سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: آگسٽ 2007ع

مضمون --

صفحو :9

ثمرا گلزار

ٻارن کي توجهه ڏيندؤ ته سٺا انسان ٿيندا

 جديد نفسيات جي باني فرائيڊ جي ٿيوري آهي ته انسان جي دماغ ۾ ماضيءَ جون يادگيريون چنبڙيل هونديون آهن. جيڪي حال کي متاثر ڪن ٿيون. جيڪڏهن خبر پوي ته پوءِ ماهر نفسيات ڪنهن مريض جي ذهن ۾ موجود مسئلي کي حل به ڪري سگهي ٿو. دماغ جي لاشعور ۾ هينئر واريون يادون ته ڏکيون آهن پر هن وقت ڪجهه اهڙو حلقو به آهي جيڪو ڪجهه مسئلن تي فرائيڊ جي هن نظريي کي درست ٿو سمجهي، پر هن وقت سائنسدان چون ٿا ته ٻار جا شروعاتي تجربا ذهن کي تبديل ٿا ڪري ڇڏين، ۽ شروعاتي ڳالهيون يادگيريءَ تي اثر نٿيون وجهن پر ٻار جا جينز ڪهڙيءَ طرح ڪم ڪن ٿا. ان تي اثرانداز ٿين ٿا. هڪ جين ڊي اين اي جو هڪ ٽڪرو هوندو آهي. جنهن ۾ تمام گهڻيون هدايتون موجود هونديون آهن. پر اهي هدايتون ان وقت تائين بيڪار آهن، جيستائين ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي.

مونٽريال يونيورسٽيءَ جي هڪ ماهر هن نظام جي تحت اهو ڏٺو ته هڪ ماءُ پنهنجي ڄاول ٻار جي جيئن سار سنڀال ڪري ٿي، ان جا ڪهڙا اثر ٿين ٿا. خبر پئي ته ٻار ڪجهه سيکارڻ کان سواءِ، جڏهن هو ڪجهه سکڻ جي قابل ناهي هوندو. صرف پاڻ سان پيش ايندڙ واقعن جي ذريعي گهڻو ڪجهه سکي وڃي ٿو، جڏهن ته هن جي ياداشت ٺهي ئي ناهي هوندي. ٻار جنهن کي جنم ڏيڻ واري ماءُ ان تي هڪدم توجهه ڏئي ٿي. ان جو تمام گهڻو خيال رکي ٿي. اهي گهڻي صحت سان بنان ڊپ جي وڏا ٿين ٿا. انهن جي شخصيت ۾ اعتماد هوندو آهي. جوانيءَ ۾ هو وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندا آهن، پر ڪجهه ٻار ڄمڻ کان پوءِ توجهه نه ملڻ تي هو اعتماد کان محروم، ڊنل، ڪمزور ۽ جوانيءَ ۾ ناڪام هوندا آهن. ان ماهر جو چوڻ آهي ته گهڻي اڳ واري تجربي جي ڄاڻ تحت اهي ٻار پنهنجي رويي ۾ مختلف هوندا آهن.

اقرا عبدالرزاق

بيوٽي ٽپس

سونهن جي واڌ فروٽ ۽ ڀاڄين مان حاصل ڪريو ونگو:

ونگي جو رس يا پيس اکين تي رکڻ سان اکيون تازيون ۽ جاندار لڳن ٿيون. هي هڪ تمام گهڻو سٺو ڪلينرز آهي، جيڪو چمڙيءَ کي نرم ۽ ملائم رکي ٿو. چمڙيءَ کي تازو ۽ تنوانو رکي ٿو، ونگي کي پيهي ٿورو کير ملائي پيسٽ ٺاهيو ۽ منهن تي ماسڪ جيان لڳايو سڪي وڃي ته پوءِ ٿڏي. پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو. هڪ ڀيرو هڻڻ سان فرق محسوس ڪنديون. سڻڀي چمڙيءَ جي لاءِ ونگي جا ٽڪر ڪٽي منهن تي هيٺيان کان مٿي جي طرف هڻو، هي چمڙيءَ مان واڌو سڻڀ ختم ڪرڻ ۾ بهترين ڪلينرز ثابت ٿيندو.

