سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: آگسٽ 2007ع

مضمون --

صفحو :8

جپاني گهر ۾ ٻي تبديلي ڪاڪوس (Toilet) ۾ آئي آهي. مختلف جپاني ڪمپنيون خاص ڪري    TOTO ڪمپني- جيڪا سڀ کان گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي اهي هڪ ماڊرن ڪموڊ ٺاهي رهيون آهن، جن جو تفصيلي احوال گهڻو اڳ پنهنجي هڪ سفرنامي ”خبرون کيڙائڻ جون“ ۾ ڪري چڪو آهيان ته اهي ڪموڊ هنگڻ مٽڻ جون سيٽون گهٽ پر هوائي جهاز هلائڻ واري پائليٽ جون ڪرسيون وڌيڪ لڳن ٿيون ۽ جيڪي وهڻ ۾ آرامده هجڻ کان علاوه انهن جي چوڌاري ڪيترائي اليڪٽرڪ بٽڻ لڳل ٿين ٿا. نتسوميءَ جو گهر جنهن ۾ اسان هن جا مهمان ٿي اچي رهيا هئاسين، کڻي جهونو هو، گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه چاليهه سال اڳ ٺهيو هوندو، پر سندس Toilet ۾ به ٽوٽو جو ماڊرن ڪموڊ لڳل هو جنهن جي پنجن بٽڻن مان هڪ کي دٻائڻ سان هيٺان پاڻي جو ڦوهارو مٿي لڳو ٿي ۽ بنا هٿ يا پني جي استعمال جي جسم جي صفائي ٿي وڃي ٿي. ٻئي بٽڻ دٻائڻ سان ڪموڊ جي چوڌاري پريشر سان پاڻي نڪري ڪموڊ کي صاف ڪيو ٿي ۽ Suction واري اصول تي ٺهيل هو جيڪو هوائي جهازن ۾ ٿئي ٿو ۽ جنهن ۾ سڄي ڪموڊ جو پاڻي وڏي ڇڪ (Suction)سان هيٺ ڊرين پائيپ ڏي هليو وڃي ۽ صاف ۽ نئين چلڪندڙ ڪموڊ جي تر ۾ صاف پاڻيءَ جي ليول Maintain ٿيو وڃي. اهڙي طرح ٽئين بٽڻ دٻائڻ ڪموڊ ۾ لڳل سنهن پائيپن مان خشڪ هوا نڪري ڪموڊ جي سيٽ ۽ تخت تي ويٺل همراهه جي اگهاڙي جسم ۽ ان جي اردگرد جي قميض يا پتلون کي خشڪ ڪري ٿي ۽ ٻاهر نڪرڻ مهل پتلون ۽ قميص يا بشرت جي پٺ يا اڳ آلو ٿيو پيو هجي ۽ ٻاهر ويٺلن کي خبر پئجي وڃي ته همراهه فقط هٿ ڌوئڻ نه پر وڏو معرڪو سرانجام ڏيڻ ويو هو. چوٿين بٽڻ دٻائڻ تي خوشبو (Air Freshner) جو اسپري ٿيو ٿي جيئن ٻي ڪنهن کي ٽائليٽ ۾ يڪدم وڃڻو پوي ته هن کي بدبوءِ نه اچي ۽ پنجون بٽڻ امرجنسيءَ جو هو. امر جنسي مان منهنجو مطلب اهو ناهي ته ڪو باهه وسائڻ لاءِ يا چور جي اچڻ جو اطلاع ڏيڻ لاءِ هو پر اهو ميوزڪ وڄائڻ لاءِ هو ۽ اها ميوزڪ ڪموڊ تي ويٺل جي Entertainment لاءِ نه هوندي آهي پر هو جي گئس جو عادي مريض آهي ته هن طرفان پئدا ڪيل بمبارڊمينٽ   جي آواز تي حاوي ٿيڻ لاءِ هوندي آهي جيئن ٻاهر ويٺل همراهن کي ائين نه لڳي ته هيرو شيما ۽ ناڳا شاڪيءَ تي هڪ دفعو وري ٻيهر بم ڪري رهيا آهن، هو اهوئي سمجهن ته سومو پهلوانن جي ملهه شروع ٿيڻ کان اڳ واري Signature ميوزڪ هلي رهي آهي.

