سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :11

مئڊم خيرالنساءِ جعفري

سچا موتي

 

”سچا موتي“ جي عنوان سان هڪ نئون ڪالم شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ سنڌي ليکڪائن، شاعرائن ۽ ٻين شعبن ۾ پاڻ مڃرائيندڙ عورتن جا اهي خيال پيش ڪيا ويندا، جيڪي موجوده حالتن سان ٺهڪي اچن. خوشقسمتيءَ سان هن دفعي اسان مئڊم خيرالنساءِ جعفريءَ جا خيال پيش ڪري رهيا آهيون. جن جو اظهار 1991ع ٽماهي ”سرتيون“ لاءِ ڪيل ڳالهه ٻولهه دوران ڪيائون.

ادارو           

س: اديب يا ادب کي معاشري جي خوبين کي نمايان ڪرڻ گهرجي يا خامين جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي؟

ج: اديب هڪ پاڻ هرتو ”من مرادو“ تخليقار ٿئي ٿو.... ڇا ڪرڻ گهرجي- ڇا نه ڪرڻ گهرجي، جو ڊاڪٽري نسخو اسان کي هن جي هٿ ۾ ڏيڻ نه کپي ته هو معاشري جي چڱاين جو پرچار ڪري يا براين جي روڪ ٿام جو ڏس ڏيڻ گهرجي.... بس ادب جي تخليقي قوت جنهن پار اديب کي لاهي... جئن هڪ ”شمع“ پنهنجي قد بت ۽ طاقت آهر ٻرندي ۽ روشني ڏيندي آهي.... پوءِ ان روشنيءَ مان ڏسندڙ جئن چاهين فائدو وٺن.... تئن اديب به اهڙوئي روشني ڏيندڙ مينار آهي... اسان وٽ يا پڙهندڙن وٽ اهڙو ڪوئي رموٽ ڪنٽرول ڪونهي... جنهن سان اسين اديب جي راهه کي موڙي يا بدلائي سگهون... هڪ حساس ليکڪ خود ئي لاشعوري طور پنهنجي تحرير جو فيصلو ڪندو آهي.... ته ان تحرير کي معاشري جي چڱاين جو حاصل بڻائجي يا براين جو نشانمبر....

هونئن اسان جي معاشري ۾ جئن ته ڪمزوريون ۽ برايون ئي اسان جو ”اوڙنو بڇونو“ آهن.... اُن ڪري اديب به اِن گند کان جند نه ٿو ڇڏائي سگهي.... البت هن وٽ جيڪڏهن پنهنجي ڏاهپ مان ڪي اُپاءُ آهن ته ضرور.... انهن اُپائن کي سامهون آڻڻ گهرجي.... اِها اديب جي شعوري ڪوشش ٿيندي.

س: معاشري جي ذهني اڳواڻن، استادن، اديبن ۽ سياستدانن مان ڪير وڌيڪ اثر رکي ٿو.... ۽ باقي ٻين جي ناڪاميءَ جا ڪهڙا سبب آهن؟

ج: هڪ سڌريل جمهوري طور طريقي واري معاشري ۾ پهرئين نمبر تي استاد ۽ ٻي نمبر تي اديب ئي هڪ Power ful شخصيت ٿي سگهن ٿا....

پر هن اسان جي معاشري ۾ پرماري چور بازاري گند ۽ ڪچرو ايڏو آهي جو اسان وٽ سياست دان ئي پاورفل شخصيت آهي.... پهرئين نمبر تي ڌاڙيل پاورفل آهن، ٻئي نمبر تي سياست دان پاور فل آهن.... بلڪه ڌاڙيل ۽ سياست دان هڪ ئي پاور هائوس جا رهاڪو آهن.... اديب ۽ استاد ته Ban جي وَر چڙهيل آهن....

***

 

هما مرزا

سونهن ۽ سوڀيا

 

هڪ سادي عورت کي به بهترين ميڪ اپ جي ذريعي خوبصورت بنائي سگهجي ٿو. اڄ جي جديد دور ۾ عورت لاءِ ميڪ اپ هڪ بهترين تحفو آهي. ميڪ اپ ئي جيڪو چهري کي خوبصورتي بخشي ٿو. هيٺين مشورن سان عورتون پاڻ کي خوبصورت بنائي سگهن ٿيون.

