سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :8

روبينه ابڙو

وائي

سائِرَ ٻوڙِ نه مُون،

ڏي ٿو جنهن جي تات ۾

اندر مون اڇلُون

سائِرَ ٻوڙِ نه مون،

هڪ ڀيرو ميهَرَ مِلان

سِڪَ جنهين جي ساهه کي

ڏيندي آهه سَٽُون

سائِرَ ٻوڙِ نه مُون،

                هڪ ڀيرو ميهر مِلان!

سندي عشق عذاب جون

هونديون تو خبرون

سائِرَ ٻوڙِ نه مُون،

                هڪ ڀيرو ميهَرَ مِلان!

سيني مون ساهَڙَ سندي

اُڃَ آهي ازلئون

سائِرَ ٻوڙِ نه مُون،

                هڪ  ڀيرو ميهَرَ مِلان!

سندي ساهَرَ دِيدَريءَ

اُڃيون هِن اکڙيُون

سائِرَ ٻوڙ نه مون،

                هڪ ڀيرو ميهَرَ مِلان!

ڏَمَ، دريا ۽ راتِ ڀي

روڪيون نا راهُون

سائِرَ ٻوڙِ نه مون،

          هڪ ڀيرو ميهَرَ مِلان!

موٽان پو کائِنِ ڀَلي

مڇيون، مَڇَ، ڪَڇُون

سائِرَ ٻوڙَ نه مون،

                هڪ ڀيرو ميهَرَ ملان!

                هِڪ ڀيرو ميهَرَ ملان!

*

سڀ گيت لڳن هڪجهڙا ٿا

 

سوچن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي!

ريتن ۾ نواڻِ اچڻ گهرجي.

 

مون گيت ڏنا تحفا، تو چيو،

تحفن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي

 

ڇو نيڻ چون مون کي هَرَ هَرَ،

سپنن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي؟

 

ٿا روز پَسون ساڳيا چهرا،

چهرن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي!

 

تو ٽوڙيو رشتو هيئن چئي،

رشتن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي!

 

تون روز ڏسين بس مُشڪين ٿو،

جذبن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي!

 

ٿو روز ڪرين ساڳيون ڳالهيون!

لفظن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي!

 

سڀ گيت لڳن هڪجهڙا ٿا،

گيتن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي!

*

پارس عباسي

نظم

وقت اسان کي آگ ڏئي ويو

توکان مون کان گوءِ کڻي ويو

پاڻَ ته هيٺ ئي بيٺا هاسي

نوريئڙي جان

وَڻَ چڙهي ويو!

پُڇڙ-تاري وانگيان هُو ڄڻ

پلَ  ۾ آيو، اَچي هليو ويو

ويندي ويندي جيون تي هُو

پنهنجا گهرا نِيرَ ڇڏي ويو

توکان مون کان گوءِ کڻي ويو!



 

غزل

ڪَوِتا هوليءَ کيلَ جيان

چُوڙين جي ڄڻ ميلَ جيان

 

چانڊوڪي ناريلَ جو پاڻي

چنڊُ ڪَٽيل ناريلَ جيان

 

رات ۾ ويو آ، چنڊُ سجي

وارَن ۾ رابيلَ جيان

 

تارو تارو چنچل ٻار

اُڀ ڦِريو چوڏيل جيان.

*

 