هونئن ڪجهه ڏينهن اڳ ٽوٽو ڪمپني جا سندن شوروم Latest قسم جا ڪموڊ ڏٺم جن جي قيمت ڏيڍ لڳ کان ٻه اڍائي لک رپين تائين آهي (اڄ ڪلهه هڪ رپئي ۾ ٻه پين آهن). انهن ڪموڊن ۾ ٻين ڪمن سان گڏ ويٺي پنهنجو ٽيمپريچر ۽ بلد پريشر چيڪ ڪري سگهجي ٿو ۽ Sugar Level  پڻ، ان کان علاوه وهڻ جي سيٽ يعني ڪموڊ کي سياري جي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ System Heating  پڻ آهي، ”بهرحال پنهنجي مٿين سفر نامي ”خبرون کيڙائن جون“  ۾ به اهوئي لکي آيو آهين ته جپانين کي اها عياشي ضرور جڳائي ٿي جو انهن صديون غيبات جهڙن ڊٺل، بدبودار ۽ گندن ڪاڪوسن ۾ هنگيو مٽيو جن لاءِ اڄ به چوندا آهن ته اهي چئن K وارا ڪاڪوس هئا: ڪيتانائي (گدلا). ڪوسائي (ڌپ وارا). ڪورائي (ڊٺل) ۽ ڪووائي (ڊپ وارا).

چونڊ: موتيا مرزا

ايلزبيٿ جي حڪومت (1558ع -1603ع)

ايلزبيٿ ۽ ميري اسڪاٽس جي راڻي:

جڏهن اين بولن جي ڌيءُ ايلزبيٿ تخت نشين ٿي، تڏهن گهڻا انگريزي خوش ٿيا ته اهي هينئر راڻي ميري ٽيوڊر ۽ سندس مڙس فلپ ٻئي جي ڪنٿولڪ راڄ کان آزاد ٿيا. اسپين جي اثر کي هينئر هن ٻيٽ يعني انگلينڊ مان ٻاهر ڪڍڻو هو ۽ جوان راڻي هڪ حقيقي پروٽيسٽنٽ قوم جو اڳواڻ ٿيڻي هئي. اهڙو پروگرام پروٽيسٽنٽ فرقي جو هو، پر ايلزبيٿ جو اهو سڄو پروگرام نه هو، يقيناً هم پروٽيسٽنٽ مذهب تي هٿ رکڻ لاءِ مجبور هئي. جيئن ته سندس تخت جي مالڪ هئڻ کان انتها پسند ڪئٿولڪ پارٽيءَ کي انڪار هو، جو هنن هينري اٺين جي اين بولن سان شادي ڪڏهن به جائز نه سمجهي هئي. پر ايلزبيٿ سياسي پاليسيءَ کي مذهب کان مٿي رکيو. هن قومي مذهبي جماعت کي اهڙيءَ طرح بنايو جو وفادار ڪئٿولڪ ۾ وچ وارا پروٽيسٽنٽ پڻ ان مطابق عقيدو رکي ٿي سگهيا. هن جي مرضي هئي ته هڪ متحد قوم بنائي ۽ نه مذهبي ڪشمڪش جي ذريعي ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي. هن جو مقصد حاصل ٿيو ۽ هن سندس رعيت ۾ حب الوطنيءَ جو جذبو گهڻو جاڳايو ۽ حڪمران سان ٻڌل رهڻ جو جذبو پڻ جاڳيو. انگلينڊ جي پوپ واري پارٽي، جنهن جو سڀني کان وڌيڪ زوردار پرڏيهي حمايتي فلپ ٻيو هو، تنهن ڪئٿولڪ ميري اسٽوئرٽ اسڪاٽس  جي راڻيءَ کي انگريزي تخت تي ويهارڻ ٿي چاهيو. هڪڙي اڳين حڪومت ۾ پاڻ ۾ سڱابنديءَ ڪري اسڪاٽلينڊ جو اسٽوئرٽ حڪمران انگريزي تخت جو قانوني وارث ٿئي ها،(1) جيڪڏهن ٽيوڊر خاندان جي ڪو جانشين نه هجي ها پر جيئن ته انگريز قوم جي وڏي اڪثريت ايلزبيٿ ٽيوڊر جي وفاداريءَ سان حمايت ڪئي، تنهن ڪري هن کي هٽائڻ جي ڪابه ڪوشش راڄ ڊوهي سمجهي ٿي وئي.

