سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مئي 2005ع

 

صفحو :3

مهرالنساءِ لاڙڪ سان ڳالهه ٻولهه

 

ڳالهه ٻولهه رفيعه ملاح

 

شاگردن کي وڌ کان وڌ علم ڏيو، انهن سان پيار سان پيش اچو، انهن کي تعليم سان گڏ تربيت به ڏيو، ڪم کان ڪڏهن به نه گهٻرايو محنت ۾ ئي عظمت آهي.

س: توهان پنهنجي جنم، اوسر، خاندان ۽ تعليم جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟

ج: اڄ کان 45 سال اڳ، منهنجو جنم ”ڀٽ شاهه“ ۾ ٿيو (منهنجي ننڍپڻ ۾ ڳوٺ هو پر هاڻي ترقي ڪري شهر بنجي ويو آهي).

تربيت ۾ ماءُ ۽ ٻئي نمبر ڀاءُ جو گهڻو عمل دخل آهي. جيئن ته اسين ڀٽ شاهه تي ذاڪري خليفا آهيون. ڀٽ شاهه رحه جي مزار تي ٿيندڙ ”سماع“ پڻ منهنجو بابا سائين ۽ چاچا سائين ڪندا هئا، جنهن ڪري سڄو ڏينهٿن مريدي خادمي وارو سلسلو هلندڙ ڏٺوسين.

هر طبقي هر قسم يعني پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، ڳوٺن ۽ شهرن کان ماڻهو ايندا هئا، سڄو ڏينهن ماءُ کي ماڻهن جي جهرمٽ ۾ ڏٺوسين، جنهن ڪري تربيت تي ذڪر ۽ فڪر جو گهرو اثر ٿيو. ايتري مصروفيت باوجود ماءُ، پنهنجي مامتا واري محبت ۽ فرض چڱي طرح نڀايا.

س: ننڍپڻ جي شروعات جا توهان جي يادگيريءَ تي ڪهڙا اثر آهن؟

ج: ننڍپڻ تمام سٺو گذريو چئن ڀائرن جي هڪ ڀيڻ هيس ۽ سڀني کان ننڍي پڻ. اسان گڏيل ڪٽنب ۾ رهندا هئاسين. سوٽ ۽ ماسات گڏ هئاسين. گهر ۾ ماءُ اڪيلي سار سنڀال ڪرڻ واري هوندي هئي ڇو ته منهنجي ماسي جيڪا چاچي پڻ هئي، فوت ٿي چڪي هئي، انڪري سوٽ ماسات هڪٻئي سان بي انتها پيار ڪندا هئاسين. مون کي ننڍپڻ ۾ خبر ڪانه هئي ته ڀائر ڪهڙا آهن يا سوٽ ڪهڙا آهن. گهر ۾ ڀٽائي جي اڱڻ تي کيڏندي ننڍپڻ گذريو. ڳوٺ ۾ ڪنهن جي به گهر وڃڻ جي اجازت نه هئي. صبح جو سوير ڀائرن سان گڏ اسڪول کان سڌو گهر واپس. جيئن ته اسان جي ڳوٺ ۾ انهن ڏينهن ۾ گرلز پرائمري اسڪول ڪونه هو جنهن ڪري ڀائن سان گڏ، ڇوڪرن جي اسڪول ۾ پڙهندي هيس. پڙهائيءَ ۾ بهتر هئس جنهن ڪري استاد تمام گهڻو خيال رکندا هئا. پهرين درجي کان وٺي اٺين تائين ڪنهن به ڪلاس فيلو سان گڏ ڊيسڪ تي نه ويٺس. منهنجي وڏيءَ سوٽ جو پٽ (مرز علي لاڙڪ) منهنجو هم عمر به آهي ۽ ڪلاس فيلو پڻ. اسان کي هڪ ڊيسڪ تي ويهڻو پوندو هو. استادن جي محنت نظرداري هوندي هئي. سليٽ ۽ پٽيءَ جو رواج هوندو هو. روزانو گهران پٽي ۽ سليٽ تي گهران ڪم ڪري اچڻو پوندو هو. جنهن ڪري لکائي پڻ سٺي ٿي. اسان جو هيڊ ماستر مرحوم محرم خان حيدري هوندو هو صرف تڏهن جي فائينل پاس هيس پر هڪ بهترين انتظام سنڀاليندڙ، تعليم سان گڏ تربيت تي پڻ توجه ڏيڻ وارو عظيم انسان تمام شفقت سان پڙهائيندو هو. مون کي ياد آهي، صبح جو 7:30 لڳ اسڪول پهچندا هئاسين ته استاد پهرين موجود هوندا هئا. ڪجهه ڀرپاسي وارن ڳوٺن مان غريب ٻار پنڌ ڪري پهچندا هئا جن جو منهن به ڌوتل ڪونه هوندو هو هو هيڊ ماستر جي نگرانيءَ ۾ پٽيوالو نلڪو هلائيندو هو ٻار، منهن ڌوئي ٽوال سان صاف ڪري وارن ۾ تيل وجهي، ڦڻي ڏيندا ۽ اکين ۾ سرمو وجهي پوءِ اسيمبليءَ ۾ قطار ۾ بيهندا هئا. ۽ پوءِ ڪلاس شرو ع ٿيندو. رسيس کان پهرين يا پوءِ ڪو به ماستر ڪلاس مان ٻاهر ڪونه نڪرندو هو. ڪافي ٻيون ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي ڪري اسڪول جو نظام بهترين هوندو هو. ۽ اسان جو اسڪول مثالي هوندو هو. انهن ڏينهن پنجن ڪلاس ۾ اسڪالرشپ جا امتحان ڏيڻا پوندا هئا جيڪي ذهين ٻار هوندا هئا. انهن کي تياري ڪرائي ويندي هئي. اسان جي ڳوٺ مان به سنڌي ۽ اردو پرائمري اسڪول مان ڪجهه ٻارن کي تياري ڪرائي وئي. هالا جي بوائز اسڪول ۾ سينٽر لڳو جتي ڪل 10 ڇوڪريون ۽ ٻيا ڇوڪرا امتحان ڏيڻ آيا، جن ۾ آءٌ پڻ شامل هيس. سختيءَ سان امتحان ورتو ويو. هينئر ڪميشن جو به اهڙيءَ طرح نٿو ٿئي. مهيني ٻن کان پوءِ رزلٽ آئي ته اسان جي ڳوٺ ۾ 3 ٻار پاس ٿيا. آءٌ منهنجو ڀاڻج رمز علي ۽ هڪ اردو ڳالهائيندڙ اسڪول جو ڇوڪرو، سڀ استاد ڏاڍو خوش ٿيا. اسان کي ڪتاب پڻ انعام ۾ مليا. پنج رپيا مهيني جي حساب سان 6 مهينن کان پوءِ 30 روپيا جو چيڪ ايندو هو. ۽ امتحان ۾ پاس ٿيڻ تي 50 روپيا ڪتابن لاءِ ملندا هئا. اها اسڪالرشپ اٺين ڪلاس تائين جاري هئي.

