سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :2

 

ڌرتيءَ ڌڃاڻيون

 

دادي ليلا سان ڳالهه ٻولهه

ڳالهه ٻولهه ڪندڙ:        *مسرت شيخ

تصويرون:عبدالمجيد سومرو

اهڙا ماڻهو تمام گهٽ هوندا آهن، جيڪي هڪ ئي وقت گهڻن شعبن سان لاڳاپيل رهي ڪري پاڻ کي هر سطح تي مڃائين. دادي ليلا جي شخصيت ٻه اهڙن ماڻهن مان هڪ آهي، جنهن هڪ ئي وقت ۾ استاد، فنڪار، آفيسر ۽ سوشل ورڪر جي حيثيت ۾ پاڻ کي مڃايو. پيشي جي لحاظ کان پاڻ استاد رهيون آهن. گلوڪاري سندن شوق آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺنديون آهن. سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن منهنجي ذات مان ڪنهن جو ڀلو ٿئي ته اها تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي. اهوئي سبب آهي جو پاڻ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺنديون آهن. ٿر جي ماڻهن لاءِ ڪيل ڪاوشون سندس زندگيءَ جو اهم حصو آهن. انهن ئي ڪاوشن جي مڃتا ۾ کين مِٺيءَ ۾ مارئي ايوارڊ 1992ع ڏنو ويو. پاڻ اڄڪلهه گرلس گائيڊ ائسوسيئيشن جون ميمبر پڻ آهن. اچو ته ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪريون:

س: توهان پنهنجي ابتدائي زندگيءَ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو.

ج: منهنجي پيدائش حيدرآباد ۾ ٿي ۽ مان گهڻو عرصو هتي ئي گذرايو آهي. جيئن ته اسان جي گهر ۾ ڳائڻ وڄائڻ جو شوق گهڻو هو. منهنجا سڀ ڀائر به ڳائيندا هئا. سو انهن کي ڏسي مون کي به ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق ٿيو. جڏهن مان اٺن سالن جي هئس ته اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ راڳ ٻڌائيندي هئس. آهستي آهستي شوق وڌندو ويو ۽ جڏهن به ڪو پروگرام يا فنڪشن وغيره ٿيندو هو ته اُتي به ڳائڻ لاءِ ويندي هئس، پر ڳائڻ سان گڏوگڏ مون تعليم کي جاري رکيو ۽ گهر جو ڪم رڌ پچاءُ سبڻ ڀرڻ وغيره به ڪندي هئس. مان جڏهن ڪاليج کان موٽي ايندي هئس ته منهنجي ماءُ نوڪرن جي هجڻ جي باوجود به مون کي رڌڻي ۾ سڏ ڪري ماني پچرائيندي هئي. سندس چوڻ هو ته ”ڇوڪريءَ جي قابليت ماني پچائڻ ۽ پاپڙ ويلڻ سان آهي“ سو اهڙيءَ طرح مختلف مرحلن مان گذرندي اڄ توهان جي آڏو آهيان.

س: ڳائڻ جي توهان باقاعدي سِکيا ورتي يا ائين شوقيه ڳائينديون هيون.

ج: نه! راڳ جي مون ڪا به سکيا نه ورتي. باقي گهر ۾ ڀائر مون کي سيکاريندا هئا. ڳائڻ کان سواءِ انهن مون کي طبلو ۽ هارمونيم وڄائڻ به سيکاريو.

س: توهان ڳائڻ کي بحيثيت پروفيشن ڇو اختيار نه ڪيو.

ج: جڏهن مان ڪراچيءَ ۾ پڙهندي هئس ته ان وقت اسان جو پرنسپل مرحوم عثمان علي انصاري صاحب جن مون کي ريڊيو ڪراچي تي گهمڻ لاءِ وٺي ويا. اتي مون سنڌي ڪافي ڳائي پر ان جي اجازت مون گهر وارن کان ڪونه ورتي هئي. جڏهن اها ڪافي ريڊيو تان نشر ٿي ۽ منهنجي نالي جو اعلان ٿيو ته منهنجي والد صاحب به ٻڌو پوءِ مون سڄي حقيقت انهن کي ٻڌائي. انهن مون کي آئندي ڳائڻ کان منع ڪيو ۽ مون به انهن جي ڳالهه ان وقت مڃي ورتي پر ان جو احساس مون کي بعد ۾ ٿيو، جڏهن ماڻهن اهو چوڻ شروع ڪيو ته : ”هيءَ هڪ ڳائڻي آهي.“

پوءِ مون سمجهيو ته والد صاحب جن مون کي ڇو منع ڪندا هئا. اهو ئي سبب هو جو مان ڳائڻ کي بحيثيت پروفيشن اختيار نه ڪيو. البت عورتن جي پروگرام ۾ مان ڳائيندي آهيان، ڇو جو شوق ته اڃا به آهي ان دوران دادي ليلا هڪ خوبصورت گيت ٻڌايو جنهن جا ٻول هئا: ”ڏي سنڌي عورت ساٿ سدا!“

س: توهان ٻين کي به گيت ڳائڻ سيکاريا آهن.

