سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :13

مقصود گل

غزل

ڪُلفتن کي ڪنڌ ۾ ڦاهي وجهي،

نفرتن جا نوڙ ساهيندا رهيا.

 

دوست، هن شهر جا راکا سدا،

پيار جا محلات ڊاهيندا رهيا.

 

روشنيءَ جي دشمنيءَ ۾ ديوتا،

ٻاٽ کي دل ساڻ چاهيندا رهيا.

 

پنهنجي مقصد لئه قضا جا پاسبان،

عصمتن جي لاک لاهيندا رهيا.

 

سنڌ تنهنجون سرحدون ڊاهڻ جي لئه،

سازشي سَوَ ٺاهه ٺاهيندا رهيا.

 

اقتداري لوڀ ۾ انڌا ڍڳا،

ماڻهپي جو ڳاهه ڳاهيندا رهيا.

 

سچ جي ساکي فقيرن جي مٿان،

ڪئي ڪتا ڀونڪيا ۽ باهيندا رهيا.

 

پو به ڪي سرهاڻ جي سيوا ڪندي،

گل کڻي گلدان ٺاهيندا رهيا.

*

 

سانول

گهاءُ

هو رسيور کڻي نمبر ملائي ٿو. رنگ وڃي ٿي. ”هيلو! ...... ڪير؟ شيبا“ ”ها- ۽ توهان؟“ مان توکي سُڃاڻان، پر تون نه.“ ”توهان کي ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي؟“ ”ڪير آهي شيبا؟“ پريان کان آواز اچي ٿو. اهوئي مڌر آواز، جيڪو جڏهن ريڊيو تان نشتر ٿيندو هو، تڏهن هلندا بيهي رهندا هئا. اهو آواز ئي هُما جي سڃاڻپ بڻجي ويو هو. ڪجهه دير چُپ ٿي ٿي وڃي. شايد شيبا فون تي هٿ رکي ٿي ڇڏي. ”هيلو!“ اُهوئي مڌر آواز. ”مان آهيان- فون سامهون پئي هئي. سوچيم ته توهان کان شام واري ڳالهه جي معافي وٺان. دراصل، مون پنهنجي ليکي سمجهي ورتو آهي، ته توهان کي منهنجي ڳالهه هرٽ ڪيو آهي. منهنجو توهان تي طنز ڪرڻ جو- مان ته اهو سوچي به نٿو سگهان. ٺيڪ آهي انهن ڏينهن مان ريڊيو جو هڪڙو معمولي انائونسر هوس. ايئرڪنڊيشنڊ اسٽوڊيو ۾ تنهنجي وجود سان گرمي هوندي هئي ۽ مان توکي الوداع چوڻ لاءِ مين گيٽ تائين ڇڏڻ هلندو هوس. ۽ رڪشا ڪري ڏيندو هوس ۽ تيستائين بيٺو هوندو هوس، جيستائين رڪشا پريس ڪلب وٽ اوجهل نه ٿي ويندي هئي ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن مان توسان جيئن ٻاهر گيٽ تائين آئس ته هڪڙي ڪار اُتي اڳيئي بيٺي هئي تنهنجي انتظار ۾. ۽ تون هلي ويين. ڪورٽ واري سائيڊ ڏانهن. مان بيٺو ئي رهيو هوس. پر تو پٺيان مُڙي هٿ نه لوڏيو هو. پوءِ تو شادي ڪئي ۽ آمريڪا هلي ويين ۽ اتي ئي سيٽل ٿي ويين. تون ٻُڌين پئي نه؟ ۽ پوءِ مان به حيدرآباد بدر ڪري ڇڏيو پاڻ کي! ۽ پوءِ ڪيڏا زمانا گذري ويا! (اهو اونهو ساهه ٿو ڀري) ۽ سڀڪجهه ڪيڏو نه بدلجي ويو هو! نه اُها حيدرآباد رهي هئي، نه ئي اُهو مان- ۽ نه ئي اُها تون! ها، پر تنهنجو آواز نه بدليو هو. اُن ۾ اُهائي مڌرتا هئي ڄڻ ڪٿي روپيون گهنٽيون وڄنديون هجن. مون فوراً پٺيان مُڙي ڏٺو هو. تون پٺيري بيٺي ڪنهن سان ڳالهائي رهي هيين. مان توڏانهن وڌي آيو هوس ۽ تنهنجي سامهون اچي بيهي رهيو هوس. سورج مُکيءَ وانگي! تو لمحي لاءِ منهنجي اکين ۾ ڏٺو هو ۽ پوءِ منهنجو نالو کنيو هو ۽ پنهنجي ڌيءَ شيبا سان ملايو هو......هيلو......تون ٻڌين پئي نه! سچ هُما، مان تنهنجي ريسپيڪٽ ڪريان ٿو ۽ ويساهه ڪر ته جڏهن مون تنهنجي مڙس جي باري ۾ پڇيو هو ته ايم ڊي صاحب خوش آهي، تڏهن منهنجو مطلب طنز ڪرڻ بلڪل نه هو......هُما، ڏس-ڏس تون روئي رهي آهين...... مان شايد تنهنجا چاڪ چوري ڇڏيا- پر پليز، سچ ته مون کي اها به خبر نه هئي، ته هاڻي شيبا جو پيءُ هن جهان ۾ ناهي! هُما، پليز، تون روُءُ نه! ڏس نه- مان ته توکي رومال به نٿو ڏئي سگهان- هيلو-هيلو-! ڏس هُما، مان هڪڙو ڀيرو وري به پنهنجا لفظ ورجايان ٿو، ته تنهنجي لاءِ منهنجي دل ۾ بيحد ريسپيڪٽ آهي.