ميري اسٽوئرٽ عجيب و غريب حسن ۽ موهيندڙ طبعيت واري عورت هئي، جنهن ڪري سندس ڪيترا جوشيلا ساراهيندڙ پيدا ٿي پيا هئا، پر جوانيءَ ۾ هن پنهنجي هوس جي ڪري پنهنجي زندگي برباد ڪري ڇڏي، جڏهن سندس مڙس، فرانسس جي بادشاهه فرانسس ٻئي وفات ڪئي، تڏهن هن اسڪاٽلينڊ جو تاج سنڀاليو ۽ هڪ اسڪاچ امير ڊارنلي سان شادي ڪئي، پر ڪجهه وقت کان پوءِ سندس ڳجهين سازشن سان مڙس قتل ٿيو، جنهن کان پوءِ ميريءَ جلد ئي ڊارنلي جي قاتل باٿول سان شادي ڪئي. اسڪاٽلينڊ جي رنجيده ماڻهن راڻيءَ جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ کيس هدايت ڪيائون ته هوءَ راڻي ايلزبيٿ جي درٻار ۾ وڃي پناهه وٺي. انگريزي راڻيءَ حڪم ڪيو ته سندس رقيبه کي قيد ڪري رکيو وڃي. جيستائين ميري اسٽوئرٽ زندهه هئي تيستائين سندس ڪئٿولڪ حمايتين ايلزبيٿ جي خلاف سازش ڪرڻ بند نه ٿي ڪئي. آخر ۾ ايلزبيٿ کي قتل ڪرڻ ۽ ميريءَ کي تخت تي ويهارڻ جو خطرناڪ منصوبو ظاهر ٿي پيو ۽ ميريءَ کي ڏوهاري بنايو ته هن انهيءَ سازش جي حمايت ڪئي آهي. 1587ع ۾ کيس موت جي سزا ڏني وئي ۽ آخر ڪار جلاد جي ترار سان سندس موت ٿيو، پر سندس ڏوهه ڪڏهن به پڪيءَ طرح ثابت ٿي سگهيو، نه وري سندس بيڏوهي هُجڻ جي پڪ ملي سگهي. انهيءَ واقعي تي ڪتابن جي سڄي لئبرري لکي وئي آهي. ميري اسٽوئرٽ جي قتل جي جواب ۾ فلپ ٻئي انگلينڊ کي فتح ڪرڻ لاءِ اسپين جو بحري آرماڙ موڪليو، جنهن جي مڪمل ناڪاميءَ جو ذڪر مٿي بيان ڪيو ويو آهي.

انگريزي بحري طاقت ۽ تجارت جو اسرڻ:

ايلز بيٿ جي فياضيءَ واري حڪومت جي زماني ۾ انگريز قوم اهڙي مادي آسودگي ڏٺي جا اڳين حڪومتن ۾ نه ڏٺي هئائون. پرڏيهي واپاري کي گهڻو وڌايو ويو ۽ انگريزي جهنڊو تمام ڏوراهن بندرن تائين ويندو هو. اسپين جي بحري آرماڙ جي برباديءَ انگريزي بحري طاقت وڌائڻ جي لاءِ خاص حوصلا افزائي جو ڪم ڏنو. ايلزبيٿ جي دور جا بحري جهازران وڏا دلير هئا، جي اعتبار نه ڪرڻ جهڙا ڪم وڏيءَ جرئت سان ڪري ٿي سگهيا.

سرفرانسز ڊريڪ جي آکاڻي اڃان تائين برطانوي ڇوڪرن ۾ دليريءَ جو جذبو پيدا ڪري ٿي. سرفرانسز ٽي ننڍا جهاز ساڻ ڪري ۽ ٿورا فوجي جهازران وٺي سائوٿ آمريڪا ۾ وڃي اسپين جي بيٺڪن تي اوچتو حملو ڪيو، سڄا بحري جهاز ۽ شهر لٽيا ۽ ساڙيا ويا. ان وقت سرفرانسز پئسفڪ سمنڊ پارڪري ويو ۽ سلامتيءَ سان انگلينڊ ڏانهن موٽي، ڦر ۽ لُٽ جو تمام گهڻو مال ساڻ کڻي آيو. هي پهريون سپهه سالار هو، جنهن زمين جي گولي جي چوڌاري بحري سفر مڪمل ڪيو. ان وقت ايلزبيٿ جي زماني جي ملاحن جي جانباز بحري مسافرين ڪي خاص نتيجا ڪونه ڏيکاريا، پر ايندڙ سالن لاءِ ڪامياب بيٺڪيءَ پاليسي لاءِ رستو تيار ڪيو. اتر اوڀر ۾ روس ڏانهن سامونڊي رستو ڳولي ڪڍيو ويو ۽ ان ملڪ سان باقاعدي واپار شروع ڪيائون. سر والٽر رئلي اُتر آمريڪا ڪناري ڏنهن بيٺڪون ٺاهڻ لاءِ فوجون موڪليون پر هن جون بيٺڪن ٺاهڻ جون ڪوششون آمريڪا جي اصلي رهاڪن جي حملن جي ڪري ناڪام ٿيون، تان جو 1607ع ۾ ورجينيا جي جيمس ٽائون شهر م انگريز بيٺڪ سازن پهرين مستقل بيٺڪ ڍاهي، ايسٽ انڊيا ڪمپني 1600ع تي وجود ۾ آئي ۽ اهڙيءَ طرح آئيندي لاءِ هندستان ۾ انگريز (برطانوي) شهنشاهت قائم ڪرڻ لاءِ پهريون قدم کنيو ويو.

