سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري، اپريل 2014ع

مضمون--

صفحو :4

ريحانه نظير

 

 

 

خلع نامو

اڄ وري بابا جو موڊ خراب هو گهر اچڻ شرط چيائين، ”موچڙو گهٽ اٿن، تڏهن ٿيون ڪورٽن ۾ ڌڪا کائينديون وتن.“ امان اسان کي اندر وڃڻ جو اشارو ڏنو.

اهو اڪثر ان ڏينهن تي ٿيندو هو، جڏهن ڪا عورت طلاق وٺڻ لاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي هئي. ان ڏينهن بابو آپي کان ٻاهر نڪري ويندو هو. سڄي باهه گهر اچي امان ۽ اسان ٽن ڀينرن مان ڪڍندو هو- ڄڻ ته خلع امان طرفان داخل ڪئي وئي هجي! بابا ڪورٽ ۾ ريڊر هو . ڪيس وغيره داخل ڪرڻ سندس ئي ڪم هو.

امان عاجزي سان پڇيس،  ” ماني کڻي اچان“.

”ڇو ڪاڏي ڀڳو ٿو وڃان ڇا يا توکي ڪنهن يار سان ملڻو آهي؟“

”خدا خدا ڪر. گهر ۾ جوان نياڻيون ويٺيون آهن ڪجهه انهن جو ته خيال ڪر“.

”خيال ڪيان جو مان توکان ڊڄان ٿو نه. هل هتان ته اجايو ابتو سبتو چنبو نه لڳي وڃئي پوءِ ويٺي ماڻهين پڻهين کي دانهون ڏجانءِ يا تون به انهن رليل رنن وانگر ڪورٽن ۾ رلجانءِ“.

امان  ماني کڻي بابي جي کٽ تي اچي رکي.

پوءِ اسان ڏي اچڻ لڳي ته وري بابي جي رڙ آئي. ”پاڻي وري پڻهين کڻي ايندو ڇا؟ يا ان لاءِ جدا درخواست ڏيڻي پوندي؟“

امان پاڻيءَ جو گلاس ڀري بابي جي سامهون رکيو ۽ ڪمري ڏانهن آئي.

” لڳي ٿو تنهنجو به مٿو ڦرندو ٿو وڃي“. وڃي ٿي ڌيئرن کي ٻڌائڻ ته مان ڪيڏي نه ڏکي آهيان. بابي ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”بابا مرحوم سچ چوندو هو ته  ”عورت کي موچڙو ئي سوگهو ڪري سگهي ٿو.“ بابو ماني کائيندو ڳالهائيندو رهيو، جڏهن کان رنن ٻه ٽي اکر پڙهيا آهن،  تڏهن کان وٺي اگهه ٿيو اٿن- طلاق ٿيون گهرن، منهنجو وس پڄي ته وٺي، روڊ تي ڪٽي ڪڻو ڪڻو ڪيان، بابو ڀڻ ڀڻ  ڪندو رهيو- پر امان هميشه جيان ڪن لاٽار ڪندي اندر ويٺي رهي.

اسان ٽي ڀينرون هونءَ ته اڪثر بابي جي اچڻ شرط ئي ٽيوشن تي هليون وينديون آهيون- پر ان ڏينهن ٽيوشن سينٽر بند هو انڪري بابي جي ايڏي ڊيگهه ٻڌڻي پئي.  بابو به هر روز ائين ڪونه هوندو آهي-  پر جڏهن ڪا عورت پنهنجي جائداد يا ڪنهن ٻئي حق لاءِ ڪورٽ ايندي آهي ان ڏينهن بابي جو ايگو يا کڻي چئجي ته مردانپڻو جاڳندو هو. بابي جي نظر ۾ خود مختيار عورت واجب القتل هئي. ڪورٽ ۾ ته ڪڇي ڪونه سگهندو هو. باقي گهر اچي امان جو حشر نشر ڪندو هو. امان کي پڙهيل لکيل هئڻ باوجود نوڪري نه ڪرڻ ڏنائين. اسان ٽي ڀيڻون ۽ هڪ سڪي لڌو ڀاءُ جيڪو هاڻي يونيورسٽي ۾ انگلش سبجيڪيٽ ۾ پڙهڻ لاءِ ويل هو، سڀني جو گذارو بابي جي ڪمائي تي هو. امان ٿوري گهڻي سلائي ڪري مڙئي ڪپڙي لٽي جو خرچ ڪڍي وٺندي هئي، ان تي به بابي کي اعتراض هوندو هو ”پرايون رنون سڄو ڏينهن ويهاريون ويٺي آهين. ماڻهن کي ڪيئن خبر پئي ته  ويچاري ڏکي آهي، مڙس  ته گهر ۾ ڪجهه ڏئيس ئي ڪونه ٿو نه؟“ اها جهڪ جهڪ اسان جي روز جو معمول هئي. نوڪر رکڻ جو ته رواج ئي نه هو. امان ۽ اسان سڄي گهر جو ڪم پاڻ ڪنديون هيونسين.  امان کي رڳو اسان جي پڙهائيءَ جو فڪر هوندو هو.