”ڇا صرف ريسپيڪٽ؟“ هوءَ سُڏڪي کي لفظن ۾ اوتي ٿي ۽ فون ڊسڪنيڪٽ ٿي ٿي وڃي.

 

مظهر ”امر“

نظم

ڪي پل ٻه ٽي تون سوچ ته ڪر

هن من ڪپيءَ ۾ لڙڪ نه ڀر

ڪٿ تنهنجو رين بسيرو هو

ڪنهن دل ۾ تنهنجو ديرو هو

تون آيو هئين هت پل ٻه ٽي

رُتِ جا ڪيئي گُلَ پَٽي

ڪو ساڳيا سي ئي گُل کڻي

ايندو آهي جهول ڀَري

۽ تنهنجي پيرن ۾ ويهي

جو ويندو آهي روز ڇَٽِي

چئه ساروڻيون به نه ساريندين

ڇا پنهنجو پاڻ وساريندين؟

ها هي به تصور باقي آ

سنسار ته سارو ڏک هيو

هر ڪنهن کي پيڙا پيڙيو هو

چئو ڪنهن جي دل کي سُک هيو

ڪيئن تنهنجي نيڻن لڙڪ ٻه ٽي

آڌي ويل لڪايا ها!

۽ اندر پنهنجي کي ڪوري

ڪي گيت ٻه ٽي تو ٺاهيا ها

سي گيت به ڄڻ من ميت هئا.

ڪلهه ڌريءَ جيڪي ڳايا ها.

ها تنهنجي ساڳي ڪوتا ا

جا توکي امرتا بخشي ٿي

تون پاڻ ته ڪائي شيءِ ناهين

ڇاهين بس تون مِٽي آهين.

پر تنهنجي ٺاهيل ڪوتا سا

ها تنهنجي ڳايل ڪوتا سا

آ اَڄُ به ڌرتيءَ تي ساڳي

جا سالن کان آ جاڳي

جنهن وقت وَڃي ٿو سجُ لهي

ڪنهن ڳاڙهي ريٽي ڍاڪونءَ ۾

پو تنهنجي ڪوتا نيڻ کڻي

توکي ٻيهر ڳولهي ٿي

۽ ڌرتي ساري ڦولهي ٿي

ها اُن سَمي ها اُن سمي

ٿو اُڀ ڏي ڪوئي واجهائي

۽ مڌر سُرن ۾ توکي ڳائي

ٿو  پنهنجو من بهلائي ڪو

سا تنهنجي محنت پوري آ

چئجي ڪيئن اَڌوري آ

توڻي ساڳي دنيا ۾

ڪو تنهنجو رين بسيرو ناهي

پر ساڳي در جي چانئٺ تي

تنهنجو اڪريل پيرو آهي

تنهنجو ساڳيو چهرو آهي

ها تنهنجو ساڳيو چهرو آهي.

 

بانو محبوب جوکيو

جن جي گودڙين ۾ گُل

 

ذري گهٽ سڄي رات تڪليف ۾ گذاري، هوءَ هاڻ اسپتال ۾ داخل ٿي هئي. سندس تڪليف ۾ ڪجهه ٺاپر آئي هئي، جنهن جي سبب جي به کيس ڄاڻ ڪانه هئي، هن کي بس! اها سا ڄاڻ پئي هئي رات کان ته ”هر عورت ماءُ ٿيڻ لاءِ ڪيڏو  نه سور سهي ٿي!“ هوءَ سوچي رهي هئي؛ ”دنيا جي هيڏي مخلوق ائين جنم ورتو آهي. هئه! عورت!!! ...... زندگيءَ ۾ ڇا سور سهڻ لئه گهٽ اٿس، جو! ......حق! تي لطيف چيو ئي ائين عورتن لاءِ ته ا”چو! ڙي! سورن واريون“......