نجمه پنهور

ويرو تارَ وجود ۾

جانب جڏهن کان تون ويو آهين، ائين لڳي ٿو دنيا ۾ ڪجهه به ڪونهي. لڳي ٿو سڀڪجهه پاڻ سان کڻي ويو آهين! تو ۽ مون ته گڏ رهڻ جا سپنا ڏٺا هئا پر اِهو نه سوچيوسين ته ائين وڇڙي وينداسين، جيئن ڀري بهار ۾ سدا ساوا پن شاخ کان. وري ڪڏهن به نه ملڻ لاءِ....!! تو ته ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، مون کي حاصل ڪرڻ جي، پر مون ئي هر ڀيري تنهنجي ڳالهه کي Reject ڪيو آهي ۽ اِهو به تون ڄاڻين ٿو، ته ائين ڪري مون پاڻ ڪيڏي ڀيڙ ڀرائي آهي، ضرور ڪا ته اهڙي ڳالهه هوندي. تنهنجي ڳالهه وانگر ته هِن دور ۾ ڪو مسئلو ڪونهي پر نه.....! هِن دور ۾ ئي مسئلا وڌيڪ آهن، سوچڻ تي اچجي ته هر ڳالهه سامهون آهي ته ڪيئن گذارو ڪري سگهجي ٿو. تنهنجي سچاين کي مان دل سان مڇان ٿي پر تون اِهو به ته سوچ ته تنهنجي سئوٽ جو ڇا ٿيندو؟ جو ڪيترين ئي سالن کان تنهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺي آهي ۽ تنهنجون راهون پئي نهاري ته تون ڪڏهن يونيورسٽيءَ جي تعليم مڪمل ڪري ايندي ۽ هميشھ لاءِ کيس شهر وٺي ويندين. ها هِن تنهنجي Final ۾ پاس ٿيڻ لاءِ ڪيتريون ئي باسون باسيون هيون، جنهن هفتي توکي ڳوٺ وڃڻو هوندو هو ته هوءَ تنهنجي راهه ۾ نيڻ وڇائي ويهندي هئي، اِهو به تو ٻڌايو هو ته  تون وڃڻ کانپوءِ ساڻس صحيح نموني ڳالهائيندو به نه هئين! پر تڏهن به هوءَ ڪيڏي نه خوش ٿيندي هئي، تنهنجي اچڻ تي! تو اِهو پهرين ڇو نه ٻڌايو ته تون جڏهن مئٽرڪ ۾ هئين ته تنهنجي شادي ٿي ويئي هئي.

۽ هاڻ ڪيڏا نه فاصلا پئجي ويا، تنهنجي منهنجي وچ تي! ٻئي کي ڏک ڏئي پاڻ ڪهڙو سک ماڻبو! اُها مُرڪ ڪهڙي جنهن ۾ ٻئي جا لڙڪ شامل هجن.....اُهي گيت ڪهڙا جنهن ۾ ٻين جون آهون.... ۽ سڏڪا شامل هجن..... اُها دعا ڪهڙي، جنهن ۾ ڪنهن جا پاراتا به شامل هجن.....!! ڇو ته خانداني روايتن موجب توکي هُن سان به نڀائڻي آهي. ۽ مان به تنهنجي پسند آهيان، پر اِها ڪهڙي زندگي جيڪا سدائين ٻه واٽي تي ئي بيٺل هجي! تنهن کان ته بهتر آهي ته ماڻهو پُٺئين پيرن موٽي وڃي! شيئرمنٽ وارين گهڙين کان اڪيلو رهجي وڃجي ته وڌيڪ سٺو. محبتن ۾ ڪڏهن به شيئرمنٽ ناهي ٿيندي. گهٽ م گهٽ مان ته اُن جي قائل ناهيان يا ته هڪڙو ئي فيصلو ڪري ڇڏيان ته مان تنهنجي ٿي نه سگهنديس، مان به انهن ڇوڪرين مان هجا ها جيڪي سمجهوتي هيٺ زندگي گهارڻ کي ئي پنهنجو سڀ ڪجهه ٿيو سمجهن ته ضرور مان توسان پريت نڀايان ها! پر ..... اهڙين ڇوڪرين جا ڏک ته مون کي پنهنجا ڏک لڳندا آهن. هنن جا اوسيئڙا ۽ اوجاڳا مون کي پنهنجا اوسيئڙا ۽ اوجاڳا لڳندا آهن.