ايلزبيٿ جي حڪومت ۽ علم و ادب:

ايلزبيٿ جي حڪومت جي زماني م انگلينڊ ۾ علمي سجاڳي بهترين ادبي نتيجا ڏيکاريا. هن دور ۾ قومي عظمت جو جذبو، مذهبي سڌاري جي آندل نون خيالن جو سيلاب ۽ بحري مسافرن جي دنيا جي ڏورانهن ۽ عجيب و غريب کنڊن کان موٽڻ، تن جا آندل خيال، راڻيءَ لاءِ ماڻهن جي پرجوش جانثاري ۾ ماڻهن جي عام آسودگي وغيره پيدا ٿي. انگلينڊ لاءِ راڻي ايلزبيٿ جو زمانو اهڙو هو جهڙو روم لاءِ آگسٽس جو زمانو، يعني علم ۽ ادب جو سونهري دور. هن ڪتاب جي مقصدن جي پورائي لاءِ وڏن ليکڪن جي نالن جو رڳو ذڪرئي ڪافي آهي. وليم شيڪسپيئر، شاعر ۽ ڊراما نويس، جنهنکي عام طرح سڀني ملڪن جو اڳرو ادبي بيدار مغز ڪري ليکيو وڃي ٿو. سرفرانسز بيڪن، فيلسوف سياستدان ۽ مضمون نويس، جنهن فلسفي جي استقرائي سرشتي جو بنيادي رکيو(1). هن کان اڳ ۾ منتج سرشتو استعمال ڪيو ويندو هو. جنهن جو مدار سچ جي ڳولا ۽ سڄو ئي عقلي نتيجي تي هو. استقرائي سرشتي مطابق حقيقي واقعن کي ايمانداريءَ سان جاچي ڳالهين جا سبب ڳولي ڪڍجن ۽ تجربو ڪري ڏسجي، جيڪو جاچ ۾ مدد ڪندو. جديد سائنس استقرائي طريقي تي مبني آهي، جيڪو واقعن جي علم تي ٻڌل آهي ۽ اهو نتيجو آهي، انهن هزارن جانثار ماڻهن جو پرجوش محنت جو، جي بيڪن جي قدمن تي هليا آهن.

(سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل ڪتاب ”عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو“ تان کنيل ص ص 239 کان 242)

ليلا پروين سومرو

ڪجهه ته ٿيو آ

اڄ من منهنجو مونجهو ڇوآ،

ساهه به ائين ڄڻ سوگهو ٿيو آ،

ڪجهه ته ٿيو آ ڪجهه ته ٿيو آ.

 

اکڙين ۾ ڪو عڪس به ناهي،

دل ۾ ڪو درد به ناهي،

پوءِ به من موڳو ڇو آ،

ڪجهه ته ٿيو آ ڪجهه ته ٿيو آ.

 

جيءُ ۾ ڄڻ ڪا جهوري آهي،

بي نام ڪائي لوري آهي،

دل ڄڻ ماٽي ولوڙي آهي،

ڪجهه ته ٿيو آ ڪجهه ته ٿيو آ.

 

ڪا ڳالهه به ناهي تنهن هوندي به،

من جو ڪوئي ميت نه هوندي به،

اکڙين کي ڪو اوسيئڙو آهي!

ڪجهه ته ٿيو آ ڪجهه ته ٿيو آ.

 

ضميره شيخ

غزل

تون منهنجي زندگي،

تون منهنجي بندگي.

 

پيار تنهنجي جي آ،

اکين ۾ روشني.

 

ساڻ آهين ته آ،

روح کي تازگي.

 

پيار ڏي، پيار ڏي،

آ اڃا تشنگي.

 

تون ملئين، نه رهي،

زندگيءَ ۾ ڪمي.

سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتاب ۽ رسالن جي ملڻ جا هنڌ

(سرتيون، مهراڻ ۽ گل ڦل توهان جي شهر ۾ پهچن ٿا يانه؟ اهڙي ڄاڻ ڏئي ٿورائتو ڪندا)

1.                  سنڌي ادبي بورڊ، ڪتاب گهر تلڪ چاڙهي حيدرآباد سنڌ.

2.                 ڀٽائي بڪ هائوس گاڏي کاتو حيدرآباد.

3.                 سنڌي ساهت گهر گاڏي کاتو حيدرآباد.

4.                 قليچ ڪتاب گهر سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد.

5.                 ڪاٺياواڙ ڪتاب گهر اردو بازار ڪراچي.

6.                 ڪلچر ڪتاب گهر نزد ايم پي اي هاسٽل ڪراچي.

7.                 المهراڻ ڪتاب گهر، ميرپورخاص.

8.                 جوهر بروهي فريد آباد دادو.

9.                 سنڌ ڪتاب گهر، ميرپورخاص.

10.             ٿر ڪتاب گهر شاهي بازار عمرڪوٽ.

11.              المهراڻ ڪتاب گهر عمرڪوٽ.

12.             ٿر ڪتاب گهر مٺي.

13.             حافظ ڪتاب گهر کپرو.

14.             سڪندري بڪ ڊپو کپرو.

15.             سليمان برادرس نوابشاهه.

16.             مختيار احمد کٽي نيوز پيپر ايجنٽ بدين.

