سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري، اپريل 2014ع

مضمون--

صفحو :8

حسين مسرت شاهه

وومن ايڪشن فورم جي ٻئي سالياني ٻن ڏينهن جي ڪنوينشن جي رپورٽ

وومن ايڪشن فورم، امن انصاف ۽ برابريءَ جي اصولن تي يقين رکندڙ، نظرياتي تنظيم، جنهن جو قيام ضياءِ جي مارشل لاء ڪاري دؤر ۾، عورتن تي لاڳو ڪيل ڪارن قانونن خلاف ڀرپور احتجاج سان ٿيو.

جبر ۽ تفريق جي هر رويي خلاف مسلسل جاکوڙيندڙ تنظيم، هر بين الاقوامي رياستي، ملڪي، سياسي، معاشي ۽ سماجي مسئلن متعلق پنهنجو چٽو مؤقف رکندڙ آهي.

وومن ايڪشن فورم حيدرآباد چيپٽر جو ٻيو، ٻن ڏينهن جو ڪنوينشن حيدرآباد ۾ ٿيو. جنهن ۾ سموري سنڌ ۾ موجود، تنظيم جيئن لاڙڪاڻي، شهدادڪوٽ، حيدرآباد، ڪراچي ۽ لاهور مان آيل عورتن جي وڏي انگ حصو ورتو.

پهرين ڏينهن جي ميٽنگ ۾، عورتن جي تحريڪ، قومي سوال، وفاق جي بحران، انتها پسندي، فرقي واريت، سنڌ جي سياست، نيو جاگيرداري نظام ۽ لبرل ازم تي تفصيلي بحث ڪيو ويو.

پهرين ڏينهن تعارف کان پوءِ سنڌ مان آيل هر وفد پنهنجي پنهنجي چيپٽر جي ڪمن ڪارين جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي.

شهدادڪوٽ مان آيل روبينه چانڊيو شهدادڪوٽ ۽ ان جي ويجهن علائقن ۾ ٿيندڙ عورتن تي تشدد جي واقعن سان گڏ اُتي جي سماجي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو پيش ڪيو.

ڪراچي مان آيل ڪوثر ايس ڪي پنهنجي چيپٽر جي ڪمن ۽ سرگرمين جي رپورٽ پيش ڪئي.

حيدرآباد وومن ايڪشن فورم جي رپورٽ امر سنڌو ۽ حسين مسرت پيش ڪئي، جنهن ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي حادثن ۽ ڪيسن تي ڪيل ڪم کان علاوه ٻين سياسي ۽ سماجي ڪمن جو تفصيل ٻڌايو ۽ ان سان گڏ انهن ڪمن دوران جيڪي رڪاوٽون ۽ مسئلا پيش آيا انهن تي به ڳالهايو ويو.

پهرين سيشن ۾ پروفيسر امر سنڌو عورتن جي تحريڪ تي ڳالهايو ۽ ڪجهه سوال اٿاريا جن تي حميره رحمان، گلبدن جاويد، شيرين کوکر، نجمه پنهور، روزينا جوڻيجو، ذڪيه ملاح، ريحانه نظير ۽ نسرين الطاف ۽ ٻين بحث ڪيو.

هن سيشن ۾ عورتن جي تحريڪ جو جائزو ورتو ويو ۽ عورتن جي تحريڪ کي پيش ايندڙ چئلينجز تي غور ڪيو ويو.

بحث ۾ اهو به سوال اٿاريو ويو ته، عورتن جي تحريڪ کي سياسي ڌارا کان الڳ ڇو ٿو ڪيو وڃي ۽ عورتن جي اشوز کي سياست کان الڳ ڪري ڏٺو ٿو وڃي. انتهاپسنديءَ جي وڌندڙ لهر نه صرف عورتن کي پر سڄي ملڪ کي چار ديواريءَ اندر سوڙهو ڪندي ٿي وڃي. انهن ڳالهين تي تفصيلي بحث ڪيو ويو.

ٻئي سيشن ۾ وفاقي بحران ۽ ملڪ ۾ قوميت جي سوال تي عرفانه ملاح ڳالهايو ۽ پوءِ تفصيلي بحث ڪيو ويو. قوميت جي سوال جي هر پهلؤ کان ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي. ملڪي آئين مطابق قومن جي حقن جو جائزو ورتو ويو. سياسي قومي تحريڪن جو به جائزو ورتو ويو.

