سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري، اپريل 2014ع

مضمون--

صفحو :7

 شبانا افتخار شاهه

هو سڀ مون کي ڇڏي هليا ويا:

سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ شريف جي ڪهاڻي

 

مان آخري دفعو پاٽ ويس پنهنجي ڳوٺ، جتي منهنجن وڏن جي وڏن جنم ورتو. جتي منهنجي پڙ ڏاڏي جي زمينداري هلندي هئي. پر هن وقت اهو ڪجهه به نه هو. پنهنجي وقت جي بهترين جڳهه جون ڀڳل سرون ڪريل ڀتيون ڏسي، مون کي ائين محسوس ٿيو ته جيئن روئي دانهن --- رهيون هو. جيڪو هن تي بي ڌياني ۽ ويرانگيءَ جو عذاب آيل هيو. انهن ڀڳل ٽٽل سرن ۽ ڀتين جو چمڪندڙ رنگ هن وقت جي بي ايماني جو ثبوت ڏئي رهيا هئا. ان ويراني پر مون کي تصور ۾ ماڻهن جو ميلو نظر پيو اچي. شهر جون بهارون نظر پي آيون. توڙي جو اهي ماڻهو مون ڏٺا ته ڪونه هئا. پر منهنجي لاشعور ۾ هر وقت موجود آهن، منهنجي لاشعور کي پڪ ان مٽيءَ ڏياري. جنهن جي مٿان مان بيٺي هيس. هڪ لمحي ۾ مون کي ائين محسوس ٿيو. ڄڻ مون ڪجهه ٻڌو مون سان ڪنهن ڳالهايو. مان هڪ دم هيٺ ڏٺو. مون سان سهڻيءَ مٽيءَ ڳالهايو. مون غور سان ٻڌو ڄڻ مٽيءَ چيو: ”سڀ مون کي ڇڏي ويا، مون کي آباد ڪرڻ بدران برباد ڪيو ويو آهي. منهنجي ڳوٺ کي نه صرف منهنجا وڏا پر ٻيا به وڏا، خاندان ڇڏي وڃي شهرن ۾ آباد ٿيا.

انهن خاندانن پڪن شهرن ۾ وڃي پنهنجي بزدليءَ جو ثبوت ڏنو. اهو به مون کي مٽيءَ چيو سچ ته اهو ٻڌي مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو.  

مون اها مٽي مُٺِ ۾ کنئين- اها ڏاڍي ٿڌي لڳي. مون کي حيرت ٿي ته مٽي ايتري ٿڌي ۽ آلي ڇو هئي. پوءِ مون محسوس ڪري ورتو ته اها پنهنجي ڳوڙهن ۾ آلي هئي.

ارادو ڪيو اٿم ته پنهنجي ڳوٺ لاءِ ڪتاب لکان. اهو ارادو مون کي ڪارائتو محسوس ٿئي ٿو ان لاءِ جو اسان جو پورو خاندان ٽڙي پکڙجي ويو آهي ۽ هرڪو پنهنجي ڳوٺ کان پري ٿي ويو آهي. مان ڪتاب ۾ سڀني کي شامل ڪري هڪ هئڻ جو پوئين لاءِ ثبوت ٺاهڻ چاهيان ٿي.

اسان ڪير آهيون. اسان جو وجود ڪهڙو آهي. اسان جي وڏن ڪٿي جنم ورتو؟ اسان ڇو ڳوٺ ڇڏيو ۽ ها اسان جي ڳوٺ ۾ تمام وڏين شخصيتن جنم ورتو اسان جو ڳوٺ زراعت ۾ بهترين هيو. پوءِ به ڇو ڇڏيو ويو؟ ان کي آباد ڪرڻ بدران غير آباد ڇو ڪيو ويو؟ علم وارن ۽ ڳوٺ اميرن جو ڳوٺ آخر ڇو نظرانداز ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ لکڻ لاءِ اهيو ئي مواد گهڻو آهي.

1.    وڏيون شخصيتون

2.    وڏا عالم صاحب

3.    پير فقير

4.    منهنجو وجود منهنجي ڳوٺ ۾

5.    مٽيءَ

6.    سرسبز زمين

7.    پاٽ ڪڏهن کان آباد آهي.

8.    پنهنجي ڳوٺ کي غيرآباد ڪرڻ وارا پاڻ ئي آهيون.

 هاڻي ته هوءَ ڏينهن رات هڪ ڪري ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جي ڪوشش ڪندي. ”پاڻيءَ کان اڳ ڪپڙا لاهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جيڪو ٿيڻو هوندو پنهنجي وقت تي ٿيندو.... مان ڇو پيو پريشان ٿيان....! ڀلي اچي هن حويليءَ ۾ رهي، حويليءَ ۾ ڪمرن جي ڪمي ته ڪانهي. انهيءَ مهل منهنجي ڪن تي ڪاريءَ جي ڪوڪ پهتي.... ڪهو.....ڪهو..... ڪهو.... مان ڇرڪ ڀري پلنگ تان اٿس، هاڻي ننڊ ڇا جي؟..... مون نماز ادا ڪري باغ جي پاسي وارو دروازو کوليو ۽ ٻاهر نڪري آيس. انهي مهل ڪاريءَ ٿرڪو ڏنو ۽ ڪهو.... ڪهو ڪندي باغن ڏانهن هلي وئي. ”واهه.... ڙي... ڪاري.... واهه.... تو ته ”چڪور“ کي به مات ڏئي ڇڏي.“ ”هوءَ آسماني چنڊ سان پنهنجي پيار جو وچن نڀائيندي آهي ته تو وري زمين جي چنڊ کي پنهنجي اکين لاءِ ڪجل ڪري لاتو آهي.“ هڪ ننڍڙي ٿوري لاءِ ايڏو وڏو احسان ڪهو....ڪهو... ڪندڙ ڪاري مان ڪيئن لاهيندس. مون باغ جا ٽي چار چڪر لڳايا ۽ پوءِ گل چونڊي، انهن کي اچي ٽيبل تي پيل ٽري ۾ رکيو. گل رکي آءٌ ليٽي پيس، سڄي رات جو اوجاڳو هو، گهڙي پل کان پوءِ اک لڳي وئي. ماسي اچي مون کي اٿاريو.... بابا چنڊ... اٿو ناشتو تيار آهي... مهمان خاني ۾ مهمان شايد توهان جو انتظار ڪندا هوندا. مان تيار ٿي مهمان خاني ۾ آيس، بابا سائين سان وڏيرا ۽ چاچو ڪمدار ويٺو هو، مان سلام ڪري وڃي پنهنجي جاءِ تي ويٺس. بابا سائين گهنٽي وڄائي، بهرام اندر آيو، کيس ناشتي جو چئي.... بابا سائين، مون کان پڇيو، ڪر خبر..... رات جو آرام سان ننڊ ڪئي هوندئي.... يار اسان ته فجر تائين ڪچهريءَ ۾ رڌل هئاسين، هاڻي مولوي صاحب سان ڪچهري ڪري موٽيا آهيون. ناشتي کانپوءِ وڏيرن اسان کان اجازت گهري... بابي سائين کين چيو ته هڪ رات ته رهو... مگر هنن چيو ته ايندڙ خميس لاءِ تياريون به ڪرڻيون آهن، مگر بابا سائين کين چيو ته ٺيڪ آهي منجهند جي ماني کائي پوءِ توهان مرشدآباد روانا ٿيو.