ج: ها! مان ڪيترين ئي نياڻين کي گيت لکي ڏيندي آهيان ۽ انهن کي ڳائڻ به سيکاريندي آهيان. مون روبينه قريشي، زرينه بلوچ ۽ مرحوم ممتاز عباسي جن کي به راڳ سيکاريا آهن ۽ اڄ اهي توهان جي آڏو آهن.

س: تعليمي اداري ۾ اچڻ جو آغاز توهان ڪڏهن کان ڪيو ۽ ڪهڙن ڪهڙن عهدن تي فائز رهيون.

ج: 1940ع ۾ جڏهن مون بي-اي ڪئي ته پوءِ مان نوڪريءَ ۾ آيس. نوڪريءَ جو آغاز مون ٽريننگ ڪاليج ۾ بحيثيت ميوزڪ ٽيچر جي ڪيو. اتي رهڻ ڪري مون کي پڙهائڻ جو به موقعو مليو. اهڙي طرح مان اڳتي وڌندي رهيس ۽ گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول حيدرآباد، هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۽ ڪمپرهينسوِ اسڪول حيدرآباد جي هيڊ مسٽريس رهيس پوءِ مون ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي چارج سنڀالي ۽ ان پوسٽ تي رهي ڪري مان رٽائر ٿيس.

س: ٿر جي حوالي سان اوهان جون خدمتون مثالي آهن اِهو جذبو توهان کي ڪيئن پيدا ٿيو.

ج: 1940ع ۾ جڏهن مان ٽريننگ ڪاليج ۾ نوڪري ڪئي ته اُتي پوري سنڌ مان ڇوڪريون ٽريننگ ڪرڻ لاءِ اينديون هيون. انهن ۾ ٿر جون ڇوڪريون به هونديون هيون. اهي پڙهائيءَ ۾ گهڻيون هوشيار هيون. خاص ڪري حسابن ۾. انهن ڇوڪرين جي غربت ۽ سادگيءَ مون کي گهڻو متاثر ڪيو. وري هاسٽل ۾ رهڻ ڪري منهنجو گهڻو وقت به انهن سان گڏ گذرندو هو، سو مون اها ڪوشش ڪئي ته انهن کي همٿائجي، جيئن هو ڪنهن کان پوئتي نه رهن. ان وقت خاص ڳالهه اها هئي جو هندو ۽ مسلمانن ۾ ڪو خاص فرق ڪونه هو. نالا به ساڳيا هوندا هئا، ته ڪپڙا به هڪجهڙا پائينديون هيون. جڏهن يونيفارم ٿيو ته مون مسلمانن کي شلوار قميص ۽ هندو ڇوڪرين کي ساڙهي پائڻ سيکاري ان دوران ڪيترائي دفعا ٿر ويس اتي وڃڻ کانپوءِ مون کي وڌيڪ معلومات ٿي ڇاڪاڻ جو ٿر ۾ بيروزگاري گهڻي هئي، سو مون اُتي جي ڇوڪرين کي نوڪريون وغيره ڏياريون. مجموعي طرح ڏٺو وڃي ته ٿر ۾ گهڻا Visit منهنجا آهن.

س: جيئن ته توهان جو تعلق تعليم سان رهيو آهي ته اسان جي پڙهندڙن کي ٻڌائينديون ته تعليم جي معيار ڪِرڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟

ج: اهو اسان جو پنهنجو ڏوهه آهي. هاڻي استاد، استاد نه رهيو آهي ۽ شاگرد، شاگرد نه رهيو آهي. جڏهن اسان پڙهندا هئاسين ته ان وقت اسان کي فِري پيرڊ جي به خبر نه هوندي ۽ نه ئي رسيس جو خيال هوندو هو. شاگرد کي اهو خيال هوندو هو ته اسان پڙهڻ آيا آهيون ۽ اسان کي علم حاصل ڪرڻو آهي. استاد کي ذهن ۾ اهو هوندو هو ته اسان کي علم ڏينو آهي ۽ ان جي عيوض معاوضو ملندو.

