سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :10

 

برکا پنهور

ڇا توهان کي خبر آهي؟

توهان کي ڪيتري توانائي جي ضرورت آهي؟

 

بک گهڻي لڳي ۽ وزن به وڌي پيو، پوءِ ڀلا ڇا کائون! اِهو هر ٻي عورت لاءِ مسئلو آهي، ڪجهه اهڙا نسخا ڏنا پيا وڃن جن تي عمل ڪرڻ سان توهان جي بک به ختم ٿي ويندي ۽ وزن به ڪونه وڌندو. مگر ڪنهن به مشوري کان پهرئين اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته اوهان جو وزن ڪيترو آهي ۽ وزن جي مناسبت سان توهان کي ڪيتريون ڪيلوريز جي روزاني ضرورت آهي. ان لاءِ اسان توهان کي ڪجهه مفيد ڳالهيون ٻڌائي رهيا آهيون. جن تي عمل ڪرڻ سان توهان ڪيلوريز ۾ مڪمل غذا حاصل ڪري سگهون ٿيون.

* گهڻي کان گهڻو فروٽ ۽ ڀاڄيون واپرايو، ۽ فروٽ ۽ ڀاڄين کي پنهنجي غذا جو حصو ٺاهيو.

* گوشت جي بدران مڇيءَ جو استعمال ڪريو (ڇو ته مڇيءَ ۾ گوشت جي نسبت گهٽ ڪيلوريز هونديون آهن.)

* دٻن ۾ بند جوس جي بدلي فروٽ کي ترجيح ڏيو.

* تريل پٽاٽن جي بدران ڀُڳل پٽاٽا، استعمال ڪريو.

* جام جيلي کائڻ تي جيڪر دل چوي ته اڄڪلهه بازار ۾ Diet jelly عام ٿيون ملن اُهي استعمال ڪريو.

هي مفيد مشورا توهان کي مڪمل غذا فراهم ڪندا ۽ ان سان گڏ توهان پنهنجي گهربل ڪيلوريز کان ٻاهر به نه وينديون، ياد رکو جيڪڏهن هڪ ڀيرو توهان جو وزن وڌي ويو ته پوءِ اُن کي ڪنٽرول ڪرڻ توهان جي لاءِ مشڪل ٿيندو، اُن لاءِ توهان هينئر کان هنن مشورن تي عمل ڪريو.

انب جو اسڪوائش

ترڪيب:-

سٺيءَ طرح پڪل ۽ رس دار انب کڻو، انهن کي ڌوئي هٿ سان زور ڏيئي رس ڪڍي وٺو، رس جو وزن ڪري وٺو ۽ هيٺ ڏنل شيون ملايو:-

انب جو رس.....5 ڪلو گرام

کنڊ........ساڍا ٽي ڪلو گرام

پاڻي.....5 ڪلو گرام

ست ليمان.....40 گرام

ڏنل شيون سڀ چڱيءَ طرح ملائي ململ جي ڪپڙي ۾ ڇاڻي وٺو. پوٽاشيم ميٽابائي سلفائٽ کي تيار ٿيل ٿوري اسڪوائش ۾ سٺي طرح ملايو ۽ باقي اسڪوائش ۾ به ملائي ڇڏيو. هاڻي اسڪوائش کي بوتل ۾ ڀري ڇڏيو ڪارڪ لڳائي ميڻ جو تهه لڳائي ڇڏيو.

ليمن جو اسڪوائش

ترڪيب:-

رس........50 گرام

کنڊ......750 گرام

پاڻي.......85 گرام

پوٽاشيم ميٽابائي سلفائٽ.... هڪ گرام

پڪل ليمن کي سٺي طرح ڌوئي رس ڪڍي ان ۾ کنڊ ۽ پاڻي کي چڱيءَ طرح ملائي ڇاڻي وٺو. پوٽاشيم سلفائٽ کي ٿورڙي پاڻي ۾ حل ڪري باقي اسڪوائش ۾ ملائي ڇڏيو، هاڻي رس کي بوتلن ۾ وجهي ڪارڪ ۽ ميڻ لڳائي ڇڏيو.

