سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري، اپريل 2014ع

مضمون--

صفحو :6

مصطفيٰ حسين/غلام مصطفيٰ سولنگي

 

 

 

عرب دنيا جي عظيم گلوڪاره اُمِ ڪلثوم

 

ڪير آهي جيڪو اُمِ ڪلثوم جي نالي کان واقف نه هجي، سڄي دنيا اُمِ ڪلثوم کي سڃاڻي، ماڻهن هن بي مثال گلوڪاره کي فوق البشر سمجهيو پر مان کيس هڪ عاُمِ انسان ڏٺو، ماڻهن کي ڪنجوس ۽ بخيل سمجهندا هئا پر مان هن کي فياض ۽ سخي ڏٺو. ماڻهن هن کي اسٽيج تي رنگن ۽ روشنين ۾ وهنجندي ڏٺو، پر مان هن کي سندس ئي گهر جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ٻه ٻه ڳوڙها وهائيندي ڏٺو. جڏهن قاهره ۾ هن جي بنگلي کي ڊاٿو ٿي ويو ته ماڻهو سخت ناراض ٿيا. انهن ان بنگلي کي اُمِ ڪلثوم  جي يادگار طور باقي رکڻ ٿي چاهيو، جيڪڏهن انهن کي اها خبر هجي ها ته اُمِ ڪلثوم وٽ ان عاليشان بنگلي جي ڪابه اهميت نه هئي ته پوءِ اهي ايڏو شور ۽ غوغاءُ نه ڪن ٿا. هن پاڻ ئي ان بنگلي کي ڊهرائي اتي هڪ وڏي عمارت تعمير ڪرائڻ ٿي چاهي. اڄ به سندس ذاتي ڪاغذن ۾ ان رٿيل عمارت جا نقشا تلاش ڪري سگهجن ٿا. جنهن گهر جي اُمِ ڪلثوم وٽ ڪا اهميت هئي ۽ هن ان کي نشانيءَ طور محفوظ رکڻ ٿي چاهيو سو هيو سندس اباڻو گهر، هڪ ”ننڍڙو گهر“ ڪچين سرن مان ٺهيل ٽي ڪمرا، جنهن مان هڪ ۾ سندس جنم ٿيو هو. ان گهر ۾ هوءَ پنهنجي پيءُ شيخ ابراهيم، ماءُ فاطمه ۽  ڀاءُ خالد ۽ ڀيڻ سعيده سان گڏ رهندي هئي. ان ئي گهر مان هن زندگي شروع ڪئي، وڏي ٿي ته ڳائڻ وڄائڻ سکيائين. ان ئي گهر مان هوءَ گڏهه تي چڙهي آسپاس جي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ شادي وهانءَ جا ڳيچ ۽ سهرا ڳائڻ ۽ مذهبي مجلسن ۾ قرئت جي لاءِ ويندي هئي. ان ننڍڙي گهر مان منتقل ٿي هوءَ قاهره جهڙي وڏي شهر ۾ آئي. اتي هن جو آواز هر شهر هر ڳوٺ هر گهٽي ۽ هر گهر ۾ پهچي ويو. پنهنجي ڳائڻ جي ڪمائي مان کٽ خريد ڪرڻ کان اڳ هوءَ ڌرتي تي سمهندي هئي. سندس پيءُ شيخ ابراهيم چوندو هو ته هوءَ ڀيڻ سعيده ۽ ماءُ سان گڏ کٽ تي سمهي، هو ۽ خالد ڌرتيءَ تي سمهن، پر هن ائين نه ڪيو ۽ پئسا گڏ ڪري ٻي کٽ وٺڻ تائين هوءَ ڌرتيءَ تي ئي سمهندي رهي. سڄي مصر ۾ اها ڳالهه هلي وئي هئي ته اُمِ ڪلثوم هڪ ڪنجوس عورت آهي. اهو شور ان وقت به مچايو ٿي ويو. جڏهن هوءَ ڳجهي نموني ڪيترن ئي غريب گهراڻن کي باقاعدي ماهوار وظيفو ڏيندي هئي، ان ڳالهه کي هوءَ ائين لڪائيندي هئي جيئن جنگي راز لڪايا ويندا آهن. اهڙا هزارين غريب نوجوان هئا جيڪي هن جي وظيفي مان ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ وڪيل بڻجي ويا. هوءَ ايستائين انهن جي مدد ڪندي رهي جيستائين اهي وڏن عهدن تي پهچي نه ويا.

