سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :6

 

مسعود لوهار

اڳڪٿيون ۽ انسان

مدر شپٽن – چارلس پهريون اڳڪٿي ڪرائڻ دوران- هينري اٺون- رومي شهنشاهه ميڪسملينن

مصرين جون اڳڪٿيون

قديم مصري ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، اڏاوت ۽ علمي ترقي، اڄ تائين به جديد دور جي سائنس لاءِ هڪ ڳجهارت وانگر آهي. سندن پراسرار مندر، اهرام نالي پراسرار مقبرا ۽ هزارن سالن کان ثابت، مصري شهنشاهن (فرعونن) جون مميون، قديم مصر جي ماڻهن جي علمي عروج جون شاهد آهن.

جادو، طب، اڏاوت ۽ زراعت وانگر مصري ماڻهو اڳڪٿين ڪرڻ ۾ به اڳتي هئا. درياءَ نيل جي ڪناري تي ڪيترائي اهڙا مندر هئا، جتي ماڻهن جي روحاني ۽ جسماني علاج کانسواءِ سندن مقدر جو حال به ٻڌايو ويندو هو. انهيءَ مندرن مان لخسر، ڪرنڪ ، اخطاطن، فيلاءِ، ٿٻيٽ ۽ اودوفو جا مندر قابل ذڪر آهن.

جيتوڻيڪ اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته قديم مصرين جي اڳڪٿين ڪرڻ جا ڪهڙا طريقا هئا پر اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته اهي اڳڪٿيون حرف بحرف صحيح ثابت ٿيون.

فرعون طُطموس- ٽيون، هڪ ڀيري اخطاطن جي مندر ۾ آيو ۽ اتي گوڏا کوڙي سوال ڪيائين ته ”ڇا آئون پنهنجي فوجي مهم ۾ ڪامياب ويندس؟“

”ططموس- ٽئين پنهنجي شهنشاهت وڌائڻ ٿي چاهي ۽ ان لاءِ تيارين ۾ هو.

کيس جواب مليو ”ها، تنهنجي حڪومت درياءَ يوفريطس تائين وڌندي. ڏکڻ ۾ ٻه ملڪ فتح ڪندين ۽ هڪڙو اهڙو ملڪ به جنهن ۾ سون جون کاڻيون هونديون. ڪيترا غلام هٿ لڳندئي پر بادشاهه کي اَٺ زخم رسندا جيڪي ڇٽڻ ۾ ڪافي وقت وٺندا.

اها اڳڪٿي ٻڌي طُطموس فرعون درياءَ نيل جي ڏکڻ ۾ ڪاهه ڪئي ۽ هڪ وسيع علائقو فتح ڪيائين، جتي اڄڪلهه شام ۽ فلسطين آهن. ان کانسواءِ نوبيا نالي هڪ ملڪ به فتح ڪيائين جيڪو سون جي ڪري مشهور هو. ڪيترائي غلام به مليس ۽ اهڙي طرح اخطاطن مندر جي، راهب جون سڀ اڳڪٿيون پوريون ٿيون.

قديم مصري ٻولي ۾ سن 1750 ق-م جو هڪ ڪُتبو هٿ آيو آهي، جنهن ۾ ڪافي حيرتناڪ ڳالهيون لکيل آهن. ان ڪُتبي بابت ڪيترائي خيال آهن. ڪن ماهرن جو خيال آهي ته ان ڪُتبي ۾ لکيل ڳالهيون اڳڪٿيون آهن. جيڪي پوءِ واري زماني ۾ هوبهو ٿيون آهن ته وري ڪن جو خيال آهي ته اُهو واقعن جو هڪ دستاويز آهي، جيڪو محض ڪن تاريخي واقعن تي روشني وجهي ٿو.

ان ڪُتبي تي لکيل آهي:

 

”خدا جي پاران. مقرر ٿيل فرعونن خلاف ماڻهن بغاوت ڪئي آهي. گادي واري شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو اٿن. مسڪين غلامن، ماڳهين بادشاهه کي کڻي قيد ڪيو آهي. وڏا وڏا امير اُمراءَ پنهنجي جان بچائي ڀڄي ويا آهن. ڪيترا ته موت جي ور به چڙهي ويا آهن. ڍل ۽ محصول وارن قانونن کي ميساريو ويو آهي. غريبن، محلاتن تي قبضو ڪري ورتو آهي. شاهوڪار ٽَڪي ٽَڪي لاءِ محتاج آهن. جنهن وٽ هڪ ٻڪري به نه هئي اُهي ڌڻن جا مالڪ ٿي ويا آهن. پينو فقير، اناج پيا وراهن ۽ غلام آقا بڻجي ويا آهن.“

 

جيئن ته مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته مٿين اڳڪٿي متعلق مختلف خيال آهن، پر اها تاريخي حقيقت آهي ته مٿين اڳڪٿي ۾ بيان ڪيل حالتون فرعون ططموس پهرئين جي پيءُ جي زماني ۾ ضرور پيش آيون هيون.