17.             رحمانيه ڪتب خانه حيدر چوڪ حيدرآباد.

18.             ممتاز بڪ ڊپو ريلوي لائين دادو.

19.             عبدالرزاق ٻگهيو ڪتاب گهر ميهڙ.

20.            رهبر بڪ اڪئڊمي بندر روڊ لاڙڪاڻو.

21.             عباسيه ڪتاب خانو جهونا مارڪيٽ ڪراچي.

22.            رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو.

23.            ضمير سوهو ڪتاب گهر ڏوڪري.

24.            مارئي ڪتاب گهر بئراج روڊ سکر.

25.            مرتضيٰ ابڙو نيوز پيپر ايجنٽ شڪارپور.

26.            هلال ڪتاب گهر ميرپورخاص.

27.             هائوس آف ناولٽي ميرپورماٿيلو.

28.            لال بخش ملاح نيوز پيپر ايجنٽ ٺٽو.

29.            سوجهرو ڪتاب گهر بدين.

30.            مڪتبه عزيزيه کهڙا شريف خيرپور ميرس.

31.             عطار ڪتاب گهر بدين.

32.            ڪامل نيوز پيپر ايجنٽ ٽنڊوالهيار.

33.            سنڌ بڪ اسٽورلاڙڪاڻو.

34.            غلام مصطفيٰ ٻگهيو نيوز پيپر ايجنٽ خيرپور ناٿن شاهه.

35.            عزيز الله جوکيو دادو.

36.            روشن ملڪ نيوز پيپر ايجنٽ راڻيپور.

37.            غلام رسول جهانگير نيوز پيپر ايجنٽ هڱورجا.

38.            غلام مرتضيٰ ٻگهيو نيوز پيپر ايجنٽ هڱورجا.

39.            نعيم اختر سومرو ڪاوش نيوز پيپر ايجنٽ سن.

40.            عبدالوحيد جويو قلندري ٽيلرز سيتا روڊ دادو.

41.             علي محمد سولنگي مارڪيٽ روڊ دادو.

42.            محمد عرس ٽالپر پيارل  سنڌي لطيف ڪتاب گهر، ڇتو مادراڻي، ٽنڊوغلام علي.

43.            بابر ٽالپر نيوز پيپر ايجنٽ تلهار.

44.            امداد جسڪاڻي سکر.

45.            روشن علي روشن بڪ ڊپو شهدادپور.

46.            سنڌ بڪ اسٽور نئون ديرو لاڙڪاڻو.

47.            عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ سکر.

48.            ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر.

49.            الفتح نيوز پيپر ايجنٽ سکر.

50.            شوڪت علي جوڻيجو پوسٽ ميهڙ لاڙڪاڻو.

51.             رياض احمد لاشاري پوسٽ ميهڙ وايا ڏوڪري.

52.            نعمت الله سومرو ڳوٺ ساند ٺارو شاهه.

53.            فضل الله مهيسر پنو عاقل.

54.            خان محمد نيوز پيپر ايجنٽ عمرڪوٽ.

55.             مختيار احمد کٽي نيوز پيپر ايجنٽ ٽنڊو غلام علي.

56.            شمس بڪ اسٽال، ٺٽو.

57.            اي ڪي اشوڪ ڪمار ميگهواڙ ڀٽ ڀائٽي کپرو.

58.            سنڌيڪا بڪ شاپ حيدرآباد.

59.            عبدالله جان محمد فيض گنج خيرپور ميرس.

60.            نفيس علي ميمڻ ميرپور بٺورو.

61.             گل ڪتاب گهر شڪارپور.

62.            اشرف بڪ ڊپو مسجد روڊ نواب شاهه.

63.            غلام رسول ڪلهوڙو طارق روڊ جيڪب آباد.

64.            محمد عثمان عباسي عثمانيه ڪتب خانو چنهاڻي.

65.            عبدالڪريم سومرو ڀٽائي بڪ اسٽور عمر ڊهو گهوٽڪي.

66.            مشتاق ٽانوري بوزدار وڏا، خيرپور ميرس.

67.            عبدالرحمان ڪنڀر، غريب آباد بدين.

68.            ڀٽائي ڪتاب گهر، سجاول.

69.            المهراڻ نيوز ايجنسي حيدرآباد.

70.            ڀٽائي ڪتاب گهر عمرڪوٽ.