وڏيرن کي گهڙي سوا آرام ڪرڻ جو چئي، بابي سائين به وڃي پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪيو. مان به موٽي اچي پنهنجي ڪمري ۾ ليٽي پيس. منجهند جي ماني کائي مرشدآباد وارا موڪلائي روانا ٿيا. مان به اچي پنهنجي ڪمري ۾ سُمهي پيس. ٽن پهرن کان پوءِ منهنجي اک کُلي ته ڪمري ۾ ماسي ۽ مومل کي پاڻ ۾ ڪنهن ڳالهه تي آهستي بحث ڪندي ڏٺم، ڇا ڳالهه آهي ماسي..... بابا چنڊ... ڪا خاص ڳالهه ڪانهي... توهان اُٿو چانهه تيار آهي. ماسيءَ مومل کي اشارو ڪيو، هوءَ چانهه کڻي آئي، مون کي چانهه ڏيندي سندس نظرون ٽيبل تي رکيل گلن جي ٽري تي هيون. مومل کي منهنجي عادت جي خبر هئي ۽ هڪ ڏينهن هن خود گل چونڊي اچي ڪمري ۾ رکيا هئا. مون چانهه پي ڪوپ رکيو، ماسيءَ ۽ مومل جون نظرون هر هر گلن جي ٽري ڏانهن ڏسي.... مون چيو، ماسي ڇا ڳالهه آهي... اڄ اهي گل ايڏا سٺا ته ڪونهن جو توهان ٻئي هر هر انهن کي ڏسو پيون. بابا سائين... تون ناراض نه ٿين ته هڪ ڳالهه ٻڌاياءِ، جي ماسي ٻڌايو. بابا چنڊ... اڄ هنن گلن مان هڪ گلاب ۽ ٻه موتئي جا گل ڪير کڻي ويو آهي. ڪمال آهي...!!! ماسي هن ڪمري ۾ توهان ٻنهي کان سواءِ مائي زليخان ۽ سڪينه اينديون آهن، ٻيو ڪير آيو جو گل کڻي ويو.... متان مون ڀلجي اڄ ٿورا گل چونڊيا هجن. نه بابا چنڊ... مون صبح جو گل ڏٺا هئا چار گلاب ۽ ست موتئي جا هئا مگر هن مهل ٽري ۾ ٽي گلاب ۽ پنج موتئي جا گل پيل آهن.... ماسي... توهان پريشان ڇو پيا ٿيو، مان سمجهي ويو آهيان ته اها شرارت ننڍڙي رئيس ڪئي هوندي، ڪاٿي آهي اهو بدمعاش، مان هاڻي ٿو پڇي وٺانس... بابا چنڊ... ميرل اها حرڪت زندگيءَ ڀر ڪونه ڪندو، کيس خبر آهي ته مان انهن گلن جي ڪيتري عزت ڪندي آهيان. مون کيس ڏٺو آهي، هو اسڪول مان اچڻ کان پوءِ ماني کائيندو آهي، پوءِ وڃي ايڏانهن گهوڙن سان پچارون ڪندو آهي ۽ سج لهڻ وقت حويليءَ ۾ داخل ٿيندو آهي. ياالله..... تو هن ماءُ ۽ پٽ کي ڪيتري ته شناس عطا ڪئي آهي، جنهن جو مثال ڏکيو ملندو!

ماسي ۽ مومل جو چهرو لٿل ڏسي، مون کي کل اچي وئي.... مون کي کلندو ڏسي هو ويتر وسامڻ لڳيون. مون يڪدم ٻنهي کي ڀاڪر پائي پاڻ سان لاتو... انهيءَ مهل منهنجو هٿ ”مومل“ جي ڇاتيءَ تي لڳو. هن به ڇرڪ ڀريو ۽ منهنجي هٿ ۾ ڄڻ بجليءَ جو جهٽڪو لڳو.... مون يڪدم هٿ پري ڪيو... آءِ ايم سوري....! مومل مون ڏانهن نهاريو..... ۽ چيائين، ”ماڻهو اهڙي غلطي ڇو ڪري جو پوءِ سوري چوڻو پوي،“ مون سندس اکين جا چيل لفظ دهرايا، ”غلطي ته ٿيڻي هئي پوءِ ڀلا ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه.“ مومل وري مون ڏانهن نهاريو، سندس اکين ڳالهايو، ”وري اهڙي غلطي نه ڪجو.“ ماسي يڪدم چيو، توهان وري اکين اکين ۾ ڇا پيا ڳالهايو. ڇوڪري تون هلي رات جي مانيءَ جي تياري ڪر، مان به اچان ٿي. ماسي.... هڪ منٽ، مون کي اڃان اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي ته توهان ٻئي انهن ٽن گلن لاءِ پريشان ڇو آهيو، مان هاڻي باغ مان توهان کي ٻيا گل آڻي ٿو ڏيان. بابا چنڊ... تون ڳالهه کي نٿو سمجهين... باغ مون کان پري آهي ڇا؟!!! ماسي... تون کڻي سمجهاءِ، منهنجي خيال ۾ اهي گل، وڏين ڪارين اکين واري ”شبانه“ کڻي وئي آهي. ماسيءَ سوچيندي چيو، ها... بلڪل... اها ئي اهي گل کڻي وئي آهي. ڏاڍي چالاڪ آهي، پنهنجو حصو سڀني کان اڳ کڻي وئي..... ماسيءَ چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو. مگر سندس لفظ مون به ٻُڌا ۽ مومل به ٻُڌا. ماسي.... تون الائي ڇا پئي چوين.... ٿورو ڏاڍيان ته ٻُڌاءِ... مون ائين چيو ڄڻ سندس لفظ مون ڪونه ٻُڌا هئا. بابا چنڊ.... اڄ صبح جو فجر مهل مان وضو پئي ڪريان ته هوءَ ننڊ مان اٿي آئي، وضو ڪيائين ۽ پوءِ اسان ٽنهي نماز ادا ڪئي، پوءِ هوءَ دريءَ کان ٻاهر باغ ۾ ڏسندي رهي، رات جو سندس سامهون اهو ذڪر ٿيو هو ته تون روز گل کڻي اچي پنهنجي ڪمري ۾ رکندو آهين ۽ هميشه هڪ جيترا گل چونڊيندو آهين. هن اها ڳالهه ٻُڌي هئي، مون سندس اکين ۾ ان مهل هڪ چمڪ محسوس ڪئي هئي، مگر مون ڌيان ڪونه ڏنو هو. دريءَ مان هن توکي گل چونڊيندي ڏٺو هوندو پوءِ مون کيس ٿورو پريشان ڏٺو هو ڄڻ ڪا خاص ڳالهه سوچيندي هجي. ناشتو به هن ڄڻ اڌورو ڪيو هو... منجهند جي مانيءَ تي سڀ موجود هئا مگر هوءَ ٻئي ڪمري ۾ هئي، مان کيس مانيءَ لاءِ وٺڻ ويس ته سندس هٿن ۾ پنو ۽ پين هئي. مون کي ڏسي چيائين ته ماسي توهان هلو مان هٿ ڌوئي اچان ٿي. مان موٽي ماني کائڻ واري ڪمري ۾ آيس، هوءَ به اٺن ڏهن منٽن ۾ ڪمري ۾ آئي. ان مهل مون سندس چهري ۽ اکين ۾ جيڪا خوشي ڏٺي سان مون کي ائين لڳي ته هن کي ڄڻ پنهنجي من پسند شيءَ ملي وئي آهي.