پٽاٽو:

پٽاٽو چمڙيءَ جا داغ ۽ نشان جلدي صاف ڪندو آهي. خاص ڪري ايگزيما جهڙي مرض جي لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي ڪچي پٽاٽي جو رس ڪڍو ۽ ان کي منهن تي هڻو، چمڙي جي ڪلينرز جي لاءِ به مفيد آهي. ان کان سواءِ ان جا ٽڪر ڪري به منهن تي هڻو منهن جي چمڙيءَ جي لاءِ سٺا آهن. پٽاٽي جو باقاعدي استعمال منهن جي چمڙيءَ کي سخت ٿو رکي ۽ اکين جي هيٺيان ٿيندڙ سوڄ کي به ختم ڪري ٿو.

بند گوبي:

ٻين ڀاڄين جيان بند گوبي ۾ به تمام گهڻا منرلز هوندا آهن، ٿوري پاڻيءَ ۾ بند گوبيءَ کي ڪٽي اٻاري وٺو، ان پاڻيءَ کي ٿڌو ڪري ڇاڻي ڪنهن ٿڌي جاءِ تي رکو ۽ منهن کي ڌوئڻ لاءِ استعمال ڪريو اهو پاڻي چمڙيءَ کي غذائيب پهچائي ٿو.

پپيتو:

پيپيتي ۾ انزائمنر چمڙيءَ کي نرم ۽ ملائم رکي ٿو، ۽ مرده خلين کي صاف ٿو ڪري پپيتي جي ڳر ۾ سڪو کير يا جَوَن جو اٽو ملائي ماسڪ جيان لڳائڻ سان رنگ نکري ٿو.

نارنگي:

نارنگي جون کلون اس ۾ سڪائي پيهي پائوڊر ڪريو ۽ هڪ برني ۾ محفوظ ڪري رکو. هاڻ ان پائوڊر ۾ کير شامل ڪريو ۽ گهاٽي پيسٽ ٺاهيو ۽ منهن تي، ڳچيءَ تي، ٻانهن تي، هٿن تي ۽ پيرن تي اٻٽڻ جيان هڻو. سڪي وڃڻ تي مهٽي لاهي ڇڏيو. پوءِ صاف پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو. رنگ کي صاف ڪرڻ جي لاءِ ۽ منهن جون ڇائون ختم ڪرڻ جي لاءِ بهترين اٻٽڻ آهي.

ڳاڙهيون گجرون:

حساس ۽ نازڪ جلد جي لاءِ گجرن جو استعمال تمام گهڻو فائدي وارو آهي، گجرن کي ڪٽي پاڻيءَ ۾ اٻاريو هاڻ ان جي پيسٽ ٺاهيو ۽ ماسڪ جيان منهن تي هڻو، توهان کي فرق محسوس ٿيندو.

دعا ممتاز

گهريلو ڏس

ٻارن جي کير جي بوتل جي نپل ۾ کير پيئڻ کانپوءِ کير جو سڻڀ ڄمي ويندو آهي. ان کي صاف ڪرڻ لاءِ نپل ۾ لوڻ وجهي تيز گرم پاڻيءَ سان ڌوئو، سڄو سڻڀ نڪري ويندو.

ننڍن ٻارن کي پيٽ ۾ سور هجي ته ذري هنڱ کڻي گرم ڪري ٻار جي دن جي مٿان لڳايو هڪ دم آرام اچي ويندو.

ٽوال ڌوئڻ کان پوءِ هڪ بالٽي پاڻي ۾ هڪ چانهه جو چمچو بورڪ پائوڊر وجهي ڌوتل ٽوالن کي پسائي ڇڏيو ٿوري دير کان پوءِ ڪڍي نپوڙي ڇڏيو ٽوال بلڪل نرم ٿي ويندا.