اڀريل پيشاني.

        جيڪڏهن اوهان جي پيشاني اڀريل آهي يا بي ڊول هجي ته اُن کي ڀِرن جي مٿان ۽ نڪ جي مٿئين حصي وٽ گهاٽو فائونڊيشن استعمال ڪرڻ گهرجي.

دٻيل پيشاني.

جيڪڏهن اوهان جي پيشاني دٻيل آهي ته اُن لاءِ هلڪو فائونڊيشن پيشاني تي لڳائڻ گهرجي.

گهڻي چورس پيشاني.

جيڪڏهن اوهان جي پيشاني گهڻي چورس آهي ته پوءِ پهرين اوهان وارن کي اهڙيءَ طرح ڪٽرايو جو وارن جو ڪجهه حصو پيشانيءَ تي اچي لڙڪي، پوءِ وارن ۽ پيشانيءَ تي هلڪو بلشر لڳايو.

ٿلهو نڪ ۽ ڀرون.

جيڪڏهن اوهان جو نڪ ٿلهو آهي ته پوءِ ڀِرون زياده گهاٽا نه ڪريو ۽ ڀِرن جي وچ وارو فاصلو ٿورو وڌائي ڇڏيو.

سنهو نڪ ۽ ڀرون.

جيڪڏهن اوهان جو نڪ سنهو آهي ته پوءِ ڀِرون گهاٽا ڪريو ۽ ڀِرن جي وچ وارو فاصلو گهٽائي ڇڏيو.

ننڍيون اکيون.

جيڪڏهن اوهان جون اکيون ننڍيون آهن ته پوءِ آئي شيڊ پلڪ جي مٿئين حصي يا ڀِرن جي بلڪل هيٺان هڻڻ شروع ڪريو ۽ ڀِرن سان ملائي ڇڏيو. آئي شيڊ جو رنگ نڪ واري پاسي هلڪو ۽ اکين جي ڪنارن واري پاسي گهاٽو هجڻ گهرجي، ڪاري رنگ جي آئي لائنر استعمال ڪريو ۽ گڏوگڏ ننڍين اکين هجڻ ڪري چپن کي سنهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ڀِرون زياده ڊگها نه ڪريو.

اندر پيل اکيون.

اندر پيل اکين تي هميشہ هلڪو فائونڊيشن ۽ هلڪو آئي شيڊ لڳايو، ڀِرون سنها ۽ ڊگها بنايو.

جهڪيل اکيون.

جيڪڏهن اوهان جون اکيون جهڪيل آهن ته انهن تي آئي لائنز اهڙي طرح لڳايو جو پاسن کان ٿلهو ۽ ڪنارن کان سنهو هجي. آئي لائنز اکين جي حد کان ٻاهر نه لڳڻ گهرجي. جهڪيل اکين تي ڪٿئي آئي شيڊ ۽ ڪمانيءَ وانگي ڀِرون زياده سٺا لڳندا آهن.

گول اکيون.

جيڪڏهن اوهان جون اکيون گول آهن ته انهن تي آئي لائنز ۽ آئي شيڊ کي اکين جي ڪنارن کان ٻاهر لڳائي ڇڏيو. گول اکين تي سڌا ڀِرون سٺا لڳندا آهن.

چورس يا ٿلهو نڪ.

 اوهان جو نڪ ٿلهو يا چورس آهي ته پوءِ سڄي چهري بجاءِ صرف نڪ تي گهاٽي رنگ جو فائونڊيشن استعمال ڪريو ۽ نڪ جي پاسن کان آئي شيڊ سان ملندڙ رنگ جو بلشر لڳايو.

ڊگهو نڪ.

ڊگهو نڪ هجڻ جي حالت ۾ گهرو فائونڊيشن نڪ جي شروعاتي حصي کان لڳائڻ شروع ڪريو.

ٿلها چپ.