ڀٽ شاهه يونين ڪائونسل طرفان به مون کي ۽ منهنجي ڀاڻج رمز عليءَ کي 5 روپيا مهينو اسڪالرشپ ۽ سالياني امتحان کان پوءِ ڪتاب ملندا هئا. هر سال پهريون ۽ ٻيو نمبر ڄڻ اسان ماسي، ڀاڻج جو هوندو هو.

ننڍپڻ جي محنت، هن مهل تائين ڪم اچي ٿي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ، لکڻ پڙهڻ ۾ لڳيو وڃن ٿا پر خبر ئي ڪانه ٿي پوي.

س: توهان نوڪريءَ ۾ ڪڏهن ۽ ڪنهن جي حڪومت دوران آيون؟

ج: ٻهراڙيءَ ۾ اڳي پڙهيل ڇوڪرين جي ڏاڍي اڻاٺ هوندي هئي. پنج درجا پاس کي به نوڪري ڏيندا هئا. مون 1969ع يا 1970ع ۾ مڊل جو امتحان ڏنو ته مون کي نوڪري ملي ان وقت جنرل يحييٰ خان جو دور (حڪومت) هو. دراصل اسان جي ڳوٺ ۾ ڇوڪرن لاءِ به صرف مڊل اسڪول هو. سو به 1965ع ۾ اسان جي محترم استاد سائين قادن شاهه، ڪوششن سان گورنمينٽ کان منطور ڪرايو، پراڻا سرڪاري ڪوارٽر خالي پيل هئا اتي کوليائين پوءِ جلد ئي، مڊل اسڪول جي 3 ڪمرن ۽ هڪ آفيس تي مشتمل عمارت ٺهي جتي اسان پڻ پڙهيو. صرف 3 ماستر هوندا هئا جيڪي ڪلاس ٽيچر هئا ۽ سڀ مضمون پڙهائيندا هئا. سائين قادن شاهه جي علم سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. مون کي نوڪريءَ لاءِ اجازت به ڪونه پئي ملي پر سائينءَ جن جي ڪوشش سان مون کي پرائمري ماستريءَ جو آرڊر ملي ويو. پهرين ٽنڊي آدم ۾ مليو پوءِ، 1972ع ۾ ڀٽ شاهه گرلز پرائمري اسڪول کليو ته اتي مون کي رکيو ويو مان 72 _ 1970ع تائين P.T.C جو ڪورس پڻ فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪري آيس. پوءِ پڙهائيءَ جو سلسلو به هلندو رهيو ۽ نوڪري ۾ ترقي به ٿيندي وئي.