پرين محبتن جو خمار وڃي رهيو آهي. بهار، گُل رنگ، سڳنڌ ڪجهه به ته نه ٿو وڻي. ڇا ڪجي؟ دل ۾ ڪنهن لاءِ ايڏي عزت ۽ احترام هجي پر ان جي ڳالهه به نه مڃي سگهجي! ان کان وڌيڪ به ڏک جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ پر.... تون ته منهنجي ڳالهين کي منهنجو هٺ ٿو سمجهين، منهنجو هوڏ ٿو سمجهين، تو ته اِهو به چيو ته تنهنجي سچاين کي ڏسي مان توکي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو آهي؟ توکي عذاب ٿي ڏيان! منهنجي پنهنجي زندگي ڪهڙي خوشين سان ڀرپور آهي؟ توکي ڏک ڏئي مون به خوشين جو لمحو ڪين ڏٺو آهي. توکي ڀلا ڪيئن ويساهه ڏياريان ته مان توسان سچي هيس ۽ آهيان، پر تنهنجي شادي جي ڳالهه کانپوءِ دل جي ڳالهه منهنجي لاءِ ڪا حيثيت نٿي رکي. راڻا، توکي ڪهڙي خبر ته پنهنجي انڪار جو ڏک مان پاڻ ڪيترو ڀوڳيو آهي هڪ لمحي لاءِ سوچيان ٿي ته اِها چريائپ پئي ڪريان. ان فيصلي لاءِ ڪيترو سوچيو هئم. ائين ٿي سمجهيم ته هاڻ ايتري سهپ ڪونهي؛ ان ڳالهه اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائي ڇڏي هئي، توسان گڏ مون به ڀوڳيو آهي. پر اِهو منهنجو هٺ ڪونهي، منهنجي هوڏ ڪونهي، ها منهنجي خاندان ۾ به مون کي ائين چوندا هن. ڇو ته مان گهٽ ماڻهن سان ڳالهائيندي آهيان، مون ڪڏهن به ڪنهن ڇوڪري سان صحيح نموني ڪين ڳالهايو آهي. منهنجي سوچ مختلف آهي، مان ته پنهنجي سرتين کي به سمجهائيندي هئس ته ڇو ٿيون پنهنجو سڪون ۽ آرام برباد ڪيو. ڪنهن ۾ سچائي ڪونهي، آزاديءَ سان زندگي گذاريو پنهنجي پرسڪون ۽ خوشين ڀري زندگيءَ کي ڪنهن نالي جي پويان ڇو ٿيون روڳ لڳايو.......؟ پر توسان پهريون ڀيرو ملڻ سان مون ڇا محسوس ڪيو ۽ منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ ڪيڏي عزت ۽ پنهنجائپ پيدا ٿي اهو ته مان ئي ٿي ڄاڻان، مون ڪنهن کي ڪڏهن ڪين ٻڌايو. مون سمجهيو هو ته مان پنهنجي دل کي به هڪ ليڪچر ڏئي ماٺو ڪري ڇڏينديس.....!

آخر اِهو سڀڪجهه هڪ مذاق وانگر ختم ٿي ويندو. مان ڪنهن جي لاءِ به اهڙيون سوچون نٿي رکان، ڇو ته مون کي گهٽ ماڻهن مان سچائيءَ جي خوشبو ايندي آهي. تو به محسوس ڪري ورتو منهنجي جذبن کي. جڏهن تو پاڻ اِها ڳالهه مون سان ڪئي ته..... تون مون کانسواءِ اڻپورو آهين. بي معنيٰ آهين. تڏهن به مون کي حيرت ڪانه ٿي، ڇو ته مون کي جيڪو پاڻ تي اعتماد هو اُهو به مون نٿي ٽوڙڻ چاهيو، منهنجي سوچ مون لاءِ عذاب بڻجي وئي، مون ته ائين ڪڏهن نه سوچيو هو، توکي حاصل ڪرڻ مون لاءِ ڪيڏو نه ڪٺن مرحلو ٿي پيو هو.

جنهن ڏينهن کان تو شادي جي خبر ٻڌائي آهي هڪ ته اعتبار ئي نٿو اچي؟ ٻيو ته من ئي نٿو مڃي ڳالهه ٻڌي منهنجي مٿان ڄڻ ته وڄ ڪري پئي هئي! پر ڪجهه چئي نه سگهيس توکي ڇا چوان ها؛ راڻل تنهنجي غلطيءَ کي به ڪيئن دُهرايان! ڪيئن توکي سامهون ٿي چوان ته مون سان ويساهه گهاتي ٿي آهي؟!.

