سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :8

علي محمد درد سولنگي

وائي

 

چانڊوڪيءَ رات ۾،

                        سونهن ڪيڏي نه آ.

چوطرف جاچيم،

ڪل ڪائنات ۾،

                        سونهن ڪيڏي نه آ.

موج مهراڻ جي،

پکين جي لات ۾،

                        سونهن ڪيڏي نه آ.

چڪوري جي چاهه ۾،

چنڊ جي رات ۾،

                        سونهن ڪيڏي نه آ.

گوڙ گجگوڙ سان،

مينهن برسات ۾،

                        سونهن ڪيڏي نه آ.

ٽيڙو ڪَتيون وڇون،

ڪهڪشان سانت ۾،

                        سونهن ڪيڏي نه آ.

لفظ موتين جيان،

شاعر جي ڏات ۾،

                        سونهن ڪيڏي نه آ.

جيءَ جهوري لڳل،

تانگهه ۽ تات ۾،

سونهن ڪيڏي نه آ.

***

 

ساجده ”ايس“ سومرو

وائي

 

سڄڻ مٽائي جو نظر،

                        اکڙين رت رنو آ.

هن جي راهه ۾ ويٺي،ڪيئي ٿيون هن سحر،

                        اکڙين رت رنو آ.

سندن بي رخي تي، ڪين ڪڇيو مون مگر،

                        اکڙين رت رنو آ.

پنهنجي من مندر جا، سڀ ويران ڏسي شهر،

                        اکڙين رت رنو آ.

واويلا ڪري چون ٿا، وائي جا سڀ اکر،

                        اکڙين رت رنو آ.

هن جي تات منجهه! هن کي ڪهڙي خبر،

                        اکڙين رت رنو آ.

راهه ويندي سرتيون، هيڪِلي ڏسي قبر،

                        اکڙين رت رنو آ.

***

 

 

سلميٰ پنهور

غزل

 

ڪنهن لاءِ اکيون آليون ٿَئِي،

ساريون ڪنهن جون ڳالهيون ٿَئِي.

*

تون هرجائي هرگز ناهين،

منهنجون خام خيالون ٿَئِي.

*

تنهنجو وڇڙڻ ماتم جهڙو،

ملڻ تنهنجو ديواليون ٿَئِي.

*

پنهنجو وڇڙڻ ناهي ممڪن،

ماڻهن جون بس چالون ٿَئِي.

 

***

 

فرزانه ڪنول بلوچ

غزل

چؤطرف ڌنڌ ڇانيل آهي،

هرڪا دل ڄڻ گهايل آهي.

*

چوڏس هي چانڊاڻ ٿي جرڪي،

چنڊ ٻڌي ڄڻ پايل آهي.

*

هر پل جنهن لاءِ ساهه سِڪي،

سو هتي اڄ آيل آهي.

*

خوشيون مون وٽ ناهن پر،

منهن تي مُرڪ سجايل آهي.

*

خوشين ۽ ٽهڪن جي وچ ۾،

ڳل تي ڳوڙهو ڳاڙيل آهي.

***

 

ڪينجهر بلوچ

غزل

 

خيالن ۾ آ تنهنجو عڪس،

خوابن ۾ آ تنهنجو عڪس.

*

توکي ڪيئن ٻڌايان پريتم؟

جذبن ۾ آ تنهنجو عڪس.

*

جيون جي گڏجي گهاريل،

لمحن ۾ آ تنهنجو عڪس.

*

تنهنجي ياد ۾ لڙڪ جي لاڙيم،

لڙڪن ۾ آ تنهنجو عڪس.

*

اڪثر ڏسندي آهيان ڪينجهر،

نيڻن ۾ آ تنهنجو عڪس.

***

 

ايس مارئي

واهه وڇوڙا

واهه وڇوڙا واهه!!...

تنهنجا به،

عجيب عجيب رنگ آهن!!!

تڙپائيندڙ وڇوڙا....!

تنهنجو تصور ڪري،

        اندر ۾ وڍ پئجيو وڃن....

پنهنجي سرير کان به،

وڌ پيارڙن ماروئڙن کان،

الڳ ٿيو،

رڳ رڳ تڙپي پوي ٿي...

ڪاش!،

وڇوڙا،

تون اسان بدنصيبن جيان،

جنم نه وٺين ها!....

۽

هينئن اڄ مان،

پنهنجن-

سرتين ۽ ماروئڙن کان نه وڇڙان ها....!

***

 

نجمه راشدي

قدر

تنهنجي بيرخي،

منهنجي وفا تي،

هڪ اهڙو بدنما داغ آهي،

جنهن کي مٽائڻ سان به

مٽائي نه ٿو سگهجي.

ها.... منهنجي وفا

منهنجي معصوم جذبن جي ترجمان آهي

پر توکي، شايد،

مون تي شڪ آهي.

ها....

تون وفا جو قدر نه ٿو ڪرين.

پر هڪ ڏينهن توکي مٺا

منهنجي ياد ايندي،

۽ توکي ڏاڍو ستائيندي.

پوءِ تون مون کي ڏاڍو ياد ڪندين،

رڙيون ڪندين،

پڪاريندين،

پر....پر مان توکان دور.... گهڻو دور

هلي ويئي هونديس

۽ پوءِ تون منهنجو ڏاڍو قدر ڪندين!

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com