گهڻو ڪري بلينڊر ۾ ٿوم ۽ بصر پيهڻ سان ڌپ ايندي آهي ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ بلينڊر ۾ هڪ چمچو سرڪو ۽ پاڻي وجهي ٻن منٽن لاءِ هلايو پوءِ پاڻي ڪڍي، ٻيهر ڌوئي ڇڏيو، بادام ۽ پستا گهڻي ڏينهن تائين رکڻا هجن ته پيڪيٽ ۾ ٻه ٽي لونگ وجهي ڇڏيو جيئن ڪيڙا نه لڳن.

سوپ جي يخني جيڪڏهن صحيح ٺهي آهي يا نه؟ ته ٿڌي ٿيڻ کان پوءِ ڏسو ته ڄمي ٿي وڃي ته پڪ سمجهو ته صحيح ٺهي آهي.

ٻڪريءَ جي پائن يا ڍڳي جي پائن رڌڻ کان اڳ اٽي جي ڇاڻ چڱي طرح لڳائي اڌ ڪلاڪ جي لاءِ تيز گرم پاڻيءَ ۾ پسائي رکو سولائي سان صاف ٿي ويندا.

دال رڌڻ وقت ٻن ڳالهين جو خيال رکو، هڪ ته دال کي هلڪي گرم پاڻيءَ سان ڌوئو ۽ اسٽيل جي چمچي جي بدران ڪاٺيءَ جي ڏوئي استعمال ڪريو. پوريون پڪوڙا يا گلاب ڄمون جڏهن به تريو ته اسٽِل جو ڪيوي پان استعمال ڪريو.

پالڪ، ميٿي يا سرنهن جو ساڳ ڌوئڻ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ جي لاءِ هڪ وڏي ٿانو ۾ اڌ چمچو هيڊ ۽ پاڻيءَ ۾ پسائي رکو سموري ڪڙاڻ نڪري ويندي.

جيرانڊي رڌڻ مهل ڪڏهن به اڳ ۾ لوڻ نه وجهو نه ته جيرا سخت ٿي ويندا اڳرڻ کان پوءِ لوڻ وجهو، ڏهي بڙا جيڪر نرم ٺاهيا آهن ته پيٺل دال هڪ چمچو وجهي  ڇڏيو.

ليمن کي محفوظ ڪرڻو هجي ته هڪ هڪ ليمي جي مٿان ٿوري ٿوري ميڻ لڳائي ڇڏيو ۽ فريزر ۾ رکو، ليما گهڻو وقت تازن رهندا.

گرين ٽي بيگز ٻه عدد هلڪي گرم پاڻي ۾ وجهي ان ۾ پير 10 منٽ پسائي رکو پيرن جي مڙده چمڙي تازي ٿي ويندي.

ٻارن کي جيڪڏهن مٿي ۾ سور هجي ته سليماني چانهن هلڪي گرم ڪريو، ٻه ٽي ڦڙا ليمي جو رس وجهي پوءِ آهستي آهستي ٻار جي ڳچي ۾ مٿي تي هلڪي مالش ڪريو سور ختم ٿي ويندو.

عاليه نذير/رابيلا حميد

برج اسد Queen of Wands (Leo)

24 جولاءِ کان 23 آگسٽ

نشان                           شينهن

عنصر                          باهه

حاڪم سيارو                  شمس

رنگ                           ڳاڙهو ۽ سونهري

ڏينهن                         آچر

اکر                             م

پٿر                            هيرو ۽ ياقوت

دوستيءَ لاءِ بهترين برج       حمل ۽ قوس

محبت                                 دلو

ڪاروبار                        ثور

روحانيت                       حمل ۽ سرطان

دوستيءَ جي لاءِ ناموافق       ثور ۽ عقرب

مشهور شخصيت:

صدر پرويز مشرف، ابراهيم جويو، نپولين، بونا پارٽ، موپسان، مسوليني، آرنلڊ شيوازنگر، جان ريمبو، پرنس اين، بلغ شير مزاري، ليليٰ زبيري، غلام مصطفيٰ کر، همايو سعيد، عطا الله خيلوي، حميرا ارشد، سيف علي خان، ڪاجل، ڪارل ڙونگ، امجد اسلام امجد، حسن عيل آفندي ۽ پير علي محمد شاهه راشدي.