بس پنهنجي ڏک جو هڪڙوئي حل سمجهيم ڪيترا مهينا توسان ڳالهائي ڪين سگهيس....!! پر اِهو سڄو وقت مان انهيءَ فيصلي لاءِ سوچيندي رهي آهيان ته مون کي هاڻ ڇا ڪرڻو آهي، زندگيءَ ۾ کلندڙ ٽهڪ ڏيندڙ ۽ مستين سان ڀرپور زندگي گذاريندڙ کي هاڻ ڪهڙو فيصلو ڪرڻو پوندو....؟ ها اِهو فيصلو جنهن سان عورت جو ڀرم رهجي اچي، عروت جو عورت سان ظلم جو ورجاءُ نه ٿئي، جيئن اڪثر ٿيندو آهي. پر هيءَ مومل جو فيصلو هو جيڪا ٻين کي سمجهائيندي آهي. ته عورت کي عورت سان ظلم ڪرڻ نه گهرجي. پنهنجي خوشين جي ڪري ٻين جي خوشين تي ڌاڙو هڻڻ نه گهرجي، اسان جي سماج ۾ مرد ته هميشه عورت کي پنهنجي مٺ ۾ بند رکيو آهي، پر اسان جهڙيون پڙهيل ڇوڪريون به جي انهن جو ساٿ ڏين ته پوءِ اسان ۾ ۽ اهڙن مردن ۾ ڪهڙو فرق رهجي ويندو!

ها هينئر تون منهنجو پرين هوندي به هڪ مرد آهين، جنهن سان اسان جهڙين عورتن کي اڪثر شڪايت هوندي آهي ته مرد هڪ ئي وقت ٻه شاديون ڇوٿا ڪن! پنهنجي خوشيءَ جي ڪري هو عورت کي ڪيترا ڏک ۽ عذاب ٿا ڏين جيڪي عورت کي هر حال ۾ سَهڻا ٿا پون.....!

ان ڳالهه ۾ عورت به ته برابر جي شريڪ هوندي آهي. پر ڪٿي عورت کي ڳالهائڻ جو حق نٿو ڏنو وڃي، جتي وڻي اتي پرڻايو ٿو وڃي، پر جتي عورت کي اِهو حق حاصل آهي اتي ته سوچي سمجهي فيصلو ڪري سگهي ٿي، پوءِ چاهي ان سان هِن جي دل جي دنيا برباد ڇو نه ٿي وڃي.....!

اڄ تو مون کي ڪيڏو نه ڳالهايو، ته مان توسان سچي ناهيان توسان وفا نه ڪئي اٿم؟ ۽ مون توسان ظلم ڪيو آهي؟ تون مون کي ڪڏهن به معاف نه ڪندين؟ مون تنهنجي دل جي دنيا کي اُجاڙي ڇڏيو آ. پر دل جي دنيا ته منهنجي به آباد ڪونهي، منهنجي اوچتي فيصلي توکي رڻ ۾ رولي ڇڏيو آهي! ڪهڙا ڪهڙا تنهنجا لفظ ٻڌڻا پيا اٿم؟ پر سڀ ڳالهيون اکين تي وري به مان مطمئن آهيان پنهنجي فيصلي تي ۽ توکي دعائون ٿي ڪريان، تون به ته مون سان اهڙوئي ورتاءُ ڪيو آهي، پر مون کي توکان ڪا شڪايت ڪونهي، ڇو ته وري به تو وقت تي مون کي ٻڌائي ته ڇڏيو، جيئن زندگيءَ جي اهم فيصلي کان اڳ به ڪو فيصلو ڪري سگهيس، مون کي خبر آهي توکي منهنجي ڳالهين سان تمام گهڻو ڏک پهتو آهي پر جانان دل جي حالت جي توکي ڪهڙي خبر......!! ڪيڏو عذاب ڀوڳيو اٿم هڪ ڇوڪريءَ جي خوشين کي بچائڻ لاءِ پاڻ ختم ڪري ڇڏيو اٿم...! توسان جيءَ جو جڙيو هيو. منهنجي لاءِ ته توکي ڇڏي ڏيڻ ائين آهي جيئن ساهه کڻڻ ڇڏي ڏيڻ! پر ڇا هن کي ساهه نه آهي! مان ائين نه ڪريان ها! ته پوءِ جو هن جو ڇا ٿئي ها.....!! جيڪا پنهنجي محبتن جو اقرار ڪرڻ به نٿي ڄاڻي!.