هاڪاري بادشاهه سائرس اعظم به هڪ ڀيري ٿٻيٽ واري مندر ۾ وڃي اڳڪٿي ڪرائي هئي. راهب کيس ٻڌايو ته هڪ مهم ۾ سندس سِر مان رت ٽمندو پر کيس زخم نه هوندو. سندس نڪ ۽ ڪن رت ۾ ٻڏل هوندا پر اهو رت سندس پنهنجو نه هوندو. سندس ڪپراٽي رت جي درياءَ ۾ ٻڏل هوندي پر سندس جسم محفوظ هوندو.

پارسي سندس اڳواڻي هيٺ مضبوط بڻجي ويندا ۽ بابل ۽ مصر فرعونن جي هٿن مان نڪري پارسين جي حڪومت ۾ ايندا.

اها اڳڪٿي ڇهين صدي قبل مسيح ۾ ڪئي ويئي. 530 ق-م ۾ سائرس هڪ فوجي مهم دوران مارجي ويو. سندس سِر وڍي هڪ چمڙي جي ٿيلهي (سانداري يا مشڪ) ۾ بند ڪيو ويو، جيڪو ڪنهن جانور جي رت سان ڀريل هو.

آخر ۾ پارسي فوجين دارا پهرين جي اڳواڻيءَ ۾ مصر فتح ڪيو، دارا فارس جو عظيم بادشاهه مڃيو وڃي ٿو. هن جي دور ۾ حڪومت مصر کان سنڌ ۽ هندستان تائين وڌي.

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جون اڳڪٿيون

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙ وارو، سنڌ جو بزرگ ولي ٿي گذريو آهي. سندس باري ۾ مشهور آهي ته پاڻ وفات کان ٽي ڏينهن اڳ هڪ مدح چئي هئائون جنهن ۾ مستقبل جي دنيا جون اڳڪٿيون هيون. سندن رسالي ۾ اهڙي قسم جي ڪا مدح نظر ڪانه آئي آهي پر مون ڪافي ماڻهن کي سندن مدح مان ٻه ٽي شعر چوندي ٻڌو آهي. ڏاڍي ڪوشش جي باوجود آئون سندن پوري مدح هٿ ڪري نه سگهيو آهيان. باقي هڪ بيت هٿ آيم جو هتي پيش ڪريان ٿو:

اوڀر کان ايندا اُڏري ڪندا ڪينجهر ڪِن.

وري ويندا اُڏري، سُک پسندي سنڌڙي.

هن بيت جو مطلب گهڻي ڀاڱي پڌرو پيو آهي، جيتوڻيڪ مون کي مخدوم صاحب جي مدح جا وڌيڪ بيت ياد نه آهن پر انهن جو لبالباب اڄڪلهه جي ماحول، سائنس جي عروج، اخلاقي پستي، ملاوت ۽ سنڌ جي نشاط ثانيه آهي.

 

ساموئي فقيرن جون اڳڪٿيون

ساموئي فقيرن بابت منهنجي معلومات محدود ۽ ڪچي آهي. ان ڪري هتي جيڪو ڪجهه لکان ٿو اهو ٻڌل ڳالهين تي منحصر آهي. ان ڏس ۾ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

ساموئي فقير ڪير هئا ڪهڙي دور ۾ هئا؟ ان جي ڪا خبر نه آهي.

چيو اهو ٿو وڃي ته اهي سَت ڄڻا هئا ۽ سنڌ جي ڪنهن بادشاهه کين موت جي سزا ڏني. جڏهن جلاد هرهڪ کي قتل ڪندو ويو ته قتل ٿيندي ئي هر فقير جي سسي هڪ بيت ٿي پڙهيو، جنهن ۾ مستقبل جون اڳڪٿيون هيون. مون کي ستن بيتن ۾ صرف هڪ بيت هٿ آيو آهي:

هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،

سمي ويندي سوکڙي بِهه، مڇي ۽ لوڙهه.

هن بيت مان سنڌ جي نشاط ثانيه جي اڳڪٿي ٿي ٿئي. اروڙ واري بند ٽٽڻ ۽ هاڪڙي درياءَ جي ٻيهر وهڻ جو ذڪر آهي. ان سان گڏ سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي ڏانهن به اشارو ڏنو ويو آهي.

مدر شِپٽَن

هُوءَ جولاءِ 1488ع ۾ انگلينڊ جي هڪ ننڍڙي شهر ۾ پيدا ٿي. سندس نالو ارسلا سانٿل رکيو ويو. هن کي بدقسمت ٻار تصور ڪيو ويندو هو. هوءَ ننڍپڻ ۾ ئي ڇوري ڇني ٿي ويئي. جسم سڪل،  سنهڙيون ڦڏيون ٽنگون ۽ نڪ اهڙو بگڙيل ڄڻ ته ڪنهن جانور جو هجي، اهو هو مستقبل جي عظيم اڳڪٿيون ڪندڙ مائي جو ٻالڪپڻ. ان گدلي ٻار کان هرڪو پيو نفرت ڪندو هو.