برج اسد جو حاڪم سيارو:

برج اسد جو حاڪم سيارو سج نشاني شينهن آهي. جيڪو زندگي ڏئي ٿو. روشني ڏئي ٿو، ۽ پنهنجي باهه ۾ سڙندو رهندو آهي ۽ ٻين سڀني سيارن کي پنهنجي ڪشش جي ذريعي گردش ۾ رکندو آهي. ڪير به جرئت نٿو ڪري سگهي هن جي اڳيان نه ته بربادي ان جو انجام ٿيندو.

اهڙو ئي حال اسد ماڻهن جو هوندو آهي ٻين کي پنهنجي چوطرف گهمائيندا رهندا آهن. انهن جي خواهش هوندي آهي ته هنن جي عظمت جي اڳيان ماڻهو جهڪندا رهن. جهڙي هنن جي نشاني آهي شينهن، مجال آهي ته ڪير هن جي اڳيان مٿو کڻي سگهي، شينهن ته سڄي جهنگ جو بادشاهه آهي ڀلا ڪهڙو جانور هن جي اڳيان گوڙ ڪري سگهندو. ڪجهه اسد شرمائڻ وارا هوندا آهن، ڇو ته هي پنهنجو اميج ماڻهن اڳيان ٺاهيندا آهن. ڪجهه اسد وري پنهنجي شان ۾ گم رهندا آهن پر سڀني جو حال هڪجهڙو هوندو آهي.

هي ماڻهو هار قبول ناهن ڪندا، ڪجهه به هجي ڪاميابي ئي هنن لاءِ سڀ ڪجهه هوندي آهي. جنهن جي لاءِ هي هر چيلينج قبول ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن، هنن جي لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي طوفاني صلاحيت هوندي آهي، ۽ ارادو به تمام گهڻو مضبوط هوندو اٿن، برجن ۾ عقرب ۽ جدي کان سواءِ هن سان ڪير به مقابلو نٿو ڪري سگهي.

هي ماڻهو هر حال ۾ پنهنجو شان ۽ مان ڏيکارڻ چاهيندا آهن، ۽ هر وقت پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي مغرور رهندا آهن، اها ئي انا، قوت ۽ فخر هن جو وڏو مسئلو هوندو آهي، ان ڳالهه تي هي ڪوبه سمجهوتو ناهن ڪندا.

اسد ماڻهن جو ٻيو وڏو مسئلو هي آهي ته هي ڪابه ڳالهه ناهن لڪائيندا. خاص ڪري اهڙي ڳالهه جنهن ۾ هن جي وڏائي ظاهر ٿئي. اهڙيون ڳالهيون هو ماڻهن کي ٻڌائڻ شروع ڪندا آهن هنن کان صبر ٿيندو ئي ناهي، ڪم ڀلي مڪمل نه ٿئي پر ڳالهه ضرور ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪو ڪم ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي وڃي ته هنن کي دلي تڪليف ٿيندي آهي. اها ٻين ماڻهن جي لاءِ ڀلي عام ڳالهه هجي پر اسد جي لاءِ وڏي ڳالهه هوندي، هر ناڪام پروجيڪٽ هنن جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي. اهو هنن جي لاءِ هن حادثو، انا مجروح ٿيڻ ۽ هڪ عذاب کان گهٽ ناهي هوندو.