هوءَ سوچي ٿي ته؛ فلمن ۾ ته ڏيکاريندا آهن، ههڙي حالت ۾ ته مڙس ۽ مائٽ ٻاهر پريشان پيا ڦرندا آهن. اوسيئڙو ۽ پريشاني سندن چهرن تي کپ کوڙي ويهندي آ- پر مون سان گڏ صرف هڪ پاڙيواري جنهن جي دل کي ته لوڏو ئي ڪونهي. ”ادل جي گهر مهمان، منهنجي دل کي لوڏو ئي نه.“ وانگر، مان هن حالت مان گذري هان! جو زندگيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ به تيار آهيان پر...... وڌيڪ هيءَ تڪليف سهي نه ٿي سگهان ۽ هوءَ آهي جو ڍڪر پئي کائي.“ کيس اوچتو ياد ٿو اچي جڏهن هوءَ ڪنواري هئي تڏهن ڀاڄانئس تي به ههڙو وقت آيو هو ۽ هن کي ڪابه پرواهه ئي ڪانه هئي. ورندو گوڙ تي لمحي لاءِ ننڊ مان اٿي کڙي ٿي هئي اڌ رات جو...... ۽ چڙ کاڌي هئائين، دل ئي دل ۾. پوءِ سُتت ئي لت ڊگهي ڪري سمهي پئي هئي. نه صرف ايترو پر جڏهن ڀاڄانئس پيٽ سان ٿيندي هئي ته چوندي ئي ائين هئس ته؛ ”وري ڪهڙي لوڙ پئي اٿئي! ...... وري الائي ڪهڙي رات ننڊ حرام ڪندين. ڪجهه ته خدا جو خوف ڌار. هيئن ڪنهن جون ننڊون حرام ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي.“

......پر اڄ کيس پنهنجي ڀاڄائيءَ سان عجيب قسم جي همدردي پئي جاڳي ۽ سوچي رهي هئي؛ ”ڇا هوءَ به ويچاري اهڙي ئي پلصراط مان گذري هوندي؟ ...... ۽ هيءَ پاڙيواري جنهن کي ست ڌيئر ٻه ٻه پٽ آهن. ڇا هن به هر ٻار سان هيڏي تڪليف سَٺي هوندي. هڪ ٻار هوندي مون سان هيءَ حالت آهي ته هن ويچاريءَ ته......

ڪيئن......؟ عورت کي ڪمزور ۽ نازڪ سڏيو ٿو وڃي. جيتوڻيڪ هوءَ ڪيڏو نه سَرَ تي سهي ٿي...... مرد عورت ڪيڏو عجيب رشتو آهي انهن ۾ آدم ۽ حوا کان وٺي...... ڏاڏي حوا به ماءُ هئي هن به ٻار ڄڻيا هئا ...... ڇو ڪڍيو هئائينس آدم کي؟ ...... سزا ملي اٿس، کيس جيڪا پاڻ به ڀوڳيائين پر  اسان لاءِ به ڇڏي وئي. سچ! چوندا آهن ته: ”ڪنهن جو ڪيتو ڪير لوڙي“ عورت ايڏي بيوقوف ڇو آهي؟ مرد جي چند پيار ڀرين ڳالهين (جن مان ٿُلهي ليکي رڳو ڳالهيون هونديون آهن) ۾ اچي پنهنجو سڀ ڪجهه داوَ تي لڳائي ڇڏي. محبت ۾ به عورت گهڻو ٿي ڀوڳي. محبت ۽ ڀوڳنا جو رشتو جيئن امر آهي تيئن عورت جو به انهن سان- اهو قدرت جو تخليق ڪيل ”ٽيڙو آهي. ٿلهي ليکي ڏٺو وڃي ته عورت جنهن شيءِ کي هن دنيا ۾ اڪثريت سان چاهي ٿي اهو مرد ئي آهي. پوءِ اهو محبوب، ڀاءُ، پيءُ، مڙس وغيره جيڪو هجي ۽ هوءَ ڀوڳنا جا حاصل ٿي ڪري. اهو به انهن هٿان يا انهن خاطر- جيئن ڪنهن چيو ته: ”ڪنهن به سٺي مرد پويان ڪنهن عورت جو هٿ هوندو آ“ ائين عورت جي تباهي پويان ڪنهن نه ڪنهن مرد جو هٿ ضرور هوندو آ.“