مان خميس ڏينهن هن کان ضرور پُڇندس ته هن اها حرڪت ڇو ڪئي... ماسي... ڇا تون کيس چوندينءَ ته هن اسان جي حويليءَ مان ٽي گل ڇو چورايا... ڇا تون کيس ايترو ٻار ٿي سمجهين.... هنن جي حويليءَ ۾ به باغ آهي.... گلن جي اتي به ڪمي ڪانهي، هوءَ توکي وٺي وڃين باغ ۾ ڇڏيندي ۽ چوندي.... ماسي جيجل... تون ناراض نه ٿي... جيترا گل توکي کپن ڀلي کڻي وڃ. ٿي سگهي ٿو ته هوءَ اڳ واٽ اهو بندوبست ڪري ۽ تنهنجي چوڻ کان اڳ هوءَ توکي ايترا گل ڏئي جو مجبور ٿي تون سندس کان پڇاڻو به ڪري نه سگهين.

منهنجي سمجهائڻ جو انداز ئي اهڙو هو جو ماسيءَ کان کل نڪري وئي، مومل جي لبن تي به مشڪ تري آئي. ڇوڪرا... او بابا چنڊ... مون اڳ به توکي چيو هو... ”توکي سمجهڻ ۾ مون کي اڃان سال لڳندا.... ۽ هن چريءَ کي به توکي سمجهڻ لاءِ رت ولهوڙڻو پوندو.“

بس سڀ ٺيڪ آهي.... ڪنهن جي نصيب سان ريس ته ڪانه ڪبي، جيڪڏهن هن جو نصيب آهي ته ڪير روڪي سگهندو. ماسيءَ ٽيبل تان گلن جي ٽري کنيئن ۽ مومل کي ساڻ ڪري ڪمري مان هلي وئي. مون سوچيو انهيءَ سانوريءَ ضرور ڪجهه سوچي اها حرڪت ڪئي هوندي. رات مون سندس دليريءَ جو اندازو ته لڳايو هو، هوءَ بي اُلڪو ٿي منهنجي ڪمري ۾ هلي آئي هئي ۽ پوءِ منهنجو فيصلو ٻُڌي خوش ٿيندي هتان واپس وئي هئي. ڀلي انٽر ڪري ۽ هلي عزيز آباد ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺي، ڪنهن جي نصيب سان ريس ڪهڙي. سج لهي ويو هو، مان اچي اوطاق ۾ ويٺس. بابا سائين، چاچو ڪمدار ۽ مولوي عبدالرحمان شاهه اوطاق ۾ آيا. مون اُٿي مولوي صاحب کي ڀاڪر پائي سندس شڪريو ادا ڪيو ته هن اڄ پنهنجا پير مبارڪ اسان جي اوطاق ۾ رکي اسان جي عزت افزائي ڪئي آهي. هو مسجد ۽ مدرسي کان تمام گهٽ ٻاهر نڪرندو هو، ضرور ڪا خاص ڳالهه هوندي جو بابا سائين کين اڄ اوطاق تي وٺي آيو آهي. بابا سائين گهنٽي وڄائي بهرام کي گهرايو ۽ چانهه ۽ ٻيو سامان آڻڻ جو چئي... مولوي صاحب کي چيو ته بابو چنڊ... ويٺو آهي، توهان پاڻ سندس کان معلوم ڪريو پوءِ ٻڌايو ته ڇا انهن گلن جي پٺيان ڪو راز آهي يا اهو صرف هڪ اتفاق آهي. مون مولوي صاحب کي گلن چونڊڻ بابت ٻڌايو ته هميشه چار گلاب جا ۽ ست موتئي جا گل چونڊيندو آهيان مگر ڪڏهن ڪڏهن موتئي جا اٺ گل کڻي ايندو آهيان باقي گلاب جا هميشه چار هوندا آهن. پٽ قمر... سوچي ٻڌاءِ ته ڇا اهي گل تون هڪ ٻوٽي مان پٽيندو آهين يا مختلف ٻوٽن مان، مان سوچڻ لڳس.... مولوي صاحب آءٌ سدائين پهريائين گلاب جا گل چونڊيندو آهيان. گلاب جي ٻوٽن ۾ گلن کي ڏسندو ويندو آهيان پوءِ جيڪو گل منهنجي دل چوندي آهي اهو پٽيندو آهيان. چئن مختلف ٻوٽن مان چار گل پوءِ منهنجي دل ڪانه چوندي آهي ته مان ڪو ٻيو گل چونڊيان... پوءِ مان موتئي جي ٻوٽن ڏانهن ايندو آهيان ۽...... مان سوچڻ لڳس مون کي ياد پوي پيو ته مان صرف ٽن ٻوٽن مان، هڪ مان ٽي، ٻئي ۽ ٽئي مان ٻه ٻه گل چونڊيندو هئس. مون اها ڳالهه مولوي صاحب کي ٻڌائي. بابا سائين ۽ چاچو ڪمدار به اها ڳالهه ٻُڌن پيا. مگر ٻچا قمر...! تو اهو ڪونه ٻڌايو، موتئي جو اٺون گل تون انهن ٽنهي مان ڪنهن هڪ مان يا وري ڪنهن ٻئي ٻوٽي مان پٽيندو آهين. مون ڪافي سوچيو.... مگر مون کي ياد نه پيو اچي ته اهو اٺون گل مان ڪٿان چونڊيندو آهيان..... مگر اهو صرف ڪڏهن ڪڏهن ٿي ويندو آهي. مولوي صاحب ڪنهن گهري سوچ ۾ هو... پُٽ قمر... اهو ٻڌاءِ... ڇا اهي گل تون ڳڻي پٽيندو آهين، جيئن هڪ، ٻه، ٽي، چار وغيره وغيره.... نه سائين.... مون ته ڪڏهن کين ڳڻيو ڪونهي. مگر ڪمري ۾ آڻي رکڻ مهل مون کي خبر هوندي آهي ته چار گلاب ۽ ست موتئي جا گل آهن. بس ڪڏهن مون کي شڪ ٿيندو آهي ته اڄ شايد موتئي جا اٺ گل آهن مگر مون انهن کي ڪڏهن ڳڻي تصديق ڪانه ڪئي آهي. چانهه وغيره اچي وئي هئي، بهرام ۽ وريام سامان رکي وڃي دروازي تي بيٺا. مون مولوي صاحب جي اڳيان مٺائي، بسڪوٽ ۽ نمڪين رکيا، هو گهري سوچ ۾ هو... چانهه پي هن بابا سائين ڏانهن نهاري چيو، رئيس وڏا....! ڳڻتيءَ جي ته ڪا ڳالهه نظر ڪانه ٿي اچي....مون کي جيڪو سمجهه ۾ آيو آهي، ”پٽ قمر جي نصيب ۾ چار گلاب جا گل آهن.... يعني چار شاديون، انهن مان کيس ست ٻار ٿيندا، جيئن هو ٻڌائي ٿو ته ٽي هڪ مان ۽ ٻه ٻه ٻين ٻن مان مگر هڪ جو مسئلو رهي ٿو، اهو اگر چوٿين مان آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڇو آهي.“ يا چوٿون گلاب خدا نه ڪري ته، بي اولاد ته ڪونه رهندو، يا وري ائين به ٿي سگهي ٿو ته چئن گلابن مان هڪ گلاب کي اولاد ٿئي مگر سندس حياتي ٿوري هجي. سبب ته ٻيا به گهڻا ڳولهي سگهجن ٿا... مثال طور شاديون ڪيتريون به ٿين، پٽ قمر کي يارنهن اولاد نصيب ۾ هجن. چار گلاب.... يعني نياڻيون ۽ ست يا اٺ پٽ جن مان هڪ الله کي پيارو ٿي وڃي. رئيس وڏا... وقت پيو آهي، انهي ڳالهه جو توهان فڪر نه ڪريو.... سنوڻ سٺو آهي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهو صرف هڪ اتفاق هجي جو سدائين هڪ جيترا گل چونڊيا وڃن.

