سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: آگسٽ 2007ع

مضمون --

صفحو :6

ٽونيءَ چيس، ”اڙي ڇڏ يار، غيبي راڳ هلندو، ته پوءِ ڇا؟ هن ڪئمپ ۾ هونئن به هر شيءَ بگڙي خراب ٿي ويئي آهي ممڪن آهي ته غيبي راڳ جي وارد ٿيڻ سان حالتون ڪجهه بهتر ٿي پون. جڏهن کان وٺي تون هن ڪئمپ ۾ آيو آهين تڏهن کان وٺي عجيب سر آلاپندو رهيو آهين. ساريءَ فضا ۾ تنهنجي سرندي جا ننڊا کڙرا سر ته هونئن ئي جذب ٿي ويا آهن.... باقي غيبي راڳ هلي ڇا ڪندو؟“

”هن کي اچڻو هوندو، ته تون ڏسندين ته هو ڪيئن ٿو اچي، خبر مون کي ته ڪا پرواهه ڪانهي!“ جميءَ مٿي کي ٻنهي هٿن ۾ جهليندي چيو.

”مون کي وري پرواهه آهي ڇا؟“ ٽونيِءَ رڙ ڪري چيو. ”هن ڪئمپ ۾ اهڙيءَ شيءِ جي ضرورت ئي آهي. مان سڀاڻي سج اڀرڻ وقت انهن ماڪ جي ڦڙن سان ضرور ڪانه ڪا رهاڻ ڪندس.“

”سج اڀرڻ مهل!- واهه جي موج ٿيندي!“ جميءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي، ۽ هن جو سڄو جسم حرڪت ۾ اچي ويو. توهان ته هاڻ سمجهي ويا هوندو ته جمي ۽ ٽوني ڪهڙي نه عبرتناڪ چيز جي پٺيان پيا هئا. ڳالهه جي هنن ڪنهنکي به سڌ نه ڏني،- مون کي به ڪونه ٻڌايائون.

ٻئي ڏينهن صبح جو ٽونيءَ ڳئون جي سڱ مان ٺهيل نفير کنئي، جيڪا سڀني نفير کان وڏي هئي. هو هڪڙي دڙي تي چڙهي ويو، ۽ وٺي زور سان نفير وڄايائين، سڀ ماڻهو ڀڄندا اتي اچي پهتا.

”ڀائرو!“ ٽونيءَ چوڻ شروع ڪيو. هو صبح جو ٿوريءَ روشني ۾ عجيب بي ڊولو پئي نظر آيو، ”صبح ٿيڻ وارو آهي، ۽ مان چاهيان ٿو ته سج جي روشنائي ڦهلجڻ کان اڳ اوهان سڀ ماڪ جي بوندن کي غور سان ڏسو، ۽ جيستائين سج جي روشني انهن مٿان نه پوي، تيستائين انهنکي ڏسندا رهو. مون کي يقين آهي ته اوهان ايڏيءَ عمر هوندي به هنن ماڪ جي بوندن کي ائين نه ڏٺو هوندو! ائين چئي، ٽونيءَ سڀني کي گول گول ۽ سهڻيون سهڻيون ماڪ جون بوندون ڏيکاريون.“

خيال فرمايو ته هيءُ ڪيڏو نه جوکم جو ڪم هو! ۽ ان وقت ٻڍو پادري ’موسز مٽرز‘، جو اهڙين حرڪتن کي يڪدم سڃاڻي ويندو هو، سو رڙ ڪري چوڻ لڳو: ”اڙي ٽوني، تون اسان سڀني کي ڀن ۾ وجهندين! خدا جي واسطي ڪجهه خيال ته ڪر!“

”اڙي حضرت!“ ٽونيءَ هن ڏانهن گهوريندي چيو، ”مون اڄ ڏينهن تائين ڪنهن جو خيال ڪيو به آهي ڪيئن؟“

سچي ڳالهه هئي به اها. ڪڏهن به ٽونيءَ کي ڪنهن جو خيال ڪندي ڪنهن ڪين ڏنو هو..... ۽ اسان سڀ ٽونيءَ جي چوڻ مطابق ماڪ جي بوندن ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳاسون، جيئن اسان غور سان ماڪ جي بوندن ڏانهن ڏسندا رهياسون، تئين تئين اسان جي حيرت وڌندي رهي.