پروفيسر رشيده ڀٽي

ڄمون

عام طور تي ”ڄمون جي نالي سان ڄاتل سڃاتل ميوي کي ٻين به گهڻن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جمبول، ڄاوا پليوم، ڪارا پليوم، جميولان وغيره. ڄمن کي نباتاتي سائنس ۾ (Camini,l Syzygim) Jawa Plum ڪري سڏجي ٿو، هن جي ظاهري شڪل ۽ صورت گولائي نما اُڀي ((Oblong ۽ رنگ واڱڻائي ڪارو مائل ٿئي ٿو. ڄمن جو وڻ تقريبا ٻن کان ٽن ميٽرن جو ڊگهو ٿئي ٿو پاڪستان، هندوستان، ۽ انڊونيشيا ۾ عام جام نظر ايندو آهي. مارچ ۽ اپريل مهيني ۾ گل جهليندو آهي ۽ مئي کان جولاءِ مهينن ۾ فروٽ (ميوو) ڏيندو آهي.، هن جو ٻج پوکڻ بعد چئن کان ستن سالن اندر هيءَ وڻ ميوو ڏيڻ جي قابل ٿي ويندو آهي. اُپٽيل بلور (Ovoid) وانگر ڏيک ڏيندڙ هيءُ ميوو پنهنجي عمر مطابق رنگ به بدلائيندو رهي ٿو. شروعات ۾ سائو (Green) نظر ايندڙ. پڪل صورت (Mature) ٿيڻ تائين گلابي (Pink) ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ پوءِ اڳتي هلي جڏهن پوري طرح رسجي تيار (Ripe)، ٿي ويندو آهي ته اُن وقت ڪارو واڱڻائي مائل، (black Crimson) نظر ايندو آهي، هيءُ ميوو ذائقي ۾ تُرش (bitter) يعني کٽو پر مٺاڻ سان ڀريل هوندو آهي. جيڪڏهن توهان ڄمون کي چڪ هڻي کائيندا ته توهان کي کٽو مٺو هڪ وڻندڙ ۽ لذيذ ذئقيدار/ ميوو محسوس ٿيندو. جيڪڏهن ڪيميائي تجزيو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته هن جي کٽاڻ مائل مٺاڻ جو دارومدار  منجهس اندر موجود ڳڙ ۾ موجود ڪجهه تيزابي مرڪبات جي ڪري آهي. هن ۾ مالڪ ائسڊ (Malicacid) گالئڪ ائسڊ (gallicacid) ٽينننس (Tannins) ۽ آڪسالڪ ائسڊ (oxalicacid) موجود هوندا آهن. هنن تيزابي مُرڪبات جي ڪري ميوو کائڻ ۾ ترشي مائل کٽو مٺو ذائقو ڏيندو آهي. گردي اندر (Pulp) هنن تيزابي مُرڪبات جي موجودگيءَ ۾ حياتياتي ماليڪيولي (Biomolecules) هن ميوي کي اعليٰ درجي جي دوا جو درجو ڏيارين ٿا. رت ۾ مٺاڻ جي موجودگي کي گهٽائڻ ۾ صف اول جا مددگار ثابت ٿين ٿا. انڪري هن ميوي کي اينٽي ڊائبيٽڪ (Antidiabetic) ۽ اينٽي آڪيسڊنٽ ڪري سڏجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح هيءُ ميوو ٻين جي ڪيترين ئي پراڻين بيمارين ۽ تڪليفن کي پڻ دور ڪري ٿو. مثال طور پيٽ جي تڪليفن، هڏن جي تڪليفن (Arthritis)، دل جي تڪليفن ۽ وڌيڪ بلڊ پريشر وغيره ۾ به لاجواب ۽ حيرت انگيز طور تي اثرانداز ٿئي ٿو. هيءُ هڪ اهڙو قدرت طرفان عطا ٿيل ميوو آهي. جنهن وڻ جو هر هڪ حصو بي انتها ناياب ۽ مختلف بيمارين لاءِ ڪم ايندڙ ثابت ٿيو آهي. اسين .... وڻ جي هر هڪ حصي منجهان ملندڙ فائدن جو ذڪر ڪنداسين (1) هن وڻ جو ٿُڙ(Bark)  اينيميا (Anaemia) جي علاج لاءِ موثر ۽ مفيد ثابت ٿيو آهي.

(1)              هن وڻ جي پنن (Leaf) جو عرق، ڏندن منجهان وهندڙ رت جنهنکي عام طرح جنجيوائٽس به سڏبو آهي، کي روڪڻ ۽ زخم ڀرجڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. پنن جو عرق حيرت انگيز طور تي رت کي روڪڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

هنن پنن جو عرق، عام بخار، دستن ۽ آنڊي منجهه موجود ڳڙٻڙ کي پڻ فائدو ڏئي ٿو.

(2)             هن ميوي جو ٻج (Seeds) پراڻي دستن جي بيمارين (Dysentory) کي ختم ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن ٻجن جو پائوڊر ٺاهي استعمال  ڪجي ته ڪيترين ئي بيمارين جهڙوڪ، ذيابطيس (Dibetes) وڌيل بلڊپريشر (High Blood pressure) ۽ وڌيل ڪوليسٽرول ليول کي آرام سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.

(3)             رنگين مادو مثال طور انيٽو سايانن ۽ فليو نوئڊس وغيره تمام گهڻي مهارت سان شريانين ۾ رت کي ڄمڻ کان روڪين ٿا ۽ ڪيترين ئي دل جي بيمارين کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.