***

 

 

عذرا سرور ڪنڌر

 

پاڪستان تحريڪ ۾ سنڌ جي عورتن جو حصو

سال 1843ع سنڌ جي تاريخ ۾ اهو منحوس سال هو جڏهن انگريز ميرن جي نفاق ۽ ڪمزوريءَ مان فائدو وٺي سنڌ تي قبضو ڪيو.

سنڌ هندستان جي ٻين صوبن کان وڌيڪ سرسبز ۽ شاداب صوبو رهيو آهي. اهو به سبب هو جو انگريزن جي نظر هن صوبي تي وڃي پئي. جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ان وقت نه صرف سنڌ ۾ پر پوري هندستان ۾ ڪابه طاقتور سياسي جماعت ڪونه هئي. 1958ع ۾ هندستان ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو پايو پيو. هن جماعت ۾ مردن کان علاوه عورتن به حصو ورتو. سڀ کان پهرين عورت ايني بيسنت (Anne Beasant) هئي جنهن ڪانگريس جي پليٽ فارم تان هندستان جي سياست ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن کي ڏسندي ٻين به ڪيترين ئي هندستاني عورتن سياست ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيو. جن مان مسز سرو جيني نئڊو جو نالو سڄي هندستان ۾ مشهور آهي. ان زماني ۾ مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي جي والده بي امان به پنهنجي پُٽن سان گڏ سياسي ميدان ۾ قدم رکيو، جيڪا نهايت بيباڪيءَ سان خلافت ڪاميٽيءَ جي جلسي ۾ شرڪت ڪندي هئي. اُها ئي سڀ کان پهرين مسلمان عورت هئي جنهن آزاديءَ جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجي ننهن بيگم محمد علي کي به سياست جي رمزن کان آگاهه ڪيو.

سنڌ جي عورت ۾ ان زماني ۾ تعليم ايتري عام نه هئي. عام طور تي عورتن کي صرف قرآن پاڪ جي تعليم ڏني ويندي هئي. ڪن مسلمان وڏ گهراڻن ۾ عورتن کي سنڌي ۽ فارسي پڙهائي ۽ سيکاري ويندي هئي. اهڙي دور ۾ به جيتري مسلمان مردن آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ جيتري هنن جي دلين ۾ آزاديءَ لاءِ تڙپ هئي ايتري ئي مسلمان عورتن ۾ هئي.

انگريز سامراج جي خلاف سنڌ ۾ جڏهن پير صبغت الله شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ ”حر تحريڪ“ هلي ته ان ۾ به مردن سان گڏ گڏ عورتن به گهڻي انداز ۾ حصو ورتو هيو ۽ سنڌ وطن دوستي ۽ جانثاري جي جذبي سان سرشار ٿي ان تحريڪ کي اڳتي وڌايو. انگريزن جي ڇانوڻين ۾ وڃي جاسوسي ڪرڻ، مجاهدن کي سامان پهچائڻ ۽ گرفتار ٿيڻ تي ٻاڦ به ٻاهر نه ڪڍڻ عورتن جو ڪانامو هو.

ان کان علاوه سنڌ۾ حيدر بخش جتوئي ۽ سنڌ جي ٻين اڳواڻن جي رهنمائيءَ هيٺ جڏهن هاري ڪاميٽيءَ جو  بنياد پيو جنهن جو مقصد سنڌ جي مسلمانن جي زمين کي انگريزن ۽ هندن جي چنبي کان ڇڏائڻ ۽ روينيو کاتي ۾ نوان سڌارا آڻڻ شامل هو، ان وقت به سنڌ جون عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي قربانيءَ لاءِ تيار هيون. جنهن جو مثال ”بختاور شهيد“ آهي جيڪا پنهنجي پُٽن سوڌو اِن تحريڪ ۾ شامل ٿي ۽ پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندي شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ٿي باقاعدي ۽ منظم طريقي سان سنڌ جي عورت سياسي پليٽ فارم تي 1938ع ۾ نمودار ٿي.