س: ان وقت سماج جو رويو عورتن جي نوڪري ڪرڻ ڏانهن ڪهڙو هو؟

ج: سماجي ديوارون گهڻو بند هيون جن کي ٽوڙڻ ڏاڍو اڻانگو هو. منهنجي ته پڙهائيءَ تي به گهڻن کي اعتراض هو پر ڀائرن رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي. منهنجي ماءُ کي مجبور ڪيو ويو ته، خاندان تان هٿ کڻي پر منهنجي ماءُ ۽ ڀائرن سڀني ڳالهين کي منهن ڏنو ۽ منهنجو بچاءُ ڪيائون اهڙيءَ طرح آءٌ اڳتي وڌندي رهيس.

س: توهان جي لکڻ پٺيان ڪهڙو رومانس هو جنهن توهان کي اتساهيو؟

ج: ننڍ پڻ کان شاعري پسند هئي سنڌيءَ ۽ اردو ٻئي باقي لکڻ جي پٺيان رومانس ته ڪو ڪونهي، پر الميو ضرور آهي. شروع کان طبيعت حساس رهي آهي. پڙهائي ۽ نوڪريءَ دوران ڪيترائي تلخ تجربا ٿيا روز اخبارن ۾ مختلف مسئلا پڙهندي رهيس جن قلم کڻڻ تي مجبو رڪيو. آءٌ Current issue تي به لکندي آهيان خاص طور ملڪي، قومي ۽ مذهبي ڏهاڙن تي پڻ ضرور ڪالم لکندي آهيان. تعليم عورت ۽ سماجي مسئلا، منهنجو خاص موضوع هوندو آهي. منهنجيون ڪهاڻيون پڻ، حقيقت جي قريب ترين هونديون آهن. شاعريءَ ۾ به اهڙائي موضوع شامل هوندا آهن.

س: اوهان جا پسنديده ليکڪ ڪهڙا آهن؟

ج: عبدالقادر جوڻيجو، نورالهديٰ شاهه.

س: اوهان جا پسنديده شاعر ڪهڙ آهن؟

ج: شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه، سچل سائين، استاد بخاري، شيخ اياز، ابراهيم منشي، اقبال ۽ غالب موجوده شاعرن ۾ سائين امداد حسيني.

 س: ڊاڪٽريٽ جو عنوان ڇا آهي ۽ ان عنوان کڻڻ جو مقصد ڇا هو؟

ج: سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ۾ شامل شاهه عبدالطيف رح جي شاعري جو تعليمي جائزو (ڪلاس 12 _ 6) ان عنوان کڻڻ جا هي مقصد هئا ته شاهه جي شاعري شامل ڪرڻ سان، گهربل تعليمي مقاصدد پورا ٿي رهيا آهن. يا نه؟

جيڪڏهن ٿي رهيا آهن ته انهن ڪهڙا سبب آهن؟

استادن، شاگردن ۽ والدين کان الڳ الڳ سوالنامي ذريعي معلوم ڪيو ويو ته جواب اهو ئي مليو ته گذريل 15 يا 20 سالن کان ساڳيا بيت شامل آهن  انهن کي تبديل ڪري، ننڍا ۽ سولي ٻوليءَ وارا بيت شامل ڪيا وڃن. اهو به ڏسڻو هيو ته آيا جهڙيءَ طرح علامه اقبال جي شاعري، عوام ۾ بيداري آندي اهڙيءَ طرح لطيف سائين جي شاعري ءَ جو به گهرو اثر ٿيو آهي يا نه؟

س: سماجي طرح سنڌي ٻوليءَ جي دانشور، ٻين ٻولين جي دانشورن جي ڀيٽ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو  آهي؟

ج: اسان جا دانشور ڪنهن به طرح ٻين ٻولين جي دانشورن يا ليکڪن کان گهٽ ڪين آهن. اسان جي قوم ۾، سياسي سماجي، اقتصادي تبديلي اچي چڪي آهي. موجوده دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جا وڏا دانشور ۽ ڏاها ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڪنهن به طرح ٻين ٻولين جي ڏاهن کان گهٽ ڪين آهن. هو هر طرح سان سماجي پيڙا کي محسوس ڪن ٿا ۽ قلم ۽ عقل ذريعي سماجي سجاڳيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. مظهر الحق صديقي صاحب علم پرور ۽ قدردان آهي. پر هڪ ڳالهه حقيقت آهي ته اسان جلدي ٻين تي ويساهه (اعتبار) آڻيون ٿا. جنهن ڪري ڪافي نقصان ۾ پڻ رهون ٿا.