ڪڏهن ڪڏهن ته اسان کي به ايڏي چڙ ايندي هئي جو دل چوندي هئي ته بابي کي منهن تي ٻڌايون- پر امان منع ڪندي هئي. ”جي ائين ڪندؤ ته مون وانگر چڙي چڙي مري ويندؤ، گهر ۾ ويهاري ڇڏيندؤ چار منهن جيڪي روز ڏسو ٿيون ان کان به  هليون ويندؤ فضول ڳالهين کي ڇڏي پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏيو“.

اهو اڪثر ان ڏينهن تي ٿيندو هو، جڏهن ڪا عورت طلاق وٺڻ لاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي هئي. ان ڏينهن بابو آپي کان ٻاهر نڪري ويندو هو. سڄي باهه گهر اچي امان ۽ اسان ٽن ڀينرن مان ڪڍندو هو- ڄڻ ته خلع امان طرفان داخل ڪئي وئي هجي! بابا ڪورٽ ۾ ريڊر هو . ڪيس وغيره داخل ڪرڻ سندس ئي ڪم هو.

امان جون اهي نصيحتون رڳو اسان لاءِ هيون باقي ڀاءُ ڪڏهوڪو پنهنجي زندگي ماڻڻ لڳو هو .بابي اسان کي يونيورسٽي بدران ڪاليج ۾ پڙهائڻ جي اجازت ڏني، اها به  اسان لاءِ غنيمت هئي. وڏي ڀيڻ بي اي ۾ باقي مان ۽ ٻي ڀيڻ انٽر ۾ هيونسين. اندر ۾ خوف هيو ته متان بابو هاڻي ئي اسان جي شادي ڪرائي نه ڇڏي. ان ڪري به گهڻو ڪونه ڪڇنديون هيونسين. پنهنجي ڪم سان ڪم رکنديون هيونسين. پر چوندا آهن. ”ته بڪري ڪي مان ڪب تڪ خير منائيگي“ سو اسان سان به ڪجهه ائين ئي ٿيو. وڏي ڀيڻ جو رشتو آيو- آيو وري ڇا بابو وٺي آيو لازمي آهي ته بابي جي اهڙن پرڪارن ڪري مائٽ مٽ ته ويجهو ئي ڪونه ايندا هئا، سو الاءِ ڪٿان ڄاڻ سڃاڻ وارن مان مائٽي وٺي آيو. منهنجي ڀيڻ جي ته ننڊ حرام ٿي ويئي. روئي روئي اکيون سڄائي ڇڏيائين. نيٺ امان دلاسو ڏنس ته رو نه  مان پاڻ ويندس انهن ماڻهن سان ملڻ جي مون کي نه وڻيا ته مان اها مائٽي نه ڪندس. امان جي ان انڌي منڊي آسري تي منهنجي ڀيڻ ڪجهه ماٺ ڪئي. بابا جو ته اهو آخري فيصلو هو، سو امان ساڻس ضد ڪرڻ بجاءِ اجازت ورتي ته مان ڏسي اچان. بابي به الاءِ ڪيئن امان جي اها ڳالهه مڃي.

