سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: آگسٽ 2007ع

مضمون --

صفحو :4

رشميءَ جي سنڌ يارترا کان پوءِ واري شاعري پڙهڻ کان اڳ اچو ته سندس ڪوتا ڪتاب (”مان هڪ سنڌڻ“) جي ڪوتائن جي لطف ماڻيون:

(1) پيار

پيار هڪ پوپٽ آهي،

گلن جي چُمين سان ٻهڪندا آهن،

جنهن جا پر

اگر،

پوپٽ نظر اچي وڃي ڪنهن به گل تي

ته،

انسان جتي آهي، بيهي رهي اتي چپ چاپ،

محسوس ڪري

گل ۽ پوپٽ جي پيارَ کي،

نه، بلڪل نه،

ڪڏهن به ويجهو نه وڃجي پوپٽ جي،

نه ته،

پوپٽ ويندو اڏامي پل ۾،

ڏسڻ وارن جي نظر لاءِ بچندو ڪجهه به نه،

سواءِ مست هوا ۾ مرڪندڙ گل جي.

(2) سپنو

سپنو،

نئين ڄاول ٻار وانگر

ڪرندو آهي ننڊ جي ترين ۾،

سمائجي ويندو آهي رات جي گود ۾

سڄي رات

اونداهه جي ڍنڍ ۾

مڇيءَ جيان ترندڙ سپنو،

مرڪندو آهي سج جي اکين ۾،

ترورو بڻجي،

ڌرتيءَ جي دامن ۾ گل،

هوا ۾ سرهاڻ،

۽ پاڻيءَ ۾ سنگيت بڻجي

موجود هوندا آهن سپنا،

سڄي سنسار ۾.

(3) وشواس

انسانُ،

نه مرندو آهي تڏهن،

جڏهن ڦاٽي پوندي آهي دماغ جي رڳ

يا

بند ٿي ويندي آهي،

دل جي ڌڙڪن،

ڪڏهن ڪڏهن،

انسان مري ويندو آهي اوچتو،

ته

ڪڏهن مرندو آهي تِر، تِر ڪري،

ختم ٿي ويندو آهي جڏهن

پيار ڪرڻ جي احسان،

ٽٽي پوندو آهي جڏهن هر آسَ،

سپنا رهجي ويندا آهن اڌورا

بي معنيٰ ٿي ويندي آهي هر خوشي،

مري ويندو آهي ڪوئي به انسان تڏهن،

جڏهن

نه رهجي ويندو آهي هن جو جيئڻ ۾

وشواس،

(4) سُڏڪو

هڪ تارو ٽُٽو،

آڪاس ڪجهه دير اُداس ٿيو.

هڪ گُل

ٽڙڻ کان اڳ ڪومائجي ويو،

ٻوٽي ڇرڪ ڀريو.

پراڻو جهور وڻ ڊهي پيو،

ڪجهه لمحن لاءِ خاموش ٿي ويا پکي،

هڪ ٿڪ عورت کنيو اڀو ساهه،

پاسو ورايو ڌرتيءَ،

۽

ڏري پئي جبلن جي ڇاتي،

هوا ۾ تريو،

هڪ معصوم ٻار جو سڏڪو،

ڇرڪ ڀري

خوابن کي پري اڇلي،

جاڳي اٿي،

دنيا،

(5) هڪ ڏينهن

هڪ ڏينهن ايندو،

جڏهن مان توکي ڏيندس،

پنهنجي حياتيءَ جو سڀ کان وڌيڪ

خوبصورت لمحو،

ان لمحي کي جيئندي

تون محسوس ڪندين،

ته

ڪيئن ٽڙندي آهي مکڙي،

ڪيئن مِرڪندي آهي رات،

ڪيئن جوُان ٿيندي آهي ڪا اِڇا،

ڪيئن تصور بڻجي ويندو آهي حقيقت،

(6) اِتهاس

ڪهڙي ضرورت آهي

ٻارن کي اتهاس پڙهائڻ جي،

صديون گذرڻ جي باوجود

اتهاس پڙهي به،

ڪيترا بڻيا آهن ٻُڌ،

ڪيترا عيسيٰ مسيحَ؟

پر،

هر صديءَ ۾،

ڪيترن ملڪن ۾ پيدا ٿيا آهن،

ڪيئي بُشَ،

ته ڪٿي اساما بن لادن،“

(7) آشا

تو وٽ آهي هڪ ننڍڙي مُرڪ،

جيڪا وساريندي آهي

زندگيءَ جي گهڻن ڏکن کي.