انهي ۾ فڪر ڪرڻ جي ڪابه ڳالهه ڪانهي. مولوي صاحب اُٿي کڙو ٿيو، عشاء جي نماز جو وقت ٿيڻ وارو هو، هو ٽئي گڏجي مسجد شريف ڏانهن روانا ٿيا. مان به اٿي اندر هليو آيس. ڪمري ۾ اچي ويٺس ته ماسي ۽ مومل اچي پهتيون، ڄڻ انهيءَ انتظار ۾ هيون ته مان اندر اچان.... بابا چنڊ... ڪر خبر.... اڄ رئيس وڏو، مولوي صاحب کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو هو، ڪا خاص ڳالهه هئي ڇا؟!!!...

سڀاڻي شهر مان هر شيءَ خريد ڪجاءِ، جيڪا تنهنجي دل کي وڻي، پئسن جو فڪر نه ڪجاءِ، مان ڪاليج وڃڻ کان اڳ ماسيءَ کي ٻيا پئسا ڏئي ويندس.“ توهان کي ڪيئن خبر پئي ته مان سڀاڻي شهر ويندس، ماسيءَ ته اڃان ڪنهن کي ڪونه ٻڌايو آهي. مومل.....! مون وٽ جادو آهي، انهيءَ ڪري مون کي خبر پئجي وئي ته سڀاڻي گهڻا ماڻهو شهر ويندا ۽ خريداري ڪندا.

جي ماسي.... ”منهنجي شادي جي ڳالهه هئي.“ ڇا چيئي.... ماسيءَ کان رڙ نڪري وئي. مان کلڻ لڳس... ڇو ماسي منهنجي شاديءَ ۾ تون ناراض آهين ڇا؟ ماسي خوشيءَ سان مون کي ڏسندي رهي، مومل به حيران هئي ته مان ڇا پيو چوان. ماسي... سڀ مهمان ته هليا ويا پر تنهنجي هيءَ لاڏلي اڃان هت ترسيل آهي. مومل جو منهن لهي ويو، سائين! توهان ناراض نه ٿيو، مان رات جي ماني کارائي پنهنجي حويليءَ ڏانهن هلي ويندس. ماسي... تو ٻڌو... پنهنجي حويليءَ ڏانهن هلي ويندي....!! ڄڻ هيءَ حويلي سندس ڪانهي. ڇوڪرا.... او بابا سائين، مان اڌ چري ته آهيان، وڌيڪ چريو ڇو ٿو ڪرين. ماسي... تون اڌ چري... هيءَ سڄي چري پوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟! ٻئي گڏجي کلڻ لڳيون... بابا چنڊ..... تون نٿو ٻڌائڻ چاهين ته خير آهي، ماسات نماز تان موٽي ته مان کيس گهرائي، انهيءَ کان ٿي پڇان. نه....نه... ماسي.... تون چاچي ڪمدار کي تڪليف ڇو ٿي ڏين. مون ته توهان کي ٻڌايو آهي، منهنجي شادي جي ڳالهه هئي، پوءِ مون کين مولوي صاحب جيڪو چيو هو کين ٻڌايو. ماسي به گهري سوچ ۾ پئجي وئي. ماسي!! ”ڏاڍو سٺو ٿيندو اگر منهنجي هڪ شادي ٿئي ۽ يارنهن ٻار ٿين پوءِ ته توکي رڳو ٻار پالڻا پوندا، سڄيءَ حويليءَ ۾ توکي ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي گهمائيندا رهندا.“ بابا سائين...! تون ڪونه مڙندين.... اڃان هڪ ڳالهه به پوري ڪانه ٿي سمجهان ته تون وري ٻي ڳالهه ڪري ٿو ويهين... بس....ماسي... بس مون ڪئي بس. تون ڀلي آرام سان حساب ڪتاب سوچ پوءِ مون کي به سمجهاءِ ته مان ڇا ڪريان. ٿوري دير کان پوءِ ماسي چيو. بابا چنڊ... قدرت جا راز مالڪ پاڻ ڄاڻي. اسان بندا ته بس شڪر ۽ صبر ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهيون. مالڪ جيڪي ڪندو، سٺو ڪندو، پر توکي هڪ پارت ضرور ڪندس ته، ”هن راڻيءَ جو خيال رکجاءِ“. ماسي هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ، اسان ٻنهي مان تون ڪنهن کي وڌيڪ پيارو ٿي سمجهين؟ اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي، توهان ٻئي ڄڻ منهنجون ٻه اکيون آهيو، هاڻي اهو نه چئجاءِ ته، ٻنهي اکين مان ڪهڙي اک پياري اٿئي. مون مومل ڏانهن نهاريو، سندس لب خاموش هئا مگر اکين ڳالهايو، ”سائين! ڇو ٿا ماسيءَ کي تنگ ڪريو.“ ماسيءَ به ڏسي ورتو، ”وري توهان اکين سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.“ هل بابا ڇوڪري... رئيس وڏو ڄاڻ پهتو، هلي ماني جي خبرچار لهون، هو ٻئي مون کي ڪمري ۾ اڪيلو ڇڏي ويون. مون سوچيو، ماسي سچ پئي چئي، قدرت جا راز مالڪ پاڻ ڄاڻي، بندو ڀلا ڇا ڪري به ڇا ڪندو، نصيب جو لکيو ته پاڙڻو پوندو. انهيءَ مهل گهنٽي وڳي، بابا سائين جن نماز پڙهي موٽي آيا هئا. مان به اچي سندن ڀر ۾ ويٺس، پاڻ ۾ يار رسولي جي مڱڻي جون ڳالهيون ڪن پيا. ٺيڪ آهي رئيس وڏا.... جيئن توهان مناسب سمجهو. ماني کائي مان ٿوري دير کان پوءِ اُٿي اندر هليو آيس، بابي سائين وارا صلاحن ۾ مشغول هئا. مون گهنٽي وڄائي، مائي زليخان اندر آئي، مون کيس چانهه لاءِ چيو ۽ ٽيبل تان ٻيو ڪتاب کنيون، اهو به ڪاليج جي لائبريريءَ مان اشو ڪرايو هئم مگر هتي پڙهڻ جو وقت ته مليو ڪونه، مون ڪتاب کوليو ”The Great Escape“ ”دي گريٽ ايسڪيپ“ ”قيد مان فرار“ مون کي ذهن ۾ ٻي جنگ عظيم جو خيال آيو.*