 شاهد جنهن جو رشتو آيو هو، اهو بي اي پاس هو ڪل اٺ ڀائر هئا ٻيا ننڍا هئا، باقي پنج ڇوڪريون هيون جن مان ٻن جي شادي ٿيل هئي ٻه ڪاليج ۾ پڙهن پيون ۽ هڪ ننڍي هئي جا نائين ڪلاس ۾ پڙهي رهي هئي. سڄي گهر جو گذر سفر هڪ دڪان تي هو . امان کي ماڻهو شريف لڳا انهن کي ڇوڪرين جي نوڪري ڪرڻ تي به پابندي نه هئي، خود سندن ڌيئر شادي کان پهرين پرائيويٽ اسڪول ۾ نوڪري ڪنديون هيون. رڳو هڪڙي پريشاني امان کي کائي رهي هئي ته ڇوڪري کي ڪابه نوڪري ڪانهي.

”ٻيو سڀ ٺيڪ آ پر ڇوڪري کي نوڪري ڪانهي.“

”اهي به جيئرا آهن هي به هلي ويندي“. بابي هميشه جيان بي رخي ڏيکاريندي چيو: آخري فيصلو ته وري به بابي کي ئي ڪرڻو هو، سو امان چپ ڪري ويهي رهي. منهنجي ڀيڻ به امان جي لڄ رکندي پرڻجي ويئي. شڪر جو ماڻهو ڏاڍا سٺا نڪتا- ادا شاهد ته بلڪل نيڪ ماڻهو هو. نوڪري ڪانه هئس، پر اسان جي ڀيڻ کي هر شي وٺي ڏيندو هو مٿان وري نوڪري ڪرڻ جي به اجازت مليس ته هوءَ جي پئي- صبح جو اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي ۽ شام جو ٽيوشن. گهر جو ڪم به ٿورو گهڻو ڪندي هئي. البته سڄو ڏينهن ڪم جي ڪري ڏاڍو ٿڪجي پوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اسان ڏي ايندي هئي. ڀلا ڪير هن ڪهرام ۾ روز اچي. بابي جا ساڳيا حال هئا. ايستائين سڪي لڌو ڀاءُ به وڏن چواڻي ته:  ”ڪاميٽي پاس ڪري“ اچي نڪتو. اچڻ شرط مومل ماڻڻ جي پريشاني لڳس. ڇوڪري اسان جي پاڙي جي هئي، ادي سان انٽر ڪئي هئائين، اڳتي مائٽن ڪونه پڙهايس يا پاڻ ڪونه پڙهي، ڪا خبر نه هئي. بابي جو هڪ ئي پٽ هو انڪري بابو ان کي ڏاڍو ڀائيندو هو، سو جيئن ئي خواهش ڪيائين تيئن امان کي سڱ وٺڻ لاءِ زور ڀريائين. امان به نه نه ڪري نيٺ هڪ ڏينهن هلي وئي. موٽي اچي چيائيس ته ”بابا مان تنهنجي ان گهر ۾ شادي ڪري تنهنجي عمر وهه ڪا نه ڪندس.“ ڇوڪريءَ کي نه ڳالهائڻ جي فضيلت. نه شرم نه حيا رڳو ٽر ٽر مٿان وري ادلو بدلو ڪرڻ چاهين ٿا- سندن ڇوڪرو مئٽرڪ کان اڳتي پڙهيو ئي ڪو نه. هاڻي ويٺو هتان هتان جون ڇوڪريون تاڙي. پاڙي ۾ به ڪافي دفعا ماين ان جي مون سان شڪايت ڪئي هئي. ڏٺل وائٺل مک ڪير ڳهندو، نه نه بابا نه، مان اتي پنهنجي ڇوڪري لوڻ ڪانه ڪندس. ائين چئه نه ته ڇوريءَ جو فڪر اٿئي.  ”پٽ ڀلي پيو سڪي“. اهو منهنجو به پٽ آهي مان ان لاءِ به سٺو سوچيان ٿي. مان پاڻ ئي پنهنجي ٻچي لاءِ سهڻي ڪنوار ڳوليندس. پر منهنجي ڀاءُ تي امان جي انهن  پيار ڀريل ڳالهين جو نه ڪو به اثر نه ٿيو ۽ ڪاوڙ مان ٻاهر نڪري هليو ويو. منهنجي مٿان ته ڄڻ وِڄ ڪِري پئي- سڄي عمر امان اسان ڪارڻ ڳرندي رهي. هاڻي مان ڀاءُ ڪارڻ نه ڳري وڃان. اندر ۾ سوين وسوسن اچي وارو ڪيو. متان امان ادا جي ڪري پرچي وڃي. صرف هڪ ڪمزور امان جو سهارو هو.