هڪ ڀيري اُمِ ڪلثوم جي سازندن مان هڪ موسيقار مون وٽ آيو ۽ چيائين ”مصطفيٰ مون کي خبر آهي ته تنهنجا اُمِ ڪلثوم سان گهاٽا لاڳاپا آهن. هاڻي منهنجي ڏکن ڀري ڪهاڻي به ٻڌ ۽ اُمِ ڪلثوم جي اصلي شڪل به ڏس.“ اڄ صبح مان صرف پنج جنيهه (مصري سڪو) وٺڻ هن جي گهر ويس گهر ۾ زال ۽ ٻارن کي کارائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي، پر هن پٿر دل عورت ته پنج جنيهه ته نه پر هڪ جنيهه به اڌارو نه ڏنو. مان پندرهن سالن کان مسلسل هن سان گڏ ساز وڄائي رهيو آهيان. پر هن عورت کي مون تي ڪا به ڪهل نه آئي.

وڏي عجيب ڳالهه هئي. مان سازندي جي اها ڳالهه ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويس. ان ئي وقت کيس فون ڪيم، سندس فون جو نمبر ان وقت 808090 هيو، مان پڇيو ته ڇا اها ڳالهه صحيح آهي ته تون اڄ صبح فلاڻي ماڻهوءَ کي پنج جنيهه اڌارا ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

هن وراڻيو، ”ها ٺيڪ آهي.“ مان وري پڇيو ”ان ماڻهوءَ توکي اهو به ٻڌايو هو ته هن جي گهر ۾ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.“ ”ها ٻڌايو هئائين. مان چيو ته اُمِ ڪلثوم تون ڪهڙي قسم جي عورت آهين؟ مان بخيل ۽ ڪنجوس عورت آهيان.“ ”نج بخيل نه!“ ”مان تنهنجي باري ۾ اها راءِ نه ٿو رکان مون کي خبر آهي ته اخلاص ۽ همدردي به تنهنجي اهم صفتن مان آهن.” نه تون مون کي ڪونه ٿو سمجهين.“ مان توکي چڱيءَ طرح سڃاڻندو ۽ سمجهندو آهيان.“ هن کان کل نڪري وئي ۽ چيائين. ”مصطفيٰ! ڀلا اصل ڪهاڻي ٻڌايانءِ اهو موسيقار صاحب ڪالهه ٽي سئو جنيهه جوا ۾ هارائي آيو آهي. مان هن کي جوا جو مزو چکائڻ ٿي چاهيان، ڀل ته پئيس خبر. ان ڪري مان هن کي هڪ دمڙي به ڏيڻ لاءِ تيار ناهيان. ها! مان پنهنجي ڊرائيور جي هٿ سندس زال کي پنج جنيهه هڪ شرط تي موڪلي ڏنا آهن ته هوءَ پنهنجي مڙس کي اصل نه ٻڌائيندي.“

موسيقار صاحب آئي وئي کي اُمِ ڪلثوم جي ڪنجوسيءَ جو قصو لوڻ مرچ لڳائي ٻڌائيندو رهيو ۽ اُمِ ڪلثوم ان ڳالهه تي خوش هئي ته ماڻهو هن کي ڪنجوس ئي سمجهندا رهن ته ڀلو، ڪيترن ئي ماڻهن هن کي اُمِ ڪلثوم جي بدران اُمِ اسرائيل چوڻ شروع ڪيو.

جڏهن به ڪنهن غريب جي بيماريءَ جي خبر پوندي هيس ته هڪدم اتي پهچي ويندي هئي ۽ شهر جي مهانگي کان مهانگي اسپتال ۾ ان جو علاج ڪرائيندي هئي، پر ان سان گڏ هڪ ڌمڪي اها به ڏيندي هئي ته جيڪڏهن ڪنهن کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته هوءَ هميشه لاءِ ان سان ناتا ٽوڙي ڇڏيندي.

جيڪي به هن جي باري ۾ ڄاڻندا هئا اهي ڳالهائيندا نه هئا ۽ جيڪي ڳالهائيندا هئا سي هن کي ڄاڻندا نه هئا. هوءَ چوندي هئي ته مون کي ڪنجوس چوڻ وارا منهنجا اصلي دوست آهن. انهن جي زبان درازي مون کي ڪوڙن ضرورتمندن ۽ لالچي ماڻهن کان بچائي رکندي آهي.

هن جي زندگيءَ جو يادگار ڏينهن اهو هيو جنهن ڏينهن شاهه فاروق هن کي ”تمغئه ڪمال“ عطا ڪيو. هوءَ نيشنل ڪلب ۾ ڳائي رهي هئي ته جلال الملڪ شاهه فاروق اتي تشريف فرما ٿيو. هن جي آواز جو جادو بادشاهن ۽ فقيرن ۾ فرق نه ڪندو هو. بادشاهه ان ئي وقت حڪم ڏنو ته اعلان ڪيو وڃي ته اسان اُمِ ڪلثوم کي تمغئه ڪمال عطا ڪيون ٿا. اهو پروگراُمِ ريڊيو تان سڌو سنئون نشر ٿي رهيو هو، عرب ملڪن جي لکين ماڻهن بادشاهه جي اعلان کي ٻڌو، مصر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن فنڪار کي اهو تمغو ڏنو ٿي ويو. اُمِ ڪلثوم خوش هئي هن جا مداح مسرور هئا، سڀ ماڻهو ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيا.