هن جو اوچتو مڙس ڏي خيال هليو ٿو وڃي سوچي ٿي؛ پيار ڀريون ڳالهيون ڪرڻ ويل ته ائين لڳندو آ ڄڻ! اجهو ٿو آسمان ڪيرائي. منهنجي رڳو ڀوڳ ۾ ڪيل انگل تي گڏ رهڻ جا قول، هر پل ياد سهاري گڏ. گڏ هجڻ جو احساس ڏياريندڙ...... ۽ حال اهو اٿس جو ائين پئي آهيان بي سهارن جيان ۽ پاڻ ٽوئر تي ويو هليو آ. ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي عورت پيٽ ۾ ٻار سانڍي، ڄڻي ۽ نپائي به ۽ مرد آرام سان گهمندو وتي ٿو! عورت تي ڪيئن ٺپو لڳي ٿو وڃي ۽ مرد هر محفل ۾ ائي ٿو پهچي ڄڻ ڪنوارو آهي. هنن تي وڏن ماڻهن جيان ڪو به ثبوت ظاهر نه ٿو ٿئي. مون وارو مڙس به اڄ ٽوئر تي ويو آ. اتي آرام سان گمهندو هوندو ۽ آءُ! ......هتي موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ آهيان.“

سوچي ٿي: ”مائرون ڌيئرن کي ڪيئن لمحي به لمحي اهو احسان ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته: ”وِهه کائي رنون! توهان کي ڄڻيو آهي.“ مردن کي ته ڪڏهن ناهن چونديون. هونئن به عورت ويچاري تي ماءُ اهو ڪهڙو ٿي احسان ڪري ته هڪ ڄڻي ”کيس“ ڏکن جي وات ۾ ٿي وجهي ۽ ٻيو ته هوءَ صرف هڪ سر ڪاڻ، يا هوءَ جا هڪ سر ”ماءُ“ کي تڪليف ٿي ٿئي ان جي عيوض هوءَ نه ڄاڻ ڪيترن ٻارن کي جنم ڏئي ٿي ۽ ڪيترن سرن جو سور سهي ٿي هن سان ته ”هڪ ڀوتار، سئو جوابدارين“ واري ڪار آهي. باقي مرد تي سو نِجو احسان ٿي ڪري.“

الا! ...... رکي، رکي ڄڻ سور ٿا جاڳنس. سوچي ٿي؛ ”رڙيون ڪيان!“ ...... پر هي سڀ ڇا سوچيندا؟“ جيڪو وڻين سو سوچين منهنجو ٿو سِرُ وڃي ۽ ......شابس ! ...... انهن ڪنوارين عورتن کي جيڪي مائرون ٿينديون هونديون بنا شادي جي- اسان رڙيون ته ڪري سگهون ٿا پر هنن ويچارين سان ته اهو به ويڌن هوندو جو رڙيون به نه ڪري سگهنديون هونديون بدنامي سببان. وري لک آفرين اٿن جو هيڏن سورن سهڻ کانپوءِ سورن جي مجموعي کي وساري هڪ عدد سورن جي ٻئي مک مجموعي ”ٻار“ کي ڦٽو ڪرڻ جي سگهه ساري سگهن ٿيون. مان ات هجان ته منهنجو هانو ڦاٽي پوي. ڀل ته هڪ انسان جي فريب جي ڏوهه ۾، سڀ انسان مون تي ٿڪ لعنت ڪن پر ٻار کي ڇڏڻ ۽ سورن کي وسارڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي...... پر وري ماڻهو ان عورت ۽ ان ٻار کي جيئڻ ڪٿ ڏيندا آهن. (ٻئي لمحي) ...... لعنت پئي آهي مردن تي. حوا کي گهربو هو ته آدم کي اُتي جو اُتي گهٽو ڏئي ماري وجهيس ها. بيوقوف عورت! جا ڏاڏي ٿي سڏجي ته به عقل نه هئس. ورندو آدم کي هن منزل تي رسايائين جو کيس چاهڻ ۽ پوڄڻ جو درجو ڏنائينس.“