بس مائٽ مٽن کان ته پهريائين وانجهيل هئاسين. ڀاءُ کي پنهنجي لوڙ هئي، سو ان به گهر اچڻ ماني کائڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ  ڇڏي ڏنو، هو سڄو ڏينهن ٻاهر هوندو هو. رات جو پئڪيج تي ڇوڪريءَ سان ڳالهائيندو هو. امان کي هڪڙو منهنجو فڪر، ٻيو ڀاءُ جو ۽ ٽيون وري بابي جي وٺ وٺان. ”ان سان ڌيءُ جي شادي ڪانه ڪندي. ان لاءِ لاڊ صاحب جو رشتو ايندو، باقي هڪڙو پٽ آهي تنهنجو سر کڻي پوءِ نڀاڳي کي چين ايندو، روز روز اهي طعنا ملندا هئا هاڻي ته مهينو اچي پورو ٿيو، پر ڀاءُ جو اهو ئي ضد شادي ڪندس.  امان کي ان تي ڪوبه اعتراض ڪونه هو، پر امان بدلي ۾ مون کي ساڙڻ نه پي چاهيو.

امان جي بابو موٽي آيو ته پوءِ پڪ ڄاڻ ته اسان مان ڪير به زندهه ڪونه هوندو

 سوني تي سهاڳو وري اهو ٿيو، جو ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيل ڇوڪريءَ تحفظ لاءِ درخواست ڪئي- پوءِ بابي جي ٻيگهي مچي ويئي. اهڙيون مائر هونديون جيڪي شادي بدران يار سان  ڀڄائي مڙس  جي عزت وڃائن ٿيون. تڏهن ماڻهين جو به مٿو خراب ٿيو آهي. اهو ڏينهن پري ناهي جو هي گل کلائي بي عزتي ڪرائي هليون وينديون، پر ان ۾ هنن کي ڇا ٿيندو عزت ته اسان جي ويندي نه“.

”بابو سچ ٿو چوي“. منهنجي ڀاءُ بابي جو پاسو کڻندي چيو. پوءِ ته بابي وفلڻ شروع ڪيو، ”مان مري ويو هان جو هنن کي يارن سان ڀڄڻ ڏيندس. وار ئي هڪ ڪندس. گهٽو ڏيئي گهٽي ۾ ڦٽي نه ڪيو مان ته پيءُ جو پٽ ئي ناهيان- اڙي فون ڪري چئين ته اسان  کي سندن رشتو منظور آهي. جڏهن مرضي هجين تڏهن اچي ٻئي مڱڻا ڪري وڃن. پوءِ ته ڄڻ ادي جي لاٽري نڪري ويئي هجي. هڪدم اندر فون ڪرڻ لاءِ ويو. امان رڌڻي ۾ هئي ٻاهر نڪري آئي، هوءَ تپي ڳاڙهي لعل ٿي ويئي. سندس اکين مان شعلا نڪري رهيا هئا، امان جو اهو غضبناڪ روپ اسان پنهنجي سڄي عمر ۾ ڪونه ڏٺو هو. ”توکي پٽ جي شادي ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪر، باقي پنهنجي ڌيءُ جو رشتو ان ڇوڪري سان ڪانه ڪندس. ٻڌي ڇڏ ۽ پٽ کي چڱيءَ طرح ٻڌائي ڇڏ“ ان تي ڀاءُ جو به منهن لهي ويو. هڪدم فون رکي بابي ۽ امان جو جهيڙو ٻڌڻ لڳو. ڪير روڪيندو مون کي تون... تون روڪيندينءَ مون کي؟ بابي هڪدم امان جي وارن ۾ هٿ وڌو ۽  هيڏي هوڏي  ڪاٺي يا سر وغيره لاءِ ڏسڻ شروع ڪيو. جڏهن ڪجهه به نظر نه آيس. تڏهن هڪدم پير مان سينڊل لاهي امان کي مارڻ شروع ڪيائين. مان ۽ منهنجي ڀيڻ رڙيون به ڪندا رهياسين ۽ امان کي ڇڏائڻ لاءِ بابي کي منٿون ڪرڻ لڳاسين. ايتري ۾ منهنجو ڀاءُ ٻاهر نڪري هليو ويو.  بابو گاريون به ڏيندو رهيو ۽ امان ۽ اسان کي ڌڪ به هڻندو رهيو، جڏهن ٿڪجي پيو. تڏهن سينڊل پيرن ۾ پائي ٻاهر نڪري ويو. اسان امان کي اٿاري مٿي ويهاريو ”امجد ڪٿي آ؟“ امان پڇيو ”امان اهو جيڏيءَ مهل بابي توهان کي مارڻ شروع ڪيو اوڏيءَ مهل ئي ٻاهر هليو ويو“. ”ٻاهر هليو ويو، امان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا“.