جي اوهان جا چپ ٿلها ۽ رنگ سانورو آهي ته پوءِ گهاٽي رنگ جي لپ اسٽڪ لڳايو، رنگ ڀورو آهي ته پوءِ ملندڙ فائونڊيشن چپن جي ڪجهه حصي کي لڳايو ۽ پينسل سان چپن جي اندر آئوٽ لائين ٺاهيو ۽ باقي بچيل حصي کي لپ برش سان لپ اسٽڪ ڀريو. ٿلهن چپن جي ڪري اکين کي وڏو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

سنها چپ.

اوهان جا چپ سنها آهن ته پوءِ آئوٽ لائين خوبصورت ٺاهيو ۽ هلڪي رنگ جي لپ اسٽڪ لڳايو، لپ گلوس لڳايو ۽ ڀِرون سنها رکڻ جي ڪوشش ڪريو.

بي ترتيب چپ.

اوهان جا چپ بي ترتيب آهن ته پوءِ آئوٽ لائين خوبصورتيءَ سان ٺاهيو ۽ اگر هيٺيون چپ، مٿئين چپ جي مقابلي ۾ سنهو هجي ته مٿئين چپ تي گهاٽو رنگ ڪريو ۽ هيٺين چپ تي هلڪي لپ اسٽڪ هڻو.

جهڪيل چپ.

ٻنهي چپن تي معمولي لپ اسٽڪ لڳايو، ليڪن ڪُنڊن تي هُن کي ٿورو ٻاهر ڪڍي،مٿئين پاسي ورائي ڇڏيو ۽ ڀِرون ڊگها ٺاهيو.

*

 

سلميٰ! پنهور

ڏوهه

 

تون چوين ٿي انڌيرن کي ڏيان روشني،

تون چوين ٿي ته سچ تي لکان روز مان.

 

مان ڌرتي کي ڪائي نئين سوچ ڏيان،

مان دشمن اڳيان ڍال بڻجي پوان،

مان ڪوڙي روايت کي ٽوڙي ڀڃان.

 

مون مڃو سڀ اهو ئي ضروري به آ،

سچ ڪيڏو به ڪوٽن پٺيان آ لڪل،

مون ديوار ٿوري هي ڀوري به آ،

پر مان توکي وڏي واڪي ٻڌائي ڇڏيان،

منهنجي سوچن زبان تي پهرا لڳل،

منهنجي قدمن ۾ ڀاري زنجير پيل،

منهنجي آواز جا پَرَ به ڪٽجي ويا،

منهنجا هٿ ڀي ڪرائن کان وڍجي ويا.

 

توکي اُداس ڏسي مان ڀي ٿيان ٿي اُداس،

توکي خوشحال ڏسان منهنجي آهي آس،

تنهنجي نيڻن مان جيڪي نِير ٿا وهن،

سي رت جا ڦُڙا منهنجي دل تي ڪِرن،

تون مٿي جي نهارين ڪو ڳولين شاهه،

منهنجون نظرون انهي وقت جهُڪي ٿيون وڃن.

 

مان نئين لاٽ پنهنجين اڳين کي ڏيان،

مان سچ ۽ ڪوڙ ۾ تفاوت ڪيان،

پوءِ زندانن ۾ ڀلي پئي جيئان ۽ مران.

 

ڏوهه منهنجو اهو آ محبت توسان،

ڏوهه منهنجو اهو آ الفت توسان،

ڏوهه منهنجو اهو گيت منهنجي ۾ آن،

ڏوهه منهنجو اهو ميت منهنجو تون آن.

 

مڃان ٿي آ هر طرف انڌيرو ڦهليل،

مڃان ٿي ته ڳائڻو به ناهي مون کي،

مڃان ٿي ٻڌائڻو به ناهي مون کي،

هِن نئين دور ۽ نئين ڏاڍ ۾،

جنهن ۾ چهرا بدليا، بدليو ناهي نظام.

 

پوءِ به توسان وچن منهنجو آ سنڌڙي،

جيسين جيئندس پئي جيسين آ جندڙي،

تولاءِ وڙهندس پئي مان بغاوت ڪندس،

ها مان توسان مان توسان محبت ڪندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com