هي پنهنجي ڪاميابيءَ جو دهل هر وقت ڳچيءَ ۾ وجهي گهمندا آهن ڪڏهن ته نه ٻڌائڻ جهڙي ڳالهه به پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ ٻڌائيندا آهن، هنن کي پنهنجي ڪاميابي به پنهنجن اڳيان گهٽ لڳندي آهي، هنن جي نظر ۾ هنن جو مقام تمام گهڻو آهي جنهن کي ٻيا نٿا سمجهي سگهن. هر اسد جي زندگي ڪنهن مشعل جيان روشن ۽ چمڪدار هوندي آهي. هنن جي طبيعت ۾ گهڻي سخاوت هوندي آهي ۽ اهي سڀ شيون ملي هنن ۾ هڪ عجيب رعب، سحر ۽ جادو ڀري ٿيون ڇڏين، جنهن جي ڪري ماڻهو هن جي طرف ڇڪبا ايندا آهن. اسد جا گهڻا چاهيندڙ پراڻا هوندا آهن، ماڻهو هرو ڀرو هنن جا ٿي ويندا آهن. جهڙو ڪي هي وڏا اسٽار هجن ان ۾ هنن جي شعوري ڪوشش ته هوندي آهي پر ان ۾ هن جو حاڪم سيارو به هنن کي اها صلاحيت مهيا ڪندو آهي.

اسد ماڻهو وفادار هوندا آهن. هنن ۾ خود اعتمادي حد کان گهڻي هوندي آهي، هنن کي پنهنجي پاڻ تي مڪمل يقين هوندو آهي، سدائين هي گهڻا محنتي هوندا آهن. جيڪڏهن هي باس آهن ته هنن کان بهتر منظم ڪير ڪونهي. جهڙيءَ طرح هي ماڻهن کا ڪم وٺي سگهن ٿا ان جو مقابلو ناهي، جيڪڏهن ماتحت آهن ته هنن جا آفيسر هنن تي ڀرپور اعتماد ڪندا آهن، ڇو ته هي ڪنهن به ڪم کي نامڪمل ناهن ڇڏيندا، پر وقت کان اڳ ۽ بهتر ڪندا آهن، دير جو لفظ انهن جي لغت ۾ آهي ئي ڪونه.

انهن ۾ هڪ خوبي اها به آهي ته هي غريب ۽ فقير ڇو نه هجن پر ڳالهائيندا شاهاڻي انداز ۾ آهن هي پنهنجي تعريف ٻين جي واتان ٻڌڻ پسند ڪندا آهن گهڻا خوشامد هوندا آهن، هنن کان ڪو ڪم وٺڻو آهي ته هنن جي تعريف ڪندا وڃو، توهان جو ڪم ٿي ويندو.

غرور ۽ ضد هن جي فطرت جو حصو آهي جيڪو هنن کي ڪامياب به ڪري ٿو هونئن هنن جي دل اندران نرم هوندي آهي ٻين جي ڪم اچڻ ڄاڻن ٿا. ڪنهن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوي ته ان ۾ ڪو عار محسوس ناهن ڪندا (آخر بادشاهه ئي ماڻهن جي ڪم ايندا آهن).

اسد ماڻهو اڻڄاڻائي ۽ پنهنجي راءِ ٻين تي مڙهيندا آهن، هي چاهيندا آهن ته ماڻهو هنن جي راءِ جو احترام ڪن ۽ هن جون صلاحون حڪم سمجهي هڪدم مڃين. ٻين جي اظهار جي آزاديءَ جا دشمن هوندا آهن، هي ماڻهو گهڻا حساس به هوندا آهن، هنن جو چهرو هن جي جذباتن جي عڪاسي ڪندو آهي، هنن کي هڪدم خبر پئجي ويندي آهي ته هن کي ڪهڙي ڳالهه خراب لڳي آهي، ڇو ته هنن جو رويو به يڪدم بدلجي ويندو آهي ۽ هن جي اندر جي ڪيفيت جي ڄاڻ پئجي ويندي آهي.