منهنجي

رشمي راماڻي پنهنجي شاعريءِ جي سفر ۾ سنجيدگيءَ پختگيءَ ۽ گنڀيرتا سان اڳتي وڌي رهي آهي، هن جي شاعريءَ ۾ خيال جي اصليت، اظهار جي تخليقيت، احساسن جي سچائي ۽ صبح جي ڪرڻن واري تازگي موجود آهي، هن وٽ مٺا مٺا، سهڻا ۽ سرها لفظ گهڻا آهن ۽ وٽس هڪ خاص لفظيات (شبداولي-Vocabuloury ) به آهي، جنهن ۾ خوبصورت خواب/سپنا، گل، شبنم، لڙڪن جي آلاڻ، خاموش سڏڪا، ستارا، چنڊ، رات، افق، شفق، سج، سج جا نرم ۽ ملائم ڪرڻا، سرءُ پکي، لاتيون، پيار، مرڪ، انتظار، وڇوڙو، ننڊ، بادل، سمنڊ، سنگيت، ڪروڻا، اڇا، وشواس، روشني، انڌيرو، زندگي، موت خاموشي، برسات، اتهاس، تاريخ، جاگرافي، ورهاڱو، ناسور، اڪيلائي، رستا ۽ ٻيا لفظ شامل آهن، جن جو ورجاءُ ڪٿي ته ڏاڍو وڻندڙ ۽ موهيندڙ لڳي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي اُنهن جو لڳاتار استعمال ۽ تفصيلي اظهار ساڳيائپ جو احساس اُڀاري ٿو، جنهن کان کيس پاسو ڪرڻ گهرجي، رشميءَ جي سنڌي ڏاڍي سَرل پُختي ۽ اثرائتي آهي، پر ڪٿي ڪٿي هنديءُ جي اثر هيٺ مذڪر ۾ مونث جو خيال نه ٿي رکي يا واسديو موهيءَ جي لفظن ۾ هنديءَ جي حد اثر کان کيس ڪنارو ڪرڻ گهرجي، ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

(1) ڪوتا ”زندگي ۽ موت“ (ص 46)

موت آهي خوفناڪ ۽ ڪاري

پر زندگي!

روشن ۽ پياري.

هتي سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي حوالي سان موتُ ”ڪاري“ (مؤنث) نه پر ”ڪارو“ (مذڪر) ٿيندو.

(2) ڪوتا ”هوا“ (ص 66)

ڌيري سان ايندو

هوا جو هڪ جهوٽو،

جلد ئي پتو پئجي ويندو توکي،

شايد

بدلجي ويو آهي موسم،

هندي ۽ اردو ۾ موسم (مذڪر) ڪم ايندو آهي، پر سنڌيءَ ۾ ”موسم مؤنث (Faminine) آهي ۽ اُن جا بدل لفظ مُندَ ۽ رُت به مونث ئي آهن.

(4) نظم ”صفحو“ (ص 72)

ڇا سوچي رهيو آهين تون سمائجي ويندڙ. ڏس جبلن جي گود ۾ سمائجي ويندڙ سج

کي

آسمان ڀرجي ويو آهي ”انگنت“ رنگن سان.

سنڌيءَ ۾ انگنت“ لفظ جو واهپو خراب ٿو لڳي، اُن جي جاءِ تي ساڳئي لفظ جو سنڌي روپ ”اڻ ڳڻين“ يا ”بي انت“ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

(4) ڪوتا ”ڏک“ (ص 13)

سميٽي رکجئن گهاٽي اوندهه،

من جي گهري شُو نيتا کي،

هتي ”شونيتا“ جو سنڌي بدل لفظ ”سُڃ“ ڪم آڻي سگهجي ٿو. شاهه لطيف ڪهڙو نه خوبصورت چيو آهي:

”سرتيون سُجهي سڃ، متان ڪا مون سين هلي!“

اهڙي ريت ڪُروڻا، ترپت، شوڪ، سهن شيلتا، سنڪلپ ۽ ٻيا ٿورڙا هندي لفظ ڪم آندل آهن، نه ته رشميءِ جي سنڌي ايڏي آسان، موهيندڙ روانيءِ ۽ حسن واري آهي، جو اهو محسوس ئي نه ٿو ٿئي ته هوءَ ڪا سنڌي پڙهيل نه آهي يا هنديءَ جي شاعر آهي، هن جي سُٺي سنڌيءَ جي پويان سنڌ ماءُ لاڄونتيءَ جي مامتا ۽پيار شامل آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي لڄ سلامت رکي آهي! اچو ته سنڌي ٻوليءَ جو حسن ۽ نجو هڳاءُ، رشميءَ جي ڪوتا ”منهنجو وجود“ مان معلوم ۽ محسوس ڪريون:

جنهن ڏينهن

نه هونديس مان

تڏهن به

منهنجا لکيل اکر ته هوندا.