سائين....! چانهه کڻي آئي آهيان... مومل جو آواز ٻڌي مون سندس ڏانهن نهاريو پوءِ ڪتاب رکي مون کيس چيو، ”مومل“.... تون مون کي سائين ڇو ٿي سڏين... تون به چنڊ چئي ڳالهائيندي ڪر. نه سائين.... چنڊ ته توهان کي وڏا چوندا آهن.... مون لاءِ سائين ٺيڪ آهي. مون سوچيو مان به ڪڏهن ڪڏهن ضد ڪندو آهيان مگر هيءَ به ضدي آهي، پنهنجي ڳالهه تان هٽندي ڪونه!

مومل مون کي چانهه ڏني، مون چيومانس ته، ”سڀاڻي شهر مان هر شيءَ خريد ڪجاءِ، جيڪا تنهنجي دل کي وڻي، پئسن جو فڪر نه ڪجاءِ، مان ڪاليج وڃڻ کان اڳ ماسيءَ کي ٻيا پئسا ڏئي ويندس.“ توهان کي ڪيئن خبر پئي ته مان سڀاڻي شهر ويندس، ماسيءَ ته اڃان ڪنهن کي ڪونه ٻڌايو آهي. مومل.....! مون وٽ جادو آهي، انهيءَ ڪري مون کي خبر پئجي وئي ته سڀاڻي گهڻا ماڻهو شهر ويندا ۽ خريداري ڪندا، بس... سائين.... بس مان توهان جو جادو سمجهي ويس.... ”توهان سان ڪجهه گهڙيون گڏ گذاريون اٿم انهي ڪري اهو جادو ٿورو ٿورو مون کي به اچي ويو آهي.“ سندس چوڻ جو انداز ايترو ته دلنشيءَن هو جو بي اختيار ٿي مون کيس ڀاڪر پاتو ۽ چيومانس، تون واقعي ”مومل“ آهين. ماسيءَ جي ڪسوٽيءَ تي جيڪو پورو لٿو اهو ته خالص سون هوندو. سائين! کرو ۽ کوٽو ته وقت جي تارازيءَ ۾ توربو، مومل جي ته صرف هڪ آرزو آهي ته، ”توهان سدائين گلن جي سيج تي هجو.“ خوش ۽ شاد هجو، مومل کي منهنجي ڪمري ۾ آئي ڪافي دير ٿي هئي مگر ماسي اڃان ڪونه آئي هئي. ماسي آئي، ”مومل ۽ راڻي جي ڪچهري پوري ٿي يا اڃان هلي پئي، ماسيءَ منهنجي ڀرسان ويهندي چيو. مون مومل ڏانهن نهاريو، هن شرمائي ڪنڌ کي کڻي جهڪايو پوءِ ٿانو کڻي ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي. بابا چنڊ... صبح جو اسان شهر وينداسين، تون ٻڌاءِ ته راڻيءَ کي ڇا وٺي ڏيان.