ٽئين سيشن ۾ عظميٰ نوراني سنڌ جي سياست ۾ انتهاپسندي، نسل پرستي، فرقه واريت ۽ طالبانائيزيشن تي ڳالهايو. طالبان جي ملڪي سياست ۽ سماج ۾ وڌندڙ خطرناڪ اثرن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو.

نيو فيوڊل اِزم، نيولبرل ازم تي عاليه بخشل ڳالهايو. هن سيشن ۾ جاگيرداري نظام ۾ عورت جي مسئلن ۽ سماجي حيثيت تي به ڳالهايو ويو. جاگيرداري نظام تحت ٿيندڙ غيرقانوني جرڳن ۽ جرڳن ۾ ٿيندڙ عورتن خلاف فيصلن کي به بحث هيٺ آندو ويو.

لينڊريفارمس جي مسئلي تي به روشني وڌي ويئي. سنڌ ۾ مضبوط ٿيندڙ جاگيرداري نظام ۽ ان نظام جي اثرن ۾ پيڙجندڙ مظلوم طبقن تي ڪرندڙ سماجي ۽ معاشي حيثيت جي ڇنڊڇاڻ ڪئي.

ٻئي ڏينهن تي انتهاپسندي ۽ ان جا عورتن ۽ مذهبي اقليتن تي اثر جي عنوان تحت سيمينار منعقد ڪيو ويو.

ان سيمينار ۾ ڪراچي کان آيل N.C.S.W جي اڳوڻي چيئرپرسن انيس هارون، لاهور اثر ريسورس سينٽر جي ڊائريڪٽر نگهت سعيد خان، سماجي اڳواڻ ايم پرڪاش ۽ پروفيسر امر سنڌو تقريرون ڪيون.

ڊاڪٽر رخسانه پريت ”اچو اي سرتيون ۽ ساٿياڻيون پنهنجي لاءِ نئون جهان جوڙيون“. نظم پڙهيو، جنهن جو اردو ترجمو، عطيه دائود پيش ڪيو.

هن پروگرام ۾ نازيه سولنگي جي ماءُ شرڪت ڪئي، نازيه سولنگي شهدادڪوٽ جي سوشل ورڪر ڇوڪري هئي، جنهن کي سندس گهرواري

”مير“

طلاق ڏيڻ کان پوءِ، وچ رستي تي گوليون هڻي ماري ڇڏيو. نازيه جي ماءُ، نازيه کي ياد ڪندي اڄ به سڏڪي ٿي پوي، هوءَ جيل ۾ بند قاتل کي جلد از جلد سزا ڏيارڻ لاءِ اپيلون ڪندي ٿي رهي. پنگرو واسي ڀوري ڀيل جي ماءُ ۽ ڀائرن به هن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. ڪئي،سرتر سنڌو

نيلي ڪنوينشنميڪاري دن عمرڪوٽ ۾ رهندڙ ڪَڪو ڪولهڻ، جنهن کي خادم شر گوليون هڻي قتل ڪيو، ان جي ماءُ ڪڪوءَ جي 10 مهينن جي ننڍڙي ڌيءَ کڻي آئي. عمرڪوٽ مان آيل سنگي به پنهنجي مسئلن متعلق سيمينار ۾ ڳالهايو.

انهن سڀني عورتن، عورتن سان پيش ايندڙ تفريقي روين ۽ امتيازي سلوڪ تي ڳالهايو، ڏوهن ۾ اضافي ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي بااثر ماڻهن جي هٿان مجبوري ۽ بي وس بڻجي وڃڻ تي پڻ تفصيل سان ڳالهايو ويو.

ڇاڇرو ۾ رهندڙ  موتان ڀيل، جنهن جو ريپ ڪندڙن کي عمر قيد جي سزا به آيل آهي. پر ان جي باوجود به، موتان کي ڌمڪيون ملنديون ٿيون رهن، ٿر ۾ رهندڙ ڀيل ۽ ڪولهي قومون، جن جو گذارو محنت مزدوريءَ تي آهي. انهن کي پنهنجن علائقن ۾ روزگار جا موقعا تمام گهٽ ٿا ملن.