سرندي وارو جمي ان موقعي تي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي بيٺو هو. هو ڏاڍي غور سان پرهه ڦٽڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. هن جي هٿ ۾ سرندو هو، ۽ هو ائين بيٺو هو، ڄڻ ته ڪنهن جو انتظار ڪري رهيو آهي. بس ان ئي وقت ٽڪريءَ جي چوٽيءَ کان هڪڙو لرزندڙ ڪرڻو نمودار ٿيو، ۽ وڃي ماڪ جو بوند تي پيو، ماڪ جي بود ننڍڙي شعلي جيان چمڪڻ لڳي. اسان سڀ ان کي حيرت سان ڏسندا رهياسون، تان جو ماڪ جي بوند غائب ٿي ويئي. ان جي غائب ٿي وڃڻ سان اسان مان هر هڪ ائين محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ ته هن جي دل ۾ مکڙي کلي گل ٿي پيئي هئي ۽ ڄڻ ته ڪا عجيب ڳالهه ٿيڻ واري هئي!

اوچتو ٽڪريءَ جو چوٽيءَ سُرندي واري جميءَ رڙ ڪئي: ”اچي ويو- اچي ويو، اڄوڪي عظيم ڏينهن جو غيبي راڳ اچي ويو!“ ائين چئي، هو زور سان سرندو وڄائڻ لڳو. ۽ نچڻ لڳو.

”خد پيو خير ڪري، ڪا وڏي آفت اچڻ واري آهي!“ ٻڍي پادريءَ رڙ ڪئي، ۽ ڀرسان بيٺل صنوبر جي وڏي وڻ جي ٽارين کي چنبڙي پيو، ته جيئن ايندڙ آفت کان محفوظ رهي سگهي.

ان وقت اسان کي پري کان عجيب سازن جون آواز ويجهو ايندو معلو ٿيو، ائين پئي وسهڻ ۾ آيو ته ڄڻ جمي ان ٽڪريءَ تان راڳ کي دعوت ڏيئي رهيو هو.

بس پوءِ ته ادا، ٻيلن جا ٻيلا نچندا ٽپندا واديءَ مان وڃي رهيا هئا ڄڻ ته ڪنهن درياءُ جي اٿل ۾ هو وهي رهيا هئا. ٿورن منٽن گذرڻ بعد، اهي سڀ وڻ ٽڪر ٽڪر ٿي پيا ۽ هرڪو ٽڪر جدا جدا نچڻ لڳو ۽ سڀ هڪ ٻئي جي اڳيان قلابازيون کائڻ لڳا.

”خدا خير ڪري، خدا خير ڪري، ڏسو ته ڪهڙو نه ويل پيو وهي!“ ويچارو ٻڍو پادري رڙندو رهيو، هن جا وار ڊپ ۾ اڀا ٿي ويا هئا، ۽ هن جون اکيون ٻاهر نڪرڻ تي هيون.

ان کان پوءِ، هڪڙو گاهه جو وڏو ڍير نچندو آيو. اهو ڍير ڪنهن ننڍڙي ناچوءَ جيان گول ڦيرا ڏيئي رهيو هو. توهان کي اعتبار اچي يا نه، پر سڀ ماڻهو هن جي رستي کان هٽي ويا. ان کان پوءِ، هڪڙو ننڍڙو خوبصورت وڻن جو جوڙو نچندو آيو، جن جون شاخون پوئتي ليٽيل هيون. اها ته اڃا شروعات هئي، تنهن کان پوءِ غيبي راڳ اچي اسان مٿان وارو وار ڪئي. ائين پئي وسهڻ ۾ آيو ته ڄڻ ڪنهن درياءَ ۾ سلاب اچي ويو هو، هر ڪنهن قسم جو راڳ ٻڌڻ ۾ پئي آيو، سازن جي جدا جدا سرن تي ساري مخلوق نچي رهي هئي، عجيب گڏ وچڙ مجموعو هو. سيهڙ هئا جيت ڄڻا هئا، ۽ رڇ هئا، جهنگلي ٻلا هئا، ۽ ٻيا به ڪيترا نوان نوان جانور هئا. جي ان کان اڳ ڪڏهن به پهاڙ تي ڏسڻ ۾ نه آيا هئا. وڻ، ٽاريون، ٽڪريون- سڀ جدا جدا سرن تي نچي رهيون هيون. نچڻ وارن جي چوڌاري انڊلٺ جا طرحين طرحين رنگ نظر اچي رهيا هئا. سڀ مخلوق وڏيءَ مستيءَ ۾ ٽپي رهي هئي. هو پنهنجي مستيءَ ۾ سڀ ايترو ته محو ٿي ويا هئا. جو ڄڻ ته اجهوڪي اجهو ٿا دم ڏين، هڪڙي رڇڻي پنهنجن ٻچن سوڌي ايترو ته ناچ ۾ مست ٿي ويئي، جو ڪجهه وقت ته بيهوش پيئي هئي.