ڪويتائون به هونديون.

چنڊ کي نهاريندڙ،

چڪور پکي هوندا،

سج ڏانهن منهن ڪري مرڪندڙ

سورج مکيءَ جا گل هوندا.

پيار جي سرهاڻ هوندي،

سڪل گل ۽ پيلن پنن ۾،

الماڙيءَ ۾ بند پراڻين چٺين کي پڙهندي،

مزو ايندو ڪنهن آکاڻيءَ جو،

مون کي ياد ڪندي،

ڪڏهن بيچيني ٿئيئي،

ته

هٿ لڳائجانءِ منهنجن ڪتابن کي،

۽

محسوس ڪجان، منهنجي دل جي ڌڙڪن کي!

واقعي هيءَ ٻولي، هي لفظ ساهه کڻندي محسوس ٿين ٿا، جن ۾ اسان جي سدا ملوڪ شاعري رشميءَ جي دل جي ڌڙڪن به محسوس ٿئي ٿي، هوءَ امر آهي، سندس وڏيءَ ڄمار جا دعاڳو آهيون، هوءَ اسان جي ٻوليءَ ۽ اسان جي قوم کي الائي ڪيترا ڪتاب ڏيندي، شال! سندس قلم جو زور ۽ ويساهه قائم رهي.

مون مٿي رشميءَ جي سنڌ ياترا کان پوءِ واري شاعريءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌلاجيءَ جي ٽماهي ”رچنا“ جي جولاءِ- سيپٽمبر 2005ع واري پرچي ۾ شايع ٿي آهي. سنڌ-ياترا تان موٽي هند پهتل اديبن مان ڪيترن سفر ناما لکيا آهن، پر جيتريقدر مونکي خبر آهي ته چئن شاعرن: ارجن حاسد، واسديو موهيءَ، ومي سدارنگاڻيءَ ۽ رشمي راماڻيءَ سنڌ جي ساروڻين ۽ سفر کي ڪوتائن ۾ به قيد ڪيو آهي. ارجن حاسد ۽ واسديو موهي جا ڪجهه غزل ته پڙهيا اٿم ۽ هتي سنڌ ۾ به ڇپيا آهن. وميءَ جي ڪوتائن جو اڃا هُڳاءُ جهٽي نه سگهيو آهيان، پر رشميءَ جون ڪوتائون، رچنا معرفت پڙهي، آنند وٺي چڪو آهيان، چاهيان ٿو ته سنڌي جا پڙهندڙ به پنهنجي جلاوطن ڀيڻ جا اُڌما، احسان ۽ جذبا محسوس ڪن، جن ۾ ورهاڱي جو ناسور ڪُرائي به ٿو، ته ميلاپ ۾ مڪتيءَ جو احسان به ڀري ٿو. پڙهو، بنان تبصري رشميءَ جون هيٺيون ٻه ڪوتائون:

مان جتي به هجان!

مان جتي به هجان،

تو تائين پهچي منهنجي پڪارَ.

آنڌي، طوفان، هوا، بيابان ۽ پهاڙن کي پار ڪري

توکي ملي منهنجي عقيدت، منهنجو پيار،

وقت جي وٿين کي لنگهي،

گل بڻجي، مهڪ بڻجي،

هوا ۾ ترندي، پاڻيءَ ۾ وهجندس،

راڳ بڻجي، ڇُهاءُ بڻجي،

پهچي تو تائين،

مُنهن جي اندر جو نياز ۽ آواز،

توکي ڏسڻ جو ارمان پورو ٿيو،

ته اکين ۾ تري آيا لڙڪ بيشمار،

من ۾ جاڳي پيار،

توکي ڏسڻ کان پوءِ،

ڌرتي

اننت ٿي ويئي آهي منهنجي لاءِ

بس ڇهڻ جيتري پري آهين تون،

ڪينجهر جي چانڊوڪي رات ۾ نوريءُ کي

ياد ڪندي،

ملير جا اداس ميدان ڏسندي،

خاموش ريگستان ۾،

موري جي ٻنين ۾ سکر جي گهٽين ۾،

زنده پير جي غيبي آسمان ڏانهن نهاريندي،

ڀٽ شاهه ۾ وائي ٻڌندي،

سنڌ جي پيچرن ۾ ڀٽڪي ٿو،

منهنجو من،

پنهنجي وطن ۾ واپس اچڻ کان پوءِ،

سچ پچ

هاڻي ٿو محسوس ٿئي،

مان به آهيان،

هڪ جلاوطن،

جلاوطن،

جلاوطن،

ورهاڱي جو ناسُور.