”امان تو ئي ضد ڇڏ. مان راضي آهيان جيئن به گذري گذاريندس، تون منهنجي ڪري پاڻ کي نه ڏکاءِ“. مون سڏڪا ڀريندي الاءِ ڪهڙي تڪليف سان اهي به ٽي لفظ ڪڇيا، جن جو  ڏنڊ مون کي سڄي عمر ڏيئي چڪائڻو هو  ”نه گهڻو ٿيو مون جيڪا گذاري اها پنهنجي ڌيءُ کي گذارڻ نه  ڏيندس. وڌيڪ ٻه حياتيون مون جيان ڪفن ۽ قبر ۾ زندگي نه گهارينديون نه ئي ڀاءُ جي خوشيءَ تي قربان ٿينديون گهڻو ٿيو- ها، ڪجهه گهڻو ئي  ٿيو- پر شڪر آهي جو گهڻي دير ڪانه ٿي آهي“. امان پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪندي اندر هلي وئي ان مهل ئي وڏي چادر پائي موٽي آئي، ”تون مون سان گڏ اچ“. امان جي اکين مان ڪاوڙ جا شعلا نڪري رهيا هئا، سو بنا ڪجهه ڪڇڻ جي ان سان گڏ هلي ويس.

ان وقت منهنجي حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن امان پوليس ٿاڻي جي سامهون پهتي. ”امان هتي ڇو آيا آهيون؟ امان هي ڇا ٿي ڪرين؟ امان ٿوري ڳالهه ته ٻڌو“. امان چپ چاپ مون کي ٻانهن کان ڇڪي ٿاڻي اندر هلي ويئي. مان ڏڪندي  ڏڪندي امان سان گڏ اندر ويس، امان جي جسم تي ڌڪن جا گهرا نشان هئا ۽ ڪن مان ته مرڳو رت وهي رهيو هو، سو پوليس بنا ڪڇڻ جي رپورٽ لکي.  پوءِ بابي بابت پڇيو. امان کي خبر هئي ته گهر کان پوءِ هو رڳو مسجد ويندو آهي، سو امان پوليس کي مسجد جو رستو ٻڌايو. پوءِ امان گهر آئي ۽ منهنجي ننڍي ڀيڻ کي چيائين، ته ”در بند ڪري ڪلف هڻ، ڪير به در کڙڪائي ته نه کولجانءِ. ”امان ٿورو ويهه ته ڦٽن کي اگهون ڏس رت پيو ڳڙي“. ”نه هر گز نه مون چيو نه“ امان منهنجو هٿ جهٽڪي سان پري ڪيو ”اڃا به ٿورو لوڻ کڻي ان  تي ٻرڪيو ته وڌيڪ ڪرن، اڄ منهنجي عزت نفس تي  ايڏو وڏو وار ٿيو آهي، وار ٿيو آهي، سو منهنجي پٽ سامهون،  نه نه اهو منهنجو ڄڻيو ٿي نه ٿو سگهي.“ امان اها سڄي رات سڏڪا ڀري گذاري، سڄي رات اسان ٻيئي ڀينر کيس ڀاڪر پائي دلاسا ڏينديون رهيوسين. نيٺ صبح ٿيو در کڙڪيو، ”ڪير آهي؟“ مون ڊڄندي پڇيو  ”مان هان امجد جلد در کول بابي کي رات پوليس ٻڌي ويئي آهي. امان سان ڳالهائڻو آهي. ”در نه کولجاءِ“ امان هڪ دم رڙ ڪئي ان بيغيرت کي چئه ته تنهنجي ماءُ ان وقت مري ويئي، جنهن مهل تون ان کي مار کائيندو ڏسي هليو ويو هئين. هاڻي جاڏي وڻئي تاڏي وڃ، تنهنجي لاءِ هتي ڪابه جڳهه ڪانهي“ -”پر امان ڳالهه ته ٻڌ! ٿورو در ته...