هن جي تعليم چرچ پاران ٿي. پنهنجي بدشڪلي جي ڪري، ٻار هن کي ڏاڍو تنگ ڪندا هئا پر هن جي اندر ۾ ذهني قوت پيدا ٿي چڪي هئي ۽ هُوءَ ان قوت سان ٻارن کي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.

ٻاويهن سالن جي عمر ۾ سندس شادي ٽابي شپٽن سان ٿي. ان وقت تائين سندس گهر جا ڀاتي ۽ ويجها دوست سندس اڳڪٿين ڪرڻ واري صلاحيت کان واقف ٿي چڪا هئا پر 25 سالن تائين ارسلا ڪا به خاص اهميت واري اڳڪٿي نه ڪئي.

سندس پهرين اهم اڳڪٿي هئي:

گئلڪ بندر تي،

انگريز شينهن پير رکندو جڏهن،

لِلي گُل ڦٽي پکڙي ويندا تڏهن.

لِلي گُلن واري ملڪ جون،

مايون رُئنديون

شاهي عقاب پاسو وٺندو

انگريز شينهن جو.

۽ گڏجي پنهنجن دشمنن کي

منهن ڏيندو.

اها اڳڪٿي 1513ع ۾ صحيح نڪتي. انگلينڊ جو بادشاهه هينري اٺون پنجاهه هزار فوجون وٺي گئلڪ بندر تي پهتو.

فرانس جو قومي گل لِلي آهي. فرينچ اهڙي وڏي فوجي حملي تي حراسان هئا. رومي شهنشاهه مڪسميلينن ”شاهي عقاب“ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. هو انگريزن جي مدد لاءِ آيو ۽ هينري فتح حاصل ڪئي. اهڙي طرح جنگ ۾ مارجي ويل مڙس، ڀائرن ۽ پُٽن جي ڏک ۾ فرانس جي عورت لڙڪ لاڙيا.

سندس ٻي اڳڪٿي هئي:

هڪ وقت ايندو

فولاد، پاڻي مٿان ترندو.

ماڻهو پاڻي اندر ۽ ٻاهر

سفر ڪندو.

اڄڪلهه جي دور ۾ سندس اها اڳڪٿي آبدوزن، وڏن وڏن فولادي جهازن ڏانهن اشارو ٿي ڪري. هن چيو:

دنيا جون ڪيتريون قومون

پاڻ ۾ گڏ ٿينديون

صلاح مصلحت سان

جهيڙا نبرندا

۽ سڀ مسئلا حل ٿيندا.

سندس اها اڳڪٿي جيڪا سورهين صدي ۾ ڪئي وئي، اقوام متحده ڏانهن اشارو ٿي ڪري.

مدر شپٽن چار سئو اڳڪٿيون ڪيون. هن بادشاهه چارلس پهرين جي قتل جي اڳڪٿي هينئن ڪئي:

گورو بادشاهه تاج پهريندو

۽ لِلي راڻي سان وهانءُ ڪندو

پر جلاد جي تلوار سان

حياتي تان هٿ ڌوئيندو.

چارلس پهرئين، شهزادي هينريتا ماريا آف فرانس، جنهن کي پيار مان لِلي چيو ويندو هو، سان شادي ڪئي ۽ جلد ئي اڳڪٿي بموجب قتل ٿي ويو.

مدر شپٽن جي هڪ ٻي اڳڪٿي آهي:

هڪ ڏينهن اهڙو ايندو

گهوڙن بنان هلنديون گاڏيون

روڊن تي هر ڏينهن ٿيندو حادثو

ماڻهن کي هونديون پريشانيون.

چٽي ڳالهه آهي ته هي اڳڪٿي اڄڪلهه جي دور جي روڊن تي هلندڙ بسن، ڪارن ۽ ٻين گاڏين ۽ انهن جي ڪري ٿيندڙ حادثن ڏانهن اشارو ٿي ڪري.

سندس اڳڪٿين موجب ته اهڙو وقت ايندو جو خيالات ۽ خبرون دنيا جي هر گوشي ۾ ٻه دفعا اکيون ڇنڀڻ جي قوت کان به اڳ پکڙجي وينديون. ظاهر آهي سندس اهو اشارو اليڪٽرانڪ ميڊيا ڏانهن آهي. انهيءَ  کانسواءِ هن ٻيون به ڪيتريون ئي تعجب ۾ وجهندڙ اڳڪٿيون ڪيون.

نه رڳو ايترو پر هن 1650ع ۾ اڳڪٿي ڪئي ته هوءَ ايندڙ سال 73 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويندي ۽ اها به صحيح ثابت ٿي.

(باقي ايندڙ واري)

هن مضمون لکڻ ۾ هيٺين ڪتابن مان مدد ورتي وئي.

1- د سائڪڪ ورلڊ

2- پروفيسيز اينڊ پروڊڪشنز

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com