سڀ کان پهريائين 1936ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي ڪوششن سان آل انڊيا مسلم ليگ ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ All India Womens Muslim League جي تنظيم قائم ڪئي ويئي. ان ڪاميٽيءَ تي بيگم محمد علي کي صدر نامزد ڪيو ويو، جنهن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دورا ڪري صوبن جي هر هڪ ضلعي ۾  All Andia Womens Muslim League جون برانچون قائم ڪيون.

سنڌ مان آل انڊيا مسلم ليگ سب ڪاميٽيءَ تي بيگم نصرت عبدالله هارون کي نامزد ڪيو ويو. سنڌ ۾ بيگم نصرت کان علاوه بيگم انور هدايت الله ۽ بيگم جي. الانا به هيون. سلمان عورتن جي سب ڪاميٽيءَ جو پهريون اجلاس ڪراچيءَ جي گانڌي گارڊن ۾ ٿيو جتي بيگم عبدالله هارون ۽ پنجاب ڪاميٽيءَ جي بيگم شفيع تحريڪ پاڪستان تي تقريرون ڪيون.

سنڌ جي مسلمان عورتن جو ٻيو جلسو به ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪانگريس طرفان انتها پسند عورتن کي جلسي کي درهم برهم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، پر مسلمان عورتن همت سان مقابلو ڪري سندن ان سازش کي ناڪام بنايو. ان کان پوءِ بيگم هدايت الله سنڌ صوبي جو دورو ڪيو، جتي هن سنڌي، پٺاڻ ۽ بلوچي عورتن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني.

23 مارچ 1940ع جي اُن اجلاس جنهن ۾ پاڪستان ٺهراءُ منظور ٿيو هو، قائداعظم پنهنجي تقرير ۾ مسلمان عورتن جي ڪارڪردگي، جوش ۽ ولولي جي بي انتها تعريف ڪئي هئي. اهڙي طرح سان 24 ڊسمبر 1943ع ۾ هڪ وڏو جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾  500 کن عورتن شرڪت ڪئي، ان جلسي جو قاعد اعظم محمد علي جناح افتتاح ڪيو ۽ تقرير ڪندي فرمايو ته ”مسلمان عورتون پاڪستان کي حاصل ڪرڻ جي تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. مسلمانن جي سامهون هڪ وڏي مهم آهي ۽ مون کي اميد آهي ته عورتون ۽ مرد يڪجهتي ۽ همت کان ڪم وٺي هڪ نئين ملڪ جو بنياد وجهندا ۽ مسلم ليگ پنهنجي مقصد ۾ ضرور ڪاميابي حاصل ڪندي.“

25 ڊسمبر تي سنڌ مسلم ليگ جي تنظيم ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا:

1. صدر: بيگم عبدالله هارون

2. سيڪريٽري: بيگم عزيزه سومرو

3. خزانچي: عبدالعزيز

31 ڊسمبر 1945ع ۾ مسلمان عورتن جو هڪ ٻيو جلسو ڪياماڙيءَ (ڪراچي) ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ بيگم انور حسين، بيگم هدايت الله بيگم يوسف هارون، بيگم جي.الانا، بيگم انصاري ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌي عورتن تقريرون ڪيون ۽ مسلم خواتين کي ايندڙ چونڊن جي اهميت کان واقف ڪيو ۽ مسلم ليگ جو نصب العين پاڪستان ٻڌايو ويو.

11 جنوري 1946ع تي آل انڊيا مسلم ليگ خواتين ڪراچي برانچ جو جلسو انجمن هال ۾ ٿيو، جنهن ۾ هڪ ٺهراءُ ذريعي يوم شڪرانا ملهائڻ جي تجويز قائداعظم طرفان پيش ڪئي ويئي  ۽ ان ۾ بيگم الانا کي ڪامياب بنائڻ لاءِ به تجويز شامل هئي، جنهن جي پٺڀرائي بيگم شعبان ڪئي.