س: ڇا توهان کي ڪڏهن اهو احساس ٿيو ته عورت بابت سماجي قدرن ۽ روين کي تبديل ٿيڻ گهرجي؟ جي ها ته پوءِ ڪيئن؟

ج: اسان جي معاشري ۾ ڪافي سٺيون تبديليون آيون آهن: اڳي عورت، مرد جي اڳيان ڳالهائي به ڪانه سگهندي هئي. پر هاڻي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورت مردن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. پر اسان جي سنڌ جي ٻهراڙيءَ ورن علائقن ۾ اڃان به عورت مرد جي نا انصافيءَ جو شڪار آهي. ان جو خاص سبب تعليم جي ڪمي شعور جي گهٽتائي  آهي. پر آءٌ ايترو ضرور چونديس ته عورت کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ اخلاقي سرحدون نه اورنگهڻ گهرجن ماءُ پيءُ سماجي قدرن قوم جي عزت، ننگ ناموس ۽ وقار جي احترام کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.

س: توهان هڪ ماءُ محقق، هڪ ليکڪا شاعر، هڪ استاد هوندي زندگيءَ کي ڪيئن جيو ٿيون ۽ ڪيئن ورهايو ٿيون؟

ج: منهنجا ٻار ننڍا هئا ته، لکڻ لاءِ گهٽ وقت ملندو هو پر ٻار وڏا ٿيڻ سان وڏو سک مليو آهي. زندگي ڏاڍي حسين آهي، هيءَ الله جي امانت آهي زندگي ته روئي به گذري ويندي ۽ کلي به گذري ويندي ڇو نه کلي گذارجي. پاڻ لاءِ ته سڀڪو جيئندو آهي، جئي ڪو ٻين لاءِ. اسان جي زندگيءَ تي نه صرف پنهنجو حق آهي پر ٻين جو به آهي. اولاد، مائٽ، ساهرا، پاڙو، سماج هڪ سٺي ۽ مهذب شهري بڻجڻ سان سماج انتشار کان بچي سگهي ٿو. جيڪڏهن هڪ فرد به بگڙي وڃي ٿو ته ان جو اثر ماحول تي پوي ٿو. تنهنڪري پنهنجي حقن ۽ فرضن کي احسن طريقي سان سرانجام ڏيڻ گهرجي. آءٌ هڪ استاد جي حيثيت سان چونديس ته، اسان تي مستقبل جون ذمه داريون آهن. شاگردن کي وڌ کان وڌ علم ڏيو، انهن ساان پيار سان پيش اچو، انهن کي تعليم سان گڏ تربيت به ڏيو. ڪم کان ڪڏهن به نه گهٻرايو،ڪ محنت ۾ ئي عظمت آهي. نصاب جي سرگرمين ۾ ٻار جي مدد ڪري ان کي بهترين بڻايو.

س: اڄڪلهه لکڻ پڙهڻ جي حوالي سان توهان جون ڪهڙيون مصروفيتون آهن.

ج: جيئن ئي وقت ملندو آهي ته، شاعري ڪندي آهيان. يا ڪهاڻي لکندي آهيان. ٻارن کي لکڻ پڙهڻ ۾ مدد ڪندي آهيان.

روزانه ”سنڌو“ ۾ 15 روزه ”سورٺ“ صفحي جي انچارج جي حيثيت سان به لکندي رهندي آهيان.

روزانه ”عبرت“ ۽ هفتيوار ”سنڌو ڊائجسٽ“ لاءِ باقاعدي ڪالم ۽ مختلف موضوعن تي آرٽيڪل لکندي رهندي آهيان.

س: توهان جو نالو مهرالنساءِ آهي فارسي زبان ۾ ”مهر معنيٰ ”سج“ ۽  ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ”مهر“ معنيٰ ”پيار“ توهان ڪهڙيون مهر آهيو؟

ج: مهرباني واري مهر آهيان ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ”مهر“ جي معنيٰ ”ٻاجهه“ آهي. منهنجي امان مون کي ننڍپڻ ۾ ”ماهرو“ چوندي هئي. ماهه پونم (چوڏهين) + رو منهن/ چهرو.