پر صرف شاهي خاندان جون عورتون ناراض هيون. اُمِير وزير پڻ حيران هئا ته هڪ ڳائڻيءَ کي اهڙو وڏو انعاُمِ ڪيئن ڏنو ويو آهي. ان کان اڳ جن ماڻهن کي تمغئه ڪمال عطا ڪيو ويو هو، سي سڀ مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيا ۽ فيصلو ٿيو ته سمورا تمغا بادشاهه جي خدمت ۾ واپس پيش ڪيا وڃن. وزير اعظم جي گهرواريءَ رٿ پيش ڪئي ۽ شاهه فاروق سان تحريري احتجاج ڪيو وڃي.

اُمِ ڪلثوم اهو سڀ پنهنجي ڪنن سان ٻڌي رهي هئي. آخر هوءَ به انسان هئي ايتري وڏي توهين برداشت نه ڪري سگهي ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. ايتري ۾ ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، اُمِ ڪلثوم رسوير کنيو، ”توکي تمغئه ڪمال مبارڪ هجي. اُمِ ڪلثوم! مان اڄ ڏاڍو خوش ٿي آهيان ۽ ان سان منهنجي عزت ۾ واڌارو ٿيو آهي. مان وٽ به اهو ئي تمغو آهي جيڪو توکي مليو آهي.“ اهو مصر جي مادر ملت ”صفيه زغلول“ جو آواز هيو، اُمِ ڪلثوم جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ سڏڪندي چيائين: ”اي عظيم اُمِڙ! توهان جي اها گفتگو منهنجي لاءِ ان تمغي کان هزار ڀيرا وڌيڪ آهي.“

هن جو مرده ۽ مايوس روح هڪ ڀيرو وري جاڳي پيو. مصر جي عظيم خاتون، عظيم اڳواڻ سعد زغلول جي گهر واري صفيه زغلول هن جي پشت پناهي ڪري رهي هئي ۽ هن جي ڍال بڻجي وئي هئي.

اُمِ ڪلثوم مصر جي مادر ملت جا ٿورا مڃڻ سندس گهر وئي ۽ اهڙيءَ طرح ٻنهي جي وچ ۾ هڪ گهرو تعلق پيدا ٿي پيو. صفيه کي اُمِ ڪلثوم جو آواز ڏاڍو پسند هو، خاص طور تي ان جا ديني ۽ قومي گيت هن جي روح ۾ لهي ويندا هئا. هڪ گيت تي هوءَ روئي ويهندي هئي.

”ذکرو سعداً“ (سعد کي ياد ڪريو)

ڪو وقت هو جو مان جيل ۾ سياسي قيدي هيس، منهنجي سموري ملڪيت سرڪار ضبط ڪري ڇڏي هئي. مون کي سخت پهري هيٺ رکيو ويو هو، سڀ دوست منهن موڙي چڪا هئا، آزاديءَ کان محروم هيس ۽ پائيءَ پائيءَ جو محتاج هيس، ڪنهن به منهنجي مدد ڪونه ڪئي.

اهڙي حالت ۾ مون کي خيال آيو ته اُمِ ڪلثوم کان مدد گهري ڏسجي، مان کيس نياپو موڪليو ته مون کي سئو ڏيڍ جنيهه گهرجن ۽ اهو به چورائي موڪليو ته ”جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري اها گهرج پوري نه ٿي سگهي ته مون کي ڪوبه ڏک نه ٿيندو ۽ توکي ڪابه ميار نه ڏيندس.“

اُمِ ڪلثوم جلد ئي پنج سئو جنيهه موڪلي ڏنا ۽ اهو به چوائي موڪليائين ته ضرورت جي وقت پنج سئو هزار جنيهه به ڏياري موڪليندي.

صدر جمال ناصر جو دور هو، مون کي سندس حڪم تي قيد ۾ رکيو ويو هيو. منهنجا دوست صدر جي اڳيان منهنجون خاُمِيون ٻڌائي يا وري پنهنجي لاتعلقيءَ جو اظهار ڪري پاڻ کي سرخرو ڪري رهيا هئا. پر هڪ اُمِ ڪلثوم هئي جنهن صدر ناصر کي چيو ته مان ان شخص کي ايترو سڃاڻان ٿي جيترو پنهنجو پاڻ کي. هي شخص ڪڏهن به ملڪ جي مفاد جي خلاف ڪم نه ٿو ڪري سگهي. صدر ناصر جي پيشانيءَ تي گهنج پئجي ويا، پر اُمِ ڪلثوم پنهنجي ڳالهه کي جاري رکيو. مون کي جيل مان آزاد ڪرائڻ لاءِ هن صدر کي چيو، وزيرن سان ملي. پر ڪوبه کڙ تيل ڪونه نڪتو.