اسان جي اها حالت هئي، جو هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن ساز جي آواز سان نچي رهيو هو. ڳالهه اها آهي ته جڏهن غيبي راڳ شروع ٿيندو آهي، تڏهن اهو ڪو رواجي راڳ جيان ته نه هوندو آهي، اهو اوهان کي زوري به نچائيندو ۽ اوهان کي ضرور نچڻوئي پوندو.  جيڪڏهن اوهان نه نچندو، ته غيبي راڳ توهان سان ڏاڍو برو سلوڪ ڪندو- اهڙو سلوڪ، جهڙو هن ٻڍي پادريءَ سان ڪيو.

اهڙيءَ طرح اسين ايل درياءَ جا واڍا ڪنهن نه ڪنهن سُر تي نچڻ لڳاسون، جمي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي نچندو رهيو- بانسري وڄائيندو رهيو ۽ نچندو رهيو، ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ هو راڳ ۾ جذب ٿي ويو آهي.

ماڻهو جوڙو جوڙو ٿي نچڻ لڳا، جن کي ساٿي نه پئي مليو، اهي ائين ئي ٻانهون ڦهلائي نچي رهيا هئا. هڪڙي ماڻهوءِ زور سان پنهنجي مضبوط چادر ڦاڙي، ٽڪريون ٽڪريون ڪري، هوا ۾ اڏائي ڇڏي- ڄڻ ڪڻڪ جا تهه اڏامندا پئي ويا. ٻئي هڪڙي همراهه کي انهن جانورن مان هڪڙو باندر هٿ اچي ويو. ٻيئي هڪ ٻي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا، ۽ هڪدم هڪڙي جهنگلي ناچ ۾ محو ٿي ويا، جو ايل درياءَ جي رهاڪن ڪڏهن به نه ڏٺو هو. مان اوهان کي اهو ته ٻڌائي نه سگهندس ته مان پاڻ ڪهڙيءَ طرح نچيس، دراصل گهڻو تڻو مان ٻين جي ناچ ڏسڻ ۾ ئي محو هئس.

ڪاش! اوهان ڊگهي ۽ ٿلهي هينريءَ کي ڏسو ها، جيڪو گاهه جي ڍڳ کي ڀاڪر پائي نچي رهيو هو. پهريائين ته هينري ڪجهه حجاب ڪري رهيو هو، پر جيئن ئي هن جي پيرن ۾ مستي آئي، بس پوءِ ته قهر ڪري ڇڏيائين، گاهه جو ڍڳ هلڪو ۽ نرم هو، تنهنڪري ڏاڍو تڪڙو نچي رهيو هو. هو هينريءَ کي ڏسي هيٺ ٿي جهڪيو ۽ وري، سڌو ٿي ٿيو، پر ڇا مجال، جو جهڪڻ ۾ هن جو هڪڙو تيلو به جدا ٿئي، هينريءَ آخر هن کي زور سان پنهنجي سيني لڳايو ۽ شادي رات واري محويت سان ٻنهي گڏجي وري نچڻ شروع ڪري ڏنو.