هي رنگين مرڪب پنهنجيءَ ساخت (هئيت) ۾ اينٽي ٽوڪسيڊنٽ (Antitoxidents)  يعني ته پنهنجي اندر اهڙي طاقت ۽ قوت رکن ٿا جيڪي ڪنهن به آفت جي ظاهر ٿيڻ وقت مرتب ٿين ٿا. اُنهن کي آسانيءِ سان روڪڻ ۾ مددگار ٿين ٿا ۽ رت کي ڄمڻ ۽ شريانن اندر ڳوڙهن ٺاهڻ واري عمل کي ذائل ڪري، خلين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ۾ معاون ۽ مدد گار ثابت ٿين ٿا. جنهن ڪري دل جي بيماري کي آسانيءَ سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.

(4)             هنن جو شربت (Juice) اينٽي انفلاميٽري، يعني ته اندروني سوڄ ۽ سوزش کي گهٽائيندڙ، جوش ۽ گرميءَ کي ٿڌو ڪندڙ، ثابت ٿئي ٿو. هڏن جي تڪليف ۽ سنڌن جي سور وغيره ۾ پڻ اينٽي آر ٿرائٽڪ ۽ بخار جي ڪيفيت کي گهٽائڻ ۾ پڻ مدد گار ۽ سهڪاري ثابت ٿئي ٿو. ساڳي وقت ڄمونءَ جي اندروني ڳر (Flesh)، دم جي مريضن لاءِ پڻ بي انتها مفيد ثابت ٿئي ٿي.

(5)              ڄمون (Jamun) جي ٻج (Seed) جي پائوڊر ۽ اندروني ڳر(Pulp)  گهرڙن جي نظام کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ پتي جي گهرڙن (Pahcreas)  جي نظام کي پڻ درست رکڻ ۾ مدد گار ثابت ٿئي ٿو. پتي (Pomcreas) جي اندر موجود، گهرڙا جن کي اَلفا (alfa)، بيٽا (Beta) ۽ ڊيلٽا (Delta) ڪري سڏجي ٿو تن منجهان حاصل ڪندڙ ڪيميائي مرڪبات جن کي انسيولن، ۽ سوميٽو اسٽيشن سڏجي ٿو، تن کي پڻ ڪنٽرول ڪري نارمل مقدار ۾ رکڻ ۾ پڻ مددگار ٿين ٿا، حقيقت ۾ ڏسجي ته ڄمون هڪ اهڙو قدرتي ميوو آهي جيڪو انسان جي جسم اندر موجود مختلف ڪيميائي مرڪبات جي اصليت ۽ توازن کي نارمل حالت ۾ برقرار رکڻجي ڪم بخوبي سرانجام ڏيئي ٿو. دراصل انسان جي صحت جو دارومدار ئي اندورني ڪيميائي مرڪبات جي جزن جو توازن ۾ هجڻ تي آهي، جيڪڏهن خدانخواسته ڪيميائي  مُرڪبات پنهنجو توازن نارمل نٿا رکي سگهن ته پوءِ انساني جسم مختلف تڪليفن جو شڪار ٿي پوي ٿو. انڪري ضروري آهي ته روزاني زندگيءَ ۾ کاڌي سان گڏوگڏ ميون جو استعملا به ضروري ڪرڻ گهرجي. عام طور تي هڪ سئو (100) گرام ڄمون (Jamun) منجهان اسان کي هيٺين ريت غزائي جزا ملي سگهن ٿا:

(Nutrition facts)

آئرنIron      mg0.19

سوڊيمSodium     mg14

پوٽاشيمPotossium   mg79

ڪئلشيمCalcium    mg 19

وٽامن  بي سڪسB-6   mg 0.0338

نياسنNiacin    mg 0.26

وٽامن سيVitamin C    mg1.5

پاڻيWater    mg 83.13

سڻڀFat   mg 0.32

پروٽينProtein    mg 0.72

ڪاربو هائيڊريٽ     Carbohydrate mg 15.1

انرجي (طاقت)Energy   60 kcal

تازي ميوي کائڻ سان گڏوگڏ اسين ڄمن منجهان ڄمون جيم جيلي(Jamun Jam) به ٺاهي سگهون ٿا. جيلي ٺاهڻ جو طريقو هيٺين ريت آهي:

گهربل شيون:

(1)              25 داڻا ڄمون – صاف پاڻيءَ سان ڌوتل

(2)             250 گرام کنڊ

(3)             چوٿائي ڪپ ¼ ، صوف ڪٽيل ننڍڙا ٽڪرا.

(4)             1/2 ، اڌ چانهه وارو چمچو لائيم جوس

(5)              هڪ چپٽي جيترا پيٺل سونف داڻا

ٺاهڻ جي ترڪيب

(1)              اسٽين ليس اسٽيل جي ديڳڙي  (Pan) منجهه ڄمون ۽ کنڊ وجهي هلڪيءَ باهه تي رکو.