هڪ شاُمِ جو ان پنهنجي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند هيس ته هڪ سپاهي آيو ۽ مون کي سڏي چيائين ته توکي جيل جو وڏو ڊاڪٽر صاحب سڏي رهيو آهي. مون کي ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ آندو ويو. سمورو ڪمرو قيدي مريضن سان ڀريو پيو هو. ڊاڪٽر جي وات مان باهه جا الا نڪري رهيا هئا. هن مون کي سخت آواز ۾ حڪم ڏنو ”جلدي ڪر قميص لاهي ميز تي سمهه.“ مان قيدي هيس پر پوء ِبه ڊاڪٽر جو سخت لهجو مون کي ناگوار گذريو. ڊاڪٽر اسٽيٿو اسڪوپ منهنجي سيني تي رکي ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ لاءِ چيو ۽ منهنجي ڪن وٽ وات جهلي سس پس ڪيائين ”اُمِ ڪلثوم نياپو موڪليو اٿئي ته ايندڙ خميس تي هوءَ ٽي ويءَ تي هڪ گيت ڳائي رهي آهي، جنهن جا ڪيترائي بند صرف تنهنجي لاءِ آهن. ”ڊاڪٽر جي ڪونين کان وڏي ڪڙي زبان ماکيءَ کان به مٺي بڻجي چڪي هئي.“

ٻي شاُمِ تائين جيل ۾ موجود سڀ قيدي ان ڳالهه تي هنگاُمِو ڪرڻ لاءِ تيار هئا ته آمريڪي حڪومت جو جيل لاءِ تحفي طور ڏنل ٽي وي سيٽ ٺيڪ ڪرائي ڏنو وڃي. جيل جي انتظاُمِيه پنهنجو ازلي عذر پيش ڪيو ته بجٽ ناهي. قيدين پنهنجا لٽا، ڪپڙا ۽ سگريٽ، صابڻ وڪڻي ٽي وي سيٽ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ حامي ڀري ته جيئن هو اُمِ ڪلثوم جو گانو ٻڌي سگهن. انتظاميه صورتحال کي بگڙندي ڏسي ٽي وي سيٽ ٺيڪ ڪرايو. مان پنهنجي قيد خاني ۾ ويٺو انتظار جي گهڙيءَ گهڙيءَ جو عذاب ڀوڳي رهيو هيس. شام جو قيدخاني جون سيخون، جيل حڪام جا مڪروهه چهرا، بندي خاني جون ڀتيون ۽ سڀ ڪجهه هوا ۾ پکڙجي ويو هو. جيڪڏهن ڪجهه هيو ته اهو اُمِ ڪلثوم جو آواز هيو:

مون کي پنهنجي آزادي ڏيو!

منهنجي هٿن کي آزاد ڪيو.

مان سڀ ڪجهه ڦرائي چڪو آهيان

مان پاڻ وٽ ڪجهه به بچائي ناهي رکيو

آهه! هي هٿڪڙيون!

منهنجون ڪرايون رتو ڇاڻ آهن

مان باقي قيد ۾ ڇو رهان

منهنجي لاءِ باقي ڇا رهيو آ

مان انهن وعدن جو ڪهڙو ڀرم رکان

جن کي تو پورو نه ڪيو

هي قيد ڇا لاءِ ۽ ڇو؟

هي قيد ڇا لاءِ ۽ ڇو؟؟

هي قيد ڇا لاءِ ۽ ڇو؟؟؟

هي قيد ڇا لاءِ ۽ ڇو؟؟؟؟

ماڻهو چئي رهيا هئا ته اُمِ ڪلثوم سندس لاءِ ئي ڳائي رهي آهي، پر هڪ قيدي ضد ڪري رهيو هو ته اُمِ ڪلثوم صرف ۽ صرف هن لاءِ ڳائي رهي آهي.

اسان صرف جيلن ۾ ئي قيد نه ٿا ڪيا وڃون پر زمان ۽ مڪان ۽ پنهنجو وجود به ته هڪ قيد خانو آهي. اُمِ ڪلثوم جو آواز اڄ به پڇي رهيو آهي ته:

هي قيد ڇا لاءِ ۽ ڇو؟

هي قيد ڇا لاءِ ۽ ڇو؟؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com