ آهي. ان ڏينهن کان پوءِ نمي هر روز ماءُ کان پڇندي هئي ته بابا ڪڏهن ايندو!؟ ماڻس هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ٻڌائي نٽائي ڇڏيندي هئي. هڪ ڏينهن نميءَ ڏاڍو ضد ڪيو ته تنگ ٿي ماڻس چماٽ وهائي ڪڍيس ۽ نمي کي تيز بخار ٿي پيو. غشيءَ ۾ به هوءَ پيءُ کي سڏي رهي هئي. ماڻس لڙڪ هاريندي رهي. نميءَ جي بخار سبب هوءَ ٻه ڏينهن ڪم تي نه وئي ته ٽئين ڏينهن تي اهو ماڻهو پاڻ اچي نڪتو. نميءَ کي ايترو بخار ڏسي هو به پريشان ٿي ويو هو.

نمي بخار مان اٿي ته ماڻس ريجهائي کيس پيار مان سمجهائڻ چاهيو، ”ڏس نمي! تون سٺي ۽ ڏاهي ڇوڪري آهين نه. هو تنهنجو بابا ڪونهي، پرائو ماڻهو آهي. تنهنجو بابا اچڻ وارو آهي.“

پر نمي اها ڳالهه مڃڻ لاءِ بلڪل به تيار نه هئي. هو ڪڏهن ڪڏهن وٽن ايندو هو ۽ نميءَ جي خوشيءَ خاطر هو کيس اچڻ کان روڪي به نه سهگندي هئي. چڱو عرصو ائين گذري ويو. نمي! هاڻي ڪجهه وڏي ٿي وئي هئي. نه گهڻو ضد ڪندي هئي ۽ نه ئي ماءُ کي تنگ ڪندي هئي. هاڻي هوءَ اهو به سمجهي وئي هئي ته اهو شخص هن جو بابا نه آهي، پر پوءِ به نميءَ جي ان شخص سان دل ٿي وئي هئي، هو، کيس گهڻو ڀائيندو جو هو!

اوچتو ئي اوچتو ان شخص جو اچڻ بند ٿي ويو. نميءَ گهڻو انتظار ڪيو، پر جڏهن گهڻا ڏينهن گذري ويا ته هن ماءُ کان پڇا ڪئي. ان ٻڌايس، ”نمي! پاڙي وارا اعتراض ٿا ڪن ته هو توهان جو ڇا ٿئي، جو توهان جي گهر ۾ ٿو اچي!“

”امان هو اسان وٽ ٿو اچي، ماڻهن جي گهر ۾ ته ڪونه ٿو وڃي، جو ماڻهو ائين ٿا چون“ نميءَ معصوميت مان چيو. نمي، تون ننڍڙي آهين، نه سمجهندينءَ اها ڳالهه، هيءُ سماج نيت جي سچائيءَ کي نه ڏسندو آهي، هتي خلوص جو ڪو به قدر ڪونهي. فقط رشتن کي اهميت آهي ۽ هو، اسان جو رشتي ۾ ڪجهه به ناهي.“ ماءُ جي ائين چوڻ تي نميءَ ڏک مان چيو. ”امان ڇا هاڻي هو ڪڏهن به اسان جي گهر نه ايندو.!!؟“

نميءَ کي ايترو مايوس ڏسي ماءُ چيو، ”هو ضرور ايندو، تون گهٻراءِ نه نمي، هن کي اسان جي گهر اچڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.“

(هلندڙ)

 

ڪجهه ماڻهن کي گرمين جي مند ۾ نڪهير (نڪ مان رت وهڻ ايندي آهي. اهڙن ماڻهن کي مٿي تي ٿڌو پاڻي وجهڻ گهرجي ۽ رت جا به ٽي ڦڙا نڪرڻ کان پوءِ ڪجهه دير ساهه روڪڻ گهرجي

 

نسرين طاهر وفائي

 

گهريلو ڏس

 

بجليءَ جا بٽڻ ڪڏهن به آلن هٿن سان کولڻ ۽ بند ڪرڻ نه گهرجن.

جيڪڏهن بجليءَ جي ڪنهن به مشين ۾ باهه لڳي وڃي ته ان کي ڪڏهن به پاڻيءَ سان نه وسايو پر ان تي مٽي وجهو.

مڇرن، مکين ۽ ٻين جيتن کان بچڻ لاءِ گهر ۾ لوبان جو دونهون ڏيو.

روزانو صبح جو خالي پيٽ هڪ گلاس پاڻي پيئڻ جي عادت وجهجي ته ڪڏهن به قبض جي شڪايت نه ٿيندي.

ليمي جي رس استعمال ڪرڻ وقت خيال رکجي ته ان جو ٻج پيٽ ۾ نه وڃي. نه ته پيٽ ۾ سور ٿيڻ جو امڪان آهي.

ڪوشش ڪجي ته برف جو پاڻي گهڻو نه پيئجي، برف جو پاڻي وقتي طور ته اڃ ختم ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ اڃ کي وڌائي ٿو ۽ معدي ۽ ڏندن کي ڪمزور ڪري ٿو ۽ زڪام جو سبب بڻجي ٿو.

ڏاڙهون کائڻ يرقان، دل جي ڌڙڪي، سيني جي سور، کنگهه ۽ خارش جي بيمارين ۾ مفيد آهي.

پيچش کي روڪڻ لاءِ اسپنگر جي دهي پيئڻ مفيد آهي.

جيڪڏهن ڪنهن کي ”پائيريا“ جي شڪايت هجي ته ڪنهن بازاري دوا استعمال ڪرڻ بجاءِ، سرنهن جو تيل، لاهوري لوڻ ۽ ليمي جي رس ملائي، ڏندن تي ملڻ سان پائيريا جي شڪايت ختم ٿي ويندي.

غلطيءَ سان جيڪڏهن ڪنهن شيشي جا سنها سنها ذرا کائي وڌا هجن ته ان کي تمام گهڻا ڪيلا کارايو، شيشي  جا ذرا نڪري ويندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com