”اف! ...... اگر مون کي خبر هجي ها! ته...... مان ته جيڪر اصل نه شادي ڪيان هان! وري ٻاري ته مون پنهنجي هٿن سان پاڻ، جو سندرو ٻڌي بيٺم ته .شادي ڪندم ته ان سان!“ خبر هجيم ها ته هي به ڏينهن ڏسڻو پوندو ته مائٽ کڻي ماري مُڃَ ڪنم ها ته به شادي نه ڪيان ها!“ خيرالنساءِ سچ چيو هو ته: ”شادي پيرن ۾ جنت حاصل ٿيڻ خاطر، سر تي دوزخ سهڻ جو نالو آهي.“ اف! مايون ويچاريون هيڏا سور سهنديون آهن پوءِ به کين اولاد تي اهو به حق ناهي هوندو ته ٻار جو نالو کڻي رکن. پنهنجن مڙسن ۽ تقديرن هٿان به موچڙا کائينديون آهن. اولاد جوان ٿئي ته به هن جو ان تي ڪوبه وس نه هلي. وري ويچاريون گهر جو به ڪم ڪن. پورهيا ڪن، مڙسن جي خدمت ڪن، پٽن تي ساهه ڇڏين. ماڻهن ۽ ماين، سسن ۽ پاڙيوارن جا مهڻا سهڻ، پيڪا ڇڏڻ ۽ انهن جا پل، پل پور پوڻ، ڪيڏو ڪجهه سهن هي ويچاريون عورتون......“

کيس ياد ٿو پوي جڏهن ماڻهس ڪنهن ڳالهه تي چوندي هئي: ”امڙ ڌيئر ڄمن به ڏکيون پٽ ايترو سور ڪونه سهائن جيڏو هي رنون. ڄمڻ ويل ته سور ڏين پر پوءِ به هنن جا سور سِرَ تي. امان اسان ڀيري چوندي هئي ته ”هنن رنن بلائن جا وڏا سور آهن!“ اسان چوندا هئاسينس: ”اسان ڪيو ڇا آ جو هن امڙ کي اچي تڪليف ٿي آهي؟“ هاڻ اهي اکر آڏو ٿا اچن.

هوءَ ڊاڪٽرياڻين، نرسن ۽ گهمندڙ، وارثن يا داخل ٿيڻ لاءِ آيل يا آندل مريضن کي ڏسي سوچي رهي هئي؛ هي سڄي خلق عورتن ڄڻي آ. هي جيڪي سڀ سياسي، ادبي، تفريحي ميڙن ۾ ماڻهو گڏ ٿيندا آهن. اهي سڀ عورتن ڄڻيا آهن سو به ههڙي حالت ۾ هڪ، هڪ ڪري. هوءَ ايندڙن، ويندڙن کي ڏسي سوچي رهي هئي؛ ڪيئن! آرام سان گهمن، ڦرن ۽ بعضي، بعضي کلي يا مرڪي رهيا آهن ۽ مان...... ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪا عورت هن ويل سور پئي کائي ماءُ ٿيڻ لاءِ...... پر اها ته عام ڳالهه هوندي آ ٻين لاءِ ڇا لاءِ ته عورت سان ته جُڳن کان ائين ٿيندو پئي آيو آ. جنگ جي ميدان ۾ زخمي ٿيل سپاهي جڏهن ڪجهه وقت سور سهي ساهه کان آجو ٿيندو آ يا ساهه کي آجو ڪندو آهي تڏهن هو ”شهيد“ سڏبو آهي  هن جو نالو تاريخ ۾ ايندو آهي ته (فلاڻو) ......شهيد- پر عورت (ماءُ) هر دفعي ههڙي ميدان ۾ سور سهندي آئي آ ۽ غازي، ڪڏهن شهيد ٿي آهي پر هن جو ته ان ڪارنامي، بهادري جو به ذڪر تاريخ ۾ هن جي نالي يا ذات سان نه ٿو اچي- ها البت جڏهن هوءَ ٻيو ڪارنامو ڪندي پنهنجي اولاد کي ڪنهن ميدان ۾ لاهيندي آ ۽ اگر هو پاڻ ملهائيندو ته سواءِ هڪ اڌ جوشيلي تقرير، جنهن ۾ ڄاڻايو ويندو آ ته ”ڀاڳن ڀري آ اها ماءُ جنهن (فلاڻي) ...... جهڙو پٽ ڄڻيو...... ٻيو ڪل پيران دا خير.“

ڊاڪٽرياڻي جڏهن ٻڌايو هئس ته: ”اسان وٽ صرف آخري حيلو آ، توهان ۽ توهان جي ٻار کي بچائڻ جو اُهو آهي آپريشن- ۽ اگر اڃا اها حالت رهي ته ڪهڙي خبر ٻار مري به سگهي ٿو. ڇا لاءِ ته سورن جي ٿڌو ٿيڻ سان اهو خطرو وڌي وڃي ٿو.“ تڏهن هن کيس همٿ ڀرئي لهجي ۾ چيو هو: ”ڊاڪٽر! ڪيو آپريشن! ...... پر جلد!“