ماسي... مون کان ڇو پئي پڇين، جنهن شيءَ تي هٿ رکي اها وٺي ڏجائنس. مون اٿي الماري کولي....، مگر ماسي به اچي منهنجي ڀرسان بيٺي ۽ چيائين ته پئسن جي ضرورت ڪانهي. تو وارا ڏنل پئسا به تمام گهڻا آهن، هوءَ ته پنهنجي حويليءَ مان به ڪافي پئسا کڻي آئي آهي. ائين چئي الماريءَ کي بند ڪري چاٻيون مون کي ڏنائين. ڇو ڀلا..... ماسي.... منهنجا ڏنل پئسا کيس سٺا ڪونه لڳا ڇا....؟!! جو پنهنجا پئسا کڻي آئي آهي. راڻا... تون هاڻي ٻارن واريون ڳالهيون پيو ڪرين، پنهنجن پئسن سان جيڪڏهن هوءَ ڪجهه خريد ڪرڻ چاهي ٿي ته سندس مرضي. ماسي .... اهو ته ٺيڪ آهي پر...، بس.... بابا چند، مون ته کيس چيو هو مگر هن مون کي ڪو جواب ڪونه ڏنو، سڀاڻي خبر پوندي ته ڇا ٿي وٺي. ماسي تون ڪوشش ڪري سڀ شيءَون مون وارن پئسن مان وٺجاءِ. ٺيڪ آهي بابا....مان هاڻي هلان ٿي تون به آرام ڪر. صبح جو ناشتي تي بابا سائين به هڻو، پوءِ مون کي خبر پئي ته هو شهر ويا آهن. مون به سوچيو ته شهر وئي مون کي به گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن، ڇو نه مان به چڪر لڳائي اچان. تيار ٿي ٻاهر آيس، بهرام کي چيم ته ڪار ٻاهر ڪڍي، ڪار ڪڍي هن ڪپڙو هڻي صاف ڪئي، رئيس ننڍا... توهان اڪيلا ڪيڏانهن تيار ٿيا آهيو، مان وريام کي سڏي اڃان ته اهو توهان سان گڏ هلي. نه بهرام مان اڄ اڪيلو شهر جو چڪر هڻي ٿو اچان. مگر رئيس ننڍا...، بس...بس... تون اوطاق سنڀال. مون ڪار اسٽارٽ ڪئي ۽ شهر ڏانهن رخ ڪيو، ڪافي دير مان شهر جي مين روڊن تي گاڏيءَ ۾ گهمندو رهيس پوءِ هڪ سپراسٽور جي اڳيان گاڏي پارڪ ڪري لٿس ته ڪجهه شيون ڏسان. انهيءَ مهل منهنجي عمر جو هڪ نوجوان ڀرسان آيو، مسٽر قمر.... هائو آر يو.... منهنجون توهان کي فرسٽ اچڻ تي مبارڪون هجن. مون هن سان هٿ ملايو... شهر جي اسڪول ۾ مون هن کي ڏٺو هو مگر نالي وغيره جي مون کي خبر ڪانه هئي. مسٽر قمر... ڇا توهان مون کي سڃاتو... منهنجو نالو امتياز حسين شاهه ۽ هيءَ اسٽور اسان جو آهي. اسڪول ۾ توهان ستين اي ۽ آءُ ستين بي ڪلاس ۾ هئس. مون وري هن سان هٿ ملايو ۽ چيو ها، مان اسڪول ۾ توهان ڏسندو هئس مگر تعارف اڄ ٿيو آهي. مسٽر قمر پليز اچو چانهه جو ڪوپ ٿي وڃي. هو نه صرف شڪل جو سهڻو مگر ڳالهائڻ ۾ بااخلاق ۽ سوبر لڳي پيو. امتياز شاهه اچ يار چانهه منهنجي طرفان.....، مون سامهون دل بهار هوٽل ڏانهن نهاريندي چيو. مان ڪڏهن به هوٽل تي چانهه پيئڻ ته ڪونه ويو هئس مگر اسڪول ايندي ويندي مان هن هوٽل کي ڏسندو هئس. شهر جو مين چوڪ هو، ٽيهه فٽ ويڪرو روڊ ۽ ٻنهي طرف دڪان ۽ هوٽلون هيون. مسٽر قمر... چانهه مان توهان کي پياريندس، اُها به گهرجي، هوٽل ۾ ڪهڙي چانهه ملندي. مون حيران ٿي هن ڏانهن نهاريو.... آس پاس ته ڪو گهر ڪونه هو، شايد هو مون کي پنهن جو گهر وٺي وڃڻ پيو چاهي. مگر شاهه صاحب....، هن آهستي منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ اسٽور ۾ داخل ٿيو. ڪافي وڏو اسٽور هو، هڪ طرف ڪاسميٽڪ وغيره ته ٻئي طرف بيڪريءَ جو سامان هو. ڇهه ست گراهڪ سامان جي خريداريءَ ۾ مشغول هئا. ڪيش ڪائونٽر تي چاچي ڪمدار جي عمر جو، هڪ تندرست ماڻهو ويٺل هو، سندس مٿي تي حاجيت وارو ڳاڙهو رومال هو، جيڪو گراهڪ کان پئسا وصول ڪري رهيو هو. مون تي نظر پيس ته خوشيءَ ۽ حيراني سان ڪرسي تان اٿيو، اچو...اچو.... مسٽر قمر... ويل ڪم. مون سان هٿ ملائي چيائين.... پٽ امتياز، مسٽر قمر کي اندر وٺي وڃ. مان حيران ته مون سندس کي پهريائين ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو ۽ هن اسٽور ۾ به آءُ پهريون دفعو آيو هوس، پوءِ به هن کي منهنجو نالو ياد هو. امتياز شاهه مون کي اسٽور جي آخر ۾ ٺهيل هڪ ڪمري ۾ وٺي آيو جيڪو آفيس وانگي سينگاريل هو، وڏي ٽيبل، ريوالونگ ڪرسي، فون، ڪرسيون ۽ سائيڊ ۾ هڪ صوفه سيٽ رکيل هو. امتياز شاهه مون کي عزت سان صوفي تي ويهاريو ۽ چيائين....! مسٽر قمر توهان ويهو مان چانهه لاءِ چئي اچان ٿو پوءِ ڪچهري ڪيون ٿا. ڪمري ۾ ٻه دروازا ٻيا به هئا، هڪ کي کولي امتياز شاهه اندر هليو ويو، ٻيو شايد باٿ روم هوندو. پنجن منٽن ۾ امتياز شاهه موٽي آيو ۽ اچي هڪ ڪرسي تي ويٺو. پوءِ حال احوال ٿيا ته معلوم ٿيو، امتياز شاهه به ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي آهي، ڪائونٽر تي سندس والد سجاد حسين شاهه هو، هڪ ته هن منهنجو ڦوٽو اخبار ۾ ڏٺو هو، ٻيو خبر پئي ته بابا سائين ۽ چاچو ڪمدار به هتي ايندا آهن ۽ اسان جي حويليءَ جو ڪافي سامان هتان خريد ڪيو ويندو آهي. ٿوري دير کانپوءِ هڪ ٻيو ڇوڪرو پليٽن ۾ ڪيڪ، مٺائي ۽ نمڪين کڻي آيو، هو امتياز شاهه جو ننڍو ڀاءُ هو جيڪو اٺين ڪلاس ۾ پڙهي پيو. مسٽر قمر پليز شروع ڪيو.... مون هڪ پيس، ڪيڪ جو کڻي کاڌو، انهيءَ مهل سجاد علي شاهه به اندر آيو... مون اٿڻ جي ڪئي ته هن چيو ويهو ويهو بابا تڪلف نه ڪيو. پوءِ مون کي ٻڌايائين ته رئيس وارا اڄ آيا هئا، ڪافي سامان کڻائي ويا آهن. توهان جو والد ته گهٽ ايندو آهي مگر رئيس مولا بخش اڪثر اسان وٽ ايندو آهي. مسٽر قمر.... بابا توهان کائو ته سهي حجاب ڇو ٿا ڪريو. نه چاچا.... مان حجاب ڪونه ٿو ڪريان.... مون کي توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، مان ته ڪڏهن به خريداريءَ لاءِ شهر ڪونه ايندو آهيان..... بس اڄ الائي ڪيئن ڳوٺ مان نڪري آيو آهيان.... شايد توهان سان ملاقات ٿيڻي هئي. مان ته هاڻي بشيرڪوٽ ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙهان پيو بس سال ۾ ٻه ڀيرا موڪلن ۾ ڳوٺ ايندو آهيان. مان ڏيڊ ڪلاڪ کن انهن سان ڪچهري ڪندو رهيس پوءِ اجازت وٺي مان اٿيس، امتياز شاهه مون سان ڪار تائين گڏ آيو. مون کيس چيو ته مان پنجن ڇهن ڏينهن کانپوءِ ڪاليج هليو ويندس، ڪڏهن ڳوٺ ۾ اچي منهنجي دعوت کائي وڃ. مسٽر قمر... مان ضرور ايندس..... فرسٽ ايئر ۾ مون کي به داخلا وٺڻي آهي، موڪلن ۾ جڏهن اچو، مون کي فون تي يا نياپو ڪجهه ته پوءِ گڏجي محفل ڄمائينداسين. يار.... مانيءَ جو وقت به ٿيڻ وارو آهي..... ترسو ماني کائي پوءِ ڳوٺ وڃجو. هن پهريون دفعو يار چيو.... مون کي سندس اهو انداز سٺو لڳو. نه يار امتياز.... هيترو کاڌم اٿم، هاڻي ته ملاقاتون ٿينديون رهنديون، کائينداسين ۽ کارائينداسين.. اسان ٻنهي کلي هٿ ملايو پوءِ مان ڳوٺ روانو ٿيس. رستي ۾ سوچيان پيو ته سٺو ٿيو جو شهر نڪري آيس، امتياز سٺو نوجوان هو. ادب آداب ۽ سٺا لڇڻ مون ته ٽن سالن ۾ ڪوبه دوست ڪونه ڪيو هو، سڀني سان صرف هيلو... هاءِ ٿيندي هئي، مان وري رهندو به پرنسيپال جي بنگلي ۾ هئس ان ڪري سڀ ٿورو پرڀرو رهندا هئا.