“ مون چيو نڪرين ٿو يا ڪرايانءِ ۽ تنهنجو به پڻهين وارو حشر.“ هن کان پهرين اسان ڪڏهن به امان کي امجد تي ايڏو ڪاوڙجندي ڪونه ڏٺو هو. امان ته هن کي ساهه ۾ سانڍيندي هئي. چوندي هئي ته ”رڳو امجد وڏو ٿئي. منهنجا سڀ مسئلا پاڻهي حل ٿي ويندا“. اڄ اهو امجد دروازي تي اندر اچڻ لاءِ ايلاز ڪري رهيو هو. پر امان دروازو نه کوليو. ڪجهه دير کان پوءِ مون در کولي ڏٺو ته ڪير ڪونه هو . اڌ ڪلاڪ اسان سڀني هڻ تڻ ۾ گذاريو. ”امان جي بابو موٽي آيو ته پوءِ پڪ ڄاڻ ته اسان مان ڪير به زندهه ڪونه هوندو“ . اسان ڊپ ۾ نيرن به ڪانه پچائي- ”توهان تيار ٿيو ڪجهه سامان کڻي ڀيڻ ڏي وڃو- هتي جيڪو ٿيو تنهن کي مان پاڻ ئي منهن ڏيندس.“ امان سوچيندي چيو- ”نه امان اسان جي ڪري تنهنجو هي حال ٿيو آهي. اسان مري وڃون، پر توکي اڪيلو  ڇڏي ڪاڏي نه وينديونسين. اسان امان کي ڀاڪر پائي روئڻ شروع ڪيو.“ ”چڱو بس ڪريو، مون کي چادر ڏي، جيستائين مان گهر نه اچان ڪنهن لاءِ به در نه کولجو، ڀيڻ کي فون تي ٻڌايو ۽ اچڻ لاءِ چئجئس“.”پر تون ڪاڏي وڃي رهي آهين؟“ هڪ ضروري ڪم جيڪو گهڻو وقت اڳ ڪرڻو هو.“ امان چادر پائي هلي ويئي .ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ موٽي آئي، تيستائين ڀيڻ به اچي ويئي هئي، ان جيئن امان کي ڏٺو، تيئن امان ڊوڙي، ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. ”توهان ڪٿي هيون جو منهنجي ماءُ کي ايڏا ڌڪ لڳا هن“. هن امان جي ڌڪن کي چرين وانگر چمڻ شروع ڪيو. ”مان ٺيڪ هان امان تون فڪر نه ڪر انهن ڌڪن جو حساب تنهنجي پيءُ کي ڏيڻو پوندو. مان ان جو بندوبست ڪري آئي آهيان“.  اسان سڀ بد حواس ٿي هڪٻئي کي ڏسڻ لڳيوسين. امان آخر اهڙو ڇا ڪري آئي آهين. امان بابو ڪٿي آهي؟ رات کان جيل ۾ آهي.“ اها ته خبر پئي، پر امان تون هينئر ڪاڏي ويئي هئينءَ؟ ڪٿي بابي کي ڇڏائڻ ته ڪانه ويئي هنئينءَ“ ”نه پاڻ کي ڇڏائڻ ويئي هئس“. امان لاپرواهي مان جواب ڏنو. ”امان صحيح ٻڌاءِ نه“. ”ڪورٽ ويئي هئس“ ”ڪورٽ! ! ڪورٽ  !!پر ڇو امان؟”  “خلع نامو داخل ڪرائي آئي آهيان“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com