س: توهين پنهنجين سرتين ڀينرن لاءِ ڪجهه چوڻ چاهينديون؟

ج: هڪ دفعي شاهه ڀٽائي، مخددوم محمد هاشم ٺٽويءَ سان ملاقات ڪئي ته ڪچهري هلندي، شاهه سائينءَ پڇيو ته:

”جو مڙنيئان موچارو، سو آهي ڪڄاڙو“

مخدوم صاحب جوان ڏنو ته:

”هڪڙي صحت سرير ۾، ٻيو پرين جو پاڙو“

اديون پنهنجن مٽن مائٽن، پنهنجي قوم ۽ ملڪ کان وڌ سٺي صحت کان وڌ ٻيو ڪجهه به نه آهي.

سڄي زندگي جنهن سوال مونکي پريشان ڪري منهنجون خوشيون ڇني ورتيون هيون، مون کي اڄ ان جو جواب پاڻيهي ملي ويو.... ڇا ٿهر عورت نٿ جو بار انهيءَ ڪري نٿي کڻي ته ٻڍاپڻي ۾ کيس اولاد جو سهارو ملي ....؟ اهو سهارو جيڪو دنيا ۾ خدا کان پوءِ سڀ کان وڏو سهارو ٿئي ٿو.... ماءُ پيءُ جي ٻڍاپي جو بار کڻڻ لاءِ اهڙن ئي مضبوط ۽ محبت ڀريل هٿن جي ضرورت ٿئي ٿي نه....؟ڇا اهو پل اهڙو ناهي، جنهن تي سموري زندگيءَ جا سڀ غم قربان ڪيا وڃن...؟ ڇا عورت نٿ جو بار کڻي گهاٽي ۾ رهي آهي....؟ رهي سگهي ٿي....؟

واجده تبسم جي ڪهاڻي نٿ جو بار تان ورتل

رابعه سهارڻ

بيوٽي ٽپس

 

اونهاري ۾ ٻاهر نڪرڻ سان چمڙيءَ Skin جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي ۽ داڻا(Pimples) نڪري ايندا آهن. مختلف شين مان ٺهيل ماسڪ لڳائڻ سان چمڙي صاف ۽ شفاف ٿي سگهي ٿي.

ايلويرا ماسڪ:

ايلويرا جو جوس ڪڍي ان ۾ گلاب جو عرق ملائي منهن تي هڻجي 20 منٽن کان 25 منٽن تائين پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان منهن ڌوئي ڇڏجي. ائين ڪرڻ سان گرميءَ ۾ به چمڙي فريش رهندي.

(Cucumber)

ولگو:

ونگي جو ماسڪ يا ونگي جوس ڪڍي منهن تي هڻجي. گرمي ۽ ٻاهران اچڻ کان پو چمڙي تي گرميءَ جو اثر نه ٿيندو. اهو ماسڪ به 20 کان 25 منٽن تائين هڻو ۽ پوءِ منهن ڌوئي ڇڏيو.

بيسڻ جو ماسڪ:

هڪ چمچو بيسڻ، هڪ چمچو ڌؤنرو ۽ اڌ چمچو هيڊ انهن سڀني شين کي چڱيءَ طرح ملائي 20 کان 25 منٽن تائين منهن تي هڻو. ان کان پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان منهن ڌوئي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان سج جي تپش کان منهن جي چمڙي بچيل رهندي ۽ توهان جو رنگ به صاف ٿيندو.

 

زاهده بنگش سان ڳالهه ٻولهه

 

زاهده هن جو نالو آهي. قبيلو بنگش. هوءَ ماءُ پيءُ ڀاءُ ڀاڄائيءَ (انهن جي ٻارن سان)، ۽ ڏاڏيءَ سان رهي ٿي. هوءَ هڪ ڪاليج ۾ استاد آهي. پر هن جي هڪ ٻي به سڃاڻپ آهي ته هوءَ هڪ نعت خوان آهي هوءَ نعت خوان آهي هوءَ نعت خوان ڪيئن بڻي؟ ان جي جوابن ۾ زاهد بنگش ٻڌايو ته:

”مان اڃا اسڪول ۾ ئي هيس ته نعت خوانيءَ جي هڪ چٽاڀيٽي ٿي، مون به ان ۾ حصو ورتو ۽ هڪ نعت پڙهي آپا مريم نوحاڻيءَ پوءِ پڇيو ته اها نعت ڪنهن پڙهي. کيس منهنجو نالو ٻڌايو ويو. پاڻ مونکي سڏيائين ۽ ساڳي نعت ٻيهر به ٻڌائين.“

آپا مريم نوحاڻيءَ کي سندس ٻڌايل نعت ۽ آواز ۽ انداز ڏاڍو وڻجيو ۽ سندس همٿائڻ تي هوءَ نعتون پڙهڻ لڳي.