*

 

ماهه طيبه عباسي

مڪليءَ جا منارا، ڪينجهر جا ڪنارا

 

سير تفريح ڪرڻ هر ماڻهوءَ کي وڻندو آهي، ۽ هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي مزاج مطابق ان مان لطف اندوز ٿيندو آهي. پر جي سفر دوران ساٿ به سريلو هجي ته پوءِ سفر جو سواد سرس ٿي ويندو آهي. اهڙي قسم جا موقعا شاگردن ۽ شاگردياڻين کي علمي درسگاهن طرفان ملندا رهندا آهن.

انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَجي سنڌي شعبي جي استادن ۽ شاگردن 19 نومبر 1993ع تي (پڪنڪ) جو پروگرام ٺاهيو. شعبي جي چيئرمين محترم سر قاضي خادم صاحب بس جو بندوبست ڪرائي ڊرائيونگ، ڊرائيور محمد رمضان جي حوالي ڪئي.

مقرر ڪيل وقت، ٺيڪ صبح جو ساڍي ستين وڳي بس اولڊ ڪئمپس کان نڪتي، ٽوٽل ٻاويهه مسافر بس ۾ سوار ٿيا. پنهنجي ڊپارٽمينٽ کانسواءِ هڪ معزز مهمان، سائين عبدالرشيد انصاري صاحب، چيئرمين پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ به اسان جي ساٿ ۾ هو.

ساڍي نوي وڳي سپر هائي وي تي آياسين. اسان جي جٿي پهريون اسٽاپ سونڊان جي قبرستان تي ڪيو. ان وقت صبح جا ساڍا ڏهه وڄي رهيا هئا. اسان سڀ لٿاسين پر اسان جي پياري استاد ڊاڪٽر قمر جهان مرزا نه لٿي سڀني جي اسرار ڪرڻ تي چيائين، ”بابا، مون کي ته لڳي ٿو ڊپ، سو آءٌ هرگز نه لهندس.

سونڊان جي قبرستان ۾، سڀ قبرون پٿر جون هڪئي نموني جون ٺهيل هيون، چون ٿا ته جڏهن محمد بن قاسم، سنڌ فتح ڪئي، ان جنگ دوران جيڪي به مسلمان سپاهي شهيد ٿيا هئا، اهي اتي دفن ٿيل آهن.

اتان وري ڀنڀور گهمڻ لاءِ روانا ٿياسين. تقريباً ٻارهين وڳي ڀنڀور پهتاسين، ڀنڀور جا آثار ڏسي، شهر جي اوج ۽ عروج جو اندازو بخوبي لڳائي پيو سگهجي ته: واهه! سسئي جي سونهن، سچائي، وفا ۽ بهادريءَ جا شهر ڀنڀور. هاڻي اتي هڪ ميوزيم ٺاهيو ويو آهي. جنهن ۾ کنڊرن مان لڌل شيون سجايون ويون آهن. خاص ڪري منجنيق جو ماڊل. (اها منجنيق جيڪا محمد بن قاسم ديبل جي قلعي فتح ڪرڻ وقت استعمال ڪئي هئي) ۽ شهر جو ٺهيل تصوراتي ماڊل ڏسڻ وٽان هو. انهن سڀني منظرن کي ذهن جي اسڪرين ۾ محفوظ ڪري، اچي ويٺاسين لنچ ڪرڻ. ان وقت منجهند جا ٻه وڄي رهيا هئا، مصالحي واري برياني شامي ڪبابن، تريل گوشت کائڻ ۾ ڏاڍو لطف ڏنو، لنچ کانپوءِ خدا جو شڪر ادا ڪري ٺٽي روانا ٿياسين.

مڪليءَ جي قبرستان تي پهچي، پهرين ئي سنڌ جي مشهور مورخ، عالم، دانشور ۽ محقق پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتح پڙهي، مسجد شريف ڏانهن وڌياسين جيڪا ڀرسان ئي هئي، ۽ پوءِ قبرستان گهمڻ لڳاسين، مڪليءَ جو قبرستان دنيا جي قديم ترين قبرستانن مان هڪ آهي. هن ۾ اوليائن، بادشاهن، درويشن، شهزادن، جرنيلن، سپاهين ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن جون مزارون آهن: چون ٿا ته هتي سوا لک ته صرف اولياءَ ابدي ننڊ ستا پيا آهن.