مان جنهن مهل ڳوٺ واري سرن جي روڊ تي پهتس ته سامهون چاچي ڪمدار واري اڇي ڪار ايندي نظر آئي، ڪار مون کان ويهه وال کن پهريائين بيهي رهي، ڪار ۾ پار رسولو هو.... ڇا ڳالهه آهي يار، ڪيڏانهن پئي ويئن. رئيس ننڍا.... توهان کي وٺڻ لاءِ پئي ويس.... يار... ڇا .... مان ننڍڙو آهيان جو شهر ۾ گم ٿي ويندس. نه رئيس ننڍا..... بس بابي جو ضد هو، رئيس وڏو ته چئي پيو ته سوٽ ...... ڇو ٿو فڪر ڪرين، بابو چنڊ گهمي ڦري موٽي ايندو آخر ته تنهنجو شاگرد آهي. ٺيڪ آهي يار... دير به ٿي وئي آهي... مون ڪار کي اڳتي وڌايو. مان ڪار بيهاري اوطاق ۾ پهتس ته بابا سائين کان اڳ چاچي ڪمدار چيو..... رئيس ننڍا... توهان وري اوچتو شهر ڪيئن نڪري پيو، بهرام کي ته مون ڇنڊ پٽي آهي، ڇو توهان کي اڪيلو ڇڏياءِ... يار سوٽ... تون به ڪمال ٿو ڪرين.... بابو چنڊ هاڻي ننڍڙو ته ڪونهي. تون ڇو پيو اجايو فڪر ڪرين. بس رئيس وڏا... شهر جي ٽريفڪ تمام بي سري آهي ان لاءِ فڪر هو. ماني آئي.... مون ٿوري مان کاڌي...... ڇا ڳالهه آهي بابا چنڊ... هٿ ڇو ڊرا ڪيا اٿئي. مون کين حسيني جنرل اسٽور تي وڃڻ جو احوال ٻڌايو. چاچي ڪمدار فورن چيو.... تمام سٺا ۽ خانداني ماڻهو آهن، حاجي سجاد حسين کي مان سالن کان سڃاڻان ٿو، نيڪ ۽ دين دار ماڻهو آهي سندس اولاد به نيڪ آهي. مان پنهنجي ڪمري ۾ آيس، مون کي خوشيءَ هئي هئي ته سالن کانپوءِ هڪ ٻيو سٺو دوست ملي ويو هو. ڪاش هو به مون سان بشيرڪوٽ ڪاليج ۾ گڏ پڙهندو هجي. مون کي پنهنجي سوچ تي اچرج لڳي، مون ڀلا اهو ڇو سوچيو، پڙهڻ لاءِ هو به بشيرڪوٽ ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا وٺي سگهي ٿو، مگر سندس والدين انهي لاءِ راضي هجن الائي ته. ڪاليج ته هتي به هو صرف ٿورو پڙهائي جو فرق هو. مون گهنٽي وڄائي، مائي سڪينه اندر آئي، مون کيس چيو ته ماسيءَ کي مون ڏانهن موڪل. رئيس ننڍا.... اها ته اڃا شهر مان واپس ڪونه آئي آهي. ٺيڪ آهي تون وڃ. خريداريءَ ۾ وقت ته لڳي ٿو، سڀني کي شيون پسند ڪرڻ ۾ وقت ته لڳندو. سڀاڻي اربع آهي، خميس تي صبح جو يار رسولي جو مرشدآباد ۾ مڱڻو ڪرڻو هو، گهڻن سالن کانپوءِ خوشيءَ جي اها گهڙي آئي آهي، سڀ دل کولي خريداريءَ ۾ رُڌل هوندا. ٿوري دير کان پوءِ آءُ سمهي پيس. اک کلي ته سج لهي ويو هو، مون اٿي بلب ٻاريو، هٿ منهن ڌوئي اچي ويٺس ته مومل ڪمري ۾ آئي، سائين.... توهان لاءِ چانهه کڻي اچان.....، مومل.... توهان ڪنهن مهل پهتا آهيون. سائين.... گهڻي دير ڪانه ٿي آهي.... صبح لٿي هتي پهتا آهيون. ماسي نماز پئي پڙهي. ٺيڪ آهي تون چانهه کڻي اچ پوءِ توکان حال احوال پڇان ٿو.