پر ڊاڪٽرياڻي جڏهن چيس ته: ”آپريشن لاءِ توهان جي وارث جي اجازت هئڻ ضروري آهي. اسان اڳ به اٻهرائي ڪري تمام سيريس حالت ۾ اجازت کانسواءِ آپريشن ڪئي ته ان عورت جي وارثن اهڙو ته گوڙ ڪيو جو هنن اسان کي ڪورٽ جون به ڌمڪيون ڏنيون. بهرحال! ......“ ......۽ هو ڄڻ وسامي وئي ۽ سوچڻ لڳي؛ ”ڇا هن جي اجازت کانسواءِ آپريشن نه ٿيندي. اف! ......الا! ......منهنجي سِرَ سان لڳي آ ۽ هنن کي اجازت جي اچي لڳي آ- هُو هت آهي ئي ڪونه. اجازت وري آڱوٺي جي ڏيندو. کڏي پيو......! مان پاڻ ئي اجازت نامي تي صحيح پائيندس ڇا لاءِ ته منهنجو ڪوبه وارث ناهه. (وري احساس ٿيس) هي ڇا پئي چوان! هڪ ماءُ ۽ مڙس آهي. (ماءُ جو خيال ايندي ئي) ......اڙي! امڙ!...... تو به مون کي ڄڻڻ لاءِ ايترو سور سٺو هوندو- مون ته ڪڏهن سوچيو به نه هو! هاڻ تنهنجي خدمت ضرور ڪندس. اگر منهنجو اولاد منهنجي خدمت نه ڪندو ته ڪيڏو ڏک ٿيندو! توکي به اوڏو ئي ٿيندو هوندو!“

هوءَ آپريشن لاءِ آپريشن ٿيئٽر پهتي ۽ جڏهن هن کي سئي لڳائي وئي تڏهن هن محسوس ڪيو ته کيس آهستي آهستي ننڊ پئي اچي. ايڏي ساري اوجاڳي کانپوءِ هوءَ سوچي رهي هئي؛ ”تڪليف کي دور ڪرڻ لاءِ ننڊ ئي بهتر آ. پوءِ اهو ٿوري وقت لاءِ ئي ڇو نه“ کيس به ڪافي اوجاڳي کانپوءِ ننڊ پئي آئي.

جڏهن هوش آيس ته هن جا حواس به ڄڻ جاڳي پيا. الا! ......منهنجي پٽ کي ڇا ٿي ويو آهي. هي ڇا پيو ڌَوين- هان! ......ائين پيو لڳي منهنجو پيٽ ڪپجي ويو آهي. هاءِ! ......الا! ...... هي وري ٻئي مهانڊي جو سور. منهنجي پيٽ جي کل ڄڻ جلي رهي آهي ڄڻ! ڪُري پيو زخم. ڄڻ! کوڙ سارا ڪيڙا ۽ جيت منهنجي زخم ۾ چڪ پائيندا هجن ۽ زخم ڏکائيندا هجن. منهنجي نڙي خشڪ ٿي وئي آ-لڱن ۾ ڄڻ طاقت ئي ناهه ٻانهن ڪٿ ڄڻ جهلجهي وئي  آ(پاڻي لاءِ سڏ ۽ موٽ ۾ جواب؛ هان! ......پاڻي ناهه پيئڻو! ...... پر ڇو؟ ......آپريشن سبب! ......ٽاڪا لڳا آهن ان ڪري...... هاءِ ! ته ڇا مان پاڻي به پي نٿي سگهان ٽي ڏينهن!! ...... ماني به نه ٿي کائي سگهان! سڀ شيون في الحال بند. ائي! مان مئس! هاءِ! ...... هي ڪهڙو وئل، هي ڪهڙي ڪربلا...... (بنا ڏوهه، ثواب) منهنجو سر ٿو وڃي. گهوڙا ڙي!! اف ! ......پلنگ تي اٿي ويهي؛ نه ٿي سگهان، هي ڪهڙو نئون وئل آ. آپريشن به آزار آ ٻيو ڇا!