اڄ ڪلهه جڏهن مان استاد جي غير ذميواري ۽ شاگرد جي لاپرواهي ڏسندي آهيان، ته ڪنڌ شرم کان جهُڪي ويندو آهي، ته اهي جيڪي اسان جي ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جا معمار آهن، اهي ڇو اڳيان اچڻ بدران پوئتي وڃي رهيا آهن؟ جيڪڏهن تعليم جو اهڙو ئي حال رهيو ته پوءِ اسان ايندڙ نسل کي ڇا ڏينداسين؟ Teaching هڪ پيغمبري پيشو آهي ان کي ائين پامال نه ڪجي جو ايندڙ نسل لاءِ سواءِ تباهيءَ جي باقي ڪجهه نه رهي.

س: توهان جي خيال ۾ ڪهڙا اُپاءَ ورتا وڃن جيئن تعليم جو معيار بهتر ٿئي؟

ج: ان لاءِ فقط سچي دل کپي. جنهن ۾ به پنهنجي قوم جي ڀلي جو جذبو هوندو اهو هميشھ ڪامياب ٿيندو پر جيڪڏهن اسان قوم جي ڀلي بدران فقط پنهنجي ڀلي جو سوچينداسين، ته پوءِ هڪ ڏينهن اسان جي قوم خدا نه ڪري نِيست نابود ٿي ويندي.

مان توهان کي هڪ واقعو ٿي ٻڌايان جڏهن مان ٽريننگ ڪاليج ۾ هئس، ان وقت هڪ دفعو ڪاليج ۾ فنڪشن هو. ان لاءِ ڊرامن وغيره جي تياري ٿي رهي هئي. مان به سڄو ڏينهن تياريءَ ۾ مصروف هوندي هئس. پهرين تاريخ تي جڏهن مون کي پگهار ملي ته مان کڻي گهر اچي رکي. شام جو جڏهن مان پرس مان پئسا ڪڍڻ لڳس ته پرس مان پئسا غائب هجن. ڪافي تلاش کانپوءِ مان مايوس ٿي ويس. اڌ رات جو ننڊ ۾ منهنجي ڪنن ۾ آواز آيو ته ”پڙهايو ڇا اٿئي جو پئسا گهرجن.“ صبح جو مان اٿيس ته پئسن جو خيال مون ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ته واقعي سڄو مهينو ته ڊرامن ڪرائڻ ۾ گذاريم ته پوءِ پئسا ڇا جا ملندا؟ پر اها ڳالهه مون کي اڄ به سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته پئسا ويا ڪيڏانهن.

 ان واقعي کانپوءِ مان پڙهائڻ جي معاملي ۾ لاپرواهي نه ڪئي. جيترو عرصو به مان تعليمي اداري ۾ رهيس پنهنجي پيشي سان وفادار رهيس. سو  جيڪڏهن اسان به پنهنجي ضمير جي آواز تي ڌيان ڏيون ته پوءِ تعليم جو معيار بهتر ٿي سگهي ٿو.

س: توهان پنهنجي دور ۽ اڄوڪي دور جي عورتن جي آزادي ۾ ڪيترو فرق محسوس ڪيو ٿيون؟

ج: هاڻي واري آزادي غلط طريقي واري آزادي آهي. اسان فقط برقعو نه پاتو پر پابندي واري ماحول ۾ پرورش ٿي اسان ڪڏهن به ڇوڪرن سان ويهي ڪچهريون نه ڪيون، جيئن اڄڪلهه ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ڇوڪرين کي منع ڪجي ته جواب ملندو اسان گڏ پڙهون ٿا پوءِ ڇا ٿيو؟ پڙهڻ جو مقصد اهو هرگز نه آهي ته اسان پنهنجي آس پاس جي ماحول کان بلڪل لاپرواهه ٿي وڃون، جو ٻيا ماڻهو اسان جي ڪردار تي آڱريون کڻن. پر ڇوڪرين کي هميشھ اهڙو قدم کڻڻ گهرجي، جنهن ۾ والدين جي رضا شامل هجي، پر اڄڪلهه حالت اها آهي، جو ڇوڪريون ته ڇا پر ٻار ئي والدين جو چوڻ ڪونه ٿا ڪن.

س: عورت جي ڪيتري حد تائين آزادي چاهيو ٿيون؟

ج: مان عورت جي آزاديءَ جي حق ۾ بلڪل آهيان، پر ان لاءِ هڪ دائرو هجي ان ۾ رهي ڪري ڪم ڪري ان حد يا دائري کان ٻاهر نڪري ڪم ڪندي، ته سندس لاءِ ئي بدنامي آهي. عورت جڏهن اسان جي ملڪ ۾ وزيراعظم ٿي سگهي ٿي، ته پوءِ ڇو نه اسان کي قدرت پاران جيڪي علم مليو آهي، اهو ٻين تائين پهچايون – پر هتي وري ساڳي حد جي ڳالهه آهي ته ان اندر رهي هر ڪم ڪجي ۽ وڏن جي صلاح ۽ خوشي به ان ۾ شامل ڪجي.