هن سيمينار ۾ ريحانه چنڙ تمام اثرائتو ٽيبلو پيش ڪيو، جنهن ۾ ’ڪارو ڪاري‘، ’ننڍي عمر جي شادي‘ ۽ ’زوري مذهب مٽائڻ‘ وارن مسئلن کي مختصر ۽ اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيائين.

آخر ۾ امر سنڌو وومن ايڪشن فورم جي ٻن ڏينهن جي ڪنوينشن ۾ ٿيندڙ تفصيلي بحث کان پوءِ طئه ٿيل ٺهراءَ پيش ڪيو. جنهن ۾ هي نڪتا شامل هئا:

رياست کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ضروري آهي ته سيڪيولر بنيادن تي هلايو وڃي.

وومن ايڪشن فورم پاران طالبان سان ٿيندڙ ڊائلاگ جي مذمت ڪئي ويئي، ڇو ته طالبان غير ملڪي آهن، ملڪي آئين کي نٿا مڃين ۽ عورتن جي سياسي ۽ سماجي وجود کان انڪاري آهن. ۽ ان سڄي عمل ۾ عورتن جي غير موجودگيءَ جي ڪري ان طالبان سان ڳالهين واري عمل کي مڪمل طور تي رد ڪيو ويو.

سنڌ حڪومت پاران سروسز اسٽرڪچر جنهن ۾ تعليم صحت ۽ ٻين ادارن جي نجڪاري جي عمل کي مڪمل طور تي رد ڪيو ويو.

پاڪستان ۾ قومي سوال تي اڀرندڙ تضادن جي ڪري، رياست قومي سوال حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ناهي وئي، انڪري پراڻي غير مؤثر معاهدي جي جاءِ تي وفاق ۽ قومن جي وچ ۾ نئون سماجي معاهدو تشڪيل ڏنو وڃي. جنهن ۾ قومي حقن جي ضمانت ڏني وڃي.

سياست ۾ موجود ڏوهاري عنصرن جي شموليت جي ڪري سياسي تنظيمون شهرن ۾ دهشتگردن ۽ ڳوٺن ۾ ڏوهاري وڏيرن سردارن جي سرپرستي ڪن ٿيون انهن جي مذمت ڪجي ٿي.

جرڳو رياست ۾ متبادل انجسٽس سسٽم جو قيام آهي ۽ عورتن ۽ ڪمزور طبقن سان ناانصافين جو ذريعو آهي ان کي يڪدم بند ٿيڻ کپي.

طالبانائيزيشن ۽ انتهاپسندي جي ڪري عورتن جي لاءِ سماجي سياسي سطح تي آزادنه چرپر جا موقعا ختم ٿيندا ٿا وڃن. حڪومت ان کي سنجيدگيءَ سان ختم ڪرڻ تي زور ڏي.

رياست کي مذهبي اقليتن جي دفاع لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي، وڌندڙ انتهاپسنديءَ جي ڪري. اقلتين جي عورتن سان وڌندڙ ريپ ڪيس، زوريءَ شاديون، اغوا، قتل ڪيس، ڀُنگ، ڌاڙا، ۽ توهين رسالت جو مذهبي اقليتن خلاف استعمال سان گڏ، هاڻي انهن جي قبرستانن کي به مذهبي رنگ ڏيئي انهن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي پيئي وڃي.

جديد جاگيرداري، جيڪا سنڌ جي سياسي طبقي پاران زرعي سڌارن جي مخالفت ڪري رهي آهي. اها ئي مزدور طبقي ۽ هارين جي معاشي بدحاليءَ جو ڪارڻ آهي. هاري ايڪٽ ۾ ڪيل ترميمون نامنظور ڪيون ويون.

سرڪٽ هائوس ۾ ٿيندڙ جرڳي جي مذمت ڪئي ويئي.

وومن ايڪشن فورم عورتن جي تحريڪ کي نئين عزم ۽ نئين سگهه سان اڳتي وڌائڻ جو عزم ڪيو ۽ پنهنجي هم خيال گروهن ۽ سماج جي مظلوم طبقن سان سهڪار جاري رکڻ جو عزم ڪيو.

پروگرام جي آخر ۾ عورتن جو گيت ڳايو ويو.

توڑ توڑ کے بندھنوں کو دیکھو بہنیں آتی ہیں-

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com