ٽوني بيور جو اهو حال هو، جو جا چيز به سندس اڳيان ٿي آئي، تنهن سان گڏجي نچڻ شروع ٿي ڪري ڏنائين پهريائين پهريائين ته هو ٽڪريءَ جي هڪڙي ڀوري پٿر کي چنبڙيو رهيو، ۽ ٻيئي ناچ ۾ محو هئا. پر سچي ڳالهه اها آهي ته ٽڪريءَ جو هو پٿر ڏاڍو ڳورو هو. جنهنڪري هر قدم تي موسيقي جي سيلاب ۾ ڄڻ هن غوطا ٿي کاڌا، ۽ ان جي اهڙيءَ ڪيفيت جي اثر کان ڪيترائي عجيب عجيب سر مينهن جي بوندن جيان وڃي ٿي ٻين مٿان ڪريا. مطلب ته سرن ۽ گيتن جي هن لڳاتار بارش سبب هر هنڌ هر ڪو زور زور سان پئي نچيو ٽپيو، ۽ جهوليو جهوميو.

ٽوني ڪجهه وقت ان پٿر سان گڏ نچندو رهيو، پر پوءِ ان کي ڇڏي وٺي ڀڳو، تنهن کان پوءِ هڪ نوريئڙن جي ٽوليءَ سان گڏجي نچڻ لڳو. نوريئڙا پنهنجا پڇ ڦيرائيندا، ٽپندا ڪڏندا، شور مچائيندا آيا هئا، هنن کان پوءِ، ٽوني وري هڪڙي جهنگلي ڪوئي ۽ ڏيڏرن سان نچيو. ان وقت، سازن تي، ”هليو ميان ڏيڏر شادي رچائڻ!“ وارو سر هلي رهيو هو. هنن کي ڇڏي، ٽوني وري هڪڙي وڻ سان نچيو، جو ساروئي گلن سان جهنجهيو پيو هو، جيتوڻيڪ ان جي گلن جي موسم هڪ مهينو اڳ ختم ٿي چڪي هئي. سفيد سفيد گلن سان جهنجهيل وڻ ڪنهن خوبصورت ڪنوار جيان نظر اچي رهيو هو. هن جون شاخون مختلف سُرن تي مختلف نموني جهومي رهيون هيون، وڻ سان نچڻ کان پوءِ ٽوني هر چيز سان، جا به سندس سامهون ٿي آئي، نچڻ لڳو. جڏهن ڪو ساٿي نه پئي مليس، ته اڪيلوئي ٽپندو ڪڏندو، جهومندو رهيو. ڪئمپ ۾ هڪڙو منڊڙو ڇوڪرو هو، جنهن کي ٽوني ڏاڍو ڀائيندو هو. هو به سڀني کي نچندو ڏسي، پاڻ روڪي نه سگهيو، ۽ منڊڪ منڊڪ ڪندو، رڙيون ۽ واڪا ڪندو، اچي پهتو:

”مان به، ٽوني مان به نچندس!“

”هائو دوست، تون به هن غيبي راڳ ۾ نچي سگهين ٿو!“ ائين چئي، ٽونيءَ کڻي ڀاڪر وڌس، پوءِ ته ٻئي نچڻ ٽپڻ سُر لڳا. مون کي ته حيرت وٺي ويئي، جو اهو منڊو ڇوڪرو ته وري سڀني کان گوءِ کڻي ويو!

ان وقت اهڙو ته عجيب نظارو هو، جو اوهان شايد ئي ڪڏهن ڏٺو هجي، انسان ۽ جانور غيبي راڳ جي هر سُر سان جدا جدا نچندا نظر اچي رهيا هئا. سرندي وارو جمي، جو سامهون ٽڪريءَ تي بيٺو هو، سو سرندو به وڄائي رهيو هو ۽ نچي به رهيو هو، ۽ پاڻ کي سڀ کان زياده سرخرو ڪرڻ لاءِ زور زور سان رڙيون به ڪري رهيو هو.

مختلف قسمن جا ماڻهو، جيڪي عجيب سرن تي نچي رهيا هئا، تن کي ڏسي، خودبخود کل ٿي آئي، ڳالهه ڇا آهي ته غيبي راڳ اوهان کي پاڻمرادو نچائيندو آهي، ۽ توهان کي ڪا به ڪوشش ڪرڻي ڪانه پوندي آهي. هر ماڻهو پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪونه ڪو راڳ ۽ سر پسند ڪندو آهي ۽ نچڻ شروع ڪري ڏيندو آهي، مثلا: ڪانڊيرن جا ننڍڙا ٻوٽا، جي هر ڪنهن ڪلراٺيءَ زمين ۾ اوهان کي نظر ايندا، سي توتن جي وڻ جي چوڌاري نچي رهيا هئا- انهن جا ننڍڙا ننڍڙا پن هڪ ٻئي سان ملي، تاڙيون وڄائي رهيا هئا ۽ ننڍڙا ننڍڙا ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا.