زاهده جي مادري ٻولي پشتو آهي، پر هن پشتو ۾ اڄ تائين به ڪا نعت نه پڙهي! باقي هن سنڌي، سرائيڪي، پنجابيءَ ۽ اڙدو ٻولين ۾ نعتون پڙهيون آهن.

زاهده بنگش کي اها ڄاڻ آهي ته خاص ڪري نعت ۾ صحيح اچار ۽ صحيح سر لازمي آهي ۽ هو انهن جو خاص ڌيان رکندي، نعت کان سواءِ هن نوحا، مرثيا ۽ حمد پڻ پڙهيا آهن حمد، نعت مرثئي، نوحي کان سواءِ به  هن ڪجهه ڳايو آهي ان سوال جي جواب ۾ زاهده چيو:

”ٿيو هيئن جو اها به هڪ چٽاڀيٽي هئي ڳائڻ جي  مون ان  ۾ حصو ورتو ان ۾ به مون کي انعام ملويو پوءِ ريڊيو تي انٽرويو ٿيو منهنجو ۽ اتي ڳائڻ جي آڇ پڻ ٿي پر پوءِ منهنجي استاد سر جمن ٽالپر مون کي چيو ته تون اڃا ٻارڙي آهين سٺي گهر جي آهين تون پنهنجو سمورو ڌيان پڙهائيءَ تي ڏي!“ هاڻي هوءَ صرف ميلاد ۽ مجلس ۾ نعت، حمد، مرثيو ۽ نوحو پڙهندي آهي.

 

هنج ورتل ٻار ۽ ماءُ جو کير

ڳالهه ٻولهه: نجمه پنهور

ماءُ جي کير پيارڻ جي ماهر ڊيبي خالق پنهور سان ڳالهه ٻولهه

هنج ورتل ٻار ۽ ماءُ جو کير

رجسٽرڊ ڊاءِ نيوٽريشن: پريسٽ فيڊنگ ڊيبي خالق پنهور

ماءُ جي کير پيارڻ جي ماهر:

س: توهان پنهنجي باري ۾ ٻڌايو؟

جواب: منهنجو نالو ڊيبي خالق پنهور آهي. آءٌ ۽ منهنجو جيون ساٿي ڊاڪٽر خالق پنهور جي واٽرلي آئيو آمريڪا ۾ رهون ٿا. منهنجو جيون ساٿي پاڪستاني آهي ۽ سنڌ جو رهندڙ آهي. اسان پسند جي شادي ڪئي آهي. آءٌ ۽ خالق هڪ ئي هاسپيٽل ۾ گڏ ڪم ڪندا هئاسين. ۽ شادي جي ڪجهه سالن تائين اسان جي جيون ۾ ننڍڙي ٻارڙي جو هونگارن جو آواز نه هو.

س: توهان ٻار کي هنج ۾ وٺڻ جو فيصلو  ڪيئن ڪيو؟

جواب: ٻار کي هنج ۾ وٺڻ جو فيصلو اسان ٻنهي جو گڏيل فيصلو هو، ۽ اهو اسان ٻنهي لاءِ وڻندڙ ۽ خوشگوار تجربو رهيو. جيئن ته آءٌ رجسٽرڊ ڊاءِ نيوٽريشن ۽ بريشٽ فيڊنگ/ ماءُ جي کير پيارڻ جي ماهر آهيان، ۽ جاب ڪندڙ آهيان. جڏهن اسان ٻار هنج ورتو، تڏهن اسان کي احساس هو ته ٻار کي سڀ کان  بهتر غذا ڏني وڃي. هونئن به نئين ڄاول ٻار لاءِ ماءُ جي کير کان وڌيڪ ڪا سٺي ڪونهي. توهان کي حيرت ٿيندي ته صرف ٽن ڏينهن جي نوٽس تي جهنڊو (ٻارڙو) مليو. اسان ڪا خاص تياري ڪانه ڪري سگهياسين. اسان ٻنهي يعني ڊاڪٽر ۽ مون گڏجي فيصلو ڪيو ته اسان کي ٻار وڻن ٿا ۽ رب پاڪ اڃا اسان تي راضي ڪونهي. نه ڄاڻ ڪڏهن اسان کي ٻار ٿئي. ۽ هاڻ ته ٻاهرين ملڪن ۾ اهو به رجحان وڌي ويو آهي ته گهڻا ماڻهو ٻار هنج وٺن ٿا. ۽ ان ڳالهه کي خراب به نٿو سمجهيو وڃي. غربت يا ڪنهن ٻئي  سبب مائرون خوشيءَ سان ٻار ٻئي جي جهوليءَ ۾ وجهن ٿيون. ان ٻار جو مستقبل ٺهي ٿو پوي. منهنجو ۽ منهنجي گهر واري جو رنگ صاف ۽ ڀورو آهي پر اسان جو ننڍڙو جهندو هڪ شيدي عورت جو ٻار آهي جيڪو بلڪل ڪارو ۽ گهنڊيدار وارن وارو آهي. پرهو هاڻ اسان جي زندگي آهي ان کي پالڻ  انسان سان کيڏڻ ۽ هن جي مستقبل جو فڪر ڪرڻ اسان ٻنهي جي ذميواري آهي.