”ڪيتري اڪيلائي آ! ...... ڪير به ڪونهي! يتيم سان ته ڀَلجي به شادي نه ڪجي. سو به هيڪلي سان نه مٽ اڳيان نه پٺيان. نه سس نه نڻان. هُونئن ڀلي وڙهي ڍانگيون ٿين، چوٽي پٽي هٿ تي ڏين پر هنن ڏکين ڏينهن ۾ ڪجهه ته ڪم اينديون.“

ٻار کي ڏسڻ جي ضد کانپوءِ ٻار کي ڏسي ٿي دل ۾ سوچي ٿي؛ هان! ...... هي آ منهنجو ٻار. نڪ ته ڏس! ڄڻ گهڙيل هجيس، نانيءَ، ڏاڏي هٿان. اکيون ته ڪيڏيون پياريون اٿس. صفا پيءُ تي ويو آهي! سور مون سٺا آهن ۽ شڪل وري صفا پيءُ جهڙي! ...... الا! ...... پيٽ ٿو ڪپجي ۽ ڪري (درد جو احساس) ...... هي هو پيٽ ۾؟ پر هي ڇا هي؟!! ...... هيءَ ڪهڙي تڙپ آهي اندر ۾!؟ ...... دل ٿي چئي هي رڳن ۾ گُهپيل سيون ۽ هي مٿي ٽنبيل ۽ لٽڪيل ٿيلهيون (ڊرپون) ڪڍي پري ڦٽي ڪيان ۽ هن کي ڀاڪر پائي، چميون ڏيانس کيس...... هان! روئي ٿو! ڏيو ته کير پياريانس! هان! کير پياريو ! اٿوَس! پر منهنجو ڇو نه؟ ...... الا! ...... ڀلا منهنجي ڀر ۾ ئي سمهاريوس. اڙي! ...... هي ننڍڙو فرشتو ته اکيون ٿو ٻوٽي. اڙي! ننڊ ٿي اچيس شايد شايد! ...... هن به اوجاڳو ڪيو آ. ننڍي ٻار جي ته هونئن به ننڊ ۽ ٿڃ سان ئي وهنوار، محبت هوندي آ. ڪيڏو نه پيارو ٿو لڳي! صفا پيءُ تي ويو آ، ٻه پير، ٻه اکيون ساڳيو آ ڄڻ! اڙي ......سُتو به پيءُ وانگر ئي آهي. ڪِنو! ...... اڃا ته پيءُ ڏٺو به ڪونه اٿائين. اڳيئي پيءُ وارا پير پيو کڻي.

ڀر ۾ ليٽيل مريضه جون دانهون ٻڌي ڇرڪي ٿي. سندس ٽاڪا ٽٽي پيا هئا. ڇا لاءِ ته سندس جسم جي کل ۾ اها صلاحيت نه هئي ته انهن سان منهن ڏئي سگهي. سندس پنهنجي زخم ۽ ٽاڪن ڏي خيال ٿو وڃي ۽ ڏڪي ٿي وڃي. ”ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو!“ اندر ۾ کٽڪو هڪ دفعو وري تڪليف ۽ سوچن جي سنگم سان. ۽ ائين هن جا حواس هن جي وس کان پلئه ڇڏائي آهسته آهسته ويندا رهيا ۽ هن کي ننڊ اچي وئي ۽ جڏهن هن جا حواس ڪجهه ڪم ڪرڻ جي قابليت کي اڃان ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته هن محسوس ڪيو؛ اڙي! هي ڇا؟!! ...... مون کي ننڊ مان ڇا سجاڳي پئي ٿي؟ ...... پر هي پنهنجي هٿ تي هن جي (مڙس جي) هٿ – ڇهاءُ ڇو پئي محسوس ڪيان!“ ڇا هي مان سپنو ڏسي رهي آهيان؟ ...... ڪهڙي نه! بيوقوف آهيان. آخر ٿيس جو عورت...... سپني ۾ به کيس...... (دل ئي دل ۾ فيصلو) ...... هاڻي اچي ته اصل نه ڳالهائيندي مانس! مون کي ههڙي حالت ۾ ڇو ڇڏي ويو. کيس ڄڻ خبر نه هئي! ته مان ڪنهن به وقت، ڪنهن به ڏينهن، هن حالت ۾ هت ئي پهچڻي هئس. سو به پهريون دفعو هو، پهريون دفعو ته ٻار کي اسڪول داخل ڪرائڻ يا ويهارڻ لاءِ به هن جا مائٽ ويندا آهن هت ته ......رڳو پاڙي وارن کي پارت ڇو ڪري ويو؟ پاڙيواريءَ کي مون سان رهڻ ۽ خيال رکڻ جي لاءِ التجا ۽ ايلاز ڇو ڪيائين؟ ڇا پاڙي ۽ پاڻ ۾ ڪوبه فرق نظر نه آيس. پاڻ ڇو ڇڏي ويو؟ مون کان وڌيڪ ڇا آفيس جو ڪم اٿس جو هو ان جي ڪم سان هليو ويو- اڙي! هي ڪنن ۾ به هن جو آواز ٻُري ٿو. ائين ٿو لڳيم ڄڻ هلڪي، هلڪي آواز، انداز ۾ سڏيندو هجي. عجيب قسم جو سڪون ٿو ملي، ائين ٿو لڳي ڄڻ سڀ حقيقت هجي هن جي هٿ – ڇهاءُ ۾ پيارَ جي گرمي ۽ هن جي سڏ ۾ سهسين قرب (اکين کي هلڪي ڍرَ ڏئي اکين جا پُڙَ کولڻ)...... اڙي! ......اڙي! (حيرت) ...... هي ڇا! هو ته سامهون آ! اکين آڏو – مون کي ڏسي مسڪرائي ڪيئن پيو- سندس اکين ۾ ڪيڏو ارپنا وارو جذبو جيئرو جاڳيندو آهي جو مون کي به هن تي پيار پيو اچي. پيار- محبت ڇا هي هن ۾!......شابس آ عورت کي اهو سڀ ڪجهه سَهڻ کانپوءِ به مرد سان محبت ڪري ٿي ۽ ڪندي اچي ٿي. مرد نه ته! رڳو هڪ دفعو ٻار ڄڻي ته هوند شادي ته ڇا پر پيار به نه ڪري...... ۽ مان جا اڪيلائي سوڌو هيڏو سور سهي! فيصلو ڪيم ته هن جي ويجهو به نه ويندس نه ڳالهائيندس...... پوءِ به هن لاءِ هانو ڇو ٿو ڦاٽيم. هن تي پيار ڇو ٿو اچيم؟ شايد اڳي کان به گهڻو! ڪٿ ان ڪري ته نه ته هو هاڻ منهنجو رڳو مڙس نه پر منهنجي ٻار جو به پيءُ آهي اهو ٻار جنهن......“