مُڪتي

تاريخ جو هيءُ ڪهڙو مقام آهي؟

جتي اسان وري مليا آهيون،

موهن جي دڙي جي هنن کنڊرن ۾،

دفن آهي اُها مهان سنسڪر تي،

جنهن جي نمائندگي ڪندي،

خوشيءَ سان سدائين مرڪندا هئا تنهنجا چپ،

سنڌوءَ جي ڇولين جي لوڇ هئي،

تنهنجي بدن ۾،

ننڊ ۾ ٿڙڪندا هئا تنهنجا پير

موهن جي دڙي جي گم شده نرتڪي!

هزارن سالن کان پوءِ

اڄ تون اوچتو مون سان ملي آهين،

سسي ويئي آهي سنڌو،

الائي ڪهڙيءَ اڻتڻ ۾ محو آهي مهراڻ؟

ميرانجهڙي آڪاس جي اداسي،

اسٽوپا جي خاموشي،

سمائجي ويئي آهي هوا ۾

بيچئن ٿي رهيو آهي منهنجو من،

سياري جي ٻيهريءَ ۾،

ويران گهٽين ۾ ڀٽڪندي، ٿاٻڙجندي،

ٿڪجي پيا آهن، منهنجا پير،

رتو رت آتما ۽ ٽٽل هِردو،

هراسجي ويا آهن.

گذريل ڏينهن جي ڳولا ۾،

ياد ٿو اچي،

زندگي جڏهن ٻڏي ويئي هئي موت جي نديءَ

۾،

وڇڙ جي وياسين اسان به،

شايد هميشه، هميشه لاءِ !

پر،

تنهنجيءَ تلاش ۾ مون ورتا ڪيئي جنم،

سڄي سنسار ۾ ڀٽڪندي رهيس،

صدين تائين،

اچ!

مون سان ڀاڪر پاءِ!

اڄ مڪت ٿي وڃان مان،

هر ٻنڌن کان!

هي احساس هيءَ سڪَ هيءَ سنڌوءَ جي پويتر جلَ ۾ وهنجي اوجر ٿيل ٻولي، هي پنهنجيءَ/پنهنجي وڏن جي مٽيءَ سان موهه، هيءَ تڙپ، هيءَ اظهار جي سچائي، اوس اُمرتا بخشيندي رشميءَ جي ڪون کي، رشميءَ جي آتما کي مليو آهي نئون جنم/ پُنر جنم!

 


 

ڪنول سميجو

وجود جي ڳولها

مون کيس هر پل مايوسين جي سمنڊ ۾ ترندي ڏٺو، هو ڪڏهن به ڪنهن سان غلط نه ڳالهائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي هئس. ته هو ڄاڻي واڻي ائين ٿو ڪري، مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙو اداس ڇوڪرو نه ڏٺو، دل چوندي هئي ته هن سان وڃي ڳالهايان، پر همت ڪڏهن به نه ٿي. سارنگ پوري ڪلاس ۾ تمام گهڻو هوشيار هو، پر پاڻ تي ڪڏهن به ناز نه هئس، جيڪي شاگرد پڙهڻ ۾ ڪمزور هوندا هئا، تن جي به مدد ڪندو هو. هڪ ڏينهن اسان سڀني ڪلاس وارن کي پڪنڪ جو پروگرام ٺاهيو ۽ سڀني صلاح ڪئي ته هن ڀيري سارنگ کي پاڻ سان گڏ ضرور وٺي هلنداسين، سڀني ڪلاس وارن سارنگ کي چيو ته اسان پڪنڪ جو پروگرام ٺاهيو آهي، سڀاڻي ڪينجهر تي هلنداسين. سارنگ مرڪندي چيو ”ها صحيح ته آهي، پڙهائيءَ سان گڏ تفريح به هئڻ گهرجي. بلڪل اهو ئي ته اسين چئون ٿا، هن دفعي تون ضرور اسان سان گڏ هلندين.“ هن هلڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ بهانا ٺاهڻ لڳو. سڀني چيو ٺيڪ آهي جي تون نه ٿو هلين ته پوءِ اسان مان ڪو به نه ٿو وڃي بس پڪنڪ جو پروگرام ڪينسل. اهو سارنگ چيو ته ٺيڪ آ. مان هلان ٿو.“

ٻئي ڏينهن اسان سڀ يونيورسٽي ۾ اچي گڏ ٿياسين، ته يونيورسٽي جي پوائنٽ ۾ ڪينجهر ڏانهن روانا ٿياسين، سڀني بس ۾ ڏاڍو انجوائي ڪيو. پر سارنگ ائين ئي خاموش ويٺو هو. سڀني سارنگ کي گهڻو تنگ ڪيو ۽ چيو ته ”ڪو گانو ٻڌاءَ يا ڪو شعر ٻڌاءِ.“ سارنگ چيو ”مون کي گانا ڳائڻ نه ايندا آهن، باقي چئو ته شاهه سائين جا شعر ٻڌايان.“

”ها ها ٻڌاءِ،“ سڀني ڪورس جي انداز ۾ چيو.