جڏهن ٻارن جا سُر شروع ٿيا، ته سڀ جانور پنهنجين پوين ٽنگن تي اٿي بيٺا ۽ پنهنجا پڇ ڊگها ڪيائون ۽ ميلن تائين ائين ئي نچندا ويا. اهي جانور ايڏا ته وڏا ۽ طاقتور هئا، جو وڻن کي لتاڙي ڇڏيائون ۽ ٽڪرين جي ڪيترن پٿرن کي لتن سان پري ڌڪي ڇڏيائون. مان شرط رکڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن ڪو اها ڳالهه ثابت ڪري ته ٻارن جي سر تي نچڻ جو مزو ڪڏهن ڪنهن به موقعي تي هن کان زياده ٿيو هوندو.

اها ڳالهه به ڌيان سان ٻڌو ته جڏهن به غيبي راڳ جو آغاز ٿئي، ته واهان کي به يڪدم نچڻ شروع ڪري ڏيڻ گهرجي، نه ته اوهان جو حشر به ٻڍي پادريءَ جهڙو ٿيندو. غريب ٻڍو پنهنجي روح کي ڏاڍو قيمتي سمجهندو هو ۽ ان کي محفوظ رکڻ لاءِ هر ممڪن جتن ڪندو هو. هو ائين سمجهندو هو ته جيڪڏهن هن جي روح کي ڪو نقصان پهتو، ته هو ٻيءَ دنيا ۾ ڪهڙو منهن وٺي ويندو! جڏهن هن وڻن ۽ ٻوٽن کي پاڻ ڏانهن نچندو ايندو ڏٺو ۽ غيبي راڳ جي اچڻ جو آواز ٻڌو. تڏهن هن سمجهيو ته ضرور ڪانه ڪا مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي ۽ هڪدم ڀرسان بيٺل صنوبر جي وڻ ۾ لڪي بيهي رهيو. هن جي ويچار موجب نچڻ گناهه هو، ۽ نچڻ سان انسان جو روح ناپاڪ ٿئي ٿو. پر اها ڳالهه ته مان اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيان ته غيبي راڳ انسان کي خودبخود نچن تي مجبور ڪندو آهي، ۽ ڪوئي کڻي ڪيتري به ڪوشش ڪري، پر ان کان پاڻ بچائي اصل نه سگهندو. ويچاري پادريءَ جا پير خودبخود هيٺ مٿي ٿيڻ لڳا. پهريائين هڪڙو سر وڳو، تنهن کان پوءِ ٻيو سر شروع ٿيو، جنهن هن جي بدن ۾ ڪتڪائي شروع ڪئي،۽ هن جا پير خود به خود سر جو ساٿ ڏيڻ لڳا. هن وٺي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون: ”منهنجو پاڪ روح – منهنجو پاڪ روح!“ پر هن جا پير نچڻ کان باز نه آيا. هرهڪ نئين سر سان سندس پير نچڻ لڳا. غريب جي حالت ڏاڍي رحم جوڳي هئي. وڻ کي چنبڙي، هن پنهنجو روح نچڻ جي آلائش  کان پاڪ رکڻ ٿي چاهيو . هن جا هٿ وڻ ۾ مضبوط پيا هئا، پر سندس پير هوا ۾ ناچ ڪري رهيا هئا. پهريائين ته هڪڙي ٽنگ پئي هيٺ مٿي ٿيس، پر پوءِ ٻي ٽنگ به پهرينءَ جو ساٿ ڏيڻ شروع ڪيو. جيئن ٻلي پاڻي ۾ پير پسائڻ کان پوءِ هنن کي زور زور سان ڇنڊيدي آهي‑ ساڳي حالت غريب پادريءَ جي هئي. هن جو ٻيو هڪڙو ساٿي ته اڳ ئي موسيقي جي هن درياءَ ۾ وهي ويو هو. سندس ان غريب دوست ۾ ايتري قوت ئي ڪٿي هئي، جو ان جو مقابلو ڪري سگهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com