”هاڻ طبيعت ڪيئن آهي؟“ هن جو پڇڻ ۽ هن جون آهسته آهسته اکيون ٻوٽجڻ ۽ هن جو سوچڻ: الا! ......ائين پُڇي هان! رُکو...... هي هٿ کي منهنجي، پنهنجي هٿ سان ايڏو پيار مان دٻائڻ جو ڪهڙو ضرور! ......الا!! ...... سندس هٿ جو پيار- دٻاءُ منهنجي هٿ کي به...... پر دل کي عجيب سرور پيو پهچائي!! ......

”ٽيون ڏينهن جو چيو هيئه! ته بي فڪر ٿي وڃ! ڪا ڳڻتي نه ڪر! ...... پوءِ ڪيڏو پريشان ڪيو اٿئي! سڄو ساهه تو ۾ ٽنگيو پيو هو. اهو ته شڪر ٿيو! جو ڪم اڌ ۾ ئي ڦٽو ڪري هلي آيس. هونئن! به سڄو ساهه هت ڇڏي ويو هئس ته ڪم وري ڪهڙو ڪري سگهان ها!“

هن محسوس ڪيو ته هن جي اندر ۾ ڪجهه ٿي رهيو هو ۽ ڪا طاقت هن تي زور ڪري رهي هئي ته هوءَ پنهنجو ٻيو هٿ هن جي هٿ مٿان رکي پر شرم جي اوچتي نازل ٿيڻ تي کيس ويتر شرم اچي ويو ۽ هُن ، هن جي ڇهاءُ سبب پاڻ کي ڪنهن اونهي کاهي ۾ ڪرندي محسوس ڪيائين جنهن ۾ ڪرڻ جي خوف بجاءِ، هن عجيب قسم جو لطف هو. هن جو آواز جڏهن ڪَن پيو ته: ”ههڙو! ٻار ڪِنو ڇو ڄڻيو اٿئي!؟ آيو ڇا آهيان! سڀ ڊاڪٽر ۽ نرسون ڏسي چون پيا ته ”توهان جو پٽ صفا توهان جهڙو آهي.“ هن جي آواز ۾ عجيب قسم جو ميٺاج ۽ انداز محسوس ڪيائن، ڄڻ اڄ هو سڀني گذاريل جيون جي ڏهاڙن کان وڌيڪ خوش هو...... ۽ هوءَ به ايترو ته شرمائجي وئي ڄڻ اڄ ئي سندس سهاڳ رات هئي، هوءَ بس ايترو سو چئي سگهي ته: ”مون کي ته ڪنو نه ٿو لڳي- نه هيءُ نه هن جو پيءُ......!“

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com