1946ع ۾ ئي صوبي سنڌ ۽ سنڌ مسلم ليگ خواتين ڪاميٽي جوڙي ويئي، هيءَ ڪاميٽي حيدرآباد کان ڪوئيٽا تائين ويئي جتي تحريڪ پاڪستان لاءِ تبليغ ڪئي ويئي. حيدرآباد ۾ عورتن جو جلسو ليڊي غلام حسين هدايت الله جي صدارت هيٺ ٿيو، آرگنائيزنگ سيڪريٽري بيگم طاهره اعجاز حسين آغاز هئي ۽ بيگم غلام رسول ڀرڳڙي چيئرمين استقباليه ڪاميٽي هئي.

16 مارچ 1946ع تي مدرستھ البنات حيدرآباد ۾ مسلم ليگ خواتين جي ڪارروائي بيگم غلام حسين جي صدارت هيٺ ٿي. آرگنائيزنگ سيڪريٽري بيگم طاهره اعجاز حسين آغا، قائداعظم، مس فاطمھ جناح ۽ ٻين ليڊرن جا ڪانفرنس ۾ موڪليل پيغام پڙهي ٻڌايا ۽ بيگم غلام رسول ڀرڳڙيءَ چيئرمين استقباليه ڪاميٽي ائڊريس پڙهي. هن ڪانفرنس ۾ اِهو ٻڌايو ويو ته ”مسلمان عورتون هڪ خاص جذبي هيٺ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيون آهن ته جيئن هو هر مرد توڙي عورت، ننڍي توڙي وڏي جي دلين ۾ هڪ آزاد وطن جي حاصل ڪرڻ لاءِ جوش ۽ ولولو پيدا ڪن ۽ تيستائين آرام نه ڪن جيستائين پوري قوم بيدار نه ٿئي.“

هن ڪانفرنس ۾ اِها ڳالهه واضح ڪئي ويئي ته هندو ۽ مسلمان هر ڳالهه ۾ ڌار آهن، جنهن ڪري هنن کي ڌار ڌار رهڻ گهرجي، هي ٻه الڳ قومون آهن ۽ الڳ ئي رهنديون.

24 مارچ 1946ع تي حيدرآباد ۾ خواتين مسلم ليگ جو هڪ ٻيو جلسو منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت بيگم ڀرڳڙي ڪئي. هن جلسي ۾ خواتين حصول پاڪستان لاءِ تقريرون ڪيون، تقريرون ڪرڻ وارين ۾ سر فهرست هيٺيون عورتون هيون.

1- بيگم طاهره آغا

2- بيگم حڪيم شمس الدين

3- بيگم محمد يونس

4- مس آدم خان

5- مس محمد يونس

21 اپريل 1946ع تي زنانه نيشنل گارڊ ٽنڊي ولي محمد (حيدرآباد) برانچ جو جلسو گرلس اسڪول جي ميدان ۾ ٿيو. هي جلسو مس اي مخدوم صاحبه جي اڳواڻيءَ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾  پاڪستان جي اسڪيم جي وضاحت نهايت صاف لفظن ۾ بيگم شمس الدين صاحبه ڪئي ۽ پاڪستان جي نصب العين جي وضاحت پُر زور لفظن ۾ ڪئي. سنڌ مسلم ليگ جي سرگرم رڪن بيگم طاهره آغا 44 صفحن جو هڪ ڪتاب ”اسان جو پاڪستان“ 1946ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي مسلمان عورتن کي ۽ عام ماڻهن کي پاڪستان جي مطلب سنڌ مسلم ليگ جي مقصدن کان آگاهه ڪيل هو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مسلمانن کي غفلت جي ننڊ کان جاڳائڻ آزاديءَ جي حصول لاءِ شعور پيدا ڪرڻ ۽ دنيا جي ٻين آزاد قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جو جذبو بيدار ڪيل هو.

1946ع جي جنوري مهيني ۾ حيدرآباد ۾ مسلم خواتين ڪانفرنس جو هڪ عظيم الشان اجلاس ٿيو. جلسي جي صدارت بيگم هدايت الله ڪئي، تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ بيگم شاهنواز ۽ محترمه فاطمھ جناح جا پيغام پڙهيا ويا.

هن ڪانفرنس ۾ بيگم هدايت الله سنڌ جي مسلمان عورتن اڳيان ڏهن نڪتن وارو پروگرام پيش ڪيو، جنهن ۾ هيٺيان مشورا پڻ ڏنا ويا هئا:

1- مسلمان عورتون پنهنجي اولاد کي خالد بن وليد، طارق بن زياد ۽ ٽيپو سلطان جهڙن جوڌن جوانن جيان تربيت ڏين.