توهان کي اها ڳالهه به ٻڌايان ته ننڍڙي جهنڊو جي ڪري مون ٻن سالن لاءِ موڪل ورتي آهي جيئن آءٌ ٻار کي وقت ڏيئي سگهان ۽ سٺو پاليان.

هاڻي سوال آهي ته ”بريسٽ فيڊنگ“ يعني ماءُ جو ٻار کي کير پيارڻ ڇو ضروري آهي. اهائي منهنجي جاب جي نوعيت به آهي. انڪري آءٌ چڱي طرح ڄاڻان ٿي ته نئين ڄاول ٻار لاءِ سڀ کان بهتر غذا ماءُ جو کير آهي ماءُ جي کير ۾ پروٽين، وٽئمن ۽ هر اها شيءِ آهي، جيڪا ٻار جي واڌ ويجهه لاءِ اهميت جوڳي آهي ۽ ماءُ جي کير ۾ خاص جزا هوندا آهن. جيڪي ٻار کي خاص ڪري بيمارين کان بچائين ٿا. ماءُ جو کير، فارمولا ۽ ڍڳيءَ جو کير برابر نه آهن.

فارمولا ڪمپنيون اها ڪوشش ڪنديون آهن. پر اهو ممڪن ئي ڪونهي ان لاءِ اسين اهو چاهيون ٿا ته سڀ مائرون پنهنجي نون ڄاول ٻارن کي ڇهن مهينن لاءِ پنهنجو کير پيارين ۽ پاڻيءَ جو ڦڙو به نه پيارين، ڇو ته ماءُ جي کير ۾ پاڻي هوندو آهي. خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ته پاڻي صاف نه هجڻ سبب ٻار مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن.

س: جڏهن توهان ٻار هنج ورتو تڏهن توهان ڇا محسوس ڪيو؟

جواب: جڏهن جهنڊو اسان جي گهر آيو، تڏهن اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي، اسان پنهنجن پيارن پنهنجن دوستن کي جتي جتي هو رهندا هئا. انهن کي اها خوش خبري اي ميل، فون ۽ فيڪس ذريعي ڏني، جيئن اسان پنهنجي خوشي شيئر ڪري سگهون. ٻيو فڪر اسان کي هن جي کير جو هو. اسان سوچي رهيا هئاسون ته ڪٿي اسان کي به ٻين جيان فارمولا ڪمپنيءَ جو کير واپرائڻو نه پئجي وڃي.

جڏهن ماءُ ٻار کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي کير ڏئي ٿي ته ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ هڪ محبت جو احساس جاڳي ٿو. پيار، پنهنجائپ ۽ تحفظ جو احساس ٿئي ٿو.

جيئن ته منهنجو ڪم ئي ماءُ جي کير جي ڄاڻ ٻين مائرن کي ڏيڻ آهي انڪري مون ڄاتو ٿي ته منهنجي ننڍڙي جهنڊو کي به ماءُ جي کير جي ڪيڏي شديد ضرورت آهي! مون کي اهو به سجهيو ٿي ته اسان جي شهر ۾ ڪجهه مائرون اهڙيون آهن. جيڪي پنهنجو کير ڪڍي ننڍڙين پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ وجهي ڊيپ فريزر ۾ رکيو ڇڏين.

آمريڪا ۾ ڪافي مائرون جيڪي نوڪريءَ تي وينديون  آهن، اهي پنهنجو کير ننڍڙين ٿيلهين ۾ فريز ڪري رکنديون آهن، ته جيئن جڏهن هو ٻاهر هونديون  آهن ته اهو کير ٻار کي سنڀاليندڙ پياري سگهي.