(2)             آهستي آهستي چمچي سان ملائيندا رهو. جيستائين ڄمون ۽ کنڊ پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي وڃن ته پوءِ ڪٽيل ٽڪرا صوف جا وجهو.

(3)             ٿوري دير لاءِ ڍڪي هلڪيءَ باهه تي ڪاڙهيو، جيستائين منجهس پيل سڀ شيون پاڻ ۾ نرم ٿي ملي وڃن.

(4)             آهستي آهستي ٻج ڪڍي وٺو ۽ لائيم جوس (Lime juice)

ملايو، تيستائين ڪاڙهيو، جيستائين اندر پيل سڀ شيون پاڻ ۾ ملي ملائم ٿي ٿلهو تهه ٺاهي وٺن. يعني ته سڀ شيون هڪ ٿي وڃن ۽ جيليءَ وانگر نظر اچڻ لڳن، پوءِ ڪُٽيل هڪ چپٽي ڀري- سونف وجهو ۽ آهستي آهستي ملائيندا رهو، جيستائين اندر پيل شيون ٺوس جيليءَ جهڙي صورت اختيار ڪري وٺن. هلڪي باهه تي تقريباً پندرنهن (15) منٽن تائين، آهستي آهستي چمچي سان ملائيندا رهو، جيستائين جيليءَ جهڙي صورت اختيار ڪري وٺي.

(7) جلدي باهه تان ديڳڙي لاهي، سڌو سنئون شيشي جي برني  (Sterlised Jar) ۾ اوتي وٺو ۽ آخر ۾ منهن تائين نه ڀريو. پر منهن وٽان چوٿون حصو خالي ڇڏيو. چوڌاري بٽر پيپر (Butter paper) ٻه ڦيرا ڍڪڻ تي ڏيئي پوءِ ڍڪ (Lid) سان برنيءَ کي بند ڪريو ڍڪ تڪڙ ۾ جلدي بند ڪري وٺو، جيئن آميزو ٿڌو نه ٿئي ۽ گرم ئي هجي. توهان لاءِ ڄمون جيلي تيار آهي.


(1)  قانون ولي عهد: جيڪا به قانون دعويٰ ميري اسٽوئرٽ کي انگريزي تخت تي اچڻ لاءِ ٿي سگهي ٿي، سا 1544ع جي هڪ قانون سان بند ڪئي وئي هئي. ڇاڪاڻ جو انهيءَ قانون مطابق جانشيني هينري اٺين جي ٻارن لاءِ مقرر ڪئي ويئي هئي ۽ هينريءَ کي اها اختيار ڏنل هئي، ته هو جيڪي به بندوبست وڌيڪ ضروري سمجهي سي ڪري، اها اختياري هلائيندي هينري اسٽوورڊ کي بيدخل ڪري ڇڏيو هو ۽ مرضي ڏيکاري هئي ته جيڪڏهن هن جا سڀ ٻار ولي عهد کانسواءِ مري وڃن، ته تاج سندس ڀيڻ سفولڪ جي ڊچ يا اميرياڻي ميري جي پوٽن کي ڏنو وڃي. (انگريزي ايڊيٽر)

(1) فلسفي جي استقرائي سرشتو: بيڪن جي اها دعويٰ ته هن فلسفي جي استقرائي سرشتي جو بنياد رکيو آهي، سا دعويٰ سندس سوانح نويس هينئر ڪونه ٿا پيش ڪن. اهو سچ آهي، ته هن پنهنجي ڪتاب نووم آرگينم (Novum Organum) يعني ”نئون قانون“ ۽ ايڊوانسمينٽ آف لرننگ Advabcement of ) (Learning يعني ”علم جي ترقي“ ۾ نظرئي جي جاچ ۽ تجربي جي ذريعي سائنسي ترقيءَ جي طريقي کي همٿايو هو، پر هو انهيءَ طريقي جو ابتدا ڪندڙ نه هو. سڀني زمانن ۾ سائنس جي عالمن انهيءَ طريقي کي استعمال ڪيو هو. خاص طرح سندس معاصر هيئتدان گيليلو (Galilio) (1564ع -1642ع) انهيءَ طريقي کي ترقي وٺائي ۽ استعمال ڪيو، ٻيو ته بيڪن انهيءَ طريقي کي فلسفي جي ڪنهن ڪارآمد سرشتي ۾ کڙو نه ڪيو. هن جي فطرت ۾ منطق سان آڻپوري واقفيت کيس انهيءَ وڏي ڪم لاءِ همسر نه بنايو. هو سڄو سوال آر. ڊبليو. چرچ (R.W. Church) پنهنجي تحقيقي مقالي بيڪن (Bacon) جي اٺين باب ۾ تمام سهڻي نموني ۾ بحث هيٺ آندو آهي. (انگريزي ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com