تن تسبيح، من مڻيون، دل دنبورو جن رڳون تنهن رباب جون ”وحدت سر وڄن وحده لاشريڪ له“ اهو راڳ رڳن سي ستا مر سُونهن ننڊ عبادت تن جي.

سارنگ شاهه سائينءَ جو شعر تمام گهڻي گهرائيءَ سان پڙهيو، ان جي آواز ۾ ايتري ته گهرائي هئي هو روح کي راحت ملي وئي، سڀني وڌيڪ اسرار ڪيس ته ٻيو به شعر ٻڌاءِ، سارنگ ٻيو شعر اردوءَ ۾ ٻڌايو.

نه جاني ڪون دعائون مين ياد ڪرتا هي،

مين ڊوبتا هون سمندر اڇال ديتا هي.

اهو شعر پڙهندي ئي سارنگ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ۽ يڪدم ٻئي پاسي منهن ڪري اکيون صاف ڪرڻ لڳو. ”اڙي يار سارنگ ڇا ٿيو توکي؟“ سڀني پڇيس ”ڪجهه نه يار اک ۾ وار هليو ويو.“ پر هن جي اکين ۾ پاڻي ڪنهن ڳالهه کي ياد ڪندي آيو هو. بهرحال ڪينجهر تي اسان سڀني تمام گهڻو انجواءِ ڪيو ۽ شام سج  لٿي، واپس موٽي آياسين.

ٻئي ڏينهن ڪلاس ۾ اچي هڪٻئي کان پڇيوسين ته ڪنهن کي ڪيترو مزو آيو. سڀني پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني، مون دل جهلي وڃي سارنگ سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کي ڊپ هو ته هو مون سان نه ڳالهائيندو ڇو جو مون ڪڏهن به هن ڪنهن ڇوڪريءَ سان ڳالهائيندي نه ڏٺو هو. پر جڏهن مون سارنگ سان ڳالهايو ته هن مون سان سٺي طريقي سان ڳالهايو.

”توهان کان هڪ ڳالهه پڇان جي توهان مائينڊ نه ڪريو؟“

”ها پڇو“سارنگ چيو.

”توهان کي شاهه سائين جا شعر تمام گهڻا پسند آهن؟“

”ها، مان شاهه جي شعرن جو عاشق آهيان، ادي، ائين ئي سمجهه ته مان شاهه جي شاعري جي ڪري ئي زندهه آهيان، جنهن مون کي هن جهان ۾ جيئڻ سيکاريو آهي. او معاف ڪجو ادي توهان ڇا پڇيو ڪيڏانهن هليو ويس.“ سارنگ جواب ڏنو.

”نه ادا، اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي، مان پاڻ توهان سان ڳالهائڻ ٿي چاهيان. توهان هر وقت ايترا اداس ۽ خاموش ڇو رهندا آهيون ائين لڳندو آهه ڄڻ ڪنهن گهري صدمي مان گذريا آهيو.“

”ڇڏيو ادي انهي ڳالهين کي، منهنجي داستان ٻڌڻ لاءِ ته ڪو واندو ماڻهو هجي ۽ توهان منهنجون ڳالهيون ٻڌي پنهنجو وقت ضايع نه ڪريو. سامهون ڏسو ادي توهان جي پوائنٽ اچي وئي آهي. خدا حافظ، توهان وڃو پنهنجي منزل ڏانهن ۽ مان پوائنٽ ۾ وڃي ويٺيس پر سڄي واٽ سارنگ جي باري ۾ سوچيندي رهيس. هن جي زبان مان نڪتل لفظ ”ادي“ ۾ ڪيترو ته ميٺاج ۽ پنهجائپ هئي. اڄڪلهه جا ڇوڪرا ادي به اهڙي انداز ۾ چوندا آهن جو ڪاوڙ پئي ايندي آهي، هو ڀلي ادي ڪري ڳالهائن پري ادي سمجهندا نه آهن. پهريون ڀيرو مان اهڙي ڇوڪري سان ڳالهايو هو، جنهن مان مون کي ڀاءُ جو احساس آيو، پر هن جا چيل ڪجهه لفظ اهڙا هئا. جن مان لڳو پئي ته هن گهڻيون تڪليفون ڏٺيون آهن، مان بيچين ٿي ويس سوچڻ لڳس ته هڪ غير ڇوڪري لاءِ مان ڇو ايڏي بي چين ٿي پئي آهيان، پر شايد انهي ڪري جو منهنجو به ڪو ڀاءُ جو احساس آيو. منهنجو سڄو ڏينهن ائين ئي سوچيندي سوچيندي گذري ويو ۽ صبح جو شدت سان انتظار رهيو ۽ سوچي ڇڏيو هئم ته ادا سارنگ کان ان جي مايوسي ۽ خاموشي جو سبب ضرور پڇنديس. خير سان صبح ٿيو ۽ مان تيار ٿي يونيورسٽي ويس. پر ادا سارنگ نه آيو، سندس دوستن کان پڇيم ته سارنگ اڄ الائي ڇو نه آيو آهي، اسان کي ته خبر نه آهي ۽ نه ئي ڪو ڪانٽيڪٽ ٿيو آهي. ان جي دوستن ٻڌايو مان پرشان ٿي ويس خطا خير ڪري الائي ڇو.“ اڄ سارنگ نه آيو آهي. اسان سڀ سهيليون لئبرري ۾ پڙهڻ لاءِ وڃي رهيو هيونسين سامهون لئبرري ۾ ڏٺو ته اداس سارنگ زيرو پوائنٽ وٽ رکيل هڪ بينچ تي ويٺو هو. مون ڏسندي چيو ڏسو هو ويٺو آهي ادا سارنگ، سارنگ ته ڪڏهن به ڪو ڪلاس مس نه ڪيو آهي پوءِ اڄ هي ڇا ٿيو اٿس، هلو هلي ٿا پڇونس سڀني حيرت مان چيو.