ڪجهه عورتن وٽ وڌيڪ کير هوندو آهي، اهي به پنهنجو کير فريز ڪري رکنديون آهن ته جيئن ٻين ٻارن کي ضرورت پوڻ تي ڏئي سگهن. سو اسان کي به ڪجهه فريز ٿيل کير جلدي جلدي ۾ هٿ ڪرڻو پيو ۽ آءٌ اهو کير پنهنجي پٽ جهندو کي پياريندي آهيان ۽ پيارڻ لاءِ  خاص قسم جي بوتل استعمال ڪندي آهيان جنهن کي بريسٽ فيڊنگ ۽ سپليمنينٽري چئبو آهي. جيڪا هڪ بوتل آهي جنهن ۾ ٻه ننڍيون ناليون هونديون آهن. اها بوتل کير سان ڀريل، گلي ۾ لٽڪائي ۽ نلڪي ماءُ جي ڇاتيءَ جي نپل سان گڏ ٻار جي وات ۾ وجهبي آهي، ۽ ٻار چڳڙون ڏيندو آهي ته کير بوتل مان ملندو آهي، پر ٻار، ماءُ جي ڇاتيءَ سان لڳل هوندو آهي. هن بوتل جو مقصد صرف اهو آهي ته ٻار کي کير ماءُ جي ڇاتيءَ مان ملي ۽ ماءُ جي ڇاتيءَ کي چڳڙي ۽ جيئن جيئن ٻار وڌيڪ ماءُ کي چڳڙيندو تيئن تيئن ماءُ جو پنهنجو کير به لهندو.

اسين ڀاڳن وارا آهيون جو اسين پنهنجي پٽ کي ست مهينا ماءُ جو کير مهيا ڪري سگهياسين ۽ جهندو لاءِ منهنجي ڇاتيءَ چڳڙڻ جي ڪري روزانو ٻه ٽي آئونس کير ٿيندو آهي. جتي هوءَ بوتل نه ملندي آهي اتي مائرون وڌ ۾ وڌ پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائڻ سان انهن وٽ پاڻهي کير اچي ويندو آهي.

آمريڪا ۾ وڌيڪ مائرون پنهنجو کير واپرائين ٿيون جڏهن ته آءٌ پاڪستان جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ ته نه ٿي رکان پر ڳوٺ محمد بخش پنهور ۾ مون محسوس ڪيو آهي ته سڀ مائرون پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي پنهنجو کير پيارين ٿيون. ايستائين جو ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ عورتون به پنهنجا ڪجهه مهينن جا ٻار کڻي ٿيون اچن ۽ گهاٽن وڻن ۾ لوڏ ٻڌي ٻارن کي سمهارين ٿيون ۽ روئڻ تي کين پنهنجو کير پيارين ٿيون.

ڪجهه عورتون اهو سمجهن ٿيون ته ٻار لاءِ ماءُ جي کير کان وڌيڪ بهتر غذا ڪا به ڪانهي.

آءٌ اهڙين عورتن کي اها صلاح ڏينديس ته وڌيڪ ماني کائين ۽ وڌيڪ پاڻي پيئن ۽ پنهنجي ٻار کي وڌ کان وڌ پنهنجو کير پيارين، جيترو وڌيڪ چڳڙائينديون اوترو کير وڌيڪ ٿيندو. قدرت ڪا به اهڙي ماءُ پيدا نه ڪئي آهي جنهن کي کير نه هجي.

اها به سوچ صحيح ناهي ته کير پياريندڙ ماءُ جي صحت تي ڪو اثر ٿيندو يا سندس ڪا فگر خراب ٿيندي. عورت حمل سان ٿيندي آهي ته ان جي جسم تي ضرور ڪجهه فرق پوندو آهي. اهو ڇاتين سميت پوري جسم تي فرق پوندو آهي.

 

ڄاڻڻ گهرجي، ته طريقت ۾ ملامت کي ترقي وٺائڻ وارو ان زماني جو مرشد احمدون قصار هو. ان جا ملامت ۾ ڪافي قصا آهن. ان جو قول آهي: ”الملامت ترڪ السلامت“ (ملامت سلامتيءَ جي ترڪ ڪرڻ جو نالو آهي.) جڏهن ڪو ماڻهو الله جي جلال ظاهر ٿيڻ جي اميد تي پنهنجي سلامتيءَ تان هٿ کڻندو آهي، مصيبتن سهڻ لاءِ تيار رهندو آهي، پنهنجين پيارين شين کي ڇڏيندو آهي، ۽ لڳ لاڳاپن کي ترڪ ڪرڻ چاهيندو آهي، اهو ماڻهو جيترو ماڻهن کان دور رهندو اوترو الله تعاليٰ جي ويجهڙائيءَ مان فائدو وٺندو آهي. ملامت جي عقيدي وارا ماڻهو دنيا وارن جي پياري شيءِ يعني سلامتي جي برخلاف ٿيندا آهن.

(ڪشف المحجوب) تان کنيل

شوڪت حسين شورو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com