اسد ماڻهن جي دشمني کان ڊڄڻ کپي، هن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهو ماڻهو پڇتائيندو ڇو ته هنن جي ڪاوڙ خراب هوندي آهي، ڪڏهن ته هنن جي ڪاوڙ خراب هوندي آهي، ڪڏهن ته هنن جي ڪاوڙ هنن کان برداشت به ناهي ٿيندي، لک ڀيرا سمجهائڻ تي به هي پاڻ تي ڪنٽرول ناهن ڪري سگهندا، جڏهن هي ڪاوڙ ۾ هوندا آهن ته هنن کي اڪيلو ڇڏي ڏجي.

اسد ماڻهو ليڊر هوندا آهن، هي ٻئي جي پٺيان هلڻ کان پهرين پنهنجي منزل پاڻ ڳوليندا آهن، حالتون ڪهڙيون به هجن پر هي پنهنجو رستو ڳولي وٺندا آهن، توهان اسد ماڻهن کي هارايل نه ڏٺو هوندو.

هي گهڻو ڪري ذهني دٻاءُ جو شڪار ناهن رهندا، زندگي ڪيڏي به بگڙيل هجي ته به هي سنڀالي ويندا آهن، هي برجن ۾ شهزادو برج آهي، ماڻهو هنن جي عزت ڪرڻ لڳندا آهن، ائين لڳندو آهي ته شان ۽ شوڪت سان هنن جو گهرو رشتو آهي. اعليٰ ظرفي هنن جي فطرت ۾ رچيل آهي. ٻين ۾ هي ڪم ظرفي، ڪوڙ برداشت ناهن ڪري سگهندا. هي چاهيندا آهن انسان گهٽ ۾ گهٽ سوچ ته وڏي رکي. خواب ته سٺا ڏسي اسد ماڻهو کليل دل ۾ دماغ جا ماڻهو هوندا آهن وڏي عزت، پرجوش ۽ حوصلي وارا هوندا آهن پر اها هنن جي صرف سوچ  نه پر عملي طرح به اهڙا هوندا آهن ڪردار جا غازي ۽ عمل جا پڪا هوندا آهن تمام گهڻا پريڪٽيڪل ۽ صاف گو هوندا آهن. جنهن به ڪم ۾ هٿ وجهندا آهن ان ۾ جان جي بازي لڳائي ڇڏيندا آهن واپسي جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيندا آهن. هنن ۾ اميد ۽ يقين سدائين قائم رهندو آهي ۽ سوچ به مثبت هوندي اٿن پر ان جي بدلي ۾ ساراهه گهرندا آهن.

اسد ماڻهن جي شڪل

هن جي سج جهڙي ڪشش ۽ سونهن هوندي آهي، هنن ۾ ڀلي سونهن نه به هجي پر هنن جي شخصيت توهان جي سامهون هوندي ته توهان کي حسين پُرڪشش پئي نظر ايندا هي جنهن انداز ۾ پاڻ کي پيش ڪندا آهن. جيئن ڪا تمام گهڻي حسين شخصيت هجن.

هنن جو چهرو تازو توانو، اکين ۾ چمڪ ۽ ذهانت سان ڀرپور، آواز به سريلو، ڪجهه آهي پنهنجو آوزا ٺاهي به ڳالهائيندا آهن، جيئن منفرد نظر اچن.

اسد ماڻهن جي نفسيات

هنن جي آرام ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته نه طاقت جو مظاهرو ڪيو وڃي نه ڌمڪيءَ سان ڳالهائجي ڪنهن به قسم جو چيلينج هن ۾ ڪم ڪرڻ جو چاهه پيدا ڪندو آهي.