س: توهان کي مختلف حوالن سان سڃاتو وڃي ٿو. فنڪار، استاد، سوشل ورڪر ۽ هڪ سٺي  آفيسر. هڪ ئي وقت ۾ سڀني شعبن سان ڪيئن انصاف ڪنديون رهيون آهيو؟

ج: اها ڪا مشڪل ڳالهه ڪونه آهي. ڳائڻ منهنجو شوق آهي، جنهن کي مان پورو ڪندي رهندي آهيان. باقي پڙهائڻ منهنجو پيشو هو. جنهن سان مان ڪوشش ڪري هميشھ وفادار رهيس. باقي سماجي ڪمن ۾ مان ٻين جي ڀلي لاءِ حصو وٺندي آهيان، ته جيئن سنڌ جو غريب ۽ مسڪين طبقو ڪنهن کان پوئتي نه رهجي. بلڪه اهي جيڪي ٻهراڙين ۾ رهن ٿا، سي به اڳتي اچن ۽ تعليم جي زيور سان آراسته ٿين، انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان، جيئن انهن ۾ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿئي ۽ ڪنهن جا محتاج نه ٿين.

س: نئين ٽهيءَ جي اديبن ۽ شاعرن کي توهان پڙهيو هوندو، انهن جون لکڻيون ۽ شاعري ڪيئن ٿي لڳي.

ج: نئين ٽهيءَ جي شاعرن جو زور گهڻو آزاد نظم تي آهي. آزاد نظم ڪڏهن ته مزو ڪري ٿو پر ڪڏهن سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿو اچي، ته نظم آهي يا سبق پيو پڙهجي. شاعري اهڙي هجي جنهن جي پڙهڻ سان مزو اچي. پر ڪجهه شاعر اهڙا آهن جن جي سٺي شاعري آهي. باقي اسان جي ليکڪن کي گهرجي ته اهي اسان جي سنڌي قوم لاءِ، شاگردن لاءِ ۽ غريب ڳوٺاڻن لاءِ ڪجهه لکن.

اسان کي به گهرجي ته اسين انهن ليکڪن ۽ شاعرن کي اتساهڻ لاءِ ڪو ايوارڊ وغيره ڏيون جيئن هو اڃا اڳتي اچن ۽ سندن همت وڌي. باقي سفارشي يا سڃاڻپ جي بنياد تي ڪنهن به ليکڪ يا شعر جي حوصلا افزائي نه ڪجي پر لکڻ وارو ڪير به هجي، جيڪڏهن سٺو لکيو اٿس ته ان جي تعريف ڪجي. ان کي نظرانداز نه ڪجي، ڇو ته اها ان سان زيادتي ٿيندي.

س: اڄڪلهه توهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟

ج: منهنجو گهڻو وقت گهر ۾ گذري ٿو. ڇاڪاڻ جو پُٽُ ۽ ننهن ڊاڪٽر هجڻ ڪري مصروف رهن ٿا. ان کانسواءِ گرلس گائيڊ ائسوسيئيشن جي ميمبر آهيان. جيڪڏهن ڪٿي تعليمي ۽ ثقافتي محفلون وغيره ٿينديون آهن ته انهن ۾ ڪوشش ڪري شريڪ ٿيندي آهيان.

نالو: مسرت شيخ      ڄم جي تاريخ:  1963-10-14

ڄم جو هنڌ: شڪارپور.       تعليم: ايم. اي (اڪنامڪس)، بي. ايڊ.

ڪرت: لئڪچرر:

لکڻ جو آغاز اردو اخبار ”امن“ ۽ ”مساوات“ ۽ 1979ع کان سياسي مضمونن سان ڪيم پر جلد ئي اهو سلسلو ختم ٿي ويو، پوءِ 1989ع کان ”عبرت“ ”اخبار عبرت مئگزين“  ۽ ”سنڌو“ ۾ لکڻ شروع ڪيم. مضمون، ڪالم ۽ رپورٽن کانسواءِ ڪيترين ئي سياسي، سماجي، ادبي ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ شخصيتن جا انٽرويو ڪيا آهن. جيڪي وقت به وقت شايع ٿيندا رهيا آهن. ان کانسواءِ پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهائڻ دوران اُتان نڪرندڙ رسالي جي ايڊيٽر پڻ رهي آهيان.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com