”ڇو ادا خيريت ته آهي اڄ توهان ڪلاسز اٽينڊ نه ڪيا؟“

”ها ادي خيريت آهي بس ٿورو مٿي ۾ سور هو انڪري ڪلاسز اٽينڊ نه ڪيو.“

”ٺيڪ آهي اسان وڃون ٿيون، توهان کي اتي ويٺل ڏٺوسين ته سوچيوسين توهان سان ملي وٺون، ادي توهان جي مهرباني. ”سارنگ چيو. توهين هلو مان ٿوري دير ۾ اچان ٿي.“

مون چيو، ”ادا جي توهان مناسب سمجهو ته مان توهان سان ڪجهه ڳالهائي سگهان ٿي.“

”ها ادي ڇو نه.“

”ادا هتي ڪافي گوڙ آهي. هلو ته ڪيميسٽي ڊپارٽمينٽ جي لان ۾ ٿا ويهون، هلو ادي ٺيڪ آ...“

”الائي ڇو مان توهان کي اداس ڏسي پريشان ٿي وئي آهيان ۽ توهان مان مون کي  پنهنجي سڳي ڀاءُ جو احساس ٿو اچي هي منهنجو ڪو ڀاءُ هجي ها ته بلڪل توهان جهڙو هجي ها.“

”اها ته ادي توهان جي مهرباني آهي جو توهان مون کي ان قابل سمجهو، سچ پڇو ته توهان به مون کي سڳيءَ ڀيڻ وانگر آهيو.“

ائين چوندي ئي ادا سارنگ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.

ادا ڇا ٿيو؟ هي توهان جي اکين ۾ پاڻي؟ مون پڇيو.

”نه نه ادي ڪجهه نه آهي.“ ”نه ادا ڪا اهڙي ڳالهه آهي جو توهان مون کي ٻڌائڻ نه ٿا چاهيو جي توهان جي سڳي ڀيڻ هجان ها ته توهان ائين نه لڪايو ها.“

”نه ادي واقعي توهان مون کي پنهنجي سڳين ڀيڻن وانگي آهيو، ٺيڪ آهي ادي ڪنهن ڏينهن توهان کي ٻڌائيندس،“ ”واعدو ان کا پوءِ ٿا ڪيو! ادا.“ ”ها بلڪل پڪو واعدو.“ ڪلاس وارا مون کي ۽ سارنگ کي غلط نظرن سان ڏسڻ لڳا ۽ گهٽ وڌ اشارن ۾ ڳالهائڻ لڳا. هو سمجهندا هئا ته مان سارنگ جي گرل فرينڊ آهيان، ۽ سڀني ڇوڪرين جو رويو به مون سان بدليل هو. مون کي تمام خراب لڳندو هو. اها ئي ڳالهه ادا سارنگ به نوٽ ڪئي. پر جهڙي نموني مان ۽ ادا هڪٻيئ سان ڳالهائيندا هئاسين آهستي آهستي انهن غلط فهمي دور ٿي وئي ۽ هڪ ڏينهن مون چيو ته ”اد اڄ توهان جو ڪو به بهانو نه هلندو” ٻڌايو آخر ڳالهه ڇا آهي؟“