2- تعليم بالغان جو سرشتو جاري ڪرائڻ.

3- مسلمانن سان ئي خريد و فروخت جو وهنوار قائم رکڻ.

4- نوجوانن جو واپار ڏانهن لاڙو ڪرائڻ!

5- غريب حُرن لاءِ امداد گڏ ڪرڻ.

6- هڪ بيت المال جو قائم ڪرڻ.

7- ٻهراڙين تائين مسلم ليگ جو آواز پهچائڻ.

8- مردن توڙي عورتن کي نيشنل گارڊ ۾ ڀرتي ڪرائڻ جي ڪوشش وٺڻ.

9- شريعت بل ۽ ٻيا اهڙا بل جن جو واسطو مسلم عوام سان هجي، انهن کي حڪومت کان جلد بحال ڪرائڻ.

10- حڪومت کان مسلمانن جي تعليم ۽ ترقيءَ لاءِ ڪجهه رعايتون وٺڻ هو.

اهڙي طرح سان سنڌي مسلم عورتن پنهنجي ولولي خيز تقريرن سان سنڌ جي عورتن توڙي مردن جي دلين ۾ آزاديءَ جي جذبي کي اُڀاريو ۽ جڏهن انهن شعلن باهه جو روپ اختيار ڪيو ته پهرين فيبروري 1947ع تي لاهور ۾ خضرحيات جي وزارت خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ شروع ٿي. جنهن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سنڌ مان سنڌ جي خواتين مسلم ليگ جي صدر صغريٰ ۽ جنرل سيڪريٽري بيگم شعبان ۽ ٻين عورتن شرڪت ڪئي.

سنڌ مسلم ليگ جي رڪن عورتن لاهور پهچڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي خواتين جو هڪ جلوس بيگم صغريٰ جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪڍيو. هي جلوس جڏهن سيڪريٽريٽ وٽ پهتو ته بيگم صغريٰ ۽ ٻين گيٽ ٽپي سيڪريٽريٽ جو گيٽ کوليو ۽ سڄو جلوس اندر داخل ٿيو، بيگم صغريٰ ڪن ڇوڪرين کي مسلم ليگ جو جهنڊو سيڪريٽريٽ جي عمارت مٿان چاڙهڻ لاءِ ڏنو.

هن جلوس کي منتشر ڪرڻ لاءِ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس استعمال ڪيو. ڪيترين ئي عورتن کي گرفتار ڪيو ويو، خضر حيات جي وزارت خلاف احتجاج ايترو ته وڌي ويو جو آخر هنکي استعيفيٰ ڏيڻي پئي ۽ ٻئي ڏينهن تي سڀني عورتن کي آزاد ڪيو ويو. بيگم صغريٰ ۽ ٻين مسلم ليگي خواتين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. اهڙي طرح سنڌي عروتن جي هن جلوس اڳواڻي ڪري خضر وزارت جو خاتمو آندو. هن تحريڪ ۾ پاڪستان جي مشهور سنڌي عورت مس فاطمھ جناح به وڏو ڪردار ادا ڪيو. فاطمھ جناح قيام پاڪستان کان اڳ ۽ قيام پاڪستان کانپوءِ به قائداعظم سان هر قدم تي گڏ هئي.

سنڌي عورت جي جدوجهد قيام پاڪستان کانپوءِ به جاري رهي، جنهن جو مثال ون يونٽ ٽوڙڻ واري تحريڪ آهي، جنهن ۾ مردن سان گڏ سنڌ جون ڄايون اختر بلوچ، رياض ميمڻ، نسيم سنڌي ۽ نسيم ٿيٻو بک هڙتال ڪري جيلن ۾ وڃي ثابت ڪيو ته سنڌي عورت جي جاکوڙ ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي سنڌي مردن کان پٺتي نه آهي هوءَ وطن جي عزت ۽ وقار لاءِ اها قرباني ڏئي سگهي ٿي، جيڪا ٻين آزاد ملڪن جي عورتن کي ڏيڻي پئي آهي.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com