مومل مون کي چانهه ڏني ۽ پوءِ چيائين ته توهان اڪيلا شهر ڇو ويا هو، سندس جهجي ۾ پيار ڀري ناريضگي هئي. ڇو ڀلا... منهنجي شهر وڃڻ تي ڪا بندش آهي؟!!- نه... نه.... مگر پاڻ سان گڏ ٻه ماڻهو ته وٺي وڃو هان...!- ”مومل“...، جي سائين...، ڇا توکي اهو فڪر آهي ته مان ڀلجي ڪاڏي وڃائجي نه وڃان...! سائين .. اها ڳالهه ڪانهي.... شهر ۾ رڪشا، ٽانگا، گڏهه گاڏا ۽ ماڻهو سڀ هڪ روڊ تي هلن ٿا. مون کي کل اچي وئي. سائين... توهان ڀلي کلو. مومل...! مان جڏهن بادشاهه ٿيندس ته پوءِ انهن سڀني لاءِ جدا جدا روڊ ٺهرائيندس.... هاڻي ته ٺيڪ آهي. مگر تون اِهو ته ٻڌاءِ شهر مان ڇا ڇا ورتو اٿئي. سڀ ڪجهه ورتو اٿم. سڀ ۽ ڪجهه!!. سائين...! توهان کي هڪ هڪ شيءَ جو نالو ٻڌڻو آهي ڇا؟!- مگر خبر ته پوي ”مومل“ ڇا ورتو آهي. انهيءَ مهل ماسي به اندر آئي ۽ هن منهنجو اهو جملو ٻڌو. بابا چنڊ... توکي ايڏي تڪڙ ڇو لڳي آهي، هڪ ڏينهن ته صبر ڪر، خميس ڏينهن پاڻ ڏسجاءِ، پيرن کان وٺي مٿي جي وارن تائين سڀ ڪجهه تنهنجو آهي. مومل مون ڏانهن نهاريو ۽ شرم ۾ سندس ڪنڌ جهڪي ويو. بابا سائين..... مون ته تو لاءِ ڪجهه ڪونه ورتو آهي پر.....، هن جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. مون مومل ڏانهن نهاريو، هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي هئي. ماسيءَ اٿندي چيو ”مومل“ مان  هلان ٿي، سڀ ڪم پيا آهن پوءِ گلن واري ٽري کڻي هلي وئي. مومل..! مون لاءِ ڇا ورتو اٿئي ڏيکار ته سهي. اڄ نه... سڀاڻي ڏيکاريندي سانڌ سائين. ڪا خاص شيءِ ورتي هوندئي. سڀاڻي ڏسي ٻڌائجو.... مون کي اجازت ڏيو.... ماسي انتظار ڪندي هوندي. مون کيس وڃڻ ڏنو. مان  اوطاق ۾ آيس، بابا سائين ۽ چاچو ڪمدار ويٺا هئا. رئيس ننڍا... خميس تي رئيس وڏو، توهان ۽ مان گهوڙن تي اڳيان ۽ ٻيا سڀ گاڏين ۾ اسان جي پويان هلندا، توهان دلبر تي سوار ٿي هلجو. چاچا ڪمدار..... منهنجي مرضي آهي ته دلبر تي ننڍڙي رئيس کي توهان پنهنجي وچ ۾ ڪري هلجو، يار گهوٽ کي مان پاڻ سان ڪار ۾ کڻي هلندس. چاچي ڪمدار، بابا سائين ڏانهن نهاريو. يار سوٽ.... بابي چنڊ جي ڳالهه مون کي وڻي، تنهنجو ڇا خيال آهي. رئيس وڏا.. تمام سٺو، رئيس ننڍو ...اسان پوڙهن کان گهڻو اڳتي جي سوچ رکي ٿو. منهنجي خيال ۾ اهو بهتر رهندو. بلڪل سوٽ.... ته پوءِ ننڍڙي رئيس کي اسان پنهنجي وچ ۾ ڪري هلنداسين. عشا جي نماز پڙهڻ لاءِ بابا سائين وارا اٿيا ۽ مان پنهنجي ڪمري ۾ موٽي اچي پڙهڻ واري ٽيبل اڳيان ويٺس. مون هڪ ٻيو ڪتاب کنيون "Death of an Angle" ”ڊيٿ آف اين اينجل“ پڙهڻ جو موقعو ته ملي ڪونه پيو، اهي چار ئي ڪتاب واپس ڪاليج جي لائبريريءَ ۾ جمع ڪرائڻا هئا. مون چوٿون ڪتاب کنيون "Balls of Furry" بالز آف فري- ”پشم جا گولا“ مون سوچيو ليکڪ ”دلربا نازنين حسينائن کي پشم جي نرم گولن سان تشبيهه ڏني هوندي ۽ هن ڪتاب ۾ انهن جو ذڪر هوندو. مون ”ڊيٿ آف اين اينجل“ ”فرشتي جو موت“ ڪتاب کنيون، چند ورق اٿلائي پڙهيا. پوءِ مون هن ريت اندازو لڳايو ته ڪتاب جو مضمون هيءَ آهي. ”اسلام اچڻ کان اڳ جو ذڪر هو، ڪعبته الله شريف ۾ بيبي مريمؓ رهندي هئي، قدرت جو شان آهي ته کيس ڪنواري هئڻ جي باوجود الله جي حڪم سان حمل ٿيو، ان دور جي چڱن، انهي ڳالهه تي ناراض ٿي بيبي مريمؓ کي شهر جي ٻاهران هڪ ويران هنڌ تي رهڻ لاءِ مجبور ڪيو، وقت گذرندي دير ڪانه لڳي بي بي مريمؓ هڪ پٽ کي جنم ڏٺو. جنهن جو نالو حضرت عيسيٰ عليه السلام رکيو ويو، جنهن جو ذڪر اسان جي پاڪ قرآن ۾ سورة مريم ۾ بيان ٿيل آهي. بي بي صاحبه کان ان دور جي پادرين ۽ چڱن ڪافي پڇا ڳاڇا ڪئي مگر بيبي صاحبه کين ٻڌايو ته اهو صرف قدرت جو شان ۽ ڪرشو آهي، نه آءُ وڌيڪ ڄاڻان نه مون کي ٻي ڪا خبر آهي. توهان جي هر سوال جو جواب اهو بنا پيءُ جي پيدا ٿيندڙ ٻار ڏئي سگهي ٿو. حضرت عيسيٰ عليه السلام وڏا ٿيا، الله تعاليٰ جي طرفان کين هڪ پاڪ آسماني ڪتاب ”انجيل مقدس“ پڻ عطا ٿيو. حضرت عيسيٰ عليه السلام پنهنجي جي سڄي زندگي الله تعاليٰ جي فرمان مطابق ماڻهن کي سڌي راهه جي رهنمائي ڪندي گذاري آخرڪار حضرت عيسيٰ عليه السلام کي دار (صليب) تي چاڙهيو ويو، الله جي حڪم سان آسماني فرشتا حضرت عيسيٰ عليه السلام  کي پهرئين آسمان تي کڻي ويا. ڪتاب ۾ ڪهاڻيءَ جو رخ بدلجي ٿو. هڪ فنڪار جيڪو مجسما ٺاهيندو هو، اهو هڪ مجسمو ٺاهي ٿو، جنهن ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام کي دار (صليب) تي ڏيکاريو ويو هو. ان دور جي ماڻهن ۾ ڪافي گروهه ٺهي ويا هئا. ڪي حضرت عيسيٰ عليه السلام کي الله جو پاڪ نبي سمجهڻ پيا، ڪي وري کين نيڪ ۽ دين دار برزگ جي حيثيت ۾ مڃن پيا. انهن گروهن مان هڪ گروهه ان مجسمي کي چورائي پنهنجي گر جا گهر (پاڪ جڳهه) جتي عبادت ڪئي وڃي، اتي رکڻ چاهن پيا. پوءِ انهن گروهن ۾ انهيءَ مجسمي لاءِ ويڙهه ۽ تڪرار ٿئي ٿو ۽ آخر سچن ۽ ديندار ماڻهن جي فتح ٿئي ٿي ۽ اهو مجسمو هڪ پاڪ جڳهه تي رکن ٿا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com