”ادي اڄ مان توکي ٻڌايان ٿو پر واعدو ڪر ته ٻئي کي نه ٻڌائيندينءَ.“

”يقين ڪيو ادا مان ڪنهن کي به ڪجهه نه ٻڌائينديس.“

ٺيڪ آ ته پوءِ ٻڌو مان ستن يا اٺن سالن جو هوس، منهنجي مائٽن مون کي غربت ۽ بک سبب وڪڻي ڇڏيو. اسان تڏهن ٿر ۾ رهندا هئاسين. اهو ننڍپڻ جيڪو منهنجو کيڏڻ ڪڏڻ ۽ مستيون ڪرڻ جو هو مون پنهنجي ان عمر کان درد ۽ تڪليفون ڏٺيون آهن. اسين ڇهه ڀيڻون ڀائر هئاسين ۽ مان چوٿين نمبر تي هوس، الائي ڪيئن ڪهڙي طريقي بابا وارن مون کي وڪڻي ڇڏيو. جنهن کي وڪيو هو اهو ڏاڍو ظالم ماڻهو هو. هونءَ به وڪاميل شيءَ ٿوريءَ غلطيءَ تي جانورن وانگي ماريندو هو. انهن مارن جا نشان اڄ به منهنجي جسم تي موجود آهن. ايترو ماريندو هو جو مان بيهوش ٿي ڪري پوندو هوس، جڏهن ڪجهه وڏو ٿيس ته ان ماڻهوءَ جي زال مون کي مشورو ڏنو ته پٽ تون هتان ڀڄي وڃ نه ته هي شخص توکي ماري ڇڏيندو. هوءَ شروع کان ئي منهنجو گهڻو خيال ڪندي هئي. لڪي لڪي مون کي ماني کارائيندي هئي ۽ پنهنجي مڙس کي چوندي هئي ته هيءَ به ڪنهن جو ٻچو آهي ڇو ٿو هن تي ايترو ظلم ڪرين، ايترو ظالم آهين تڏهن ته خدا اولاد لاءِ سڪايو اٿئي. اڃا به گهڻئي گهٽ وڌ ڳالهائيندي هئس. پر هن کي رتيءَ برابر اثر نه ٿيندو هو، بهرحال هڪ ڏينهن مان ان قيد خاني مان ڀڄڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ ان عورت منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي ۽ ڪجهه پئسا به ڏنائين. چيائين ته رکي ڇڏ، ڪٿي ڪم ايندئي، مان ڪاري انڌيري رات ۾ ان گهر مان ڀڃي نڪتس ۽ نيٺ ڌڪا کائي کائي ۽ گهڻا سور سهي اچي شهر ۾ نڪتس، انسان کي دنيا ۾ سڀ کان پياري زندگي آهي پر مون کي زندگي کان نفرت ٿي وئي هئي. مون کي گهر جو هر ڪم ڪرڻ ايندو هو. وڃي ڪنهن وڏي گهر ۾ نوڪري ڪيم جتي جا مالڪ سٺا هئا ۽ انهن جا ٻار مون کي پڙهائيندا به هئا، ٻه سال اتي ڪم ڪيم انهن سان گڏ رهي مون ڪافي ڪجهه سکيو هو، ته دنيا ۾ ڪيئن هلجي، ماڻهن سان ڪهڙي طريقي ڳالهائجي، دنيا ۾ عزت ڪهڙي ماڻهو جي هوندي آهي مطلب ته زندگيءَ جون بنيادي ڳالهيون مون انهي ئي گهر مان سکيون. اهي اوچتو آمريڪا هليا ويا، پر ويندي ويندي مون کي اخبار وڪڻڻ جي ڌنڌي تي لڳائي ويا. مون کي پڙهڻ جو بي انتها شوق هو. صبح جو سويل اخبارون وڪڻڻ ويندو هئس ۽ شام جو اسڪول ويندو هئس. مون گهڻا ئي ڌڪا کاڌا، هر ڪنهن جي بي عزتي ماٺڙي ڪري سهندو هوس ۽ اڳيان ڪابه ورندي نه ڏيندو هوس. زندگي جا ڏينهن ائين ئي گذرندا ويا. ڪڏهن ٻن وقتن جي ماني نصيب ٿيندي هئي ته ڪڏهن نه، سياري جي سرد راتين ۾ ٽونڊڙو ٿي سمهندو هوس. ڪڏهن فٽ پاٿ تي ته ڪڏهن جاڳندي رات گذرندي هئي. هن ڌرتيءَ جي گولي تي خوبصورت خيال کڻي ايندڙ انسان، سڀني جاندارن کان وڌيڪ اشرف المخلوقات، انڪري آهي جو هن جا خيال وڌيڪ خوبصورت آهن، هو هڪ اميد ۽ آس جو ڪرڻو آهي. اهڙي ئي طرح مان به هڪ اميد سان جي رهيو هوس ته نيٺ هڪ ڏينهن منهنجا پنهنجا مون کي ملندا ۽ مان به خوشين جي زندگي گذاريندس، انهي اميد کي دل ۾ رکي ڏينهن رات محنت ڪندو رهيس ۽ اخبارن ۾ لڳڻ جو شوق پيدا ٿيو. آهستي آهستي مئگزين ۾ به لکڻ شروع ڪيم. هر لکڻيءَ جي تعريف ٿيندي هئي ۽ ماڻهو مون سان عزت سان ڳالهائيندا هئا. مون کي تمام گهڻي عزت ۽ شهرت ملي. مون کي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جو شوق ٿيو، ۽ مون پنهنجي اها خواهش به پاڻ ئي پوري ڪئي. اڄ مان پڙهائي سان گڏوگڏ پارٽ ٽائيم جاب ڪري رهيو آهيان. جنهن جي آمدني منهنجي کائڻ مان به وڌيڪ آهي، پر افسوس اهو آهي ته مان اڄ ڏينهن تائين پنهنجي مائٽن، ڀيڻن، ڀائرن سان ملي نه سگهيو آهيان. خبر ناهي اُهي ڪهڙي حال ۾ هوندا. مان هينئر جيڪا به محنت ڪري رهيو آهيان اها پنهنجي سک ماڻڻ لاءِ نه ڪري رهيو آهيان بلڪ انهن مسڪينن لاءِ ڪري رهيو آهيان جيڪي ٻن وقتن جي ماني کائڻ لاءِ پنهنجي جگر جي ٽڪرن کان جدا ٿيو وڃن ٿا. منهنجي مائٽن ڪو مون کي خوشيءَ سان پاڻ کان جدا نه ڪيو هوندو، ايترو تڪليفون مون نه ڏٺيون هونديون جيتريون انهن مون کي وڪڻڻ کان پوءِ ڀوڳيون هونديون، ڀيڻ اڃا به توکي ڇا ٻڌايان هن زماني مون کي گهڻي ئي سيکاريو آهي. هو انتهائي ڏکارو ٿي ويو هو. منهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا، پاڻ تي ڪنٽرول ڪري چيم، ”ادا معاف ڪجئين اڄ مون توهان کي گهڻي تڪليف ڏئي ڇڏي.“