جيستائين هنن جي عزت ۽ نفس مجروح نٿي ٿئي تيسين هي خوشگوار ۽ سٺي موڊ ۾ هوندا آهن، هي زندگيءَ جو ڀرپور مزو وٺندا آهن، هنن کي گهڻيون ذميواريون ناهن وڻنديون ڇو ته هي ناڪامي ڏسڻ ڪين چاهيندا آهن، انڪري هي عام ماڻهن کان وڌيڪ ڪم ڪندا آهن، هي گهڻا مضبوط هوندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن جذباتي مونجهارن ۾ منجهي پوندا آهن، پنهنجي ڪاوڙ تي هنن کي ڪنٽرول ناهي رهندو. ڀلي اڳيان دوست هجي يا محبوب سڀني جو شاهه مٺ ۾ هوندو آهي.

اسد ماڻهن جون خوبيون

وفا شعار، ايماندار، همت وارا، سخي، سرگرم، چڱي ڪم جي ڳولا.

اسد جو خرابيون

سخت مزاجي، هٺ ڌرمي، خود غرضي، جلد بازي، بي صبري، غفلت، حسن پرستي ۽ ظاهري ٺٺ ڏسي متاثر ٿيڻ.

هنن جا بهترين ڪم

هونئن ته اسد ماڻهو هر فيلڊ ۾ ڪامياب رهندا آهن، علم نجوم، اداڪاري، رقصد، موسيقي، تعليم ۽ اسپورٽس وغيره هي جتي به هوندا نمايا ۽ ممتاز رهندا آهن.

بهترين ڪردار

بادشاهه، صدر، حاڪم اعليٰ، هيرو، قوم پرست ٻين کي مشڪلات مان ڪڍڻ وارو، گليمرس.

خراب ڪردار

ڪنهن جو گهرندڙ هٿ، هٿ ٽنگڻ کان موت کي ترجيح ڏيندا آهن گهرڻ جو انداز به دلچسپ هوندو آهي.

دولت ۽ اسد

فضول خرچ هوندا آهن، هن کان بچت ناهي ٿيندي. جيڪڏهن هنن وٽ ڪٿان پيسو اچي وڃي ته هي وڏو رسڪ کڻندا آهن، هي خوش قسمت هوندا آهن ڄاڻي واڻي ڪنهن جو برو نه چاهيندا آهن.

هنن لاءِ ضروري

ڪاميابي، آزادي جو اظهار، مستقبل جا سهڻا خواب، دلچسپ دوست، خوشامد ڪندڙ حلقو، ڏيکاءُ ۽ نمائش.

محبت ڪندا آهن

آواره گردي، اڻڄاڻ رستن تي سفر، جرنلن جي سوانح حيات، وڏا وڏا جبل، برف سان ڍڪليل چوٽيون، قدرتي حسن ۽ نظارا.

نفرت ڪندا آهن

منافقت، ڪوڙ، بهتان تنقيد ۽ ڌمڪي.

محبت ۽ اسد

اسد ماڻهن جي ويجهو محبوب ۽ محبت زندگي جي بنيادي ضرورت آهي زندگي ۾ جلدي هن کان پهرين محبت ٿيندي آهي، ۽ شادي به جلدي ڪندا آهن. هي اهي ماڻهو ناهن جن کي نااميد، ڊپريشن جا دورا پوندا هجن، هي پنهنجي ڊپريشن جو سبب ڳولي ان جو علاج ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن. اهو اعلاج اهو آهي ته هونئين محبت جي شروعات ڪندا آهن انهن کي محبت ڪرڻ سٺي لڳندي آهي ۽ جنهن سان محبت  ڪندا آهن، ان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪندا آهن. هنن جي محبت فلمن ۽ عاشقن واري محبت هوندي، محبت هنن جي لاءِ انڌي محبت ثابت ٿيندي آهي، چاهت جو مرڪز چاهت هوندي آهي، هو پنهنجي چاهڻ واري جون سڀ خطائون معاف ڪندا ويندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن هننجي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿينديون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com