مقبرن ۽ تربتن تي چٽسالي، اُڪر ۽ ڪاشيءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي، ڪي وري ساديون پيلي پٿر جون قبرون ٺهيل آهن، هڪڙيون تمام ويڪريون ۽ ڊگهيون قبرون آهن، جيڪي جنگين دوران اجتماعي طور تي ٺاهيون آهن، آفرين آهي ان دور جي ماڻهن کي جن انهن قبرن کي ايڏيءَ خوبصورتيءَ سان جوڙائي مرڻ کي به خوبصورت بنائي ڇڏيو آهي ۽ اڄ اسان جي ٽنڊي يوسف ۽ ٽنڊي آغا جي قبرستانن جي زبون حالي ڏسي، مرڻ تان ارواح ئي کڄيو وڃي.

 

بهرحال اسان تمام سٻاجهي شخصيت، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ قبرستان گهمندا رهياسين. ڊاڪٽر صاحب اسان کي ان جي باري ۾ تمام سٺي معلومات ڏني، ڪي مزارون ته تمام وڏيون ٺهيل هيون. جن جي چوڌاري، وڏي ديوار کنيل هئي، ۽ انهن کي لوهي گيٽ ڏنل هئا، اندران انهن کي مٿي ڏاڪڻيون هيون جن ۾ گيلريون ۽ بالڪنيون ائين لڳي رهيون هيون، ڄڻ ڪي خوبصورت ننڍڙا محل هجن. اسان قل پڙهندا، اڳتي وڌندا رهياسين.

مڪليءَ کانپوءِ اسان ڪينجهر ڍنڍ پهتاسين. ڪينجهر، جيڪا پوري جوڀن سان نوريءَ جي نياز ۽ نَوڙت ۽ ڄام تماچيءَ جي محبت جو داستان پسائي رهي هئي. هن ڍنڍ تي هڪ خوبصورت ريسٽورنٽ ٺهيل آهي، جتي ويهي شام جي چانهه پيتيسين. چانهه پيئندي، سج جي پوين پاڇن کي ڍنڍ ۾ لهندي ڏسڻ جو نظارو ڪيوسين. ان کانپوءِ، هڪ وڻڪار واري جڳهه تي ويهي نسرين ٻگهيو جي سريلي آواز ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جا ڪلام ٻڌاسين. ان وقت پهرين تاريخ جو چنڊ آسمان تي چمڪڻ لڳو هو، جنهن جي هلڪي روشنيءَ ۾، اهي لمحا هڪ وڻندڙ منظر پيش ڪري رهيا هئا. جنهن کي اسان ڪئمرا جي رول ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو.

اسان جا استاد صاحبان، محترم عبدالجبار جوڻيجو صاحب، محترم قاضي خادم صاحب، محترم عبدالرشيد انصاري صاحب ۽ محترم هدايت الله آخوند صاحب (جنهن جي خوبصورت جملن سان سفر ۾ هر وقت ٽهڪڙا پئي گونجيا) سڀئي ڍنڍ تان تازي مڇي خريد ڪري آيا.

ان کانپوءِ اسان جو ننڍڙو قافلو پوڻين ستين وڳي بس ۾ چڙهيو ۽ واپسيءَ جو سفر شروع ٿيو، ميڊم قمر جهان مرزا جي اڳواڻيءَ ۾ ڳائيندا، تاڙيون وڄائيندا رهياسين ۽ اسان جن ٻن شاگردن ساٿين محمد قاسم ساند ۽ محمد عرس مريءَ ڊانس ڪيو، ائين ٽهڪڙن ئي ٽهڪڙن ۾ هي خوبصورت سفر پورو ٿيو ۽ ساڍي نوين وڳي پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ پهتاسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com