”نه ادي ڪا ڳالهه نه آهي مان پاڻ هيئنر سمجهان ٿو ته منهنجي اندر جو بار هلڪو ٿيو آهي. ڀيڻ تنهنجي وڏي مهرباني جو تون مون کي پنهنجو ڀاءُ سمجهين ٿي، ۽ واقعي تو منهنجي ڳالهه ڀيڻ وانگي ئي ٻڌي آهي.“

”ڀاءُ، تنهنجي هن ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ اهو يقين ٿي ويو آهي ته دنيا ۾ ڏاهن ۽ هوشيار ماڻهن جي ڪابه کوٽ نه آهي، پر کوٽ نه آهي انهن ماڻهن جي، جيڪي گهور ڪندا آهن پنهنجو پاڻ کي ڏکي انسانيت کي اڏڻ لاءِ.“

شبانه سنڌي

وَرجاءُ

زليخا، آڳر جي ٻهاري ڏئي ڪچرو ٿيلهيءَ ۾ وجهي در کان ٻاهر اڇلائڻ جي لاءِ جيئن ئي در کوليو تيئن سندس نظر گهٽيءَ مان ايندڙ پنهنجي ڌيءُ مريم تي پئي، صبح صبح جو پهر هو، ايترو سوير ڌيءُ کي ايندي ڏسي هوءَ گهٻرئجي ويئي. پڪ ٿي ويس ته ضرور ڪا ڳالهه ٿي هوندي تڏهن ته سوير اڪيلي پئي اچي. خدايا خير ڪجانءِ، پريشانين کان بچائجانءِ. دل ئي دل ۾ دعائون گهرندي هوءَ مريم جو ويجهو اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. مريم جي ويجهو اچڻ تي سندس سڄيل ۽ ڳاڙهيون اکيون ڏسي هوءَ سموري حقيقت سمجهي ويئي. در کان هٽي ڌيءُ کي اندر اچڻ لاءِ رستو ڏنائين. گهر اندر قدم رکندي ئي مريم سڏڪن ۾ پئجي ويئي. ڌيءُ کي ڀاڪر ۾ ڪري زليخا کيس آڳر ۾ پيل کٽ تي ويهاريو. پوءِ پڇا ڪيائينس، ”خير ته آهي نه، روئين ڇو پئي ڇا ٿيو آهي؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com